اصغر سيتائي
سيبتي ۽ سڄاڻ شاعر جو وڇوڙو
محبوب سنڌي
دردجو آسمان ڪارو ٿيندو
آهي پر درد جون اکيون سدائين پنھنجي وجود۾ شفق نما واري لال سرخيءَ کي ظاهر ڪنديون
آهن، درد جو آواز ڏيل کي ڏڪائي ھانءُ کي ڦاڙي وجهندو آهي، درد جي دوا (آٿت) آهي، پر
الميو اهو آهي ته ادبي دنيا۾ آٿت ڏيڻ وارا گھٽ درد ۽ عذاب ڏيڻ وارا وڌيڪ آھن سو
اصغر سيتائي جو وڇوڙو به ھڪ اھڙي دکدائڪ ڪھاڻي کي جنم ڏيندي نظر اچي ٿو.
اصغر سيتائي ھڪ
شاعر جي حيثيت سان ڪوٽڙي شھر مان نڪري سنڌ جي سڃاڻپ بڻجي سنڌي ادب جي وڏي وسيع
ميدان ۾ نمايان بيٺل ضرور نظر اچي ٿو پر جڏهن بيماريءَ جي بستري تي ڪري لاچار بڻيو
ته ھن تخليقڪار جو ڪو به واھرو نه بڻجي سگهيو، شايد جي (سنڌي ادبي سنگت) ھڪ ھجي ھا
ته جنھن علالت ۾ اصغر سيتائي بي يارو مددگار ٿي ھن ڏيھ کي ڇڏيو آهي ايئن ڪونه ٿئي
ھا ۽ ثقافت کاتو به اصغر سيتائي جي علاج لاءِ ڪن لاٽار ڪندي نظر نه اچي ھا، اھا
سنگت جي ڪمزوري چئبي جو اسان جي دانھن ڪوڪن جي باوجود به ثقافت کاتي اصغر سيتائي
جي علاج لاءِ ڪوبه تحرڪ نه ورتو.
اصغر سيتائي شاعري
کيتر جو ھڪ ٻھڳڻو شاعر ھو، جنھن وٽ ڏات سان گڏ ڏانءُ به ھو جنھن سان ھن شاعريءَ ۾
جدت پيدا ڪندي نوان تجربا به ڪيا ۽ علم عروض ۽ ڇند جي ڄاڻ ھئڻ ڪري ھن پنھنجي
شاعريءَ ۾ موسيقيت کي ڀريو جنهن جي ڪري فنڪارن ھن جي شاعريءَ کي سٺي انداز۾ ڳائي
پيش ڪيو جنھن سان پڻ اصغر سيتائي کي شھرت ۽ مان مرتبو مليو. سندس هڪ وائي کي نموني
طور هيٺ رکان ٿو.
ڪُڍي ٿي وائُري، هارياڻي
هٿن سان،
ايندي وڏيرو، ويو ٻارِ
ئي ٻُهاري، هارياڻي هٿن سان.
اصغر سيتائيءَ جي
شاعري رومانوي رمزن کان ويندي قومي شعور به ارپي ٿي، ھن جو فڪر لاڀائتو ۽ مقصد سان
لبريز آهي جيڪو سدائين حيات رھڻو آھي، سنڌ جي هڪ سورهيه جي مانُ ۾ سندس تخليقيت
سان ڀرپور غزل جا هيءَ بند ساکي بنائي هيٺ رکان ٿو.
هوءَ گمنام ٿيڻ نه ٿي
چاهي،
ڇو ته بي نام ٿيڻ
نه ٿي چاهي.
ڀيڻ غيور ڀاءُ
سورهيه جي،
سام ڇا سام ٿيڻ نه ٿي
چاهي.
اصغر سيتائي جي
شاعريءَ جا آيل چار ڪتاب اھو ثابت ڪن ٿا ته ھن شاعريءَ جي ھر صنف تي ڀرپور نموني
لکيو آهي ۽ پنھنجي استاد پيرل پرديسي سيتائي جي نالي کي زندھ رکيو آهي. هن جو هيءُ
هيٺ ڏنل چوسٽو سندس سنڌ سان عشق کي چٽو ظاهر ڪيو بيٺو آهي.
هڪ سنڌ ٻي سونهن ٽيون
يار سلامت.
چوٿين هجي چاهت، پنجون
پيار سلامت،
جيڪو نه ڪري عشق، انهيءَ
لاءِ به دعا پر،
اصغر جو ڪري عشق سو
سئو بار سلامت.
اصغر سيتائي سنڌي
ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙيءَ جو به حصو رھيو ۽ ڪائونسلر توڙي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبر
طور عھدن تي رھي ڪري ادبي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو ۽ ساھ جي آخري تند ٽٽڻ تائين
سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل رهيو.
جيئن ته ننڍپڻ ۾
اصغر سيتائي شاعري جي شروعات ڪئي ۽ طرزن تي ڪيسٽن لاءِ ڪلام لکڻ شروع ڪيا ته ھن جي
ملاقات سيتا ۾ ھڪ ادبي اداري طور سڃاتو ويندڙ پيرل پرديسي سان ٿي جنهن ھن اڻ گھڙيل
ڪاٺ کي گھڙي ادبي دنيا ۾ اصغر سيتائي جي نالي سان سڃاڻپ ڏياري ۽ انھيءَ احسان کي
پاڻ مٿان محسوس ڪندي ھن (پيرل پرديسي سيتائي اڪيڊمي) جو بنياد وڌو ۽ پنھنجي استاد
جي شاعريءَ جو ڪتاب (عشق عجب سوغات) ڇپرائي پڌرو ڪيو، ھن جي اھڙي عمل ۾ سچائي ۽
ايمانداري شامل ھئي.
علمي ۽ ادبي خدمتن
عيوض اصغر سيتائي سان عوامي تحريڪ پاران ڪوٽڙي جي خدا جي وسندي جي علائقي ۾ رھاڻ ۽
سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي پاران به رھاڻ ملھائي کيس زندگيءَ ۾ ڀيٽا ڏني وئي پر جيڪو
اصغر سيتائي جو ادبي قد ڪاٺ ھو ان ليول جي مڃتا ھن کي زندگيءَ ۾ نه ملي سگهي، اصغر
سيتائي جي شاعري جو اگر ڇيد ڪبو ته ھيءُ ھڪ سگھارو پڪو ۽ پختو شاعر ٿي سامھون
ايندو جنھن جي ڳڻپ اڳين صفن ۾بيٺل شاعرن ۾ ڪري سگهجي ٿي.
اک ڇنڀ جي ھن زندگيءَ
۾ ڪنھن رولاڪ پکيءَ جيان ڪالھ ۵ جون ۲۰۲۲ع تي اصغر سيتائي ھڪ اھڙي ھنڌ ڏانھن پرواز ڪئي آهي جتان
ھيل تائين ڪنھن جي به واپسي نه ٿي آهي، ھا پر ھڪڙو وشواس من اندر ساھ کڻي ٿو ته
اصغر سيتائيءَ جو ڪيل قلمي پورهيو ڪڏھن به اسان کي ھن جي جدائيءَ جو احساس نه ڏياريندو،
انھيءَ ڪري اھو چئي سگھجي ٿو ته ڳوٺ عيسا سولنگي لڳ سيتا شھر جي مٽيءَ ۾ستل اسان
جو يار سيبتو شاعر اصغر سيتائي ادبي ڪينواس تي ھڪ روشن تاري جيان کڙيو آهي جنهن جي
چمڪ ھاڻ سدائين روشن رھڻي آهي.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۶ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا