; سنڌي شخصيتون: مير ممتاز علي خان ٽالپر

17 June, 2022

مير ممتاز علي خان ٽالپر

مير ممتاز علي خان ٽالپر

لاڙ جو شريف النفس سياستدان

اعظم ڀٽي



سنڌ جي سياست ۾ انتهائي شريف النفس سياستدانن جو جڏهن به تذڪرو ٿيندو ته ان فهرست ۾ مير ممتاز علي خان ٽالپر جو نالو به هميشه شامل رهندو. مير ممتاز علي خان ٽالپر، ٽنڊي محمد خان جي شاهواڻي خاندان جو چشم و چراغ ۽ سنڌ جي شريف النفس سياستدان مير غلام علي خان ٽالپر جو ٽيون نمبر فرزند آهي. ۲۰ آڪٽوبر ۱۹۳۹ع تي جنم ورتائين، سندس نانو مير ٻڍو ٽالپر ناليوارو جاگيردار هو. مير ممتاز پرائمري تعليم جيفلر پرائمري اسڪول ڪراچي ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي نگرانيءَ ۾ حاصل ڪئي. ان کانپوءِ سيڪنڊري تعليم اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي ۽ نور محمد هاءِ اسڪول مان ۱۹۵۲ع تائين تعليم حاصل ڪيائين. بعد ۾ کيس اعلى تعليم لاءِ انگلينڊ موڪليو ويو، جتي هو ۱۹۶۰ع تائين زيرِ تعليم رهيو. اُتي هن ڪافي اسڪولن ۽ ڪاليجن مان تعليم پرائي، جن مان ڪيس اسڪول، شورم باءِ سي، سوسيڪس انگلينڊ جتان هن او ليول مڪمل ڪئي. ريجنل ڪاليج آف آرٽس بريڊفورڊ مان ڊپلوما ڪيائين. انهيءَ کانسواءِ ٽوٽنگ ڪاليج آف ڪامرس ۽ بزنس مينيجمنٽ بلهم مان پڻ فيضياب ٿيو. پنهنجي وطن واپس ورڻ کانپوءِ ٽنڊو محمد خان اچي خانداني ڪاروبار شروع ڪيائين.


ان وقت تازي قائم ٿيل ٽالپر ٽيڪسٽائيل ملز ٽنڊي محمد خان جو انتظام سنڀاليائين ۽ بعد ۾ زمينداريءَ ۾ دلچسپي ورتائين. مير غلام علي خان ٽالپر جي لاڏاڻي بعد سياست ۾ جوش و خروش سان حصو ورتائين. انهيءَ زماني يعني ۱۹۶۴ع ۾ حيدرآباد ضلعي ڪائونسل جو بنامقابلي وائيس چيئرمين چونڊيو. هي ان زماني ۾ مير علي احمد ٽالپر، مخدوم طالب المولى ۽ پير پاڳاري جو گڏيل طور منتخب اميدوار هو. ان عهدي تي ۵ سال براجمان رهيو، ۱۹۷۰ع جي عام چونڊن ۾ گولاڙچي واري حلقي مان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. ذالفقار علي ڀٽو کيس تمام گھڻو پسند ڪندو هو. انڪري کيس ۱۹۷۷ ۾ به پي پي ٽڪيٽ تي ٻيهر صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. انهيءَ عرصي ۾ سنڌ جي صوبائي ڪابينا ۾ کيس تعليم ۽ اوقاف کاتي جو وزير مقرر ڪيو ويو. ڀٽو دور جي خاتمي ۽ ڀٽي جي شهادت بعد ڪجھ عرصي جي خاموشي کانپوءِ ۱۹۸۳ع جي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ گرفتار ٿي، سنڌ جي مختلف جيلن ۾ قيد ڪاٽيائين. جيستائين کيس پي پي ۾ مانُ، مرتبو ۽ عزت ملندي رهي، تيستائين ان ۾ شامل رهيو. جڏهن پاڻي مٿي کان چڙهي ويو ته پي پي کي خيرباد چئي غلام مصطفى جتوئيءَ سان گڏ اين پي پي ۾ شامل رهيو ۽ اين پي پي سنڌ جو سينيئر نائب صدر به رهيو. جڏهن غلام مصطفى جتوئي جي نگران حڪومت قائم ٿي ته کيس سنڌ ڪابينه ۾ صوبائي وزير طور کنيو ويو. ان دوران هن ٽنڊي محمد خان جي ٽي سئو کان مٿي مقامي ماڻهن کي روزگار تي لڳايو. شڪار ڪرڻ، سير و تفريح ۽ فوٽو گرافي سندس پسنديده مشغلا رهيا.

دنيا جا ڪافي ملڪ گهميو نه صرف سنڌ پر پاڪستان جي سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ سندس سُڃاڻپ هڪ مثبت ۽ شريفانا شخصيت واري فرد طور رهي. پنهنجي چاچي مير علي نواز ٽالپر جي گھران شادي ڪيائين، جنهن مان کيس ٻن پٽن مير مرتضيٰ علي ٽالپر ۽ مير جواد علي ٽالپر نالي نرينو اولاد ٿيو. سندس وڏو فرزند مير مرتضيٰ ٽالپر ۴ جولاءِ ۲۰۱۰ع تي رت جي ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندي وفات ڪري ويو، جنهن جي وڇوڙي کيس سخت دلي صدمو رسايو، مير ممتاز علي خان ٽالپر ٽنڊي محمد خان جي شاهواڻي ٽالپرن ۾ انتهائي نفيس، سادو ۽ شريف النفس انسان طور مشهور رهيو آهي، جنهن جا شاهد سندس سياسي مخالف به رهيا، جيئن ته سندس سهرو مير علي نواز خان ٽالپر هو، ان ڪري سندس سالن يعني سئوٽن سان ويجهو ۽ انتهائي گھرو رهيو. شاهواڻي ٽالپرن جي اندروني ۽ سياسي اختلافن ۾ هن هميشه مثبت پُل وارو ڪردار ادا ڪيو، وقت ۽ حالتن جي تقاضا ۽ پيرسنيءَ جي ڪري شاهواڻي ٽالپر خاندان جو هي ناليوارو فرد هن وقت طبيعت ۽ مزاج جي لحاظ کان ڪنهن مهل ڪيئن ته ڪنهن مهل ڪيئن جي مصداق انتهائي خاموشيءَ واري زندگي بسر ڪري رهيو آهي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۱ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


مير ممتاز علي خان ٽالپر

لاڙ جو شريف النفس سياستدان لاڏاڻو ڪري ويو

اعظم ڀٽي

لاڙ جو شريف النفس بزرگ سياستدان ۽ اڳوڻو صوبائي وزير مير ممتاز علي خان ٽالپر لاڏاڻو ڪري ويو. سنڌ جي سياست ۾ انتهائي شريف النفس سياستدانن جو جڏهن به تذڪرو ٿيندو ته ان فهرست ۾ مير ممتاز علي خان ٽالپر جو نالو به هميشه شامل رهندو. مير ممتاز علي خان ٽالپر، ٽنڊي محمد خان جي شاهواڻي خاندان جو چشم و چراغ ۽ سنڌ جي شريف النفس سياستدان مير غلام علي خان ٽالپر جو ٽيون نمبر فرزند هو، سندس جنم ۲۰ اڪٽوبر ۱۹۳۹ع تي ٿيو. سندس نانو مير ٻڍو ٽالپر ناليوارو جاگيردار ٿي گذريو.

مير ممتاز علي ٽالپر پرائمري تعليم جيفلر پرائمري اسڪول ڪراچي ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي نگراني ۾ حاصل ڪئي. ان کانپوءِ سيڪنڊري تعليم اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي ۽ نور محمد هاءِ اسڪول مان ۱۹۶۲ع تائين تعليم حاصل ڪئي بعد ۾ کيس اعلى' تعليم لاءِ انگلينڊ موڪليو ويو. جتي هو ۱۹۶۰ع تائين زير تعليم رهيو. اۡتي هن ڪافي اسڪولن ۽ ڪاليجن مان تعليم پرائي، جن مان ڪيس اسڪول، شورم باءِ سي، سوسيڪس انگلينڊ جتان هن او ليول مڪمل ڪئي. ريجنل ڪاليج آف آرٽس بريڊفورڊ مان ڊپلوما ڪيائين. انهيءَ کانسواءِ ٽوٽنگ ڪاليج آف ڪامرس ۽ بزنس مينيجمنٽ بلهم مان پڻ فيضياب ٿيو.

پنهنجي وطن واپس ورڻ کانپوءِ ٽنڊو محمد خان اچي خانداني ڪاروبار شروع ڪيائين. ان وقت تازي قائم ٿيل ٽالپر ٽيڪسٽائيل ملز ٽنڊي محمد خان جو انتظام سنڀالي ان جو ڊائريڪٽر ٿيو ۽ بعد ۾ زمينداري ۾ دلچسپي ورتائين. مير غلام علي خان ٽالپر جي لاڏاڻي بعد سياست ۾ جوش و خروش سان حصو ورتائين.

انهيءَ زماني يعني ۱۹۶۴ع ۾ حيدرآباد ضلعي ڪائونسل جو بنامقابلي وائيس چيئرمين چونڊيو. هي ان زماني ۾ مير علي احمد ٽالپر، مخدوم طالب المولى' ۽ پير پاڳاري جو گڏيل طور منتخب اميدوار هو. ان عهدي تي ۶ سال براجمان رهيو. سال ۱۹۷۰ع جي عام چونڊن ۾ گولاڙچي واري حلقي مان صوبائي اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو. ذالفقار علي ڀٽو کيس تمام گھڻو پسند ڪندو هو. انڪري کيس ۱۹۷۷ ۾ به پي پي ٽڪيٽ تي ٻيهر صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. انهيءَ عرصي ۾ سنڌ جي صوبائي ڪابينا ۾ کيس تعليم ۽ اوقاف کاتي جو وزير مقرر ڪيو ويو هو. ڀٽو دور جي خاتمي ۽ ڀٽي جي شهادت بعد ڪجهه عرصي جي خاموشي کانپوء ۱۹۸۳ع جي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ گرفتار ٿي، سنڌ جي مختلف جيلن ۾ قيد ڪاٽيائين.

جيستائين کيس پي پي ۾ مانۡ، مرتبو ۽ عزت ملندي رهي تيستائين ان ۾ شامل رهيو. جڏهن پاڻي مٿي کان چڙهي ويو ته پي پي کي خيرباد چئي غلام مصطفى' جتوئي سان گڏ اين پي پي ۾ شامل رهيو ۽ اين پي پي سنڌ جو سينيئر نائب صدر به رهيو. جڌهن غلام مصطفى' جتوئي جي نگران حڪومت قائم ٿي ته کيس سنڌ ڪابينه ۾ ايڪسائيز کاتي جي نگران صوبائي وزير طور کنيو ويو. ان دوران هن ٽنڊي محمد خان جي ٽي سئو کان مٿي مقامي ماڻهن کي روزگار سان لڳايو.

شڪار ڪرڻ، سير و تفريح ۽ فوٽو گرافي سندس پسنديده مشغلا رهيا. دنيا جا ڪافي ملڪ گهميو. نه صرف سنڌ پر پاڪستان جي سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ سندس سۡڃاڻپ هڪ مثبت ۽ شريفانا شخصيت واري فرد طور رهي. پنهنجي چاچي مير علي نواز ٽالپر جي گھران شادي ڪيائين، جنهن مان کيس ٻن پٽن مير مرتضى' علي ٽالپر ۽ مير جواد علي ٽالپر نالي نرينو اولاد ٿيو. سندس وڏو فرزند مير مرتضي' ٽالپر ۴ جولاء ۲۰۱۰ع تي رت جي ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندي وفات ڪري ويو، جنهن جي وڇوڙي کيس سخت دلي صدمو رسايو.

مير ممتاز علي خان ٽالپر ٽنڊي محمد خان جي شاهواڻي ٽالپرن ۾ انتهائي نفيس، سادو ۽ شريف النفس انسان طور مشهور رهيو، جنهن جا شاهد سندس سياسي مخالف به رهيا، جيئن ته سندس سهرو مير علي نواز خان ٽالپر هو، ان ڪري سندس سالن يعني سئوٽن سان ويجهو ۽ انتهائي گھرو رهيو. شاهواڻي ٽالپرن جي اندروني ۽ سياسي اختلافن ۾ هن هميشه مثبت پۡل وارو ڪردار ادا ڪيو، وقت ۽ حالتن جي تقاضا ۽ پيرسنيء جي ڪري شاهواڻي ٽالپر خاندان جو هي ناليوارو فرد طبعيت ۽ مزاج جي لحاظ کان ڪنهن مهل ڪيئن ته ڪنهن مهل ڪيئن جي مصداق انتهائي خاموشي واري زندگي بسر ڪندي ڪندي علالت جي گهڙين ۾ گهيرجي ويو، اهي علالت جون گهڙيون سندس ساهه جي سڳي ٽۡٽڻ تائين ساڻس گڏ رهيو. پيرسنيءّ ۾ هن طبعيت جي لحاظ کان تمام گهڻين تڪليفن کي مۡنهن ڏيندي نيٺ ۲ جون ۲۰۲۲ع مطابق ۲ ذوالقعد ۱۴۴۳ هجري بروز خميس تي صۡبح جي پهرين پهر ۾ آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس جنازو اڄ شام ۶ وڳي سندس رهائشگاهه مير محلا ٽنڊو محمد خان مان کنيو ويندو.

 

(اعظم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ جون ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا