; سنڌي شخصيتون: او پيِ آسوداڻي، ڪشور لالواڻي،
Showing posts with label او پيِ آسوداڻي، ڪشور لالواڻي،. Show all posts
Showing posts with label او پيِ آسوداڻي، ڪشور لالواڻي،. Show all posts

09 November, 2022

او پيِ آسوداڻي

او پيِ آسوداڻي

بهترين ڪلاڪار ۽ شارٽ فلمن جي اُستاد ڊائريڪٽر جي موڪلاڻي

ڪشور لالواڻي



ڏياريءَ کان هِڪُ ڏينھن اڳُ صبح جو واٽس اَيپ کولي ڏٺم. ڏياريءَ جي واڌاين جا ميسيج اَچڻ شروع ٿي ويا هُئا. اوچتو اُنھن خبرن جي وِچ ۾ ھڪ بُري خبر نظر آئي ته سنڌي رنگ منچ جو بهترين ڪلاڪار، ملنسار شخصيت، گهڻن ئي شارٽ فلمن جو اُستاد ۽ ڊائريڪٽر او پي آسوداڻيءَ جو سرڳواس ٿي ويو آھي. ٻُڌي ڪري ڏاڍو ڏک ٿيو. اوچتو ائين ڪيئن؟ ٽي مھينا اڳُ ئي ته هو رٽائر ٿيو هئو. مون کي اِن ڳالھ تي وشواس ئي نه پيو اچي. يڪدم ڀوپال جي ڪلاڪار ۽ ليکڪ اَشوڪ منواڻيءَ کي فون لڳايم ۽ پڇيومانس ته ڇا اِھا خبر سچي آھي؟ اَشوڪ چيو، ”ها يار، مون کي پاڻ هاڻي هاڻي خبر پئي آھي. ٻُڌي ڪري شاڪ لڳو. “