; سنڌي شخصيتون: ڪامران سومرو

24 June, 2022

ڪامران سومرو

ڪامران سومرو

هڪ اعتماد جو نالو آهي

عيسيٰ ميمڻ



هڪ ئي وقت ڪامران، جاني، ڍول ۽ جان محمد جي نالي سان اسان جي سنگت ۾ سڃاڻپ رکندڙ جو جنم ۲ جنوري ۱۹۸۴ع ۾ ڏوڪري شهر ۾ هڪ پورهيت ممتاز سومري جي گهر ۾ٿيو. هن جو اصل نالو جان محمد آهي. هن جو والد بٺي تي مزدوري ڪندڙ پورهيت هو. جڏهن اسان ۱۹۸۹ع ۾ ڏوڪري لڏي سائنس ڪاليج جي ڀرسان ويٺاسين ته ان وقت ڪاليج جي ساڄي طرف تمام ڪيترائي بٺا هوندا هئا. اسان جو گهر انهن بٺن جي وچ ۾ هوندو هو. بٺي جي باھ ۾ سرن سان گڏ اسان به بچندا هئاسين پر اسان انهن مزدورن کي به بچندو ڏٺو جيڪي جون جولاءِ جي سخت ترين گرمين ۾ به بٺي جي باھ تي ڪم ڪندا هئا انهن ۾ ڪامران جو والد به هوندو هو جنهن جون اکيون سدائين ڳاڙهيون هونديون هو. بٺي جي خاڪ سبب هن جون اکيون ڳاڙهيون رهنديون هيون. هن جو والد بٺي جو بهترين ڪاريگرن ۾ شمار ٿيندو هو. جڏهن مان ڏوڪري پرائمري اسڪول ۾ ٻئين درجي ۾ داخلا ورتي هئي ته ان وقت ڪامران وارا ٽئين درجي ۾ پڙهندا هئا. هنن جو ڪلاس هوشيار ڪلاس ڳڻيو ويندو هو. جن ۾ زاهد جوڻيجو، پريم اوڏ، اعجاز اوڏ، امتياز سومرو، سڪندر ميمڻ سميت ڪيترائي شاگرد هئا. اهي نه صرف پڙهائيءَ ۾ هوشيار هئا پر راندين ۾پڻ انهن جو نالو هوندو هو. اسان جو ڪلاس هنن سان مقابلي لاءِ تيار ٿيو. خاص ڪري راندين ۾ انڊڪ منڊڪ ۾ اسان جا سخت مقابلا ٿيندا هئا. اسان جي ڪلاس جي ٽيم ۾ مان، الطاف خاصخيلي، صفدر پٺاڻ، محمد بخش سومرو، دلبر سومرو، وحيد جوڻيجو هوندا هئاسين. اسان جي ان راند ۾ ڪامران سومري جي هڪ ٽنگ تي هلڻ جي وڏي ساهي هوندي هئي. ان راند جو تسلسل تڏهن ٽٽو جڏهن ۱۹۹۵ع ۾ ڪامران جو شام جو راند کيڏندي ڀت ڪري هئي جنهن ۾هن جي ڄنگھ ڀڄي پئي هئي. هن سان منهنجو ناتو هن جي ڀاءُ لالڻ جي ڪري به هو. اسڪول ۾ لالڻ جا ڇولا مشهور هوندا هئا. اهي ڇولا صاف سٿرا ۽ ذائقيدار هوندا هئا جو انهن کائڻ جي عادت ٿي ويئي هئي. لالڻ سان اسان جي سموري اسڪول جو تعلق ڀائري وارو ٿي ويو هو. ايتري قدر جو ڇولن جي اوڌر به مهينن جا مهينا اسان جي مٿان هوندي هئي پر مجال آهي جو ڪڏهن لالڻ ڇولن جا پيسا گهريا هجن. ڪامران سان ٻيو تعلق اسان جو تڏهن جڙيو جڏهن اسان جيلاني مسجد جي مدرسي ۾ پڙهڻ شروع ڪيو هو. مدرسي ۾ سائين محمد ابراهيم ميمڻ، هڪ سٻاجهي طبيعت جو مالڪ اسان جو استاد هو. سائين جي شفقت جو هٿ اسان جي مٿان هوندو هو جنهن ڪري مدرسي ۽ مسجد جو اسان پاڻ کي مالڪ سمجهندا هئاسين. مان ته گهڻي قدر منجهد جي ننڊ به مسجد ۾ ڪندو هيس. مدرسي ۾ سائين کان لڪي چدين راند کيڏندا هئاسين. نماز لاءَ جيڪي کجي جي پنن مان ٽوپيون ٺهيل هونديون هيون انهن سان والي بال راند کيڏندا هئاسين. اسان سان سان گڏ جاويد سومرو، شهزادو اعواڻ ۽ ڪجھ ڇوڪريون به پڙهنديون هيون. رمضان شريف ۾ سٺي ماني الڳ ڪري رکندا هئاسين جڏهن سڀ نمازي روزو ڇوڙي ويندا هئا ته اها ماني سڀ گڏجي کائيندا هئاسين. جڏهن ختمن تي ويندا هئاسين ته سمورو سيپارو پڙهڻ بجاءِ هر سٽ تي “بسم الله“، “بسم الله” ڪري پنجن کان ڏهن منٽن جي اندر ختمو پورو ڪندا هئاسين. اهو ڪم ثواب هو الائي گناھ مگر اهو ڪم جان محمد ۽ مان ته وڏي اعتماد سان ڪندا هئاسين.


ڪامران، اسڪول ۾ پڙهائي جي حوالي سان هوشيار شاگردن ۾ ڳڻيو ويندو هو. هن جي هينڊ رائٽنگ زبردست هئي. جنهن جي ڪري ڪلاس ۾ پوزيشن هولڊر شاگرد هو. مدرسي ۾ به قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ ۽ ختمن ۾ سڀني کان اڳ ڀرو هوندو هو. هن جي زندگي جو اهم ۽ ڏکيو موڙ تڏهن شروع ٿيو جڏهن ۱۹۹۵ع ۾ هڪ ڄنگھ کان محروم ٿي ويو. پر هن حوصلو نه هاريو. هن معذروي کي ڪڏهن به مجبوري نه سمجهيو. گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهو جڏهن اوچتو معذور ٿي وڃي ته ان جي ذهني اذيت جو ٻيو ڪو ماڻهو اندازو به نه ٿو ڪري سگهي. هن ان حالت ۾ به پنهنجي پڙهائي جاري رکي. جڏهن ۲۰۰۰ع بورڊ جي امتحانن جي نگراني فوج ڪري رهي هئي ته ان وقت امتحانن ۾ ڪاپي مڪمل طور تي بند ٿي چڪي هئي. ان سخت حالتن ۾ هي مايوس ٿي ويهي رهيو پنهنجي پڙهائي کي اڳتي وڌائڻ بجاءِ هن خاموشي اختيار ڪئي پر وري اسان سڀني گڏجي هن کي پرائيويٽ انٽر ۲۰۰۳ع ۾ ڪرائي سين ان کان پوءِ هن بي اي ۲۰۰۵ع به ڪئي ته ايم اي ۲۰۰۷ع به ڪئي. اها هن جي محنت جو نتيجو هو ۲۰۱۰ع ۾ هي پرائمري استاد ٿي ويو. اڄ هو پرائمري استاد طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. اها هن جي پنهنجي شعبي سان ايمانداري آهي جو هن پنهنجي شعبي ۾ ڪڏهن ڪوتاهي نه ڪئي آهي. اسڪول ۾ ٻارن سان جيترو به هن جو وس آهي هن محنت کان ڪڏهن عار نه ڪيو آهي.

هن کي سنڌي ادبي سنگت ۾ ۲۰۰۲ع ۾ وٺي آيس. هن پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ نثر نظم ۽ آزاد نظم کي اظهار جو ذريعو بڻايو آهي جيتوڻيڪ هن ڪهاڻين تي به طبع آزمائي ڪئي آهي پر نثري نظم ۽ آزاد نظم ۾ هن پاڻ کي وڌيڪ بهتر اظهاريو آهي. هن ته ڪجھ وقت سياست ۾ به وقت گذاريو آهي. سنڌ سان محبت جي ڪري قومي سياست ڏانهن لاڙو هڪ فطري عمل آهي جنهن کان هي به متاثر ٿي شامل ٿيو هو پر گهر جي ذميوارين ۽ ڪجھ حالتن جي ڦيري سبب هن پنهنجو وقت تعليم ڏيڻ ۽ ادب کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن ڪري پنهنجي حال آهر سنڌي ادبي سنگت ۾ به سرگرم آهي. سنڌي ادبي سنگت جي مختلف عهدن تي رهيو آهي. ڏوڪري ۾ جڏهن اسان لائبريري جي قيام لاءِ پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهيا هئاسين ان وقت به هي اسان سان هم رڪاب ۽ هم سفر رهيو آهي. ۱۹۹۲ع کان اسان جي ساٿ جو رشتو رهيو آهي پر اسان ڪڏهن به هڪ ٻئي کان پري نه ٿيا آهيون. ڪڏهن به اسان جي وچ ۾ رنجش نه رهي آهي. هاڻي ته اسان هڪ ٻئي جي گهر جا ڀاتي ٿي ويا آهيون. مان جيڪڏهن ڪجھ وقت هن سان رابطو نه ڪندو آهيان ته هن جا گهر وارا، هن کان پڇندا آهن ته عيسيٰ ڪٿي آهي؟ هن جا سمورا گهر ڀاتي مون کي جان محمد جيترو پيار ۽ عزت ڏيندا آهن. پاڻ سدائين هڪ صلاح ۾ هڪ ٿي رهيا آهيون. منافقت ۽ ڪوڙ کان پري رهندڙ ۽ هڪ سادي زندگي بسر ڪندڙ رهيو آهي.. دوستن جي هڪ مخصوص هلڪي سان هن جو تعلق آهي. گهڻي سنگت ٺاهڻ کان پرهيز ڪندو آهي. نيم ڪفر ۽ ۽ نيم ايمان وارو آهي. گلا غيبت نه ڄاڻي. ڪنهن سان ڪا شڪايت هوندي اٿس ته سامهون چئي ڏيندو. هن جي مزاج ۾ سستي به رهي آهي جنهن ڪري گهڻا ڪم هي وقت تي نه ڪري سگهندو آهي اها سستي هن جي جسم جو حصو ٿي ويئي آهي جنهن ڪري گهڻي ڪم جي توقعات اسان به نه رکندا آهيون. جيترو ڪري سگهي ٿو اوتري هن جي مهرباني نه ٿو ڪري سگهي ته ميار نه آهي. جڏهن موهن جي دڙي تي اسان اسٽڊي سرڪل هلائيندا هئاسين ته سدائين هن جي ڪوتاهين جون شڪايتون اينديون هيون. ڪڏهن ڏنڊ ڀري ته ڪڏهن معزرت ڪري ڪم هلائيندو هو. هاڻي ته ٻچڙيوال به ٿي ويو آهي. اڪثر ڪري ماڻهو نوڪري ملڻ ۽ شادي ڪرڻ کان پوءِ سماجي، سياسي ۽ ادبي ڪم ڪرڻ کان پاسيرا ٿي ويندا آهن ڪي ته وري اهڙي به هوندا آهن جيڪي انهن ڪمن کي ئي غير ضروري سمجهندي وقت جو زيان سمجهندا آهن پر هن جو ايمان اڃان تائين خراب نه ٿيو آهي. ان ڪينگري وانگر آهي جيڪا نه آڻي ٿي نه نئين ٿي پر مالها سان گڏ آهي ساٿ سان گڏ آهي. جنهن ڪري ان ساٿ جو ڀرم اڄ به قائم آهي. ڪتابن سان ڪافي لڳاءُ اٿس. ڪجھ نه ڪجھ ويٺو پڙهندو آهي. اها هن جي پڙهڻ جي رفتار نه گهڻي تيز آهي نه گهڻي آهستي آهي. مون سان ته دل جا سمورا احوال اوريندو آهي. جيڪي ڳالهيون ڪنهن سان به نه ڪري سگهندو اهي مون سان ڪرڻ ۾ ڪڏهن به عيب نه سمهجندو آهي. هن جا ڪيترائي راز مون وٽ دفن ٿيل آهن. اهو هن جو اعتماد آهي جنهن ڪري پاڻ کان وڌيڪ مون تي ڀروسو ڪندو آهي.

دوستي جو ناتو، نازڪ ۽ نفيس رشتو ٿيئي ٿو ان سان سالن جا سال نڀاءُ ڪرڻ هن دور ۾ مشڪل آهي پر اسان سالن کان ان محبت ۽ اعتماد واري رشتي سان ڳنڍيل آهيون. هن جاني سان محبتون آهن هن ڍول تي ڀروسو آهي هن ڪامران تي ڪامل يقين آهي هن جان محمد سان شعور جو رشتو آهي ۽ قائم رهڻو آهي.

 

(عيسيٰ ميمڻ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا