; سنڌي شخصيتون: June 2022

28 June, 2022

ڊاڪٽر عبدالعزيز رحماني ڪنڀار

ڊاڪٽر عبدالعزيز رحماني ڪنڀار

نامور مسيحا ۽ محقق

ڀارو مل امراڻي



هاڪڙو تهذيب جي عظمتن جو وارث سانوري رنگ جو هُو سنهڙو ۽ قداور شخص اکين تي عينڪ چاڙهي اچي دانشور وانگر ملندو آهي، تڏهن مون کي شيخ اياز جو هي بيت ياد ايندو آهي ته؛

هونئن ته آءُ آزاد، جيئن هُو پنڇي واءُ ۾،

پر تون مون کي داد، مور نه ڏيندين جيئري.

پر هن اشراف انسان ڪڏهن داد جي لاءِ پانڌ ڦهلايو نه آهي. هن جي سدائين جستجو رهي آهي ته پنهنجي حصي جو ڪم ڪري وٺان. هن زندگي جي لاهن چاڙهن ۾ ثابت قدم رهي سماج جي لاءِ اميد جا جذبا پيدا ڪيا آهن. هن نئين نسل کي روشن آئيندي جي ڄاڻ ڏني آهي.

ڪوي ڪيسوڏان ڏيٿا

ڪوي ڪيسوڏان ڏيٿا

ڀارو مل امراڻي



کاروڙي چارڻ جو رهواسي ڪيسو ڏان نه رڳو ڍاٽ جي دڙن جي چارڻي اتهاس تي چترائي جي ڇاپ آهي، پر پنهنجي دور ۾ ڍاٽ جي دڙن مان گونجندڙ سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جو سگهارو آواز آهي. ڪيسوڏان جي ڪچهري ۾ تاريخي ۽ نيم تاريخي قصن ۽ ڪهاڻين جي ڪردارن کي سڻي محسوس ٿيندو آهي ته ‘سنڌ جي اتهاس کي هڪ چارڻ کان وڌيڪ ڪير بيان ڪري سگهي ٿو!؟’ ڪيسوڏان پنهنجي ڌرتي جو چارڻ آهي. هن جي من ۾ نه صرف پنهنجي مٽي جو شاندار ماضي آهي پر وطن جي روشن مستقبل جي لاءِ تڙپ آهي. هن وطن جي واٽن تي چارڻي ڪوتا جا ڇانورا ڪيا آهن. تاريخ، تهذيب، علم، ادب ۽ آرٽ جي راھ ۾ پير پٿون ڪندڙ پانڌيئڙن کي نئين ڏينهن نئون اتساھ بخشيو آهي.

حسن وساڻ

حسن وساڻ

فلمي ڪردارن جھڙو به ويو

نواز ڪنڀر



جھڙا سندس شوق ھئا ۽ جهڙي سندس پسند ھئي، پاڻ به جھڙوڪر مڪمل طرح انهيءَ رنگ ۾ رنڱيل ھو. جنھن سبب ئي ماڻھن انھن مختلف ڪردارن وانگر کيس به سندس نالي حسن سان گڏ ٻين به ڪيترن ئي “ڪلاسيڪل” نالن سان سڏيندا ۽ ياد ڪندا ھئا! ڪلاسيڪل فلمن، پراڻن گانن جي ۵۰۰۰ گول رڪارڊن، ناياب انڊين ڪينسل گانن، نادر ڪيسٽن ۽ دنيا جي اھم پينٽنگس کان ويندي لاجواب ادبي شھپارن تائين وٽس وڏو ۽ ناياب ذخيرو موجود ھو. دنيا جي اھم موسيقارن موزاٽ، رويني، چاؤسڪووسڪي، ورڊي، بيٿون کان ويندي ٻين ڪيترن ئي موسيقارن جي اھم ڌُنن جو به وٽس وڏو خزانو ھو. (جن کي گھربل نموني ٻڌڻ لاءِ ھو سامونڊي جھاز مان ڊيڪ به وٺي آيو.) ان حوالي سان حَسن صاحب جي لائبريري يقينن ھڪ منفرد ميوزيم جھڙو درجو رکي ٿي. ان سبب ئي ھو شيخ اياز جي آتم ڪٿا کان ويندي الانا صاحب جي يادگيرين تائين محفوظ رھيو ته پليجي صاحب کان وٺي جامي چانڊيي تائين سنڌ جون ڪيتريون ئي اهم نالي واريون ۽ باذوق شخصيتون سندس آرٽ گئلريءَ جهڙي گھر ۾ مھمان بڻيون. حُر جماعت سان تعلق رکندڙ بهاري خان وساڻ جو ھيءُ پُٽ ان دؤر ۾ به ڪراچي يونيورسٽي ۾ فلسفو وڃي پڙھيو، جڏھن اڃا ڪيترن ئي معتبر بڻيل ڏات ڌڻين کي ان وقت فلسفي لفظ جي معنيٰ ۽ مطلب جي به خبر نه ھئي! خبر ته خير گھڻن کي ڊارون جي نظرئي ۽ ماحوليات جي به گھڻو پوءِ پئي، جن موضوعن تي حسن وساڻ تمام گھڻو اڳ ڳالھائيندو ھو ۽ ان بابت ماڻهن کي ٻڌائيندو ھو.

عبدالله مراد

شهيد عبدالله مراد بلوچ

ابو توحيد سيال



سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ جنم وٺندڙ شهيد عبدالله مراد بلوچ پنهنجي قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شخصيت کان متاثر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويجهن ساٿين ۾ شمار ٿيندڙ اڳواڻ هو. ۱۴ ڊسمبر ۱۹۵۹ع ۾ حاجي مراد ڪلمتي بلوچ جي گهر ۾ جنم ورتو. شهيد عبدالله مراد ڪلمتي بلوچ هو شهيد عبدالله مراد اهو سرگرم سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن هو جنهن ان وقت ڪراچي ۾ اک کولي جنهن دور ۾ شهيد عبدالله مراد دور ۾ سياست يرغمال بڻيل هئي هي معصوم ٻار ڪراچي ۾ وڏو ٿيو ۽ پنهنجو سياسي رشتو ناتو ۽ سرگرميون شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نظرئي سان رکيو ۽ پنهنجي پاڻ کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي نظرئي سان سلهاڙي ڇڏيو، شهيد عبدالله مراد جنهن دور ۾ جنم ورتو اهو دور سياسي طور تي بي رحم دور هو. هو جڏهن سياسي ميدان ۾ هو ته ان وقت ڪراچي ۾ لساني فساد هئا پر هي مرد مجاهد ماڻهو بي خوف ٿي جدوجهد ڪري رهيو هو.

لساني جهيڙن دوران شهيد عبدالله مراد ڪراچي کي پر امن بڻائڻ ۽ عوام جي جان مال جو تحفظ ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو. ان وقت هن غريب مسڪين ماروئڙن جي جيڪا واهر ڪئي اها اڄ ڏينهن تائين ياد ڪئي پئي وڃي. عبدالله مراد بلوچ کي “شير ملير” جو لقب سان سڏيو ويو ۽ اهو لقب ملير جي عوام ۽ پيپلز پارٽي پاران کيس ڏنو ويو هو، عبدالله مراد عوام جي ڏکن دردن، سورن لاءِ هن شاگردي دور کان ويندي سنڌ اسيمبلي اندر به ملير جي عوام لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو، اسيمبلي جي فلور تي عوام جي حقن لاءِ خاص طور تي ملير جي دانهن بڻجي هن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. عبدالله مراد ملير جو ماڻهو هو پر هو سنڌ جو آواز بڻجي اڀريو هو. اهوآواز جنهن هزارين دلين تي راڄ ڪيو.

شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي بصيرت کان متاثر شهيد عبدالله مراد ننڍپڻ کان ئي پنهنجي خاندان جو دل گهريو ٻار هو، هن جون خوبصورت اکيون ۽ قد ڪاٺ رکندڙ عبدالله مراد جنهن جي ڇاتي ۾شينهن جيڏي بهادري واري دل هئي ان موت سان اکيون اکين ۾ ملائي ڪراچي ۾ سياست جي شروعات ڪئي، ڪو زمانو اهڙو به هو جڏهن لساني فسادن وقت عام ماڻهو ڪراچي ۾ پنهنجي مرضيءَ جي سياست نه ڪري سگهندا هئا، ان دور ۾ عبدالله مراد پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان پنهنجي ساٿي دوست عمر جت، راجا رزاق بلوچ ۽ ٻين سان گڏجي سياست ڪئي. اها سياست جيڪا نج عوام لاءِ هئي.

پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان سياست ڪرڻ ڪراچي جي تعليمي ادارن توڙي شهر ۾ سياست ڪرڻ ۾ وڏيون رڪاوٽون پيش اچي رهيون هيون. عبدالله مراد انهن سڀني رڪاوٽن جي باوجود ملير جي ماروئڙن جي اهم مسئلي زراعت جي بچاءَ، پاڻي جي کوٽ، تعليم توڙي صحت ۽ بيروزگاري ختم ڪرڻ سميت ٻيون ترقياتي سهولتون ڏيارڻ لاءِ عملي طور تي اپاءَ ورتا. اسڪول ۽ اسپتالون کولرائڻ، ٻهراڙين ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ بيواھ عورتن جي مدد ڪرڻ، پوليس، وڏيرن، دهشتگردن ۽ ٻين بااثرن جي ستايلن جي جهڙي طرح مدد عبدالله مراد ڪئي اهڙي مدد شايد ئي ان دور ۾ ڪو ڪري سگهيو هجي.

چونڊيل نمائندن ۾ هيل تائين عبدالله مراد جهڙي عملي خدمت ملير ۾ ڪنهن به ايم پي اي، ايم اين اي ناهي ڪئي. شهيد عبدالله مراد پيپلز پارٽي کي ڪراچي ۾ مضبوط ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ڪراچي جي گهٽي گهٽي ۾ ۽ خاص طور تي ملير جي گهر گهر جهڙي طريقي سان ملير ۾ پيپلز پارٽي کي مضبوط ڪيو ۽ پوءِ ملير کي عبدالله مراد جي محنت سان ئي تمام وڏي پذيرائي ملي، شهيد عبدالله مراد پنهنجن ساٿين سان گڏ ملير سميت سڄي ڪراچي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پيپلز پارٽي کي مضبوط ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو. شهيد عبدالله مراد جي شخصيت جا هونئن ته کوڙ سارا پسا ۽ رخ آهن، هن وقت ان جي ياد هر ڪنهن کي شدت سان ٿي رهي آهي شهيد عبدالله مراد جي شهادت کانپوءِ ملير سميت سڄي ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي کي آزاد سياست ڪرڻ جو موقعو مليو. شهيد عبدالله مراد جي قتل پويان ڪهڙا مقصد هئا ان جي جاچ اڄ ڏينهن تائين سامهون نه اچي سگهي آهي. پر هي قتل نجو سياسي هو بي رحم قاتلن بي گناھ کيس گهر اڳيان قتل ڪيو

ملير جي سياست جو اهم ڪردار شهيد عبدالله مراد جو پڳدار پٽ سلمان عبدالله مراد ۽ نعمان مراد پنهنجي والد جي ڪيل جدوجهد محنت ۽ قرباني جو ئي ميوو کائي رهيا آهن. شهيد عبدالله مراد جي شهادت کانپوءِ ئي سندس اولاد مان هي نوجوان پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان سياست ڪري رهيا آهن. پٽن جي جيڪا عوام ۾ عزت ۽ اهميت آهي اها سندن شهيد بابا جي ڪري به آهي. سلمان مراد بلوچ ضلعي ڪائونسل ڪراچي جو چيئرمين ٿيڻ کانپوءِ هاڻي ڪاميابي طرف وڌي رهيو آهي

شهيد عبدالله مراد کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته هن ملير جي اهم مسئلي ريتي بجري جي چوري خلاف سنڌ اسمبلي جي فلور تي هڪ بهادراڻي طريقي سان ڪيس رکي ريتي بجري جي چوري روڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو ڇو ته ريتي بجري جي چوري سان ملير جون زمينون تباھ ٿي رهيون هيون ۽ ملير ۾ تاريخي آثار، زراعت متاثر ۽ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. عوامي مسئلن کي اوليت ڏيندڙ ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويجهو رهندڙ عبدالله مراد محترمه جي ور آصف علي زرداري جي گرفتاري تي پڻ وڏو احتجاج ڪيو، هن آصف زرداري رهائي ڪاميٽي ٺاهي پوري ملڪ ۾ احتجاج ڪيا.


 

عبدالله مراد

شھيدِ ملير جي ياد

راھب ڳاھو

شھيد قومن جي حيات ۽ وطن لاءِ تاريخ جوڙين ٿا. شھيدن جي قربانين وڏا وڏا انقلاب ايندا آهن. ان سان گڏوگڏ تبديلي ۽ قومن کي ثمر مليو آهي، ھونئن ته سنڌ جي تاريخ اھڙن انيڪ ڪردارن سان ڀريل آهي. ملير جنهن کي سونهن ۽ ساوڪ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ملير ھونئن ته تاريخ جي ورقن ۾ انتھائي اھميت ماڻي آهي. ھتي جا ماڳ مڪان ھجن يا تاريخي ورثه، نديون، آبي ذخيرا وڏي اھميت رکن ٿا. ملير جي تاريخ گواھ آهي ته ڌرتيءَ جي ويڙ ھجي يا جمھوريت جي ھلچل واري تحريڪ، تنھن ۾ ملير جي سپوتن جون قربانيون ٻين کان گھٽ نه آهن. اڄ اھڙي شخصيت جنھن جي شھادت جو ڏينھن آهي، جنھن کي شھيدِ ملير عبدالله مراد بلوچ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. شھيد عبدالله مراد بلوچ ملير جي چيڪي مٽيءَ، صديق ڳوٺ ۾ حاجي مراد علي ڪلمتي بلوچ جي گهر ۾ ۱۹۵۹ع ۾ جنم ورتو. شھيد عبدالله مراد بلوچ ملير جو ھڪ اھڙو لاثاني ڪردار آهي، جنھن فوھ جوانيءَ ۾ شھادت ماڻي، پر مختصر سياسي زندگيءَ ۾ ھڪ الڳ وڏو نالو ڪڍيو.

شھيد عبدالله مراد بلوچ ڪراچيءَ جي اردو ڪاليج مان ايل ايل بي ڪرڻ کانپوءِ عملي طرح سان ملير سميت سڄي سنڌ جي ماڻھن جي خدمت لاءِ ميدانِ عمل تي لٿو. ڪراچيءَ جي قديم سنڌي بلوچ وسندين توڙي ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ رھندڙ ماڻھن جي حقن لاءِ تمام وڏيون ڪوششون ورتيون ۽ ملير واسين کي ان جو ئي ثمر مليو. شھيدِ ملير عبدالله مراد ڪراچيءَ جي حقيقي قديم سنڌي بلوچ وسندين تي ڌارين جي حملن خلاف سخت مزاحمت ڪئي. ملير اندر ڪاري سائي توڙي ٻين بيمارين خلاف علاج توڙي ويڪسينيشن ڪيمپون لڳايون، سندس ڪردار سماجي جاڳرتا سان سلھاڙيل رھيو. هُن خاص طور تي ملير جي نوجوانن کي سماجي براين کان پاسيرو رکڻ لاءِ صحتمند سرگرمين ڏانھن ڇڪيو. ملير اندر راندين جا نوان ميدان ٺھرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. جڏهن وقت سر سبز ملير کي ريتي بجري مافيا تباھ ڪرڻ لڳي، تڏهن هُن اھڙي عمل خلاف سخت مزاحمت ڪئي، جنھن سان مافيائن کي تڏا ويڙھ ڪرڻي پئي ۽ ملير وڏي تباھيءَ کان بچي ويو. شھيد عبدالله مراد بلوچ ۲۰۰۲ع واري عام چونڊن ۾ ملير جي صوبائي تڪ پي ايس ۱۲۷ تان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي. ھي تڪ لساني گروهن جي قبضي ھيٺ ھو. ٻيو هُن سامونڊي پٽي تي قائم ماھيگيرن جي وسندين کان ڪراچيءَ جي ٿرموئيدان ۽ ڪنڊ جھنگ جي ڏتڙيل عوام جي حقن لاءِ جنگ وڙھي، انھن کي پنھنجا بنيادي حق ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

شھيدِ جمھوريت محترمه بينظير ڀٽو ۽ پارٽي قيادت جو مٿس ڀرپور اعتماد ھو. سندس مقبوليت ۽ ملير دشمن قوتن سان مھاڏو اٽڪائڻ تي شھيد عبدالله مراد جي شخصيت انھن جي اک ۾ ڪنڊو ھئي. ملير جي ھن مردِ مجاھد کي ۶ مارچ ۲۰۰۴ع تي ڇنڇر ڏينهن صبح جو پنهنجي گهر کان ٿوري ئي فاصلي تي ملير ۱۵ لڳ ريلوي ڦاٽڪ تي پنهنجي جانثار ساٿي حنيف حمل بلوچ سان گڏ رستي ۾ گوليون ھڻي شھيد ڪيو ويو. سندس موت کي ملير جي تاريخ جو وڏو الميو قرار ڏنو ويو. هُن شھادت کان ڪجھ ڏينهن اڳ مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ ٻن شھيد نياڻين جي تڏي تي لساني تنظيمن جي اڳواڻن کي ٽيليفون خطاب ڪرڻ نه ڏنو هو. هُن جي شخصيت تاريخ جي ورقن ۾ اڄ به زندھ آهي. سندس ڇڏيل مشن کي پوري ڪرڻ لاءِ سندس فرزند پ پ پ ملير جو صدر سلمان عبدالله مراد، نعمان عبدالله مراد ۽ ارسلان عبدالله مراد ميدانِ عمل ۾ آهن. اڄ هُن جي شھادت واري ڏينهن کي نه صرف ملير عقيدت سان ملھائي رھيو آھي پر پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جمھوريت پسند قوتون به ساڻن ان موقع تي گڏ بيٺل آهن. شھيد عبدالله مراد بلوچ جھڙيون شخصتيون اڄ به تاريخ جي آئيني ۾ زندھ آهن ۽ سندن ڪردار ھميشه زندھ رھندو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۶ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شهيد عبدالله مراد بلوچ

(سياسي جدوجهد)

ممتاز شيخ

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ جنم وٺندڙ شهيد عبدالله مراد بلوچ پنهنجي قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شخصيت کان متاثر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويجهن ساٿين ۾ شمار ٿيندڙ ۱۴ ڊسمبر ۱۹۵۹ع ۾ ملير ۾ حاجي مراد ڪلمتي بلوچ جي گهر ۾ جنم ورتو. شهيد عبدالله مراد اهو سرگرم سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن هو جنهن ان وقت  ڪراچي ۾ اک کولي جنهن دور ۾ سياست يرغمال بڻيل هئي هي معصوم ٻار ڪراچي ۾ وڏو ٿيو ۽ پنهنجو سياسي رشتو ناتو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نظرئي سان جوڙيو، عبدالله مراد شهيد جڏهن سياسي ميدان ۾ هو ته ان وقت ڪراچي ۾ لساني فسادات هئا پر هي مرد مجاهد ماڻهو بي خوف ٿي جدوجهد ڪري رهيو هو ۽ عوام سان گڏ رهيو، ڪراچي ۾ لساني جهيڙن دوران شهيد عبدالله مراد ڪراچي کي پر امن بڻائڻ ۽ عوام جي جان مال جو تحفظ ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو. ان وقت هن غريب مسڪين ماروئڙن جي جيڪا واهر ڪئي اها اڄ ڏينهن تائين ياد ڪئي پئي وڃي.

عبدالله مراد بلوچ کي شير ملير جو لقب سان سڏيو ويو ۽ اهو لقب ملير جي عوام ۽ پيپلز پارٽي پاران کيس ڏنو ويو هو، عوام جي ڏکن دردن، سورن لاءِ هن شاگردي دور کان ويندي سنڌ اسيمبلي تائين  وڏو ڪردار ادا ڪيو، اسيمبلي جي فلور تي عوام جي حقن لاءِ خاص طور تي ملير جي دانهن بڻجي هن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. عبدالله مراد ملير جو ماڻهو هو پر هو سنڌ جو آواز بڻجي اڀريو هو. اهوآواز جنهن هزارين دلين تي راڄ ڪيو.اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي ۾ اڄ به هن جي گونج آهي .

شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي بصيرت کان متاثر شهيد عبدالله مراد ننڍپڻ کان ئي پنهنجي خاندان جو دل گهريو ٻار هو، هن جون خوبصورت اکيون ۽ قد ڪاٺ جنهن جي ڇاتي ۾شينهن جيڏي بهادري واري دل هئي، ان موت سان اکيون اکين ۾ ملائي ڪراچي ۾ سياست جي شروعات ڪئي، ڪو زمانو اهڙو به هو جڏهن لساني فسادن وقت عام ماڻهو ڪراچي ۾ پنهنجي مرضيءَ جي سياست نه ڪري سگهندا هئا، ان دور ۾ عبدالله مراد پيپلز پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان پنهنجي ساٿي دوست  عمر جت ، راجا رزاق بلوچ ۽ ٻين سان گڏجي سياست ڪئي. اها سياست جيڪا نج عوام لاءِ هئي ان وقت لساني فسادن سبب پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان سياست ڪرڻ ۾ ڪراچي جي تعليمي ادارن توڙي شهر ۾ وڏيون رڪاوٽون پيش اچي رهيون هيون

عبدالله مراد انهن سڀني رڪاوٽن جي باوجود ملير جي ماروئڙن جي اهم مسئلي زراعت جي بچاءَ، پاڻي جي کوٽ، تعليم توڙي صحت ۽ بيروزگاري ختم ڪرڻ سميت ٻيون ترقياتي سهولتون ڏيارڻ لاءِ عملي طور تي اپاءَ ورتا. اسڪول ۽ اسپتالون کولرائڻ، ٻهراڙين ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ بيواهه عورتن جي مدد ڪرڻ، پوليس، وڏيرن، دهشتگردن ۽ ٻين بااثرن جي ستايلن جي جهڙي طرح مدد عبدالله مراد ڪئي اهڙي مدد شايد ئي ان دور ۾ ڪو ڪري سگهيو، شهيد عبدالله مراد پيپلز پارٽيءَ کي ڪراچي ۾ مضبوط ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ڪراچي جي گهٽي گهٽي ۾ ۽ خاص طور تي ملير جي گهر گهر جهڙي طريقي سان پيپلز پارٽيءَ کي مضبوط ڪيو اهڙي طرح ملير کي عبدالله مراد جي محنت سان ئي تمام وڏي پذيرائي ملي،

شهيد عبدالله مراد جي شهادت کانپوءِ ملير سميت سڄي ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي کي آزاد سياست ڪرڻ جو موقعو مليو. شهيد عبدالله مراد جي قتل پويان ڪهڙا مقصد هئا ان جي جاچ اڄ ڏينهن تائين سامهون نه اچي سگهي آهي. پر هي قتل نجو سياسي هو بي رحم قاتلن بي گناھ کيس گهر اڳيان قتل ڪيو سندس چئن پٽن سلمان عبدالله مراد،نعمان عبدالله مراد،ارسلان عبدالله مراد ۽ ڪامران عبدالله مراد سميت 2 نياڻيون پڻ آهن. عبدالله مراد جي پير تي پير رکي سندس پڳدار پٽ سلمان عبدالله مراد اڄ ڪراچي ضلع ڪائونسل جو چيئرمين آهي، سلمان عبدالله مراد هڪ ڀيرو ۲۰۰۸ع واري سنڌ سرڪار جي دور ۾ وڏي وزير جو صلاحڪار پڻ رهي چڪو آهي شهيد عبدالله مراد جي شهادت کانپوءِ ئي سندس اولاد مان هي نوجوان پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان سياست ڪري رهيا آهن. سندس پٽن جي جيڪا عوام ۾ عزت ۽ اهميت آهي اها سندن شهيد بابا جي ڪري به آهي. سلمان مراد بلوچ ضلع ڪائونسل ڪراچي جو چيئرمين ٿيڻ کانپوءِ هاڻي ڪاميابي طرف وڌي رهيو آهي، جهڙي طرع سلمان عبدالله مراد چئن سالن کان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو انتظام سنڀاليو آهي اهو ساراھ جوڳو آهي

شهيد عبدالله مراد کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته هن ملير جي اهم مسئلي ريتي بجري جي چوري خلاف سنڌ اسيمبلي جي فلور تي هڪ بهادراڻي طريقي سان ڪيس رکي ريتي بجري جي چوري روڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو ڇو ته ريتي بجري جي چوري سان ملير جون زمينون تباهه ٿي رهيون هيون ۽ ملير ۾ تاريخي آثار ۽ زراعت هجڻ سبب پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. عوامي مسئلن کي ترجيح ڏيندڙ ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويجهو رهندڙ عبدالله مراد محترمه جي ور آصف علي زرداري جي گرفتاري تي پڻ وڏو احتجاج ڪيو، هن آصف زرداري رهائي ڪاميٽي ٺاهي پوري ملڪ ۾ احتجاج ڪيا، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد عبدالله مراد ۽ ٻين ملير واسين جي جدوجهد کي نظر ۾ رکندي ۽ ملير جي عوام جي پراڻي مطالبي تي پهريون ڀيرو ملير کي ضلعي جو درجو ڏنو ۽ ان کان پوءِ ئي عدالتن سميت سمورن ادارن جون ملير ۾ آفيسون قائم ٿيون.

شهيد عبدالله مراد جنهن ملير ۾ پيپلز پارٽي جو بنياد مضبوط ڪيو ۽ سياسي سفر ۾ جيڪا جدوجهد ڪئي اڄ به انهيءَ کي ملير جا ماڻهو وساري ناهن سگهيا. کيس ۶  مارچ ۲۰۰۴ع ۾ دهشتگردن صبح جي پهر ۾ گهر کان نڪرندي ئي گهر اڳيان فائرنگ ڪري سندس هڪ ڊرائيور حنيف حمل سميت شهيد ڪري ڇڏيو. شهيد عبدالله مراد جو وڇوڙو جتي سندس پيءَ حاجي مراد بلوچ، امڙ ۽ سندس پٽن، ڌيئرن، ڀينرن، ونيءَ توڙي ٻين گهر جي ڀاتين لاءِ هڪ پهاڙ جيڏو بار ۽ گهاءُ هو، ان گهاءَ جو ايذاءُ سندس دوستن کي به محسوس ٿيو، سندس وڇوڙي جتي گهر ڀاتين جو هيانءُ ڏاري وڌو ۽ جيءُ جهوري وڌو اتي سندس دوستن ساٿين جا به هيانءَ ڏري پيا ۽ جيءَ جهري پيا.

اڄ ڏينهن تائين عبدالله مراد جي گهر ڀاتين، دوستن، سنگتين ساٿين کان هو هڪ پل لاءِ به نه وسري سگهيو آهي.کيس سياسي مخالفت جي ڏوهه ۾ ئي شهيد ڪيو ويو ۽ انهن قاتلن جا ان وقت هٿ ته ضرور ڏڪيا هوندا ۽ انهن قاتلن جهٽ کن ته اهو ضرور سوچيو هوندو ته اڄ جنهن انسان کي هو قتل ڪن پيا، اهو انسان ته هڪ شفيق پيءُ، دوست، ڀاءُ ۽ هڪ بهترين سياسي ليڊر آهي جنهن جون پاڙون عوام ۾ کتل آهن.

ايترا سال گذري وڃڻ باوجود به جتي ۶ مارچ تي سندس ورسي جي موقعي تي پارٽي جلسا ڪرائي کيس ياد ڪري ٿي اتي سندس جي گهر جا ڀاتي ۽ ذاتي دوست پڻ کيس ياد ڪن ٿا. ۶ مارچ تي پيپلز پارٽي پاران ملير ۾ جلسو رکيو ويو آهي شهيد عبدالله مراد بلوچ هڪ ڊگهي تاريخ رکندڙ اڳواڻ هو جيڪو ڪراچي جي پي ايس ۱۲۷ ايم ڪيو ايم جي ڳڙهه واري علائقي مان چونڊجي آيو. شهيد غريبن، لاچارن، مسڪينن لاءِ پڻ مسيحا هو، اسان ته شهيد کي هڪ پل به وساري نه ٿا سگهون، اسان پنهنجي ڏاڏا سائين، حاجي مراد بلوچ، پنهنجي امڙ ۽ ڏاڏيءَ جي اکين ۾ ۽ انهن جي هنج ۾ ويهي شهيد جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ انهن کان پيار حاصل ڪندا آهيون.

اسان کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ هر سال ۶ مارچ تي ملير ۾ جلسو ڪندا آهيون، ۶ مارچ نه رڳو شهيد جا ذاتي ۽ پارٽي جا دوست مٽ مائٽ پر ملير جو عوام به سندس ياد ۾ گڏ ٿيندو آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾۶ مارچ ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)

اين ڊي جتوئي

اين ڊي جتوئي

(سندس وڇوڙي تي)

اعجاز ممنائي



موت مهڻو ناهي، خالق جي تخليق ۾ موت اها حقيقت آھي، جنهن جو ڪو به مذهب يا ڪوبه شخص انڪار نٿو ڪري سگهي، هر ڪوئي اهو ئي چوي ٿو ته جيڪا شيءِ ٺهي آھي، ان کي هر حال ۾ فنا ٿيڻو يا ڊھڻو آھي پر ان فنا کي بقا ڏيڻ لاءِ مالڪ ڪردار جي تخليق ڪئي آھي، جنهن لاءِ انسان هن دنيا ۾ جاکوڙ ڪري ٿو ۽ پنهنجا اڻ مٽ نقش چٽي پاڻ کي صديون ياد ڪرائي ٿو، لطيف سرڪار جي بقول ته:

مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات،

هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا.

ظفر سنڌي

ظفر سنڌي

هڪ ليکڪ جي پُراسرار زندگي ۽ پڄاڻي

جان خاصخيلي



سماجي ميڊيا تي سندس گذاري وڃڻ جو مختصر پيغام ڇڏيو ويو. هڪ صحافي دوست هن جي وڇوڙي تي پنهنجي ردعمل ۾ لکيو ”ظفر لساني ۽ مذهبي نفرتن کان آزاد هڪڙو يگانو شخص هو. منهنجي هن سان ڪڏهن به ملاقات نه ٿي پر گذريل هڪ ڏهائيءَ کان فيسبوڪ انباڪس تي ساڻس لکت ۾ ڳالھ ٻولھ ٿيندي رهي. هن پنهنجو خانگي اسڪول کوليو، ڪتابن جا ترجما ڪيا، ڪهاڻيو لکيون، ويڊيوز بنايون ۽ ويبسائيٽس جا ڊومينس وڪرو ڪيا پر کيس ڪجھ پلئه نه پيو، ظفر هن سماج توڙي پنهنجي گهر ۾ بلڪل انفٽ هو، هن افسوس جو اظهار ڪندي لکيو ته ڪاش زندگي ۾ تو سان ملي سگهجي ها“.

27 June, 2022

اياز رضوي

اياز رضوي

ڀارُومَل اَمراڻِي سُوٽهڙ



اڄ منهنجي دلبر دوست ۽ سنڌي ٻولي جي سگهاري شاعر اياز رضوي جو جنم ڏينهن آهي کيس جنم ڏينهن جون وڌايون ڏيندي دلي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. زماني جي زنجيرن ۾ الجهيل هجڻ جي ڪري روشن آباد پهچي ڪيڪ ڪٽڻ جي رسم ۾ شريڪ نٿو ٿي سگهان. من جي محبتن جي سوکڙي طور شاعري جو اڀياس هتي رکان ٿو

جاويد احمد شيخ

جاويد احمد شيخ

املھ انسان - سلسلو ۱۸۴

حفيظ چانڊيو



اياز چيو ته:

هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو،

ڪجھ ڏات ڏسو پوءِ بات ڪيو، هي شور اجايو آ پيارا.

اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اتي منفرد ۽ صحتمند سوچ رکندڙ ماڻهن سان ساڙ ۽ حسد رکندڙن جو ڳاڻيٽو مڙوئي ڪجھ سرس رهيو آهي. جاويد احمد شيخ، به اهڙن املھ انسانن منجهاران آهي، جنهن جي زندگيءَ ۾ ان قسم جي ساڙيلن ۽ حاسد ماڻهن جو تعداد حد کان وڌيڪ رهيو آهي. هو اندر جو اجرو انسان آهي. لطيف سائينءَ جي سٽ

”سنها ڀانءِ مَ سَپَ، وياءَ واسينگن جا،

جنين سندي جھڙپ، هاٿي هنڌان ئي نه چري.“

ممتاز مھر

ممتاز مهر

پنهنجي عهد جو استعارو

نصير سومرو



”لوڪ ادب“ وانگر ”لوڪ ڌرم“ جو اصطلاح پڻ استعمال ٿيندو آيو آهي. لوڪ ڌرم جو مشهور اصطلاح پيگونزم آهي. دنيا جا وڏا ڌرم اڃا وجود ۾ نه آيا هئا ته لوڪ ڌرم جي رواجن جو سڪو چالو هو. پيگون،  جيڪي ڪنهن معلوم مافوق الفطرت قوت کي نه مڃيندڙ هئا،  بت پرست ليکبا هئا،  ڄم،  وهانءَ ۽ تدفين جون رسمون ديومالائي (آسماني/ فلڪياتي) داستانن جي تابع هيون. ڏينهن مهينن ۽ خاص تهوارن جا نالا ماروائي معاملات سان منسوب هئا. وچين دور ۾ مذهبن يعني تهذيب جي نالي ۾ انقلاب آيا. نوان نوان اصول ۽ فلسفا جنم وٺندا ويا. تهذيبون پاڻ ۾ ٽڪرائڻ جي سبب ننڍيون/ وڏيون جنگيون لڳيون ۽ ان طرح سان ڇڪتاڻ ۽ متضاد عقيدن،  فلسفن ۽ مفادن جي آمهون سامهون اچڻ سان چٽا ڀيٽي جي شروعات ٿي. بدلجندڙ حالتن ۾ جن قومن پنهنجو پاڻ کي سلهاڙيو آهي اُنهن اڳواڻي ۽ راڄ ڌاني جي حيثيت ۾ پٺتي رهجي ويل لوڪن مٿان پنهنجي برتري قائم ڪري ورتي. موهن جي دڙي جي ريتن رسمن ۽ ٻوليءَ کي فلسفه حيات طور برقرار رکندڙ ٿري ڀيل اوڏ ۽ ڪولهي وغيره اڄ به ترقي يافته رهڻي ڪهڻي اختيار ڪرڻ بدران پاڻ کي روايت سان جوڙي رکيو آهي.

لاکو مينگهواڙ پيري

لاکو مينگهواڙ پيري

ڀارومل امراڻي



لاکي جون ست پيڙهيون پاڳي رهيون آهن، تن ۾ لاکي جو چاچو انچلو ۽ ڏاڏو تامل گهڻا مشهور رهيا آهن. لاکي ننڍپڻ ۾ مال پويان هلندي خاص طور اوٺيون چاريندي پير اوهاڙڻ شروع ڪيا.

سَنڀُو مل هميراڻِي

سَنڀُو مل هميراڻِي

جنهن ڪڏهن سمهي سک نه ماڻيو

ڀارومل امراڻي سوٽهڙ



ٿر جي ڌرتي تي اڃا سِجُ ٽامِڻي هَڻِي رهيو هو، اڃا ڪَتِي جي ڪاڙهن سان هر گس ۽ گهيڙ تي رِڻَ جهڙِي ريت ڇانيل هُئي. اڃان انسانيت جي عظمت جو جهنڊو بلند ڪري هلندڙ قافلو پنهنجي منزل تي پهتو ئي نه هو ته هي ڇا ٿيو....!! ڇپر ۽ ڇانوري جهڙو شخص، قافلي جو روحُ روان، موت جدا ڪري ڇڏيو. هن جي جدا ٿيڻ سان حياتي جي حوصلي جا ڦُول وِکرِي ويا. روشنيءَ جو باب اڌ ۾ رُڪجي ويو.

محمد سانوڻ

محمد سانوڻ

مثالي استاد ۽ سگھڙ

ڀارومل امراڻي



ڍاٽ جي دڙن تي ڳوٺ “حاجي توڳي جو تڙ” آباد ڪندڙ مورا نک جا نهڙي، راڄ ڀاڳ ۾ ڀلا ڀنور ٿي رهيا آهن. تن ۾ لولواڻي ڪڙم جي پوري ٿر ۾ نامياچاري رهي آهي. لولواڻي ڪڙم ۾ لال صديق نهڙي جي گھر ۾ جنم وٺندڙ سائين محمد سانوڻ مثالي، استاد، سگھڙ سياڻو، راڄ جي رکوالي ۾ رواداري جي ريت جو راڻو هو. جنهن کي ساري اڄ به راڄن جون اکيون اشڪبار ٿي پونديون آهن. دل جي چپن تي ڀٽائي جو بيت تري ايندو آهي ته؛

مٿي ٿر رهي، ويا گذاري ڏينهڙا

وٽان تن نه آئيو، ڪو پنهوارن پيهي،

ويا سي وهي، جنب گذاريم جن سين.