ڪامريڊ محمد خان احمداڻي
سنڌ جو نڪسلائيٽ ڪامريڊ
رام اوڏ
ڪامريڊ محمد خان
پهرين جنوري ۱۹۴۹ع ۾ ڄائو ۽ ٽيويھه مئي ۲۰۱۹ع ۾ گذاري ويو. هن جي زندگي جي ڪل پونجي پورهيت فڪر ۽ جدوجهد
آهي. هي شايد سنڌ جي ٿورن ڪامريڊن مان آهي جيڪي پورهيت رهيا ۽ پورهيتن لاءِ پورهيو
ڪندي گذاري ويا، سرمائيدار يا حڪمران طبقي جو حصو نه ٿيا! ڪامريڊ محمد خان احمداڻي
جو هڪ ڪتاب “سوشلزم ڇو ضروري آهي” مون گهڻو وقت اڳ ئي پڙهيو هو. ڪتاب بنھه سادي ۽
سلوڻي ٻولي ۾ لکيل هو. اهڙو سولو سوشلزم جو تعارف مون اڳ نه پڙهيو هو. ان کان پوءِ
حيدرآباد ۾ هڪ سوشلسٽ اسڪول ۾ منهنجي ساڻس ملاقات ٿي هئي. هڪ صفا سادو ۽ سٻاجهو ڳوٺاڻو
ماڻهو. پهرين ملاقات ۾ انتهائي محبت ۽ عاجزي سان مليو. ڪو غرور، ڪو فخر، ڪو ڏيکاءُ،
ڪا وڏائي، ڪجھه به نه. هڪ فقير طبيعت ماڻهو. مون کي چيائين توهان کي گهڻو سڃاڻان ٿو.
اها آخري ايامن جي ڳالھه
آهي. مون کي ڪامريڊ محمد خان جي فرزند ڪامريڊ ننگر خان فون ڪئي ته بابا توهان سان ڳالهائڻ
ٿو چاهي. ڪامريڊ احمداڻي فون تي اسرار ڪيو ته منهنجي طبيعت صحيح ڪونهي، هڪ ڪچهري ڪجي.
هاڻ زندگي جو سج لهڻ وارو آهي. آئون سندس ڳوٺ نئون دمبالو پهتس. مون سان گڏ گنپت
راءِ گڏ هجي. ڪامريڊ ساھه جي تڪيلف ۾ هو. مشڪل سان ڳالهائي سگهندو هجي. نه ويهي
سگهي ۽ نه رواني سان ڳالهائي سگهي. ننگر خان سندس خدمت چاڪري ڪري رهيو هو. اسان سوال
پيا ڪريون. ڪامريڊ تمام سنجيدگي سان انهن جا جواب پيو ڏئي. ڏينهن جو ۽ رات دير تائين
ڪچهري ڪيائين. صبح جو به اسان جا سوال ۽ ڪامريڊ جا جواب. زندگي ۾ ڪاياپلٽ ڪيئن ٿي،
اسان کي اها به دلچسپ ڪهاڻي ٻڌائي.
محمد خان ۱۹۶۹ع ۾ پاڪ فوج ۾ ڀرتي ٿيو، ۱۹۷۱ع ۾ سيالڪوٽ جي بارڊر تي ڀارتي آرمي هٿان
گرفتار ٿي ڄمون ڪشمير جيل پهتو. اها ڪٿا پنهجي زباني ڪري ٿو: “اسان ڇھه پاڪستاني فوجي
قيد ٿي وياسين، جتي جيل ۾ هڪ نڪسلائيٽ ڪامريڊ چمن مليو، جيڪو اڻ برابر ۽ بي انصاف
سماج جي باري ۾ سوال ڪندو هو. ۽ ڪتاب به ڏنائين جنهن منهنجي منجمند ذهن کي جهنجهوڙيو،
هائو ٻيلي چوي ته درست ٿو. چمن ۽ ٻين ڪامريڊن جي ڪچهرين ۽ ڪتابن منهنجي نظرياتي
آبياري ڪئي. اهي ڪميونسٽ اتي پڙهندا ۽ بحث مباحثو به ڪندا هئا. جيل ۾ اسان ڪميونسٽ
پارٽي ٺاهي ۽ ان جو ميمبر ٿيس. شملا ٺاھه جي ڏينهن ۾ اسان آزاد ٿياسين. جيل ۾ قيدي
ڏهاڙن دوران نڪسلائيٽ ڪامريڊن جي ڳالهين مون کي صفا باغي بڻائي ڇڏيو. آزاد ته ٿي
ويس، پر هاڻ ڇا ڪجي؟ مان فوج جي نوڪري تان مستعفي ٿي ويس. واپس اچي عوامي تحريڪ ۾
شامل ٿيس، ۽ اڳتي هلي الڳ ٿي ويس.”
ڪامريڊ عوامي تحريڪ
کان الڳ ٿيڻ کانپوءِ عوامي تحريڪ عوامي گروپ ٺاهيو. ۱۹۷۹ع جي عرصي ۾ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ سان گڏجي وطن
دوست پارٽي ٺاهي. ايم آر ڊي ۽ نواز شريف جي دور ۾ گرفتارين جا احوال اوريائين. گرفتارين
جا واقعا مختلف وقتن تي ٿيندا رهيا. ۱۹۹۱ع ۾ وطن دوست پارٽي ختم ٿي ته ارباب کهاوڙ پيپلز پارٽي ۽
ڪامريڊ احمداڻي لال خان جي طبقاتي جدوجهد ۾ شامل ٿيو. ڪامريڊ جي زندگي جو گهڻو
عرصو طبقاتي جدوجهد ۾ گذريو. نظرياتي اختلاف رکندي اتان به مستعفي ٿيو، ۽ هڪ
اختلافي نوٽ لکيائين. آخر ۾ سوشلسٽ موومينٽ سنڌ ۾ رهيو. سندس ارادو پختو هو ته وطن
دوست کي ٻيهر جوڙجي. ڪامريڊ فتح ٽيڪسٽائيل مل حيدرآباد ۾ مزدوري ڪئي ۽ پوءِ ٺٽي
سيمنٽ فيڪٽري ۾ پورهيو ڪندو رهيو، ۽ اتي مزدورن جي يونين به ٺاهيائين.
ڪامريڊ مختلف فيڪٽرين
۽ ملن ۾ ٽريڊ يونين جي گهڻي سياست ڪئي ۽ ان جا تجربا ٻڌائيندو رهيو ته ڪيئن ڪانفرنسون،
جلسا ۽ تنظيم سازي ڪندا هئا. ٻيڙي مزدورن، پٿر ٽوڙيندڙ مزدورن، ٻوريون کڻندڙ
مزدورن جي يونين سازي تائين به ڪم ڪيو. اينگرو ڪيميڪلز ڏهرڪي، شگر ملز ٺٽو، ٽيڪسٽائيل
ملز شهداد ڪوٽ، ايف ايف سي ميرپورماٿيلو، گئس ڪپمني ڏهرڪي، النور شگر مل شاهپور جهانيان،
وغيره جو احوال اوريائين. ضياءَ جي دور ۾ رتيديري ۾ جلسي ۽ پوليس چڪرين جو به ذڪر ڪيائين.
ڪامريڊ محمد خان احمداڻي، جنهن وٽ معصوم دل ۽ بي لوث سچائي هئي. هو، جيڪو پورهيت
طبقي لاءِ ساري حياتي مشعل جدوجهد رهيو. سوويت يونين جي انهدام سان جتي مايوسي جي
لهر هئي، اتي احمداڻي سياست ڪندو رهيو ۽ اتساھه پيدا ڪندو رهيو. هن جي اک جدلياتي هئي.
هن ڊهڻ ۽ ٺهڻ جي عمل کي سائنسي نظر سان ڏٺو پئي.
هن کاهوڙي ڪامريد
چيو: “سچا ڪامريڊ اهي آهن، جيڪي رڳو اسٽيجن تي نه ڳالهائيندا آهن، پر عملي جدوجهد
جي روپ ۾ مزدورن ۽ هارين جي وچ ۾ هوندا آهن.” هن جي حياتي جي آخري ڪلپنا هئي ته
جيون پڄاڻان به هي پورهيت دوست طبقاتي انقلابي جدوجهد جاري رهي:
مرنداسين ته مٽيءَ
مان پنهنجي ڦٽندا سُرخ گلاب،
کڙندا ٽڙندا جن ۾
پنهنجا بسنت رُت جا خواب. (اياز)
ڪامريڊ عملي جدوجهد
جي پنڌ جو راهي رهيو. هن پورهيتن جي سياست ڪندي پوئتي مڙي نه نهاريو ۽ نه ئي کين
زندگي جي آخر ۾ ڪو پڇتاءُ هو. هو پنهنجي عملي ۽ قلمي پورهيي مان مطمئن هو. هن کي
معاشي غربت ۽ بيماري جو ڏک ڪمزور نه ڪري سگهيو.
ڪامريد هڪ وڏي حوصلي
وارو ماڻهو هو. هن کي زماني جا ڏک ۽ سور ڊاهي نه سگهيا. هو پورهيت عوام جي نجات
لاءِ اڻٿڪ ڪم ڪندو رهيو. هو ڪٿي ٿڪو ٽٽو نه. اها نظرياتي سنجيدگي سندس زندگي جو هڪ
وڏي وٿ هئي. هن سماج ۾ هر حوالي سان مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪامريڊ مون کي
ڪچهري ۾ ٻڌايو هو ته پاڻ ڪيئن پنهنجي آس پاس مختلف مذهبي ۽ سماجي اشوز کي دانش ۽ حڪمت
سان حل ڪيو هو، ۽ امن جي آبياري ڪئي.
هن سنڌي ڪلاسيڪل نڪسلائيٽ
ڪامريڊ انقلابي جذبي سان سياست ڪندو رهيو. اختلاف ۽ اعتراض منهن تي ڪري وٺندو هو. پنهنجي
نقطه نظر کي سامهون رکڻ سندس خاص خاصيت هئي. سندس زندگي جا سڀ پل ۽ پهر جدوجهد ڪندي
گذريا. ڪڏهن به مايوس، اداس ۽ ڪاهل ٿي نه ويٺو. هو زندگي جي آخري گهڙين ۾ به
خلفشارن جو شڪار ٿي رجعتي نه ٿيو. هن جو ڪميونسٽ نظريي سان عقلي لڳاءُ ۽ عشق هو. هن
استحصال پسند پورهيت دشمن نظام کان نجات چاهي ٿي، جتي جاگيرداراڻي ۽ سرمائيداراڻي
لٽ مار کان آجو هڪ برابري وارو نظام هجي، جتي ڪير به ڪنهن جو غلام نه هجي ۽ ماڻهو
آزادي سان باوقار زندگي گذاري سگهي:
هي جي شهنشاھه ڏسو ٿا،
سڀ ئي انگ اگهاڙا
آهن،
سڀ ئي پنهنجو رت
پيئن ٿا،
سڀ پورهئي تي ڌاڙا
آهن. ( اياز)
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۹ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا