; سنڌي شخصيتون: پروفيسر هاسانند پرسواڻي

20 November, 2022

پروفيسر هاسانند پرسواڻي

پروفيسر هاسانند پرسواڻي

حسيب ناياب منگي



شڪارپور جي سڪ-پل تي موجود هن جي قائم ڪيل ”رستم سنگيت منڊل“ گهڻن ڏينهن کان ماٺ اختيار ڪري چڪي هئي. شڪارپورين جو اصل روح شڪارپور مان هندستان اڏرڻ شروع ڪري ڏنو هو. ان ايڏي وڏي جهٽڪي سبب سندس روح رت پيو روئي ۽ بيقراري هن جي من کي وڪوڙي وئي هئي. سخت تڪليف ۾ رهندي هو سڪپل تان هيٺ لهندي تبديل ٿيندڙ منظرن کي گهرائيءَ سان ڏسي رهيو هو. سڪپل کان دادوائي روڊ لتاڙيندو جڏهن هاٿيدر پهچي ٿو ته کيس ياد ٿو اچي ته هند ۽ سنڌ جي نالي واري ڪوي کيئلداس ’فاني‘ کي وٺندو بگيءَ تي چڙهي ڪاليج پهچان. اڄ فرسٽ ايئر ڪلاس ۽ انٽر ڪلاس اندر 'انسانيت' تي ليڪچر ڏيڻو اٿم. ’فاني‘ سان ملي ٿو ته کيس معلوم پيو ٿئي ته ’فاني‘ جي مٿان به غم جي لهر ڇانيل آهي. ’فاني‘ هڪ پنو کيسي مان ڪڍي پنهنجا نيراني نوان لکيل بيت ڇا ٻڌائيس ٿو ته پنهنجو سڀ ڪجهه وسري ٿو وڃينس. ورهاڱي جي وڍن کي گهرائيءَ سان محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. ڏک واري ڪيفيت ۾ هو ’فاني‘ سان آهستي اظهاري ٿو ته ”شڪارپور مان هاڻي اسان کي ٻاهر موڪلڻ جو پورو پورو خاڪو تيار ٿي چڪو آهي. ’فاني‘ هي هزاريدر تان گذر ڪريون ٿا ڏس ته يار! ڪيڏي نه سانت آهي. اجهو ’جماڻي هال‘ آيو. ايڏي ماٺ! ايڏي خاموشي اول ته نظر نه آئي هئي. ڪٿي آهي شڪارپوري سماج جو عڪس؟ جنهن ذهنن تي نقش اڀاري ڇڏيا هئا. ڇا ايڪتا جا رنگ ئي مٽجي ويا آهن؟“


ياد نٿو اچئي ته هيئن ئي صبح جو ٺهي سنڀري ’چيلاسنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج‘ ڏانهن هاٿيدر تان گذر ڪندو ’ڍونگ واري اسپتال‘ وٽان توکي ساڻ وٺي هلندو هئس ته شاگردن جو وڏو انگ اسان جي ٽانگي جي پٺيان هلندو هو. ڪڏهن ڪڏهن جو پنڌ نڪري پئون ته وقت تي ڪاليج پهچڻ ئي محال لڳندو هو. اسڪول جا شاگرد ۽ انهن جا وڏا، ٻارن جي تعليمي مسئلن ۽ مشڪلاتن جي حل لاءِ اسان جي واٽ وٺي بيٺا هوندا هئا، صلاحون ۽ مشورا وٺي جڏهن هو واپس ورندا هئا ته انهن جي چهرن تان اداسيءَ جا پاڇا هٽي چڪا هوندا هئا پر هاڻي ته اسان اداس ٿي پيا آهيون. اها اداسي ڪير ڏور ڪندو؟ ير ’فاني!‘ شڪارپور کي ڪير ڇڏي؟“

’فاني‘ سڀ ڪجهه ٻڌي کيس سس پس ڪندي چيو؛

”ٻڌو اٿئي ڦيرواڻي ۽ بجاج به هليا ويا اٿئي.“

”تون ٻه مثال ٿو پيش ڪرين، الائجي ڪير ڪير هليو ويو آهي. شهر جو شهر ئي خالي ٿي ويو آهي. روڊن ۽ رستن تان کِل ۽ خوشي ئي گم ٿي وئي آهي. پيشيءَ جو ڏسين ٿو ڄڻ راڪاس ٿو گهمي وڃي.“  شڪارپور جون ٻه علمي نهرون سنڌي ۽ انگريزي ادب جي ڄاڻ جو ڇوڙ جڏهن ڪاليج ۾ ڪن ته شاگردن جو مستقبل روشن ٿي ويندو هو. سي وديا وان ورهاڱي جي سبب ٿڪجي پيا. شڪارپور مان لڏڻ وقت ”چيلا سنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج“ توڙي ”نيوايرا هاءِ اسڪول“ ۾ ويا، شهر کي گهمي گهمي ڏسي آيا، پنهنجون يادون ۽ وابستگيون ساريندا ڳلن تان ڳوڙها اگهندي وڃي هندستان وسايائون. هنن شهر اندر علمي، ادبي ۽ راڳ جي حوالي سان جيڪو ماحول جوڙي ڏنو هو، سو ته وسرڻ جو ئي نه هو، پر افسوس جو علم جي شمع وسامي وئي، ادب جو اوج موڪلائي چڪو، سنگيت جا آواز به دلين کي ڇهڻ ڇڏي چڪا هئا. هتان جي ماڻهن الائجي ڇو هنن ٻنهي پروفيسرن کي هندستان وڃڻ کان نه روڪيو!؟ استاد هئڻ ناتي کين نوِڙي سلام ته ڪندا رهيا پر جنون جي چادر کين اهڙو ته مضبوط بڻائي ڇڏيو هو جو لڳي رهيو هو ته ڪڙين ۾ قابو ٿيل روح به پنهنجي پرواز بلند ڪري وڃڻ لڳو آهي. شڪارپور مان گلاب جي گلن کان خوشبو ڌار ٿي رهي هئي. راتين کان چانڊوڪي موڪلائي پئي وڃي. اسٽيشن تي رش هئي، شهري هڪ ٻئي پٺيان وڃي رهيا هئا. ’فاني‘ به هليو ويو ته پروفيسر هاسانند پرسواڻي به هندستان وڃي وسايو. جنهن جي ڳالهين سان ڪالهه شڪارپور وارو ڪاليج گجندو هو ۽ شاگرد پيا فيض پرائيندا هئا، اهي بيوسيءَ سبب خاموشي اختيار ڪري چڪا هئا.

پروفيسر هاسانند پرسواڻي ارجنداس جو پٽ هو، سندس ڏاڏو ڪاشومل رستم جو شاهوڪار ليکيو ويندو هو. رستم ۾ ٻين جيان هنن جي حويلي به ڪمال جي ٺهيل هئي. هاسانند پرسواڻي ۲۲ جنوري ۱۹۱۰ع تي شڪارپور ضلعي جي ننڍڙي شهر رستم ۾ پيدا ٿيو هو. ابتدائي تعليم رستم مان حاصل ڪري شڪارپور مان پنهنجي تعليم کي پورو ڪيائين. بمبئي مان بي. اي، بي سي، ايس ٽي سي تائين پڙهيو. انگريزيءَ سان بي انتها چاهه هئس، انگريزي ادب جو مطالعو پابنديءَ سان ڪندو هو. رسالن ۽ اخبارن مان مضمونن کي پڙهي انهن جو تت شاگردن کي سمجهائيندو هو. پنهنجي شاگردن کي همٿائيندو هو ته هو به انگريزيءَ ۾ لکندا رهن. سندن ڪچين ڦڪين تحريرن کي ڏسي درست ڪندو هو. ٻارن جي همت ۽ حوصلا افزائيءَ خاطر انهن کي ساڻ ڪري شهر توڙي شهر کان ٻاهر تقريرون ڪرڻ ويندو هو. ”نيو ايرا هاءِ اسڪول“ ۾ استاد مقرر ٿيو ته سوين شاگردن منجهان سنڌ جو عظيم شاعر شيخ اياز به سندس شاگرد بڻيو. استاد جي ڏاهپ جا ڏس شاگرد جي ڪتابن ۾ جڏهن پڙهڻ جي لاءِ ملن ٿا ته حيراني ٿئي ٿي. انگريزيءَ ۾ مضمون لکڻ ۽ بحث مباحثا ڪرڻ سان گڏوگڏ سماجي زندگيءَ ۾ پاڻ ملهائڻ جي اوسر تي استاد کي جيڪو مانُ ملي ٿو سو واقعي کيس امرتا بخشي ٿو. ”نيو ايرا هاءِ اسڪول“ ۾ هيڊ ماستر به ٿيو. کبڙي جي مکي جي نياڻي سان شادي ڪرڻ کان پوءِ جڏهن هاسانند پرسواڻي کي ٽن نياڻين جو اولاد ٿئي ٿو ته پاڻ شڪر ادا ڪري پنهنجي شاگردن کي پنهنجي اولاد سمجهڻ لڳي ٿو. شيخ اياز جي ڪتاب ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ اچي ٿو ته ”هاسانند پرسواڻي مون کي انگريزي نه سيکاري ها ته منهنجي انگريزي ايتري سٺي نه هجي ها.“ ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ ۾ شيخ اياز لکي ٿو ته ”هاسانند پرسواڻي مون سان بيحد محبت ڪندو هو ۽ ڪلڪتي مان ڪتاب گهرائي مون کي پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو.“

شاگردن جي دلچسپيءَ جو خاص خيال رکي کين اسٽيج تي اچي پاڻ ملهائڻ ۽ خاص ڪري نثر لکڻ سيکاريندو هو. تقريرون ڪرائي مختلف پروگرامن ۾ کين پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو. کيس ”فاني“ جيان سنگيت سان بيحد چاهه هو، سڪپل تي پنهنجي جنم ڀومي ’رستم‘ جي نالي پٺيان رکيل ”رستم سنگيت منڊل“ قائم ڪيو هيائين، جنهن ۾ هر آئي ڏينهن محفل متل رهندي هئي. اها ڪاٺ واري بهترين عمارت به ڊهي وئي، هاڻ ته ڪنهن کي به اها ڄاڻ نه هوندي ته ”رستم سنگيت منڊل“ ڪٿي هوندو هو؟ جديد شڪارپور واري طلب قديم شڪارپور جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي.

آگسٽ 1947ع ۾ پروفيسر هاسانند پرسواڻي هندستان هليو ويو، پنهنجي جنم ڀومي ۽ شڪارپور جي ياد کي سيني ۾ سمائي هن ڪلياڻ ۽ الهاس نگر وسايو. هندستان سرڪار کيس رفيوز ڪالوني ۾ ترسايو هو. هندستان ۾ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ رفيوز ڪئمپ ڪمانڊر جو عهدو نصيب ٿيو. پنهنجي نوڪريءَ کي سرانجام ڏيندي سنڌين ۽ خاص ڪري شڪارپور جي ماڻهن جي مدد ڪندو رهيو.

پروفيسر هاسانند پرسواڻي ۱۹۹۵ع ڌاري الهاس نگر ۾ ديهانت ڪري ويو. سنڌ ۽ شڪارپور جي مٺي ياد هن جي اکين مان آخري دم تائين نير وهائيندي رهي. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ جاکوڙي ڪردار ۽ اعليٰ سوچ جو مالڪ ٿي رهيو. سياست سان ٿوري گهڻي دلچسپي رکندو هو پر علم کي هميشه اهميت ڏيندو هو. شل اسان جي نوجوان نسل علم جي لاٽ مان لاٽ کي روشن ڪري وڏن جي نقش قدم تي هلڻ جو سبق حاصل ڪري ۽ وڏڙن کي ياد رکڻ واري روايت کي قائم رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۹ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا