ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي
(هند جي ٻال ساهت جو
سرموڙ نقاد، مني ڪهاڻيون جوڙيندر ۽ مُحقق)
ڊاڪٽر سنڌيا چندر
ڪندناڻي
هند جي ٻال ساهتيه
جو سرموڙ نقاد، ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس، مضمون نگار، ڪالم نگار، ترجمان، سمپادڪ، مُحقق،
شاعر، ٻهڳڻي شخصيت جو مالڪ، ممتا درجو ماڻيندڙ ڊاڪٽر هوندراج بلواڻيءَ جو جنم ۹ جنوري ۱۹۴۶ع تي لاڙڪاڻي سنڌ ۾ شري ڪشچند بلواڻيءَ جي
گهر ۾ ٿيو.
هوندراج بلواڻي هڪ
سال جو مس هو جو ورهاڱو ٿيو. ورهاڱي بعد سمورو ڪٽنب اچي احمدآباد ۾ وسيو. بلواڻي
اسڪولي تعليم پرائيندي، بي ايڊ، ايم اي، پي ايڇ ڊي ۽ هنديءَ ۾ ڪوود ڪئي. جڏهن ته ڊپلوما
ان جرنل-ازم ۽ ٻيا پڻ ڪيترا ئي ڊپلوما جا ڪورس ڪيائين.
ڊاڪٽر بلواڻي گجرات
اسٽيٽ بورڊ آف اسڪول ٽيڪسٽ بوڪس ۾ آفيسر جي عهدي تي براجمان رهيو ۽ انڪيڊمڪ سيڪريٽريءَ
جي پد تان رٽائر ڪيو. جڏهن ته گجرات سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ چئرمن جو پد سنڀاليندي، بخوبي
نڀايائين. ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي سنڌي، هندي، گجراتي، اردو ۽ انگريزي ٻولين جو ڄاڻو
آهي. ۽ سنڌي ساهتيه جي کيتر ۾ مان نه ٿي ڀانيان ڪنهن به ساهتڪار جو ساهتيه ڪو ايترين
ٻولين سنڌي، هندي، گجراتي، اردو، راجسٿاني، تامل، پنجابي، ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو
آهي.
هندستان جي سنڌي
ساهتيه ۾ لگهو ڪٿا، مني ڪهاڻي ۽ فلئش ڪهاڻي، ننڍين ننڍين ڪهاڻين تي ڪيترن اديبن
قلم هلايو آهي. ڪجھ اديبن محض ٽوٽڪا لطيفا لکندي، مني ڪهاڻي جو ليبل لڳايو. جڏهن
ته ڪجھ ئي اديبن مني ڪهاڻي جي فارم کي سمجهيو، پرکيو، گنڀيرتا ۽ سجديه سان قلم
هلايو. تن ۾ ڊاڪٽر هوندراج بلواڻيءَ جو ممتاز درجو رهيو آهي. هن جون مني ڪهاڻيون،
جدا جدا مخزنن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. جڏهن ته سندس پهريون ڪتاب “زندگي جا عڪس” جنهن
۾ ڊاڪٽر بلواڻيءَ مني ڪهاڻيءَ جي ادبي وصف ڏيندي ۽ طور طريقا سمجهائيندي، گويا ٻين
ساهتڪارن لاءِ نئون رستو ميسر ڪيو آهي.
جڏهن ته سندس ٻيا
مجموعا شايع ٿيل آهن. جنهن ۾ سندس خاص ڪتاب “ارد گرد” ۽ “اکر ڀوري” آھن.
بلواڻي جي مني ڪهاڻين
جي حوالي سان آئون هت سنڌ هند جي سرموڙ نقاد هيرو شيوڪاڻي جو حوالو ڪوٽ ڪريان، ان
کان پهرين آئون هڪ ڳالھ واضح ڪري ڇڏيان.
جيئن ته عالمن
ساهتيه جي نثر ۽ نظم شاخن کي پڻ ٻن حصن ۾ ورهايو آهي؛ هڪ وڏن لاءِ ساهتيه ۽ ٻيو ٻال
ساهتيه. اُن حساب سان موجوده دور ۾ “هيرو شيوڪاڻي ساهتيه جو سرموڙ نقاد” آهي. پر
شيوڪاڻي وڏن جي ساهتيه جو سرموڙ نقاد آهي. شيوڪاڻيءَ ٻال ساهتيه تي تمام تمام ٿوري
۾، معنيٰ نه جهڙي، تنقيد ڪئي آهي. پر سنڌ هند ۾ ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي، نه فقط ٻال
ساهتيه تي سڀ کان پهرين پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. پر ڊاڪٽر بلواڻيءَ جا ٻال ساهتيه تي
بيشمار تنقيدي مقالا، ليک، مضمون ۽ مجموعا شايع ٿيل آهن. جنهن ڪري مون ڊاڪٽر
هوندراج بلواڻيءَ جي لاءِ “ٻال ساهتيه جو سرموڙ نقاد” جو لقب استعمال ڪيو آهي. جنهن
جي شاهدي سنڌ هند جو سمورو ٻال ساهتيه ڀري ٿو.
ڊاڪٽر بلواڻيءَ جي
مني ڪهاڻيون جي ڏس ۾ “اکر ڀوري” ڪتاب تي هيري شيوڪاڻي رايو لکيو آهي:
“الڳ الڳ
موضوعن تي لکيل هي سڀ مني ڪهاڻيون، اسم جي گهيري ۾ باقاعدي اچن ٿيون. انهن مان ڪيتريون
مني ڪهاڻيءَ جي وصف موجب پڇاڙيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن چرم سيمائن سان چابڪدستيءَ سان
نباهيل آهن. مني ڪهاڻي، پنهنجي اختصار ۾ هڪ هڪ لفظ، انهن جي جوڙجڪ ۽ پوءِ عروج تي
پهچي، ڌماڪيبازيءَ کانسواءَ ڪنهن هڪ انڪشاف سان پوري ٿئي، سرجناتمڪ پيوستگي creative Fusion
طلبي ٿي. اها وري به بلواڻيءَ جي مني ڪهاڻين سميت، سنڌيءَ ۾ برصواب ٿيندي نظر اچي ٿي.”
هيرو شيوڪاڻيءَ جو
رايو، بلواڻيءَ جي گهري اڀياس ۽ سندس ڪيل تحقيقي ڪم جي شاهدي ڀري ٿو.
بلواڻيءَ جي ٻال
ساهت کي نه فقط هند ۾ وڏي اهميت مليل آهي، پر سنڌ مان پڻ هن جي ٻال ساهت لاءِ کيس
وڏي مهانتا ملندي رهي آهي.
هت غور طلب آهي ڊاڪٽر
هوندراج بلواڻي ٻال ساهت جو سرموڙ نقاد ته آهي ئي ۽ مني ڪهاڻيون جوڙيندر آهي. پر گڏوگڏ
هن وڏن لاءِ پڻ چڱو چوکو معياري ساهتيه جوڙيو آهي. ڏٺو وڃي ته بلواڻي، ساهت جي هر هڪ
صنف تي قلم آزمائي ڪندي ٻال ساهتيه جي هر هڪ صنف ۽ وڏن جي ساهتيه تي پڻ ڪهاڻيون، ناٽڪ،
ڪالم، تنقيدي ليک، مقالا ۽ شاعريءَ تي ڪاميابيءَ سان قلم هلائيندي، جديد موضوع
استعمال ڪيا آهن. سندس شايع ٿيل ناٽڪن جو بهترين مجموعو “جھنگل” جنهن ۾ هي ڀن ڀن
جديد موضوع کڻندي، عنوانن ۾ نواڻ اوتيندي، ڪردارنگاري پڻ بهترين انداز ۾ پيش ڪئي اٿائين.
ليک جي محدود دائري کي ڌيان ۾ رکندي، آئون هت سندس هڪ ئي ناٽڪ جون ڪجھ جهلڪيون پيش
ڪريان ٿي. جنهن مان پاٺڪ به جديد موضوع جو احساس محسوس ڪندا.
ڊاڪٽر بلواڻيءَ جو
بهترين ناٽڪ “هن گهٽيءَ کان هُن گهٽيءَ تائين”
عام طور ڪڏهن ڪڏهن
انسان ستن سمنڊن جا مفاصلا به آساني سان پار ڪري ويندو آهي. پر ڪڏهن وقت اهڙو برو
ايندو آهي ۽ ماڻهوءَ جي حالات اهڙي اچي بيهندي آهي جو هو ايترو لاچار ۽ بيوس ٿي
ويندو آھي جو معمولي ٻه قدم پار ڪرڻ به نهايت ئي مشڪل مسئلو بڻجي پوندو اٿس.
جڏهن ته موجوده دور
۾ آنتڪ جو خوف ماڻهوءَ جي ارد گرد ڦري ٿو ۽ سياست جون غلط روايتون، غلط طور طريقا،
جيڪي ڪڏهن به بند نه ٿيندا، ڏينهون پوءِ ڏينهن پاڻ وڃن پيا وڌندا. اهڙي حالت ۾ عام
انسان جو جيئڻ، محال آهي.
اهڙي ئي جديد موضوع
تي، بلواڻيءَ جو هي ناٽڪ جنهن ۾ ليکڪ هڪ سنڌي ڪٽنب جو منظر چٽيندي ڏيکاريو آهي. هڪ
سنڌي ڪٽنب ۾ هڪ نئون ٻار جنم وٺڻ لاءِ منتظر آهي. هوڏانهن گهٽيءَ ۾ آنتڪي پس منظر ڇانيل
آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ڊاڪٽر ڪٿان اچي؟ اُها عورت اسپتال تائين ڪيئن پهچي؟ جنهنڪري سندس
مڙس پريشان آهي. زال جي حالت مڙس کان سَٺي ڪو نه پئي ٿئي. اهڙيءَ حالت ۾ ڀلا مڙس
ماٺ ڪري ڪيئن ويهي؟ سو هي ڊاڪٽر کي وٺي اچڻ لاءِ مجبورن همٿ ڪندي، موت سان کيڏندي،
گهر کان ٻاهر اڃا نڪري مس ٿو ته ڪجھ ئي پلن ۾ هو رتورت ٿيندي، گهر ۾ اچي زال اڳيان
تڙڦندي تڙڦندي پراڻ تياڳي ٿو.
ناٽڪ ۾ انتظار جي
پهلوئن سان دل ڏاريندڙ گفتگو آهن. جڏهن ته خوف ائين ڇانيل آهي گويا اکين سان اهو
درشيه ڏسي رهيا آهيون. هيءُ ناٽڪ نه فقط منچن ٿي چڪو آهي پر هن ناٽڪ کي بهترين ناٽڪ
جو انعام پڻ ملي چڪو آهي.
اهڙا جديد موضوعن
جا مثال ڊاڪٽر بلواڻيءَ جي لکڻين ۾ کوڙ کوڙ ملندا.
ڊاڪٽر بلواڻي ڪيترن
ئي ادبي مگيزن ۽ رسالن ۾ سمپادڪ طور رهي چڪو آهي. جنهن ۾ “زندگي”، “ڦلواڙي”، “گلستان”،
“باغ بهار”، “شرميلا”، “ٻال منچ”، “ادبي چمن”، “سنڌي لوڪ ورثو”، “اظهار”، “سجني”، “ڪلي”،
“ڪلاڪار”، ۽ ٻيا پڻ ڪيترا ئي رسالا اچي وڃن ٿا.
جڏهن ته روزاني ۽
هفتيوار اخبارن ۾ خاص ڪالم سجايا اٿائين ۽ گجرات آڪاشواڻي، دور-درشن جو تسليم ٿيل
ليکڪ، هدايتڪار، اداڪار ۽ شاعر پڻ آهي ۽ ڪيتريون ئي ساهتڪ، تعليمي سڀيتڪ ۽ سماجڪ
سنسٿائن سان جڙيل رهندي، هن هر ڪاريه کي سرانجام ڏنو آهي. سندس قدرشناسيءَ ۾ ڪيترن
ئي سرڪاري چاهي غير سرڪاري سطح تي وڏن عزتدار عهدن مان سنمان ۽ انعامن سان نوازيو
ويو.
۱۹۹۲ ۾ ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي پي ايڇ ڊي “ٻال ساهت جو وڪاس” جي عنوان سان ڪئي
جيڪا ٿيسز ۲۰۰۵ ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل آهي.
هن سموري ٻال
ساهتيه جي وشيه جي ورهاست ۱۲ بابن ۾ ڪندي، ٻال ساهتيه جي هرهڪ صنف کي ڇهندي، هرهڪ
باب جي تز نظريي سان هر ڪنڊ، هر پهلو کان کوجناتمڪ عينڪ پائيندي، ڇنڊ ڇاڻ ڪندي، تحقيق
ڪئي اٿائين.
بابن جي ورهاست هن
نموني ٿيل آهي:
*باب پهريون
- ٻال ساهتيه
*باب ٻيون - ٻال
منوو وگيان جي ڄاڻ سان ٻال ساهتيه جي رچنا
* باب ٽيون -
ٻال گيت
*باب چوٿون -
ٻال ڪهاڻيون
*باب پنجون -
ٻال ناول
*باب ڇهون - ٻال
ناٽڪ
*باب ستون - ٻال
ساهتيه جون ٻيون صنفون
*باب اٺون - ٻارن
لاءِ رسالا
*باب نائون- ٻال
ساهتيه جي وڪاس ۽ چوڏس ڦهلاءَ
*باب ڏهون -
ترجمو ٿيل ساهتيه
*باب يارهون
- ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ ڇپيل ٻال ساهتيه
*باب ٻارهون ڪن
محصوص جي مدنظر
*”سنڌي ٻال
ساهتيه: تاثرات”
باب پهريون، چئن ڀاڳن
۾ ورهايل آهي. پهرين ۽ ٻئين ڀاڳي ۾ ٻال ساهتيه جي وياکيا ڪندي، ٻارن طرف وڏن جون
جوابداريون سمجهائيندي، ٻارن جي منوو وگيان تي روشني وجهندي، منوو وگيان جي هر هڪ
اهم پهلو کي اظهاريندي، ٻارن جو ڀاشا وگيان طرف ڌيان ڇڪائيندي، ٻارن جون خواھشون ۽
مشغوليون ڪلپنا، جڳياسا، سنگره ورتي، اهم ورتي، چٽاڀيٽي، نقل، سرجڻ ورتي بابت تمام
گهرائي سان چند مثالن سان روشني وڌي آهي.
باب پهرين جي ٽئين ڀاڱي
۾ ڊاڪٽر بلواڻيءَ ڪجھ سنڌي هندي ۽ گجراتي عالمن جي حوالن سان ۽ پنهنجي روشندار سوجھ
ٻوجھ ۽ عالمن جي راين سان ٻال اوستا کي ٽن گروپس ۾ ورهايو آهي.
ششو اوستا - ٽن کان
ڇهن ستن سالن تائين
ٻال ساهتيه - ڇهن
ستن کان تيرهن سالن تائين
ڪشور اوستا - تيرهن
چوڏهن سالن کان سترهن سالن تائين
ڊاڪٽر بلواڻي ٻارن
جي دلچسپيءَ واري عنصر کي ذهن ۾ رکندي، هن جا ٻاراڻا ٻول ۽ ڪهاڻيون، ٻارڙن کي
وندرائيندڙ مواد جي پڻ ورهاست بهترين نموني سمجهائي آهي.
باب پهرئين جي چوٿين
ڀاڱي ۾، ٻال ساهتيه جي عناصر جي ڄاڻ ڏيندي ٻال ساهتيه لاءِ وشيه جي چونڊ مٿين ٽن
گروپس جي حساب سان طئه ڪرڻ جون اهميت ۽ ضرورت سمجهائي آهي.
* ششو اوستا
جي ٻال ساهتيه ۾ گهر جي ڀاتين ۽ رشتيدارن جي واقفيت ۽ پکي پسون ۽ جانورن جون ڳالهيون،
ننڍن ٻارن جي من کي وندرائين ٿيون. تنهن ششو اوستا جي ٻارن لاءِ اهڙو ئي ساهتيه ٻار
جي وڪاس لاءِ ضروري آهي.
*ٻال ساهتيه يعني
ڇهن ستن سالن جي ٻار لاءِ ڪٽنب کان ٻاهرين چيزن سان واسطو رکندڙ رچنائون ڏنل هجن.
*۽ ڪشور
اوستا جي ٻارن کي سماجڪ، اتهاسڪ ۽ وگيانڪ رچنائن طرف موڙجي. ڀاشا شئلي ۽ پيشڪش ٻارن
جي عمر جي انوسار ئي لفظ ڪتب آڻجن. پيشڪش جي پڻ اوتري اهميت آهي. ٻال ساهتيه رچيندڙن
کي ٻارن جي وندر ۽ آنند جو خاص خيال رکڻ سان گڏ گڏوگڏ ٻارن کي نيڪ سکيا ڏنل هجي. تنهن
لاءِ بلواڻي صاحب جو چوڻ آهي؛
“ڪنهن زماني
۾ ٻارن جي آکاڻين جي آخر ۾ سکيا ڏيڻ ضروري سمجهيو ويندو هو. پر هاڻي سکيا جهڙي
عناصر ۾ ڦيرو آيل آهي. هاڻي سکيا سڌي نه پر اڻ سڌي نموني تي زور ڏنو ويو آهي. سکيا
اڻ سڌي نموني به ڪو غلط نه آهي. ٻال پاٺڪ کي به ائين نه لڳڻ گهرجي ته ليکڪ سکيا ڏيڻ
چاهي ٿو”.
باب ٻيون - “ٻال
منوو وگيان جي ڄاڻ سان ٻال ساهتيه جي رچنا”
باب ٻئين ۾ ورهاڱي
کان اڳ جي سنڌي ٻال ساهتيه جي وڪاس جو مختصر حوال ڏيندي
هوندراج بلواڻي ڄاڻائي
ٿو؛
“ٻال ساهتيه
تمام آڳاٽو آهي. در اصل جڏهن ماءُ، ٻار کي لولي ڏئي ٿي، جڏهن ٻار کي ڏاڏي/ ناني ڪهاڻي
ٻڌائي ٿي، جيڪو ٻال ساهتيه جو هڪ اهم حصو ئي آهي، جيڪو زباني روپ ۾ موجود آهي.“
ٻال ساهتيه لکڻ جا
شروعاتي ليک، ڪتاب، رسالا، ترجما، اصلوڪا تنهن جو سمورو اختصار ۾ احوالن سان احوال
ڏيندي، سنڌي ساهتيه جي ٻال ساهتيه جي ڇپيل روپ ۾ پهرين آکاڻي جو ذڪر ڊاڪٽر بلواڻي
هيئن ٿو ڪري.
“ڪئپٽن جارج
اسٽئڪ جي سنڌي گرامر ۱۸۴۹ ۾ ديوناگري لپيءَ ۾ ضميمي طور پهرين نثري آکاڻي ڇاپي هيٺ آئي.
منشي اُڌارام ٿانورداس
جي لکيل اها آکاڻي، مشهور لوڪ ڪٿا تي ٻڌل آکاڻي ”راءِ ڏياچ ۽ سورٺ“ جي هئي. اڳتي
هلي ۱۸۶۱ ۾ اها آکاڻي ٻين به ڪن آکاڻين ۾ شامل ڪري منشي اُڌارام ٿانورداس نئين صورتخطيءَ
۾ ڇاپي هيٺ آندي.
ڪئپٽن جارج اسٽئڪ
جي ڪتاب ۾ ٻيون پڻ ڪهاڻيون ڏنل هيون. پر آکاڻين جي رچيندڙن جا نالا ڪونه ڏنل هئا.
مٿي ذڪر ڪيل آکاڻيءَ
جو پتو اڳتي هلي پيو ته ان جو ليکڪ منشي اُڌارام هو.“
عربي لپي لکڻ جي
شروعات کانپوءِ پهريون ٻال ساهتيه جو مجموعو “بابنامو” ۱۸۵۳ ۾ ديوان ننديرام سيوهاڻي جي لکيل هو. تنهن
کان پوءِ ٻال ساهتيه ۾ ڪيتريون ئي آکاڻيون ٻين ٻولين تان ترجمو ٿيون، جن جا ليکڪ
ته گڏوگڏ اصلوڪو ٻال ساهتيه شايع ٿيندو رهيو. ڪتابن سان رسالا به ڇاپي ۾ آيا.
ڪشنچند بيوس ٻارن
لاءِ گيت لکيا، جيڪي رسالن ۾ شايع ٿيا؛ گلستان، گل ڦل. ڪشنچند بيوس جي ٻاراڻي ادب،
هري دلگير جي ٻاراڻن گيتن، ٻاراڻن ناٽڪن، ٻاراڻي ادب ۽ ٻاراڻي ادب جي واڌاري لاءِ اپاءَ
تي جن اديبن پاڻ موکيو تن جي بخوبي ڄاڻ ڏيندي ڪتابن ۽ رسالن جو ذڪر ڪندي ٻال ساهت
جي شروعات ۽ وڪاس تي روشني وڌل آهي.
باب ٻئين جي ٻئي ڀاڳي
۾ ڊاڪٽر بلواڻيءَ ورهاڱي کان پوءِ جو سنڌي ٻال ساهتيه مختلف دورن کي ٽن گروپس ۾
ورهايل آهي:
۱. پنر رچنا جو دور ۱۹۴۷ کان ۱۹۵۷ تائين
۲- اُميدن جو دور - ۱۹۸۵ کان ۱۹۶۵ تائين
۳. وڪاس جو دور - ۱۹۶۶ کان ۱۹۹۲ تائين
هتي آئون هڪ حقيقت
واضح ڪري ڇڏيان: ڊاڪٽر بلواڻي ۱۹۹۲ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. جنهن ڪري وڪاس جو دور ۱۹۹۲ تائين لکيو اٿائين.
در اصل اهو دور هاڻي
پاڻ وڌيڪ زور شور سان هلي رهيو آهي. خير وڪاس جو دور ته ڪڏهن پورو ڪونه ٿيڻو آهي. جيستائين
هي سموري ڪائنات آهي.
ورهاڱي کان پوءِ معنيٰ
۱۹۴۷ کان ۱۹۵۷ جنهن کي بلواڻي صاحب پنر رچنا جو دور ڪري سڏيو آهي. جنهن لاءِ بلواڻي جو
چوڻ آهي؛ ٻال ساهتيه لاءِ شروع ۾ تمام گهٽ ڌيان ڏنو ويو. پر پوءِ ڌيري ڌيري ادبين
جو ڌيان وڃڻ لڳو. حالانڪ شروعات ۾ نراسائي نصيب ٿي پر پوءِ ڌيري ڌيري ٻال ساهتيه
تي پڻ قلم ازمائي ٿيندي رهي. هن دور جا خاص ليکڪ ديچند بيلاڻي، پرڀداس برهمچاري گڏجي
اتهاسي آکاڻيون ۱۹۵۶ ۾، ڄيٺانند لعلواڻي پنهنجي “ڀارت جيون ساهتيه منڊل” طرفان ڪجھ ڪتاب ڇپايا.
هن دور جا ڪتاب اجمير مان پنڊت ۱۹۴۹ پارومل ڪيولراماڻي ۱۹۴۸ ڌاري سنڌ مان اڳ نڪرندڙ رسالو گلستان ممبئي مان نئين سر شروع پر ڀارت ۾ اهو
رسالو ايترو ڪو نه هليو.
ڄيٺانند لعلواڻيءَ
به سنڌ وارو گلستان رسالو اجمير مان شروع ڪيو. اهو پڻ جلد بند ٿي ويو.
اجمير مان پارومل ڪيولراماڻيءَ
۱۹۴۹ ۾ وير ٻالڪ رسالو شروع ڪيو، اهو به گهڻو وقت نه هليو.
هن دور ۾ تمام گهٽ ٻال
ساهتيه تي ڪتاب نڪتا. رسالا ڪتابن جي تعداد ۾ چڱا رهيا پر جلدي بند ٿيا.
جنهن لاءِ بلواڻي هن
باب ۾ ۵۹ صفحي کان ۶۱ صفحي تائين ٻال گيتن جي ڪتابن جو خاڪو ڏنو آهي. حالانڪ
تنهن ۾ ڪيترا ئي اديب آهن جن هن صنف تي قلم هلايو آهي. پر پوءِ به سڀني اديبن کان
وڌ ۾ وڌ ڪتابن جو انداز، هوندراج بلواڻي صاحب جو ئي آهي. نه فقط وڌيڪ ڪتاب پر ڪتابن
جو معيار پڻ تمام مٿانھون آهي.
جڏهن ته خاڪي جي
پڇاڙيءَ ۾ خاڪي جي سمجهاڻي پڻ بهترين ڍنگ سان ڏنل آهي.
ٻئين دور ۾ ٻال
ساهتيه طرف چڱو خاصو ڌيان ڏنو ويو هن دور ۾، ٻال ساهتيه وڌيو.
بلواڻي جي ٿيسز تي
سرسري نظر وجهجي ته سنڌي ٻال ساهتيه جو پهريون ناول ورهاڱي کان اڳ چاهي پوءِ “موهن
ڪلپنا” جو “سرڳ جي ڳولها “ ۱۹۸۵ع ۾ شايع ٿيو ۽ پهريون سئر سفر جو ٻال ڪتاب ڀارت درشن ۱۹۶۱ ڌاري، ٻن ڀاڱن ۾ شايع ٿيو.
ٻال گيت ۽ ڪهاڻين
جا رچيندڙ “گوورڌن ڀارتي” “پرسرام ضيا”، “هري درياڻي دلگير“، “ديپچند بيلاڻي”، ۽ “
گهنشيام تلريجا” سنڌي لوڪ ڪهاڻين کي ڪٺو ڪري ڪتاب ۱۹۶۳ ۾ “اڇا ڪانو” عنوان سان پڌرو ڪيو.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته
عورتن جي ڏس ۾ ٻال ساهتيه جي رچيتا پهرين عورت تجرباتي ناول رچيندڙ ڪلا پرڪاش جنهن
جو ۱۹۶۳ ۾ “ممتا جون لهرون” عنوان سان ڪتاب شايع ٿيو. جنهن ڪتاب ۾ ليکڪا ممتا ڀري
ماءَ جو جلوو پسائيندي، ماتا، قرباني جي ديوي سرروپ جو ديدار ڪرايو.
وڪاس جي ٽئين دور
بابت بلواڻي صاحب ليکڪن، ڪتابن ۽ رسالن جي حوالن سان ڏيکاريو آهي. هن دور ۾ ٻال
ساهتيه جي هر صنف وڌي ويجهي. ڪتابن رسالن جو تعداد وڌيو. معيار جي خيال کان ٻه قدم
اڳتي وڌيا.
- ٻال گيت
باب ٽئين جي پهرين ڀاڱي
۾ ليکڪ ٻال گيتن جي وياکيا ڪندي، سٺي ٻال گيت جا گڻ پيش ڪندي، ڪجھ پنهنجا دلڪش ۽
سهڻي انداز ۾ حوالا صلاحون ميسر ڪندي، هڪ سهڻو خاڪو تيار ڪيو ۽ خاڪي جي تز سمجهاڻي
پڻ ڏني آهي. جڏهن ته خاڪي تي سرسري نظر وجهجي ته ٻال گيت جي رچيتا هڪ ئي ليکڪا آهي
جيڪا آهي؛ ڪلا پرڪاش.
باب ٽئين جي ٻئين ڀاڱي
۾ بلواڻي صاحب ٻال گيتن تي سرسري روشني وجهندي، هندي ليکڪن جي احوالن جي آڌار تي
ته ڪجھ پنهنجي سوجھ ٻوجھ سان ۱۹ قسم ٻڌائيندي وري بهترين ڍنگ سان هر هڪ جي سمهجاڻي ڏني آهي.
۽ تنهن کانسواءِ ٻال گيتن جي شئلي ۽ باب جي آخر ۾ ڪي جاچنائون ۽ حقيقتون پيش ڪيون آهن.
ٻال ڪهاڻيون
باب چوٿون - ٻال ڪهاڻي
جا عناصر، موضوع يا وشيه وستو، گفتگو، پاتر سرشتي، ماحول، شئلي، ڀاشا، ۽ ٻيو اهم ڳالهايون
سمجهايون آهن.
ٻال ڪهاڻيءَ ۾
فئنسٽي
ٻال ڪهاڻيءَ ۾ جملن
جو دهراءُ ٻال ڪهاڻيءَ جي سري جي اهميت ۽ ضرورت سمجهائيندي، اصلوڪين سنڌي ٻال
ڪهاڻين جو خاڪو ڏيندي، سمپادڪ ڪيل ٻال ڪتابن جو خاڪو ڏيندي، جدا جدا مجموعن ۾ شايع
ٿيل ٻال ڪهاڻين جا خاڪا ڏنا آهن. ۽ هر هڪ خاڪي جي سمجهاڻي ڏيندي، ٻال ڪهاڻيءَ جا ۱۳ قسم بيان ڪندي، هر هڪ قسم تي سرسري روشني
وجهندي، ٻال ڪهاڻيءَ جي قسمن جا خاڪا جوڙيا آهن. ۽ باب جي آخر ۾ جاچنائون ۽
حقيقتون پيش ٿيل آهن.
ٻال ناول
باب پنجون ۾ ٻال
ناول جا ٻه مکيه جزا؛ موضوع ۽ ڪردارنگاري، سمجهائيندي ٻال ناولن جو خاڪو ڏيندي، خاڪي
جي سمجهاڻي ڏئي، ٻال ناول جي خيال کان ناول جا پنج قسم سمجهاڻيءَ سان پيش ڪندي، ڪجھ
ناولن جا ٽڪرا ڏيندي، باب جي آخر ۾ جاچنائون ۽ حقيقتون پيش ٿيل آهن.
ٻال ناٽڪ
بال ناٽڪ جا عناصر،
موضوع، گفگتو، پاتر، ڀاشا شئلي، سمجهائيندي سنڌي ٻال ناٽڪ جي ڪتابن جو خاڪو، خاڪي
جي سمجهاڻي ۽ جدا جدا رسالن ۾ ڇپيل ناٽڪن جو خاڪو، ٻال ناتڪن جا ست قسم، وڏا ناٽڪ
۽ ريڊيو ناٽڪ سمجهائيندي، ريڊيو تان پرسارت ٿيل ٻال ناٽڪن جو خاڪو سمجهاڻي ڏيندي
باب جي آخر ۾ ٻال ناٽڪ تي ڪجھ اهم ۽ ضروري ڪي نوٽس ڏنل آهن.
“ٻال ساهتيه
جون ٻيون صنفون”
جيوني، آتمڪ-ڪٿا ۽
جيون چرتر جون جهلڪيون پسائيندي، جيوني ساهتيه جو خاڪو جوڙيندي، خاڪي جي سمجهاڻي
سان ڪجھ مثال ۽ حوالا پيش ڪيا اٿائين. گيان وگيان جي ڪتابن جي وچور جو خاڪو پڻ
سمجهاڻي ڏيندي ٽوٽڪن ۽ چٽڪلن جي ڪتابن جو خاڪو سمجهاڻي سميت ڏنو آهي.
ٻارن لاءِ رسالا
باب اٺين ۾ ٻارن جا
رسالن جي اهميت ٻڌائيندي ٻال رسالي جو خاڪي سمجهاڻي سان ڀن ڀن رسالن تي سرسري
روشني وجهندي، اخبارن ۽ مخزنن ۾ ٻال وڀاڱن جا خاڪي ۾ تفصيل سان جوڙيندي، اخبارن ۽
مخزنن جا خاص انڪ بيان ڪندي، اسڪولي مخزن جي وچور جو خاڪو سمجهاڻي سميت ڏنل آهي.
ٻال ساهتيه جي وڪاس
۽ چوڏس ڦهلاءُ
باب نائون ۾ ٻال
ساهتيه جو وڪاس ۾ چوڏس ڦهلاءَ جا ذريعن ۽ سنسٿائن جو يوگدان آڪاشواڻي، دوردرشن، آڊيو
ويڊيو ڪئسيٽس، سرڪاري ادارن تان ٻارن لاءِ هيل تائين ڪهڙا پروگرام پيش ڪيا ويا آهن
۽ گڏوگڏ خاڪو تيار ڪندي غير سرڪاري سنسٿائن تي روشني وجهندي تنهن ۾ بلواڻي جون ڪجھ
گهربل نيڪ صلاح سان ڏيندي ميڊيا ذريعي ٻال ساهتيه جي وڪاس لاءِ گهربل انتظامن تي ٻڌايو
آهي.
“ ترجمو ٿيل
ساهتيه”
باب ڏهون ترجمو ٿيل
ٻال ساهتيه کي سميٽيندي خاڪو تيار ڪندي ۱۹۴۷ کان ۱۹۹۲ تائين ڪتابن جا انگ اکر ۽ وري ترجمو ٿيل ڪتابن جي صنفن
انوسار انگ اکر، هندي انگريزي گجراتي وديشي ٻولين تان ترجمو ٿيل ڪتابن جا پڻ انگ
اکر جوڙيندي، نتيجا ٻڌايا آهن.
“ورهاڱي کان
پوءِ سنڌ ۾ ڇپيل ٻال ساهتيه”
باب يارهون ۾ ورهاڱي
کان پوءِ سنڌ ۾ ڇپيل ٻال ساهتيه مختصر احوال ڏيندي ٻال ساهتيه جي هر صنف تي لکندي
حالانڪ ڪجھ ئي صفن ۾ گاگھر ۾ ساگر سميٽڻ جي ڪوشش ڪندي ڪامياب قدم رهيو آهي.
“ڪن مخصوص نُڪتن
جي مدنظر”
باب ٻارهون ڪن
مخصوص نُڪتن جي مدنظر سنڌي ٻال ساهتيه ۽ تاثرات ۾ حاصلاتن ۽ محدودگين لاءِ بلواڻي
جو رايو: سموري هندستان ۾ ڪو هڪ به پبلشر ڪو نه آهي، جيڪو صرف ٻارن لاءِ ڪتاب ڇپائيندو
هجي. ڀارت ۾ سرڪاري ادارا جهڙوڪ نئشنل بوڪ ٽرسٽ پبلڪيشن ڊويزن آهن. مشهور خانگي ٽرسٽ
چلڊرينس بوڪ ٽرسٽ آهن، جيڪي ٻين ٻولين جو ٻال ساهتيه ته شايع ڪن ٿا پر افسوس جو اهڙي
ادارن ۾ سنڌي ٻولي کي ڪونه شماريو ويو آهي.
ڊاڪٽر بلواڻي ٻال
ساهتيه ۾ تنقيد تي زور ڏيندي بلواڻي جو رايو آهي ته؛ “تنقيد نه هئڻ سبب، ٻال
ساهتيه جي وڪاس ۾ رڪاوٽ جو باعث آهي. جنهن استتي مان ٻاهر نڪرڻ گهرجي.”
۽ آخر ۾ ساڳئي
ڳالھ سنڌين جي وڪاس ۾ جيڪا وڏي رڪاوٽ اچي سا پڻ اهم آهي پنهنجي زمين نه هجن سبب
اسين سنڌي الائي جو اڃا ڪيترا سال ڀوڳينداسين.
ٿيسز جي پڇاڙيءَ ۾
مددي ڪتابن؛ سنڌي، هندي، گجراتي ۽ انگريزي ڪتابن جي فهرست ڏنل آهي.
هي مقالو پڙهڻ سان
ائين محسوس ٿيو ته هي ٿيسز سنڌي ٻال ساهتيه جو اتهاسڪ دستاويز آهي. سنڌ هند ۾ اهڙو
تحقيقي مقالو اڻلڀ آهي. هي ڪتاب ساهتڪارن کي کوجناڪاريه جي ڪم ۾ وڏي هٿي ڏيندو، اهڙو
وشواس اٿم.
ڊاڪٽر بلواڻي کي مڻين
مبارڪون جو اهڙو شاهي ٻال ساهتيه جو گرنٿ شايع ڪندي، سنڌي ساهت جي ٻال ساهتيه سان
وڏا وڙ ڪيا اٿائين. خدا ڪندو شل ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي وڏي اورجا ۽ صحتمند عمر ماڻيندو.
ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي
جي ساهتڪ پونجي ۽ عهدا، انعام، سنمان جي فهرست تمام تمام وشال آهي. هيل تائين سندس
۱۷۵ ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ ۳۱ وڏن انعامن سان کيس نوازيو ويو آهي.
ليک جي محدود دائري
کي ڌيان ۾ رکندي آئون هت ڊاڪٽر بلواڻيءَ جي خاص انعامن ۽ ڪتابن جو ئي ذڪر ڪريان ٿي.
*”ڊاڪٽر
هوندراج بلواڻيءَ کي عطا ٿيل عهدا، مان، سنمان ۽ انعام”
*احمدآباد
گجرات سرڪار جي ڪنزيومر ڪورٽ جي پينل جو اڳوڻو جج طور تسليم ٿيل
*شري وديا
گرو فائوڊنڊيشن ۾ ڪو آرڊينيٽر طور عهدو ماڻيل
* مرڪزي
ساهتيه اڪاڊمي جو ميمبر
*گجرات ساهت
اڪاڊمي، گانڌينگر - ساهتيه گورو انعام
*مرڪزي ساهت
اڪاڊمي طرفان ايوارڊ
*راشٽريه سنڌي
ڀاشا وڪاس پريشد طرفان ٻه دفعا انعام
*سوويٽ لئنڊ
نهرو ايوارڊ
*نئشنل ايوارڊ
ٽي انعام ٻال ساهتيه لاءِ
*اين سي آر ٽي
جا ٽي انعام
*ڊائريڪٽوريٽ
آف ايڊلٽ ايڊيوڪيشن پاران انعام
*هنديءَ ۾
يوگدان لاءِ هندي سنسٿا ساهتيه منڊل طرفان
“هندي ڀاشا ڀوشڻ“
جو ايوارڊ
* پاڻييپٽ جي
جيمني اڪاڊميءَ پاران “سمپادڪ رتن” ايوارڊ
*اکل ڀارت سنڌي
ٻولي ۽ ساهتيه سڀا طرفان انعام
*گجرات سنڌي
ساهتيه اڪاڊميءَ پاران انعام
*سوشل
ويلفيئر وزرات پاران انعام
* هندي ٻال ساهتيه
جي بهترين يوگدان لاءَ
“ٻال ساهتيه
سارسوت” سنمان
۽ ٻيا ڪيترا ئي
عهدا، مانَ، سنمانَ، انعام عطا ٿيل.
***”ڊاڪٽر
هوندراج بلواڻي جي ٻال ساهت جا اصلوڪا مجموعا”
جادونگري ۱۹۶۷
تارن ڀري رات ۱۹۶۷
بنسري ۱۹۶۷
هيرا موتي ۱۹۶۷
برف جو پٽلو ۱۹۶۷
ٻه راجڪمار ۱۹۶۷
ڏهين جو نوٽ ۱۹۶۸
هڪڙو هو راجڪمار ٻه
ڇاپا ۱۹۶۸، ۱۹۷۷
راجوءَ جي ٽوپي ۱۹۶۸
دنيا رنگبرنگي ۱۹۶۹
سليون پروليون وٺون
انعام ۱۹۶۹
ٽي گپوري ۱۹۶۹
کل گهڻو جيءَ گهڻو ۱۹۶۹
ٽهڪن جي برسات ۱۹۶۹
ڪاڪو ڪوڏومل ۱۹۶۹
پپوءَ جو پيارو
موتي ۱۹۷۰
جادوءَ جو ڪٽرو ۱۹۷۰
چرچا مهاپرشن جا ۱۹۷۱
پالش وارو ۱۹۷۱
سونا پري ۱۹۷۵
چهر بهر چٽڻي ۱۹۷۵
گول گپا ۱۹۷۶
کٽا مٺا گول گپا۱۹۷۶
ٽي باندر ۱۹۷۶
بيربل جو ڀاءَ ۱۹۷۶
عيسپ جون آکاڻيون ۱۹۷۷
کيٽمٺرا ۱۹۷۷
ٽهڪ ئي ٽهڪ ۱۹۷۷
کل ته سهين ۱۹۷۷
جادوءَجو بوتل۱۹۷۷
ڏياريءَ جو ڏيئو ۱۹۷۸
جهرڪي ۽ آکيرو ۱۹۷۸
ننڍو سفيد ماڻهون ۱۹۷۸
مامي جون مڇون ۱۹۷۸
ٽي سونا وارا ۱۹۷۸
ستن سالن جي ڇوڪري ۱۹۷۸
چمتڪاري گهوڙو ۱۹۷۸
ڌنار جي ڌيءَ ۱۹۷۸
صوف جي ڪهاڻي ۱۹۷۸
جادوئي ڪُمي ۱۹۷۸
ڏياريءَ جو ڏيئو ۱۹۷۸
ٽهڪن لاءِ ٽول ۱۹۷۹
دنيا جون بهترين ٻال
ڪهاڻيون ۱۹۷۹
گلستان جا ٻال گيت
۽ ٻال ڪهاڻيون ۱۹۹۷
گلڙا گلستان جا ۱۹۹۷
سنڌ جي سوکڙي ۱۹۷۹
سوني جهرڪي ۽ ڏيڏر۱۹۷۹
بيوقوف سهو ۱۹۸۰
انمول موتي ۱۹۸۲
گيان جو خزانو ۱۹۸۲
گيان جو خزانو ۱۹۸۲
چوٿون باندر ۱۹۸۳
شاهوڪار ڪوئو ۱۹۸۳
ساڌو راجا ۱۹۸۴
بجرنگ بلي ۱۹۸۴
چونڊ سنڌي ٻال ڪهاڻيون
۱۹۸۴
مرگارام ۽ طوطارام ۱۹۸۵
ڪوئي لڌي هئڊ ڳڙي ۱۹۸۵
ٻارن جو گجو ڀائي ۱۹۸۶
پنهنجي نگري پياري ۱۹۸۷
چرٻٽ راجا ۱۹۸۷
پراُپڪاري پمون ۱۹۸۸
ارچڪ مرچڪ ۱۹۸۹
نئين ناني ۱۹۹۰
ٻارن جون لوڪ
رانديون ۱۹۹۲
قدرت جي گود ۾ ۱۹۹۳
سياڻا سمجهو ٻارڙا ۱۹۹۴
ڇو منتر ۱۹۹۵
ٽنگ جيڏو ڇوڪر ۱۹۹۶
ٻارن جا لوڪ گيت
ديوناگري ۱۹۹۷
ماستر موڪل تي ۱۹۹۷
ڪرامتي مشين ۱۹۹۸
رنگ رنگيلي محفل ۱۹۹۸
ٻارن جون لوڪ
رانديون ديوناگري ۱۹۹۸
رنگ رنگيلي محفل ۱۹۹۸
گول مٽول ٻه ڇاپا ۲۰۰۲، ۲۰۰۳
گوپو ۽ ٽوپوءَ جي
جوڙي ۲۰۰۸
نئون نرالو جنگهل ۲۰۰۹
ايسرداس جو اسڪوٽر ۲۰۱۰
آکاڻين جو دڪان ۲۰۱۲
“ڊاڪٽر
هوندراج بلواڻيءَ جي ساهتڪ پونجي”
*سيتارام جي
دنيا ۱۹۶۵
*ديش پڪاري ٿو..
.. سال ۱۹۶۶
*هوءَ روئي
ويٺي ۱۹۶۶
*هڪ مرڪ ٻه لڙڪ.
سال ۱۹۶۷
*سس ته
منهنجي ۱۹۶۹
*فلمي گائيڊ ۱۹۷۱
*خوني ٽارچ ۱۹۷۱
*ائمپايئر
سنيما ۾ خون ۱۹۷۵
*ٻال ساهت ۽
سنڌيءَ ۾ اُن جي ضرورت ۱۹۷۹
*هڪ سون جو
رپيو ۱۹۷۹
*ڇٽو ماڻهو ۱۹۸۰
*قيد ٿيل
روشنيءَ جا ٽڪرا ۱۹۸۰
*مني ڪهاڻيون
۱۹۸۱
*سکي سنسار ۱۹۸۱
*گرم ماس جا
سوداگر ۱۹۸۲
*ٻال ساهت جو
وڪاس ۱۹۸۶
*درٻاري ۱۹۸۷
*ادبي جائزو ۱۹۸۷
*دريءَ مان ۱۹۸۷
*اُمنگ ٻارن
جو ٿئيٽر ۱۹۸۸
*زندگيءَ جا
عڪس ۱۹۸۹
*ارد گرد ۱۹۹۶
*ساڳيو شهر ۱۹۹۹
*جهنگل ۱۹۹۹
*اکر ڀوري ۲۰۰۳
*سنڌي ٻال
ساهت ۲۰۰۵ ۽ ۲۰۰۷
*ارادن جي آڏو
۲۰۰۹
*پرينءَ ۾ ۲۰۱۲
*زندگيءَ جو
هڪ هڪ پل ۲۰۱۳
*”هوندراج
بلواڻيءَ جا ٻين ٻولين تان ترجمو ٿيل ڪتاب”
*جگر جو ٽڪر ۱۹۶۷
برف جو پٽلو ۱۹۶۷
ٻه راجڪمار ۱۹۶۷
راجوءَ جي ٽوپي ۱۹۶۸
دنيا رنگبرنگي ۱۹۶۹
*ڪمري جو ٽي
بي مريض ۱۹۸۰
*شرابي
نگاهون ۱۹۸۰
*هوءَ بيوفا
هئي ۱۹۸۰
*مني ڪهاڻيون
۱۹۸۱
پنهنجو پرائو درد ۱۹۸۲
*ناٽڪ ۾ ناٽڪ
۱۹۹۸
*منهنجا من ڪبوتر
۱۹۹۸
*ميران ياگڪيه
جي دائري ۲۰۰۱
*ڪرم جو سڌانت
۲۰۱۰
*”ڊاڪٽر
هوندراج بلواڻيءَ جي ٻال ساهت جي ترجمي جا مجوعا”
سنجون ڪيئن سڌريو ۱۹۶۶
وير ناريون ۱۹۶۶
نيڪ نيگر ۱۹۶۶
چو چو چاچو ۱۹۶۸
ست جادوگر ۱۹۶۹
آڪاشي ڪوئو ۱۹۶۹
راجا جي بلبل ۱۹۷۵
نانيءَ جي عجيب ڪرسي
۱۹۷۵
راجڪماري سپٽمبر ۱۹۷۷
ٽوم هڪ ڇوڪرو هو ۱۹۷۷
گلن جي ٽوڪري ۱۹۷۹
هڪ گناهه معاف ۱۹۸۱
گجراتي ساهت جا چونڊ
ٻال گيت ۱۹۸۲
ڪارو ڪانو ۽ ڀورو گڏهه۱۹۸۵
گجراتي ساهت جا چونڊ
ٻال ناٽڪ ۱۹۸۴
ستن رنگن جا سپنا ۲۰۱۱
گلڙن جا گيت ۲۰۱۱
پياري ششو گيت ۲۰۱۱
آکرين پکي ۲۰۱۲
No comments:
راءِ ڏيندا