; سنڌي شخصيتون: او پيِ آسوداڻي

09 November, 2022

او پيِ آسوداڻي

او پيِ آسوداڻي

بهترين ڪلاڪار ۽ شارٽ فلمن جي اُستاد ڊائريڪٽر جي موڪلاڻي

ڪشور لالواڻي



ڏياريءَ کان هِڪُ ڏينھن اڳُ صبح جو واٽس اَيپ کولي ڏٺم. ڏياريءَ جي واڌاين جا ميسيج اَچڻ شروع ٿي ويا هُئا. اوچتو اُنھن خبرن جي وِچ ۾ ھڪ بُري خبر نظر آئي ته سنڌي رنگ منچ جو بهترين ڪلاڪار، ملنسار شخصيت، گهڻن ئي شارٽ فلمن جو اُستاد ۽ ڊائريڪٽر او پي آسوداڻيءَ جو سرڳواس ٿي ويو آھي. ٻُڌي ڪري ڏاڍو ڏک ٿيو. اوچتو ائين ڪيئن؟ ٽي مھينا اڳُ ئي ته هو رٽائر ٿيو هئو. مون کي اِن ڳالھ تي وشواس ئي نه پيو اچي. يڪدم ڀوپال جي ڪلاڪار ۽ ليکڪ اَشوڪ منواڻيءَ کي فون لڳايم ۽ پڇيومانس ته ڇا اِھا خبر سچي آھي؟ اَشوڪ چيو، ”ها يار، مون کي پاڻ هاڻي هاڻي خبر پئي آھي. ٻُڌي ڪري شاڪ لڳو. “


ڀوپال شهر جو سينئر ٿيٽر آرٽسٽ ۽ سنيما اداڪار او پي آسوداڻي، سڀني جو پيارو، سرل سڀاو وارو، ڪرمٺ ڪاريڪرتا، سنڌيت جو شيدائي، اَسانجو لوڪپريه ڪلاڪار اوچتو ئي اوچتو راھه رباني وٺي هليو ويو. کيس ننڍپڻ کان ئي ناٽڪن جي لوڙي لڳل ھئي. اسٽيٽ بينڪ جي نوڪريءَ سان گڏ هو ناٽڪن سان به نڀائيندو رھيو. بينڪ مان موڪل وٺي ڪري الڳ الڳ شهرن ۾ ناٽڪ جا شو ڪرڻ ويندو رھيو. ھُن ڀوپال جي گھڻن ئي سنڌي ۽ ھندي ناٽڪن ۾ ڪم ڪيو. ھُن سنڌي ناٽڪن آشيانو، کٽراڳُ، ڪنڊن جي سيج، ورهاست، جوءِ جا جھنجھٽ، اڇي ڏاڙھي اَٽو خراب، نياڻي ناهي نِماڻيِ ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جو جلوو ڏيکاري پاڻ موکيو. ”اکنڊ سنڌو سنسار“ اِخبار جي پرڌان سمپادڪ گيانچند لالواڻيءَ گھڻئي ناٽڪ پروڊيوس ڪيا ۽ اَشوڪ بلاڻيءَ ھدايت ڪيا جن ۾ او پي آسوداڻيءَ اهم رول نڀايو. سندس ڀوپال جا ٻيا ساٿي ڪلاڪار هُئا پنڪي لالواڻي، مرلي بلواڻي، سريِتا کياڻي، ڌيرج پانڊي، سونيا آسوداڻي، ڀوپال جو مشهور ڪوي ٻلو چوئٿاڻي، ليکڪ اَشوڪ منواڻي ۽ اسٽينڊ اپ ڪاميڊين موهِت شيواڻي. سنڌي رنگ منچ تي ڪم ڪندي اَسانجي سڃاڻپ ته ڪافي اڳُ ٿي ھئي. جڏھن به ناٽڪ تي ڪو سيمنار ھجي يا ناٽڪن جو فيسٽيول ھجي اسان گڏجندا هئاسين ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا رھندا هئاسين. منھنجو کائنس وِچ وِچ ۾ ڳالھائڻ به ٿيندو رھندو هئو. اسان جي رشتي ۾ گھرائپ آئي ”تھنجي پيار ۾“ فلم جي شوُٽنگ وقت. پورا ويھه ڏينھن، اندور جي ھڪ بنگلي ۾ شوٽنگ هلي. فلم جي ڪهاڻي مان لِکي ھئي ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر به ھو. فلم جي پروڊيوسر ستيش چاندواڻيءَ، شريچند ماکيجا جي وڏي پُٽ جي رول لاءِ مون کان صلاح ورتي ته؛ ”اھو رول ڪنھن کي ڏجي؟ رول ۾ گھڻئي نگيٽِوَ شيڊس هُئا. مونکي ته هِڪُ ئي نالو ياد آيو آسوداڻيءَ جو. مان ستيش چاندواڻيءَ کي نالو ٻڌايو ته ھُن چيو؛ ”ڳالھائيس! جي ها ڪري ته سڪرپٽ موڪلي ڏئيس. “ مان آسوداڻيءَ سان ڳالھايو ته ھُن هڪدم ها ڪئي. ٻڌايو مانس شوٽنگ اندور ۾ ٿيندي. اندور ۾ پروڊيوسر ستيش چاندواڻيءَ جي سنڍوءَ جو بنگلو هئو. اُتي ئي رھندا هئاسين ۽ اُتي ئي شوٽنگ ھلندي ھئي. بس چار پنج ڏينھن ٻاھرين لوڪيشنس تي وياسين. ڀوپال جا ڪلاڪار ٻلو چوئٿاڻي، موهت شيواڻي ۽ او. پي. آسوداڻي شيڊيول جي حساب سان اچُ وڃُ ڪندا هُئا. او. پي. آسوداڻيءَ جو مين رول هئو. ھُن جا چڪر وڌيڪ لڳندا هُئا. هو جڏھن به اندور ايندو هئو ته منھنجي ۽ دادا شريچند ماکيجا جي روم ۾ اچي رھندو هئو. هميشه چوندو هئو، ”ڪشور، هاڻي نوڪريءَ ۾ آهيان. رٽائرمينٽ کان پوءِ پورو جيون سنڌي رنگ منچ ۽ فلمن کي سمرپت ڪندس. چنتا نه ڪر، اسين سڀ گڏجي ڪم ڪنداسين. “ پر شايد ايشور کي اھو منظور نه هئو. ھن سال جولاءِ مهيني ۾ ئي رٽائر ٿيو ۽ ٽن مھنن جي اندر ئي ڀڳوان کيس پاڻ وٽ گھرائي ورتو. سال اڳُ ھڪ شاديءَ جي موقعي تي ڀوپال ويو ھئس. مان آسوداڻيءَ کي فون ڪيو ته مان سڄو ڏينھن فري آهيان. ڇو نه ڀوپال جي سنڌي ڪلاڪارن سان ملاقات ڪجي؟ آسوداڻي مون کي اُتي وٺڻ آيو جتي مان رهيل ھوس. تھن کان پوءِ هو مون کي پھنجي گھر وٺي هليو ۽ پوءِ ”شوٽنگ “ نالي ويب سيريز جي شوٽنگ پئي هلي، جنھن ۾ او. پي. آسوداڻيِ به رول ڪري رھيو ھئو. ھن سڀني ڪلاڪارن سان منھنجي ملاقات ڪرائي ۽ مونکا هِڪُ رول به ڪرايائين. هو سنڌي فلم ”ها مان سنڌي آهيان“ جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر به رھيو ۽ اُن فلم ۾ هِڪُ خاص رول به ڪيائين. ھن فلم جو شو جڏھن ناگپور ۾ پوجيه شداڻي دربار ٽرسٽ پاران ڪرايوسين ته پروڊيوسر چنداڻي ۽ ڊائريڪٽر گدواڻيءَ سان گڏُ پاڻ به ناگپور ۽ رائپور جي دوري تي آيو هئو.

ناٽڪ ۽ فيچر فلمن ۾ رول ڪندي ڪندي ھُن شارٽ فلمن ڏي به رُخ ڪيو. ناٽڪ جي ساٿي ڪلاڪارن کي ئي گڏ کڻي ھُن سنڌي ۽ ھندي شارٽ فلمن جي هدايتڪاري شروع ڪئي. ھُن نئين زماني سان هلڻ سکي ورتو هئو. ھُن شارٽ فلمون ٺاهڻ تڏھن ئي شروع ڪري ڇڏيون جڏھن هو اڃان نوڪريءَ ۾ ئي هئو. هر آرتوار تي صبح کان رات تائين شوٽنگ ڪندو هئو ۽ سومر کان شام جو وقت ڪڍي ايڊيٽنگ ڪرائي هر ۱۵- ۲۰ ڏينھن ۾ ھڪ شارٽ فلم ”يو ٽيوب“ تي اپلوڊ ڪندو هئو. هو چوندو هئو، ”سنڌي رنگ منچ کي زندهه رکڻو آھي ته اسانکي ويڊيو فلمن ۽ فيچر فلمن ذريعي اڳتي وڌي سنڌي ٻوليءَ کي زندھه رکڻو پوندو. هي هِڪُ اھڙو طاقتور ذريعو آھي جنھن سان اسان سنڌيت جو سنديش گھر گھر پھچائي سگھون ٿا. ڪورونا جي لهر کان اڳُ ھُن اٽڪل ويھه کن سنڌي ۽ ھندي شارٽ فلمن جي هدايتڪاري ڪئي. ڪورونا ڪال پورو ٿيندي ئي ھڪ ڊگھي خال کان پوءِ هِڪُ ڀيرو ٻيھر سرگرم ٿي وري ساڳي ڪم ۾ لڳي ويو. اُن وِچ ۾ ھُن گھڻن ئي ڪھاڻين تي شارٽ فلمون لکڻ جو ڪم ڪيو. يعني ته هو پوُرو هوم ورق ڪري تيار ٿي ويٺو هئو. اھڙي وقت ۾، جڏھن ھرڪو پنھنجي ۾ ئي پورو لڳو پيو هئو، ھيءُ يار راتيُن جو اوجاڳا ڪڍي، پنھنجون ننڊون ڦٽائي، سڀ سُک پاسيرا ڪري پنھنجو وقت ۽ پنهنجي سڄي سگھه سنڌيت جي واڌاري ۾ لڳائيندو رھيو. مون ھن شخص ۾ سچائي، ايمانداري ۽ سنڌي رنگ منچ لاءِ ڪُجھ ڪري ڏيکارڻ جي تڙپ محسوس ڪئي. سندس سنڌي شارٽ فلمون سيکت، رانديڪا، زال ڪمال مڙس بيحال، نونھه گھر جي سونھه، پنھنجا پراوا ڪافي مقبول رهيون. سندس هدايتڪاريءَ ۾ ٺهيل خاص ھندي شارٽ فلمون آهن شڪار، لالي پاپ، ڪهاني بدل گئي، گھر قسمت والون ڪي، رشتي، ھيپنيس، زيرو ڪلوميٽر، لٽڪي جھٽڪي، پرسيپشن، پٽاخا ساس، رٽرن آف جويل ٿيڦ، تُو تُو مين مين، ڪورٽ مارشل، ھاءِ ٽيڪ ڪاموالي، بيبي ني بنايا فقير وغيره جيڪي اڄُ به ماڻھن کي وندرائي رهيون آهن. ھُن جو پنھنجو يو- ٽيوب چينل آھي جنھن تي اهي فلمون ڏسي سگھجن ٿيون.

ھُن ٽيڪنالاجيءَ سان ڪڏهن به سمجھوتو ڪون ڪيو. پنھنجين شارٽ فلمن ۾ هو پلاٽ سان گڏ ڪئمرا، ايڊيٽنگ ۽ ٻين ٽيڪنيڪل پھلوئن تي وڌيڪ ڌيان ڏيندو هئو. ھُن پنهنجي ٽيم ۾ تجربيڪار ڪيميرامين (ڊيِ. او. پي) ميَنڪَ شرما، ٽيڪنيڪل ڊائريڪٽر هريش ڀارتي ۽ فلم ايڊيٽر وپن سونيءَ کي کنيو جن جو تجربو ۽ مهارت سندس فلمن کي يقيني طور بهتر فلمن جو درجو ڏئي ٿو. خاص ڳالهه اِھا آھي ته ھن شارٽ فلمن ذريعي سڄي شهر ۽ ملڪ ۾ سٺو مقام حاصل ڪيو. نوجوان طبقو به سندس شارٽ فلمن کي پسند ڪري رھيو آھي. جھولڻ در وينتي آھي ته سندس پوتر آتما کي پنھنجن چرڻ ڪمل ۾ جڳھه ڏئي. سندس آتما کي شانتي بخشي ۽ سندس پريوار کي ھيءُ ڏک سھڻ جي شڪتي ڏئي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا