ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو
هاري اڳواڻ، صحافي ۽ عالم
- ۱۵هين مئي ورسيءَ جي مناسبت سان ڀيٽا
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري
جو جنم ضلعي نوشهري فيروز جي شهر محراب پور لڳ ڳوٺ پير ونهيل ۾ ۱۳هين سيپٽمبر ۱۹۰۸ع تي ٿيو. سندس والد جو نالو محمد ڇٽل هو. والدين
جي انتقال ٿي وڃڻ سبب سندس پالنا چاچي فيض محمد ڪئي. مائٽ کيس ٻڪرين چارڻ لاءِ موڪليندا
هئا پر کيس ننڍ پڻ کان ئي پڙهڻ جو شوق هو انڪري سمجھ ڀريو ٿيو ته ٻڪريون جهنگ ۾
ڇڏي مائٽن کي ٻڌائڻ کانسواء ڳوٺ ڇڏي ريل ۾ چڙهي ڪراچي روانو ٿيو.
ڪراچئ ۾ کڏي پهتو جتي
مدرسي مظهرالعلوم ۾ داخلا ورتائين. اتي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پڙهائڻ به لڳو. الصادق
رسالي جو سب ايڊيٽر به رهيو. حڪيم فتح محمد سيوهاڻئ جي ڪراچئ مان نڪرندڙ هفتيوار اخبار
الاصلاح جو ۱۹۳۷ ۾ ايڊيٽر به ٿيو.
آزادئ جي تحريڪ ۾ به
حصو ورتائين. سندس رهبر مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا محمد صادق کڏي وارو هو.
مولاناعبيدالله
سنڌئ جي چوڻ تي سڀاش چندر بوس واري آزاد هند فوج ۾ شامل ٿيو. فوج مان رٽائر ٿيڻ
کانپوءِ مليل زمين اهو چئي هارين ۾ ورهائي ڇڏيائين ته زمين انهن جي آهي جيڪو ان کي
کيڙي ٿو.
هن هارين جي
حقن لاءِ تمام گهڻو جاکوڙيو. حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد سان گڏجي الاٽي تحريڪ
۾ ڀرپور حصو ورتائين.
هو ڪميونسٽ پارٽئ ۾
به شامل ٿيو، جنهن سبب ماڻهو کيس ڪامريڊ به چوندا هئا. هو اهو ڪامريڊ هو جيڪو
ماڻهن جي حقن لاءِ هميشه آواز اٿاريندو رهندو هو. ان سلسلي ۾ هن پنهنجي پوري ڪٽنب کي
شامل ڪيو، جيئن هن زماني ۾ احتجاج ڪرڻ ۽ احتجاج لاءِ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ سولو ناهي تيئن
پراڻي زماني ۾ وڌيڪ مشڪل ۽ دليرئ جو ڪم هوندو هئو. ڪنهن به ماڻهوء سان زيادتي
ٿيندي هئي يا ڪو اجتماعي مسئلو ٿيندو هو ته ڪامريڊ حق سچ چوڻ سان گڏ احتجاج به ڪندو
هو. پوءِ ان احتجاج ۾ ٻيا ماڻهو شريڪ ٿين يا نه ٿين پر هو پنهنجن نياڻين ۽ پٽن کي
ساڻ ڪري لازمي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو هو.
ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو
رڳو احتجاج ئي رڪارڊ نه ڪرائيندو هو پر پنهنجي هڙان وڙان سياسي ماڻهن جي مدد به ڪندو
هو. هن جو محرابپور شهر ۾ تمام وڏو ڪاروبار هو اهو به سياست تان گهوري ڇڏيائين. سندس
سچائ ۽ ايماندارئ جي ڪري مٽن مائٽن توڙي ٻين کيس ڪاروبار ۾ وڏا دوکا به ڏنا. تنهن
هوندي به مرڻ گهڙئ تائين سندس ارادا اٽل رهيا۽ ناحق خلاف آواز اٿاريندو رهيو. سندس
وفات ۱۵ هين مئي ۱۹۹۳ع تي سکر ۾ ٿي. کيس سکر جي نئين پنڊ واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.
سندس پٽن ۾ ٽريڊ
يونينسٽ ۽ مزدورن جا ڪيس وڙنهدڙ سپريم ڪورٽ جو وڪيل فيض گهانگهرو (سکر ۾ شيخ اياز
۽ رشيد ڀٽيءَ سان گڏ جيل ۾ به رهيو)، شفاعت گهانگهرو (سول سوسائٽي سکر جو سرگرم
رڪن)، قمر الزمان گهانگهرو (استاد ۽ سوين ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جو پيسٽر) ۽ اشفاق
احمد گهانگهرو(آءِ ٽي ماهر) ۽ نياڻين ۾ خورشيد پروين، زبيده گهانگهرو (شاگرد يونين
۽ پ ٽ الف جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ هاڻي هيومن رائيٽس پروٽيڪشن فورم سنڌ جي صدر)، ڪامريڊ
حميده گهانگهرو (شهيد نذير عباسيءَ جي وني، ٽريد يونينسٽ، ليکڪ، اڳوڻي شاگرد اڳواڻ
۽ هاڻي روزاني عوامي آواز جي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر)، مهرالنساءِ گهانگهرو (سکر جي بهترين
هاءِ اسڪول ٽيچر)، پروفيسر قمرالنساءَ گهانگهرو (ڪاليج ۾ باٽنيءَ جي استاد)، نورالنساءِ
گهانگهرو (آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي تنظيم سانا جي اڳوڻي مرڪزي جنرل سيڪريٽري)، ڊاڪٽر
عابده گهانگهرو (محقق، ڪهاڻيڪار، ۴ ڪتابن جي ليکڪ ۽ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي
جي استاد) شامل آهن.
سچ ته ڪامريڊ محمد
هاشم گهانگهرو هن ڌرتيءَ جو هيرو هو ۽ سندس اولاد به مثالي آهي. سنڌ ۾ اهڙا سچا
ڪردار تمام گهٽ ملندا، اسان ڪامريڊ کي سندس ورسيءَ تي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا.
ڪامريڊ محمد هاشم
گهانگهرو
جو کيڙي سو کائي جو عملي
ڪردار
عابده گهانگهرو
تاريخ ۾ اهڙا گهڻا
مثال ملندا جن ۾حاڪم پنهنجي طاقت کي مضبوط ڪرڻ خاطر ماڻهن کي انعام اڪرام، اعزاز، زمينون،
۽ جاگيرون ڏيندا هئا. اهي ماڻهور وري اهي مراعاتون وٺڻ کانپوءِ حاڪمن جي تعريفن ۾
سچا ڪوڙا قصيدا عوام کي ٻڌائيندا هئا. برصغير ۾ انگريز حڪمران ان سلسلي ۾ گهڻو اڳتي
هئا. هنن ڪيتريون ئي اهڙيون زمينون پنهنجي وفادار ماڻهن کي جاگير ڪري ڏنيون جن تي
اهي زمينون کيڙيندڙن ۽ صدين کان وٺي اتان جي رهاڪن جا حق هئا.
زمين خدا جي آهي جو
ان کي کيڙي ٿو اهو ئي ان جو مالڪ آهي. اهو نعرو فرانس انقلاب کان هڪ صدي اڳ سنڌ جي
هڪ وڏي اڪابر، صوفي شاه عنايت شهيد جهوڪ واري هنيو هو، اهو رڳو هڪ نعرو نه پر هڪ مڪمل
نظريو ۽ هارين جي حقن جو منشورآهي. ان نظريي تحت ئي هاري پنهنجي حقن جي حاصلات
لاءِ آواز اٿارن ٿا ۽ کين سندن حق ملن ٿا. ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو به ان نظريي
جو حامي هو.
ڪامريڊ محمد هاشم
گهانگهرو مولانا عبيد الله سنڌي جو شاگرد هو. سندس ئي چوڻ ۽ همٿائڻ تي هن آزاد هند
فوج ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. آزاد هند فوج يا انڊين نيشنل آرميءَ جو بنياد ۱۹۴۲ ۾ رش بهاري بوس ۽ موهن سنگھ وڌو. جنگي
قيدين پاران قائم ڪيل انگريزن خلاف اها آزاديءَ جي جنگ لاءِ وڙهندر آرمي فورس هئي.
جنهن کي بعد ۾ ڪانگريس کان باغي ٿيل سڀاش چندر بوس عروج تي پهچايو. سڀاش چندر بوس
جي ان نعري ته “توهان مونکي پنهنجا سِرَ ڏيو مان اوهان کي آزادي ڏيندم” جي جواب ۾
هند سنڌ جا ڪيترائي نوجوان آزاديءَ جي ان فوجي جنگ ۾ ساڻس شامل ٿيا هئا. جن ۾ محمد
هاشم گهانگهرو به هڪ هو. ۱۹۴۶ع ۾ بوس جي مرڻ جي خبر ڦهلجڻ تي آزاد هند فوج ٽٽي وئي ۽
فوجي آفيسرن ۽ سپاهين کي انڊين آرميءَ ۾ شامل ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته انهن ۾ وڏو انگ
انهن فوجين جو هو جيڪي اڳي ئي انڊين آرمي جا هئا پر مختلف ملڪن ۾ جنگي قيدي ٿي ويا
هئا انهن سميت نون ڀرتي ٿيلن لاءِ به ساڳي آڇ هئي. هاڻي ٻه رستا هئا. يا ته هو انڊين
آرميءَ جو حصو ٿي وڃن جيڪا انگريزن جي ڪنٽرول ۾ هئي يا وري هو انڊين آرمي ايڪٽ تحت
رٽائر ٿي وڃن. بابا انگريزن جي آرميءَ ۾ ڪم ڪرڻ بدران رٽائر ٿيڻ چونڊيو. ان رٽائرمينٽ
تحت کيس سنڌ ۾ زمينون جاگير طور ڏنيون ويون.
پنهنجي من پسند ماڻهن
۽ رٽائر فوجين کي زمينون، جاگيرون ڏيڻ جو سلسلو انگريزن جي دور ۾ اڳ ئي قائم هو. انگريزن
پاران زمينون ورهائڻ کسڻ واري عمل خلاف هند توڙي سنڌ ۾ انگريزن خلاف الاٽي تحريڪ
جاري هئي. جڏهن ته سنڌ ۾ اڳ کان ئي يعني ۱۹۳۸ع کان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي سرواڻيءَ ۾ سنڌ هاري
تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي ۽ بابا جيڪو پاڻ ان الاٽي تحريڪ جو حامي هو، سنڌ جي هڪ ڳوٺ
۾ زمين جي هڪ ننڍڙي ٽڪري جو مالڪ هو ۽ هارين سان ٿيندڙ حڪومتي زيادتين کان واقف هو.
تنهن جي ضمير اهو گواره نه ڪيو ته هو ان مراعت طور مليل زمين جو جاگيردار بڻجي. انڪري
هن اها زمين هارين ۾ ورهائي ڇڏي. اهڙيءَ طرح هن انگريزن جي دور ۾ اڀريل الاٽي تحريڪ
کي مان ڏنو ۽ پاڻ کي انگريزن پاران انعام ۾ مليل جاگير هارين کي ارپڻ جو هڪ مثال
قائم ڪيو ۽ پڻ ان نظرئي جو عملي مظاهرو ڪيو ته زمين خدا جي آهي جو کيڙي سو کائي.
ورهاڱي کانپوءِ هڪ ڀيرو
وري سنڌ ۾ الاٽي تحريڪ جي شروعات ٿي، جڏهن سنڌ جون زمينون فوجين سان گڏ هندستان
مان لڏي آيل ماڻهن کي الاٽ ڪري ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ان تحريڪ ۾ قاضي فيض محمد ۽
ٻين ساٿين سان گڏ ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو اڳرو اڳرو ٿي ڪم ڪيو. ان تحريڪ جو مک
مرڪز محرابپور۾ محمد هاشم گهانگهري جو گهر هو. جتي سڄيءَ سنڌ مان آيل هارين جون گڏجاڻيون
ٿينديون هيون. پنجاب جي هاري تحريڪ جا سرگرم اڳواڻ چوڌري فرزند علي، سي آر اسلم ۽ ٻيا
هاري اڳواڻ ۽ ڪارڪن جن جا نالا ذهن تي نه ٿا اچن، سي به اانهن گڏ جاڻين ۾ شريڪ ٿيندا
هئا هڪ ڪمري وارو اهو گهر تحريڪ جي مرڪزي آفيس هو. ان گهر جا سڀ فرد ان تحريڪ جا
ورڪر هئا. اهڙيءَ طرح ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻ طور سنڌ
جي تاريخ جي هن ٻي الاٽي تحريڪ ۾ پڻ عملي حصو وٺي هارين جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪئي. ۽ ڪيترن
ئي هارين کي سندن حق وٺرائي ڏنا. ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ کي “جوکيڙي سوکائي” واري
نظرئي جو نه رڳو حامي بلڪه عملي ۽ سرگرم ڪردار نڀائيندڙ ثابت ڪيو ۽ پنهنجي سماج توڙي
ايندڙ هر نسل لاءِ هڪ مثال قائم ڪيو.
اڄ هو اسان جي وچ ۾
ناهي پر اسانجو فرض آهي ته ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري ۽ اهڙن ٻين عظيم ڪردارن جي
مثالن سان پنهنجي زندگيءَ جي مقصد کي پاڻي ڏئي پنهنجي ڪردار کي اعليٰ بڻائڻ جي ڪوشش
ڪريون. زر ۽ زمين انسان جون اولين ڪمزوريون آهن. انهن جي حاصلات لاءِ انسان پنهنجي
رت جي رشتن کي به وساري ويهي ٿو. ممڪن آهي ته ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري پنهنجي
خوابن ۾ جن روحن يا انسانن ذريعي پنهنجي آدرشن ۽ نظرين کي پروان چڙهندي ڏٺو هوندو
سندس آدرشن ۽ نظرين کي مسخ ڪرڻ وارا اهي ئي پهريان ماڻهو هجن. ڇو ته ضمير کي جئاري
هلڻ کان وڌيڪ آسان ضمير ماري هلڻ آهي. آسانيءَ جي چونڊ دنيا جو دستور رهي آهي. اڃا
دنيا قائم آهي، زندگيءَ جو سفر جاري آهي ته حق ۽ باطل جي جنگ جو سلسلو به جاري آهي.
حق۽ انصاف توڙي ويساه گهاتيون ريل جي پٽڙيءَ وانگر گڏ گڏ هلن ٿا.
نئين نسل کي سمجهائڻو
آهي ته ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري جهڙا بي غرض، انسان ۽ ۽ انسانيت سان پيار ڪرڻ
وارا ڪردار پنهنجي بهتر ۽ مثبت عملن ڪري اڄ به ياد ڪيا وڃن ٿا. ماڻهوءَ جو مثبت ڪم
مري نه ٿو. شعور۽ انسانن سان محبت وارا رويا ماڻهوءَ جي ڪردار کي يادگار بڻائن ٿا.
انسانن سان محبت ئي ڪنهن به ماڻهوءَ کي پنهنجي ڌرتي توڙي قوم لاءِ ڪجهھ ڪرڻ تي
آماده ڪري ٿي ۽ جيڪو ماڻهو انسانن سان محبت ڪري ٿو وقت ۽ تاريخ ان کي محبت سان ياد
ڪن ٿا. بي ضمير يا سطحي ۽ لالچي سوچ رکندڙ ماڻهو درحقيقت انسان ۽ انسانيت سان محبت
واري عظيم جذبي کان محروم هو ندا آهن. اهي وقتي فائدا ته حاصل ڪري وٺن ٿا پر تاريخ
سندن ڪردارن کي سندن عملن جي تناظر۾ ئي ياد ڪري ٿي.
اڄ ڪامريڊ محمد
هاشم گهانگهري جي ۲۹هين ورسي آهي. يقينن انهن ۲۹هن سالن ۾ تمام گهڻو ڪجهھ بدلجي ويو آهي، پر سندس سوچ ۽
سندس نظريو ساڳيءَ طرح موجود آهن ۽ سندس سوچ سان سلهاڙيل هر باشعور ۽ باضمير ماڻهوءَ
ذريعي انهن جو ڦهلاءُ ممڪن آهي. .
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۵ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا