; سنڌي شخصيتون: حفيظ شيخ

09 November, 2022

حفيظ شيخ

حفيظ شيخ

سنڌ کان وسري ويل حفيظ شيخ

عدنان سومرو



ڪن ماڻھن کي پڙھندي ايتري ته وابستگي ٿي ويندي آھي، جو ائين ناھي لڳندو ته اُھي اسان کان ڏور آھن. مون پنھنجي حياتيءَ ۾ جڏھن کان پڙھڻ شروع ڪيو آھي، تڏھن کان ڪي ليکڪ يا ڪھاڻيڪار منھنجي دل جي تمام ويجھو ٿي ويا آهن. انھن ۾ ھو به تمام وڏو تخليقڪار ھو! معذرت، ھو نه پر آھي!


ڪي ڪي ماڻھو تاريخ ۾ “آھن” ئي ھُوندا آھن، اُھي “ھُئا” ڪڏھن به ناهن ٿيندا. سنڌ جي اھڙن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن املھه ماڻھن ۾ حفيظ شيخ جو نانءُ نمايان آھي ۽ رھندو. ھُو جيڪو ھن سماج ۾ ڄمي ڦاٿو ھو، هن سماج ۾ صفا منفرد ماڻھو هو.

گذريل ڪجھه ھفتن کان الائي ڇو مون ھن کي پنھنجي زندگيءَ ۾ ائين داخل ڪيو آھي، جيئن ڪو احساس اندر ۾ پالي، ان کي پچائي ڪاڳر جي ٽڪري تي لکي، عوام آڏو آندو ويندو آھي. بلڪل ائين ئي اڄ حفيظ شيخ منھنجي اندر ۾ پچي پڪو ٿي ويو آھي ۽ ھاڻ سمجھان ٿو ته وسري ويل حفيظ کي سنڌ سان ملايان. ھا سنڌ سان جنھن سنڌ ھن کي وساري ڇڏيو آھي، جنھن سنڌ ھن کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏيو آھي، جنھن سنڌ ھن کي فقط سنڌي نصاب ۾ شامل ڪري پنهنجي دل ۽ ذھن جي تختين تان ئي ميساري ڇڏيو آھي.

حفيظ شيخ ۱۰ ڊسمبر ۱۹۳۱ع ۾، ضلعي خيرپورميرس جي شھر گمبٽ ۾ ڊاڪٽر عبدالرسول شيخ جي گھر ۾ ڄائو. بقول ھن جي ڀيڻ خديجه جي ته “ھُو قد ۾ وچولو ۽ بدن ۾ ويڪرو ھو. اڪثر فري انداز ۾ ڳالھائيندو ھو ۽ سندس آواز ڪنن کي وڻندو به ھو. نھايت خلوص ۽ پنهنجائپ سان مخاطب ٿيندو ھو. ڪاوڙ ۽ جوش ۾ البت زور سان ڳالھائيندو ھو.”

ھُو گھر جي ماحول ۾ تمام گھٽ ھوندو ھو. جيئن مدرسي ۾ اٺ ڏينهن به نه پڙهي سگهيو ائين ئي اسڪول ۾ به فقط پنج درجن تائين مشڪل سان پڙهيو، جو اسڪول سان گڏ گھر به ڇڏڻو پئجي ويس. ان عمر ۾ ئي هن پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ بوٽ پالش ڪيا، ٻيا ڪم ڪيائين. حيدرآباد ۾ ننڍڙو هٽڙو کوليائين، وري واپس خيرپور موٽيو انھيءَ ساڳئي استاد وٽ جنھن وٽ پنج درجا پڙھيو ھو. ان وٽ هڪ ڏينهن ۲۰ منٽ پڙھيو ۽ ميٽرڪ جا امتحان ڏئي. يارھون ۽ ٻارھون حيدرآباد ۾ پڙهي ان کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ بي اي جا چار سال اٺن سالن ۾ پورا ڪيائين. تنهن کان پوءِ لاھور مان ايم اي صحافت ڪيائين. ھُو محمد ايوب کھڙي جو پي اي رھيو، اي پي پي جو نمائندو رھيو. وفات مھل فيملي پلاننگ ۾ ڊويزنل انچارج ھو. جڏھن ڊيرا غازي خان ۾ ٽرانسفر ٿي ته اُتي ڪلثوم نالي ھڪ عورت سان لڳاءُ ٿيس ۽ شادي ڪيائين.

حفيظ شيخ بھترين صحافي ھوندو ھو. ۱۹۵۱ع ۾ جڏھن ھُو ميٺارام هاسٽل ۾ رھندو ھو، تڏھن سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکندڙن ۾ حفيظ به پنھنجو نمايان ڪردار ادا ڪيو. انھن ئي ڏينھن ۾ سائين جي ايم سيد جي اخبار “نواءِ سنڌ” ۾ ڪم ڪندو ھو. جنهن حوالي سان شمس الدين عرساڻي لکيو آهي ته؛ “حفيظ شيخ جو تعلق صحافت سان به رهيو هو. هو اٽڪل ستن سالن تائين ڪنهن اخبار جو نامه نگار ٿي رهيو هو. رڳو مشاهده نگار نه هو، بلڪه قومي درد رکندڙ نوجوان به هو. هن مالي مشڪلاتن جي باوجود به محنت ۽ حوصلي کان ڪم وٺندي، پنهنجي تعليم جاري رکي. زندگيءَ جي ڪٺن مرحلن ۾ هو سدائين جدوجھد ڪندو رهيو ۽ ڪڏهن به پاڻ تي ياسيت يا قنوطيت حاوي ٿيڻ نه ڏنائين، تاهم ذهني طور بي اطميناني ۽ الجهن جو شڪار رهيو. هو انتهائي حساس طبع واقع ٿيو ۽ سرمائيدارانه نظام کي ئي، اخلاقي پستيءَ ۽ هر برائيءَ لاءِ ذميوار سمجهندو هو. هو انسان تي ڪنهن به قسم جي روڪ ۽ سماجي ٻنڌڻن ۽ مذهبي پابندين جي خلاف هو. سندس ڪهاڻين مان به اهو ئي باغيانه روح پيو جهلڪا ڏئي.”

جيئن ته حفيظ شيخ بنيادي طور صحافي هو، ان ڪري سندس ڪهاڻين ۾ سماجي مسئلن جي اُپٽار ٿيندي نظر اچي ٿي. سندس لکيل ڪهاڻين ۾ “امان مان اسڪول ڪونه ويندس، مبارڪون، ٻه پاڇا، اديب، ٽواٽو.” شاهڪار ڪهاڻيون ليکيون وڃنس ٿيون. اُن کان سواءِ ٻين به ڪهاڻين کي ادبي حلقن ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي ھيس. حفيظ جي اها ڪهاڻي “امان مان اسڪول ڪونه ويندس” يونيورسٽين ۾ سنڌي لازمي نصاب ۾ شامل آھي. حفيظ شيخ هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ننڍڙو ڪردار پيش ڪيو آهي، جيڪو هڪ ٻار جو آهي. هيءَ ڪهاڻي سماجي حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل آهي. جا ڪنهن ڳوٺاڻي ماحول جي عڪاسي پيش ڪري ٿي. جنهن ۾ استاد ۽ ٻار جو رويو، اسان جي سماج ۾ موجود تعليم جو نظام ۽ استاد جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ۽ استاد جي ڊپ يا مار کان اهو ٻار ايترو ته ڇرڪي ويو آهي، جو هو ان خوف وچان مري وڃي ٿو. ان دور ۾ استاد جو ڪيترو مان هوندو هو، جو استاد جو ڊپ شاگرد جي ذهن مان نڪرندو ئي ڪونه هو. اڄ جي دور ۾ استاد جي ڪنهن شاگرد تي هٿ کڻي ته ان استاد جو پوءِ الهه واهي آهي. پر حقيقت ۾ هيءَ ڪهاڻي سماجي قدرن کي وائکو ڪندي لکي وئي آهي، جنهن ۾ استاد جيڪڏهن پنهنجي تشدد واري رويي کي ڇڏي، ڪنهن ٻئي طريقي سان ٻارن کي پڙهائي ته هوند بهتر ٿيندو.

ڪڏھن ڪڏھن مون کي حفيظ جي ھر ڪھاڻي سندس آتم ڪٿا لڳندي آهي، جيئن ته حفيظ فوج ۾ ڀرتي ٿيو. پنھنجي ھڪ ڪھاڻيءَ ۾ جنهن مھل فوج ۾ ڀرتي ۽ عشق جو ذڪر ڪري ٿو ته ائين محسوس ٿو ٿئي ڄڻ ھُو پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائي رھيو ھجي. جيئن ڪھاڻي “ٻه پاڇا” ۾ ذڪر ڪري ٿو. حفيظ شيخ هن ڪھاڻيءَ ۾ منظر نگاري، ڪردار نگاري ۽ جيڪو وڇوڙي کي ڏيکاريو آهي سو به ڪمال آهي.

حفيظ شيخ جي ڪهاڻين ۾ حقيقي رنگ تمام گهڻو ملي ٿو. سندس موضوعن ۾ مقامي رنگ نمايان نظر اچي ٿو. جنهن لاءِ حفيظ شيخ “پن ٻوڙين پاتال” ۾ لکي ٿو ته؛ “منهنجون آکاڻيون بند ڪمرن ۾ ويهي، شراب جا پيگ چاڙهي ڪين لکيون وينديون آهن. اهي آکاڻيون زندگيءَ جو صحيح عڪس هونديون آهن ۽ اهي عڪس آئون جيئري جاڳندي جندڙي جي رنگن مان چورائيندو آهيان. منهنجي آکاڻين ۾ سرو جا وڻ، آلوچي جا درخت، زعفران جا گل ڪين اسرندا آهن. ٻه چار مرڪون، ٿورڙا لڙڪ ڪل اثاثو هوندو اٿن. انهن لڙڪن جا نقش جهٽڻ لاءِ آئون ڪيترا ڏينهن ويڳاڻو ٿي گهمندو وتندو آهيان ۽ پوءِ جيڪي پڙ پوندو اٿم، سو ڪنهن ڪنڊڙي ۾ ويهي لکي ڇڏيندو آهيان.”

ٻه پرچا “شاگرد” رسالي جا شايع ڪيائين. ھڪ روشن مغل نمبر ۽ ٻيو عام پرچو ڪڍيائين. حفيظ شيخ اڄوڪي ڏينهن ۹ نومبر ۱۹۷۱ع ۾ اسان کان جسماني طور پري ھليو ويو، ھن کي اميدن ڀري قبرستان ڪنٽومينٽ حيدرآباد ۾ دفن ڪيو ويو. افسوس جو ھاڻ قبر به نٿي ملي.

حفيظ شيخ کي ھڪ مضمون ۾ سمائڻ مطلب سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ آھي. حفيظ جي زندگي، ڪھاڻين، ناوليٽ ۽ خطن کي پڙھڻ لاءِ ۱۹۹۷ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب “اڇو پکي واءُ” سھيڙيندڙ نصير مرزا پڙھڻ کپي ۽ سنڌ کي گذارش آھي ته وسري ويل حفيظ کي ياد ڪري، هن کي ھميشه لاءِ امر ڪيو وڃي. ڪٿي ائين نه ٿئي ته حفيظ جي قبر تي لکيل ھي لفظَ حفيظ جھڙي ڪنھن ٻئي لاءِ لکيا وڃن.

“روح جا نارا جڏھن

ٺريو برف ٿيو وڃن ته

وهڪ بهجيو وڃي –

نه ميار توتي

نه ميار مونتي!”

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۹ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

حفيظ شيخ

سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪهاڻيڪار حفيظ شيخ جو پورو نالو محمد حفيظ شيخ ولد شيخ غلام رسول هو. هن پهرين ڊسمبر ۱۹۳۱ع تي خيرپور ۾ جنم ورتو. هن پنجاب يونيورسٽيءَ مان صحافت ۾ ايم اي ڪئي هئي. حفيظ شيخ هڪ عام ماڻهوءَ واري زندگي گذاري، بوٽ پالش ڪيائين، کٽمٺڙن جو دڪان کوليائين، فوج ۾ ڀرتي ٿيو، اخبار ۾ نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين. خانبهادر محمد ايوب کهڙي جو پي اي ٿيو. اي پي پي جو نمائندو ٿيو. فيملي پلاننگ کاتي ۾ ڊويزنل انچارج رهيو.

شيخ حفيظ، سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٽرينڊ سيٽرن مان هو. غلام رباني آگرو، جمال ابڙو ۽ حفيظ شيخ، سنڌي افساني جي اها ٽمورتي هئا، جن سنڌي ڪهاڻيءَ کي نوان موڙ ڏنا. حفيظ شيخ، شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ رشيد ڀٽيءَ جو همعصر هو. هن اياز ۽ تنوير جي سنگ ۾ ’شاگرد‘ رسالي جا ٻه پرچا مرتب ڪيا، جن مان هڪ ’روشن آرا مغل نمبر‘ هو. هو ’نواءِ سنڌ‘ اخبار ۾ ۱۹۵۶ع کان ۱۹۵۷ع تائين نيوز ايڊيٽر به رهيو. ۱۹۵۱ع ۾ ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سنڌي ادبي سنگت کي ٻيو ڀيرو منظم ڪيو ويو ۽ ان جون گڏجاڻيون ميٺارام هاسٽل ڪراچيءَ جي ڪمري نمبر ۳۰ ۾ ٿينديون هيون تڏهن حفيظ شيخ ان دور جي بنيادي ميمبرن مان هو. سنڌ جي مشهور تعليمي ماهر دادي ليلاوتي هرچنداڻي، حفيظ شيخ جي والد غلام رسول شيخ جي سڳي سوٽ آهي. حفيظ شيخ جـو والـد نـو مـسلم هو ۽ جڏهن حفيظ ۱۵ سالن جو هو ته سندس والد ۲ فيبروري ۱۹۴۳ع تي وفات ڪري ويو. حفيظ جي والده شاهه بيگم ۲۱ فيبروري ۱۹۵۹ع تي وفات ڪئي. حفيظ کي ۶ ڀينرون ۽ ٻه ڀائر هئا. هن ۱ جنوري ۱۹۷۱ع تي ڪلثوم سان شادي ڪئي ۽ شاديءَ کان ۱۰ مهينن بعد ۹-نومبر ۱۹۷۱ع تي خيرپور ۾ وفات ڪري ويو. هن کي حيدرآباد ۾ آڻي، اُميدن ڀرئي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. اڄ سندس قبر جو نشان به مٽجي ويو آهي، ڇو ته سندس اُهي دوست نياز همايونيءَ ۽ ٻيا زندهه نه رهيا آهن، جن کيس اُتي دفن ڪرايو هو.

حفيظ شيخ جي ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ’ساگر جي لهرن تي‘ ۱۹۷۶ع ۾ ڇپيو هو، جنهن جو ٻيو ڇاپو پڻ شايع ٿيو. ان کان سواءِ سندس زندگيءَ، ڪهاڻين، ٻين تحريرن ۽ سندس موت تي همعصرن ۽ دوستن جي تاثراتن ۽ مضمونن تي تفصيلي ڪتاب ’اڇو پکي واءُ ۾‘ جي عنوان سان ناليواري اديب نصير مرزا ترتيب ڏئي، نئون نياپو، سنڌ پبلشنگ هائوس، ڪراچيءَ مان ۱۹۹۷ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن جي زندگيءَ تي ناز سنائيءَ جو پڻ هڪ ڪتاب شايع ٿيل آهي.

 

(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا