اياز رضوي
ڀارُومَل اَمراڻِي
سُوٽهڙ
اڄ منهنجي دلبر دوست
۽ سنڌي ٻولي جي سگهاري شاعر اياز رضوي جو جنم ڏينهن آهي کيس جنم ڏينهن جون وڌايون
ڏيندي دلي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. زماني جي زنجيرن ۾ الجهيل هجڻ جي ڪري روشن آباد
پهچي ڪيڪ ڪٽڻ جي رسم ۾ شريڪ نٿو ٿي سگهان. من جي محبتن جي سوکڙي طور شاعري جو اڀياس
هتي رکان ٿو
هوا، خُوشبو ۽ اُجالن
جو شاعر
محبت جو جذبو انسان
جي اعليٰ ترين جذبن مان هڪ آهي. جڏهن مُحبت جو واس روح ۾ لهڻ شروع ڪندو آهي تڏهن
نيڻ نهار تائين گُل ئي گُل نظر ايندا آهن، داغستان جي البيلي شاعر رسول حمزاتوف هڪ
هنڌ لکيو آهي ته، “پيار جي جذبي ۾ ٽُٻ ٿيل هڪ الهڙ ڇوڪري برف باريءَ جي صبح ۾ جڏهن
ڪمري جي دري کولي آرس ڀڳو ته دل مان بي اختيار رڙ نڪري وئي ويس مار! ٻاهر ڪيڏا گُل
ٽڙيا آهن. سندس ماءُ حيرت مان چيو ته ڪٿي آهن گل؟ ٻاهر ته برف ئي برف آهي!”
جين مت جي هڪ روايت
آهي ته “هڪ ساڌو جهنگ مان گذرندي ڪنهن سُڪل وَل کي چيو ته تون ڦُٽي پئو، ساڌُو جي
چوڻ جي دير هئي، سُڪل وَل ٽِڙي پئي. اُنهيءَ تي ڪنهن ڏسندر حيرت مان پڇيو ته اهو
ڪيئن ٿيو؟ ساڌو مُرڪي چيو مُحبت جي ڪري فقط مُحبت جي ڪري!
مُون چيو ميندِي
کيٽ کي اُٿي ڦُٽِي پوء!
مُون کي ڪيئي سؤ، رَتا
گهُرجن هٿڙا!
اياز رضوي جي شاعري
پڙهندي مونکي رسول حمز اتوف جي لکڻي ۽ جين مت جي هي روايت بار بار ياد اچي رهي آهي،
اياز رضوي ڌرتي ۽ سرتيءَ جي مُحبت ۾ ٽُٻ ٿي لفظن جي سُڪل ولين ۾ شاعريءَ جي گلزاري
پيدا ڪئي آهي نيڻ نِهار تائين هوا، خوشبو ۽ اُجالن جو تمنائي بڻيو آهي.
شيخ اياز جي اُنهيءَ
راءِ کي سنڌي ادب ۾ تمام گهڻو دُهرايو ويو آهي ته هر ’شاعر مُحبت‘ ’شاعر انقلاب‘ ٿي
سگهي ٿو پر هر ’شاعر انقلاب‘ ’شاعر مُحبت‘ نه ٿو ٿي سگهي. آئون به هتي اُنهي ءَ راءِ
جو سهارو وٺي اظهار ڪرڻ ٿو چاهيان ته اياز رضوي مُحبت جو شاعر آهي ۽ محبت جي جذبي
۾ رهي انقلاب لاءِ گَسُ گهڙي ٿو. سماج ۾ موجُود اُنهن حالتن جو خاتمو چاهي ٿو جيڪي
انسان جي عزتِ نفس کي نقصان رسائين ٿيون، انسان جي بنيادي جبلتن کي دٻائن ٿيون. اياز
رضوي جي دل جي معصوم چاهنا آهي ته انسان جي عزت نفس کي ضرب نه رسي، اياز انساني آزادي
۽ ڀائيچاري جي قدرن کي جيارڻ لاءِ جستجو ڪري ٿو. اياز رضوي جو سپنو آهي ته انسان
انسانن وانگر جيئي ۽ پنهنجي جنم ڀومي تي آزادي سان ساھ کڻي.
ڪن پڪڙ ۽ نڪ گيساٽ جي
قطار ۾ اسان جا ڪيترا ئي ڏات ڌڻي بيٺل آهن جيڪي ڏاڍي اڳيان گونگا ۽ هيڻي اڳيان ٻوڙا
ٿي پئسي ۽ عهدن جا هڏڙا چوسڻ لاءِ واجهائي رهيا آهن.
انهيءَ دؤر ۾ اسانجي
اياز رضوي وٽ قلندرانه وڏائي سان گڏ فقيراڻي نيازمندي آهي. ٻي کي دردن ۾ ڏسي مُنهن
نه ٿو ڦيرائي ۽ نه وري مُنهن مونن ۾ وجهي پاڻ کي پاڻ ۾ ڳولڻ ۾ مصروف رهي ٿو. ’ٻري
جن ٻاري‘ واري ڀٽائي جي قافلي جو فرد ٿي شاعراڻي ديوانگي جي جُنون ۽ جذبي سان سماج
جي المين، اُداسين ۽ محرومين جا چٽ پنهنجي شاعريءَ ۾ چٽي ٿو. هڪ شاعر طور تي مٽي ۽
ماروئڙن سان جذباتي وابستگي پوري ريت نڀائي ٿو ڌرتيءَ جا درد دل سان لائي امن، آشتي
۽ بقا جي لاءِ لکي ٿو، عالم انسانيت لاءِ ويچاريندي به هُن قوميت جي شعور کي هٿان
نه ڇڏيو آهي. سنڌيت جي تصور ۾ هن جي شاعري هڪ اهڙو آئينو آهي جنهن ۾ سنڌ جي تقدير
چمڪي ٿي، پراچين سڀيتا جي پُڪار گونجي ٿي.
مون شاعريءَ کي ڪڏهن
جاميٽري سمجهي ليڪا نه پاتا آهن نه وري ڪڏهن حساب جو پرچو سمجهي ونڊ جوڙ ڪٽ ڪيو آهي
شاعري مُنهنجي لاءِ چنبيلي ول تي ماڪ ڦڙن وانگر رهي آهي. مون شاعري کي ڪارونجهر جي
مور جي رقص وانگي روح ۾ اتاري آهي، آئون سچي شاعر ۽ شاعري سان پيار ڪندڙ ماڻهو
آهيان. منهنجي لاءِ تنقيد جي نالي ساڙ، حسد ۽ لوئڻ وارو عمل پاپ برابر آهي.
سنڌي غزل جي تاريخ ۽
تشريح تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي سنڌي غزل جي شروعات نور محمد حُسته کان ڄاڻائي
وڃي ٿي پر وڏي وقت تائين سنڌي غزل فارسيت ۾ ٻُڏل رهيو. خليفي گل ۽ سانگي مقامي رنگ
آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر اڪثر غزل جي صورت ساڳي رهي گهڻو وقت پوءِ ڪشنچند بيوس، هري
دلگيري، کيئل داس فانيءَ جي سنڌي شاعري ۾ انقلاب آڻڻ واري گس تي هلي شيخ اياز سنڌي
غزل جي ڪايا پلٽائي ڇڏي سنڌي غزل فارسيت مان آجو ٿي گيڙو ويس اختيار ڪيو. نامياري شاعر
سرمد چانڊيي پنهنجي هڪ ليک ۾ سنڌي غزل جي تاريخ کي ٽن دؤرن ۾ ورهايو آهي. سرمد چانڊيي
موجب پهريون دؤر خليفي گل کان شروع ٿي قليچ تائين پهچي ٿو، ٻيو دؤر شيخ اياز کان
اياز گُل تائين، ٽيون دؤر انهيءَ کانپوءِ شروع ٿئي ٿو جيڪو نوجوانن جو دؤر آهي. مونکي
خبر ناهي ته دؤرن جي درجابندي ڪرڻ وارا وفانا ناٿن شاهي، وفا پلي ۽ واجد منگي کي ڪهڙي
دؤر ۾ شامل ڪن ٿا. پر جديد سنڌي غزل کي اياز جي گيڙو ويس غزل کانپوءِ پروان چاڙهڻ
۾ نارائڻ شيام، ايم ڪمل، ارجن حاسد، امداد حسيني، اياز گل، ادل سومري سان گڏ وفا
ناٿن شاهي، وفا پلي ۽ واجد منگي جو اهم ڪردار رهيو آهي. پويان ايندڙ ٽهي انهن کي پڙهي،
اُتساھ وٺي غزل جي گهاڙيٽي ۾ پنهنجا پير پُختا ڪيا آهن وفا ناٿن شاهي ۽ واجد منگي اياز
رضوي جا ويجها دوست رهيا اياز رضوي انهن مان وڏ اتساھ ورتو آئون چاهيان ٿو ڳالھ کي
اڳتي وٺي وڃڻ کان اڳ ۾ وفا ۽ واجد جي سٽن جو سُرو من ۾ ماڻيندا هلون.
وفا ناٿن شاهي:
نه فرض پالي سگهان
ٿو نه پيار ساهِيڙي،
ٻڌاءِ اهڙي جيئڻ مان
مراد ڇا هي ڙي.
سڄي جهان کي آزادگيون
عزيز آهن.
نه ڪو غلام ٿجان نه
ڪو غلام ڪجان.
واجد منگي:
مون ته شمع ۾ سا
ڪونه ڏٺي
جا پيڙه هُئي پرواني
۾
زندگي جي هر ادا مونکي
قبول
باوفا يا بي وفا مونکي
قبول،
زندگي وئرٿ وئي
واجد مگر
تلخ ٿيا جي تجربا
مونکي قبول.
اياز رضوي پنهنجي
شاعريءَ ۾ وفا کي مڃتا ڏيندي چوي ٿو ته:
غزل ۾ فلسفو ڪوئي،
ڪري شامل وفا جهڙو.
اياز رضوي کي وفا
جي شاعري پنهنجي شاعري وانگر عزيز رهي آهي اياز رضوي نشيلين محفلن ۾ پنهنجي شاعري
سان گڏ وفا ۽ واجد جي شاعري پڙهڻ فرض سمجهيو آهي ايتري اُتساھ وٺڻ باوجود غزل ۾ روايتي
پيروي ڪرڻ جي بدران پنهنجي واٽ ورتي آهي جنهن تي هلي پنهنجي تخيل جي اُڏار سان نئين
نسل لاءِ نرالا غزل لکي ٿو.
ٻين جي پيروي رضوي
ڇڏي تخليق ذاتي ڏي
نرالا غزل ڪي نئين
نسل لئه
لکي ڄڻ آئون سوجهري
ٿو سُمهان
اياز رضويءَ جو هن
کان اڳ ۾ هڪ مجموعو “اگهي ڪير ڳوڙها” جي نالي سان شايع ٿيل آهي، اياز رضوي غزل جي فن
جي سانچي ۽ خيال جي نزاڪت سان پوري ريت نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي خاص طور ننڍي بحر وزن
۾ خوبصورت غزل لکيا آهن.
تو خواب وِڪيا پنهنجا
صدمو رسيو مونکي
سنڌ جي زمين تون
سرڳ کان حسين تون
اسانجي عشق جي مٺي
آهين بس امين تون
وِڇوڙو بد دُعا جهڙو
حياتي لئه سزا جهڙو
انگور بدن تُنهنجو
ڄڻ نور بدن تنهنجو
لهجي ۾ رڳو تنهنجي
ڇو ٻير ڪنڊا آهن
ٿورو ترس اڃا
بي چئي شام آ
اياز رضوي اڪثر طور
غزل پهرين سٽ ۾ عمل ڏيکاري ٻي سٽ ۾ رد عمل آڻي موضوع سان انصاف ڪري ٿو. ڪٿي ڪٿي
پهرين سٽ ۾ عمل ۽ ردعمل گڏ آهن اياز رضوي وٽ (Creative Sensiblity) اياز رضوي
جا موضوع پنهنجي سماج جا موضوع آهن، پنهنجي مٽي ۽ ماڻهن سان گڏ رهندي پيار پيڙا، پڇتاءُ،
دک، درد، آس، نراس، المين، اداسين، تلخين، بيواجبين، ريت روايت جي داخلي توڙي
خارجي ڪيفيت کي لفظن ۾ آندو آهي، اياز جي شاعري پنهنجي سماج جي شعوري لاشعوري ۽ نفسياتي
عڪس آهي، اياز رضوي پنهنجي شاعري ۾ جدت باوجود پنهنجي ڪلاسڪ سان رشتو جوڙي رکيو آهي،
پنهنجي ڌرتي جي مزدورن ۽ منصورن سان ڀٽائي وانگر پيار ڪري ٿو ڀٽائي سنڌ جي هر سڄاڻ
شاعر جيان اياز رضوي جو به رهنما آهي.
اڄ ريت روايت کي ٽوڙيون
هن ڳوٺ کي نئين آکاڻي
ڏي،
هر آفت کان محفوظ رهين،
توکي بخشي مولا جواڻي
ڏي
ڪاتي هيٺيان مرڪيا
آهيون،
ڪنڌ تي ڏئي لت رنو
آ،
ڪيڏو پيٽ بکايل خاطر،
در تي اُڇليل ڀت رنو
آ،
بستي ۾ بادشاهي آهي
شڪارين جي،
محفوظ ڪيسين رهندو
پنڇين جو آشيانو
مٽي کي ٿو مهڪائي،
مزدور بدن تنهنجو.
ڏس محل ڀريندي سيٺن
جا،
مزدور چڙهي ويا ڦاهي
تي،
هر دور ۾ حق جا نعرا
هڻي،
منصور چڙهي ويا
ڦاهيءَ تي.
هوا خوشبو اجالو
تون،
زماني کان نرالو
تون،
چٽيو پيو روح تي آهين،
ڀٽائي جو رسالو تون
وک وک تي ڪُٺي آهي،
ڇا دل شهيد ناهي.
اياز رضوي جي ٻولي سادي
سلوڻي ڳوٺاڻي ٻولي آهي، پنهنجي ٻهراڙي جي ماحول جا محاورا، چوڻيون، اُهڃاڻ، استعارا،
ترڪيبون ۽ تشبيهون کڻي ٿو، جن سان هن جي غزلن ۾ ٻولي جي حسناڪي جهلڪي ٿي
پيٽ ڀرڻ ۾ پورا
آهيون،
جانچ ڪٿي پڙتال ڪٿي
آ.
زمانو ڪري ڪوششون ڪيتريون،
سڄو زهر مان اوڇري
ٿو سمهان.
چرين وانگر چاهت
ڪرڻ،
ڏيندا رهندا جهاوا آهيون.
دنيا پيٽ مُجيري جو
۽،
سپنا سرڙئي هاري جهڙا.
پنهنجو آ پڪو رشتو،
هارين ۽ هرن جهڙو.
محبت کي سائنسي
فلسفي ۾ نه پر شاعري جي سٽن ۾ بيان ڪري سگهبو آهي، اياز رضوي محبت کي بيان ڪندي غزل
کي حُسن جو هندورو بڻائي ٿو، جنهن ۾ پڙهندڙ/ ٻُڌندڙن جو روح جهولي ٿو، اياز رضوي
ميران ٻائي وانگر سانوري جي رنگ ۾ رچيل شاعر آهي، ميران ٻائي چوي ٿي ته:
بن پيا جوت مندر اندهيارو،
ديپ دائي نه آوي.
(پيار جي جوت
کانسواءِ من جي اندر ۾ اوندھ ئي اوندھ آهي، ڏيئو به ڪم نٿو اچي)
اياز رضوي جي من ۾ سدائين
پيار جي جوت ٻرندي رهي آهي. پيار جي صحبت ۾ اياز رضوي شاعري جو بهار ڀرپور رکيو
آهي، خوبصورت بدن جي خوشبوءِ سٽن ۾ محسوس ٿئي ٿي. ڪن سٽن کي پڙهندي سيسراٽ اُڀري اچن
ٿا تصور ۾ بي اختيار ٿري لوڪ گيت تري اچي ٿو ته “ڪامڻ ڪري گيو ڙي” (جادو ڪري ويو
ڙي) فارسي جي ڪنهن شاعر چيو آهي ته: هرڻ ڀڄڻ وقت تو کان سکيو آهي، ٽپ ڏئي ڀڄڻ، بيهڻ
۽ “پوئتي ڏسڻ”
ڪامڻ ۽ هرڻ جا سمورا
آرپار هن جي غزلن ۾ موجود آهن.
پنهنجو تعلق ڪيئن توکي
سمجهايان،
گل بدن تي تون ماڪ سمجهي
ڇڏ،
آئون ٻي ڪا امان ڇو
ڳوليان،
پنهنجي ٻک جو هيراڪ
سمجهي ڇڏ.
***
تو بن زخمي عڪس جيان،
جيون بي گهر شخص
جيان.
قافلو منهنجي سوچن
جو،
مستن جي آ رقص جيان.
ٽهڪ رضوي ٿا آرسون
موڙن،
ساز ڪيڏا ڇڙي رهيا
آهن.
خوشبو، چنڊ ۽ تارن
کي،
دل جي گهر جو ڀاتي
رکجي.
خوشبو جي کرن جهڙو،
تُون مور پرن جهڙو.
جنت جون سِڪون لاهي،
ٿو حُور بدن تُنهنجو.
رک ڏور هوائن کان،
آ ٻُور بدن تنهنجو
***
اياز رضوي جون اهڙيون
سٽون پڙهندي ڪنهن کي هندي جي شاعر “ست سُئي” جي مصنف بهاري لال جي ڪوتا ياد نه ايندي؟
اياز رضوي جي شاعريءَ مان بهاري لال جي سٽن جهڙي سُڳند اچي ٿي
ڀوشن ڀار سنڀار هي
ڪيون يه تن سکمار،
سود هي پاءِ نه دهر
پرين، سو ڀائين ڪي ڀار.
(اي نفيس ڪامڻي
تون زيورن جو وزن ڪيئن کڻديئين، توکان جوڀن جو بار به سنڀالجي نه ٿو، جواني جي وزن
سبب تُنهنجا پير زمين تي سڌا نه ٿا پون)
ڏيٺ نه برت سمان
رُت ڪنڪ اڪنڪ سيس ڪات،
ڀوشڻ ڪر ڪر ڪس لگت،
پرس پچائي جات
(ڪامڻي جي جسم
جو رنگ سون جهڙو آهي، اُن تي چمڪندڙ زيور ڏسڻ ۾ نه ٿا اچن، ڇاڪاڻ ته ٻنهي جو رنگ هڪ
جهڙوآهي پر جڏهن هٿ سختي محسوس ڪري ٿو ته زيور جو پتو پوي ٿو)
هن ڌرتيءَ جو دودو
دلير جنهن جي لاءِ شيخ اياز چيو ته:
دودا تُنهنجو ساھ
ته ويندو،
پر ماڻهوءَ جو ويساھ
نه ويندو
صديون گذري ويون آهن
ماڻهن جو ويساھ اڄ به ساڳيو آهي، اياز رضوي پنهنجي ديس جي دودي جي پڳ کي روشن ڏسي ٿو.
دودا دلير تُنهنجي
ڇا پڳ ۾ روشني.
اهڙي طرح اياز رضوي
پنهنجي هيرن کي خراج تحسين پيش ڪندي روپلي ڪولهي ۽ شهيد بختاور کي پنهنجي ڪوتائن ۾
ڀيٽا ڏني آهي، شهيد بختاور تي اياز رضوي جو شعر پڙهي مونکي حبيب جالب جو حيدر بخش
جتوئي تي لکيل نظم ياد اچڻ لڳو. شهيد بختاور ۽ حيدر بخش جتوئي ٻئي هاري اڳواڻ هُئا
اسانجو هاري انهن جي جدوجهد جي نقش قدم تي قائم رهي ها ته سندن اڄ تقدير تبديل ٿي
چڪي هُجي ها.
جي بختاور جي واٽ وٺي،
ڇو هٿ کڄي هارياڻي ڏي!
اياز رضوي جي اهڙي
کري شاعريءَ جو بنيادي ڪارڻ اهو ويساھ آهي ته
مرڻو حُسين ناهي،
رهڻو يزيد ناهي.
اهڙو ويساھ رکندڙ
شخص سدائين مظلوميت جو طرفدار هوندو آهي هيڻي جي ڌُر ٿي بيهندو آهي، هُن کي حسيني پياس
وِک وِک تي ياد ايندي آهي اياز رضوي چوي ٿو.
پياس حُسيني ياد پوڻ
سان،
هٿڙن ۾ شربت رُنو آ
نفاست ۽ نزاڪت سان
مُحبت جي ڪونپل ڪچڙن احساسن تي شعرسرجندڙ شاعر مُحبت انهيءَ ڪيفيت ۾ شاعرِ انقلاب
بڻجي وڃي ٿو پر رومانس کي هٿان نه ٿو ڇڏي انقلاب جي اُنس کي رومانس جي رومال ۾ ويڙهي
پيش ڪري ٿو پُختي ۽ سگهاري شاعر جو اهو ئي ڪمال هوندو آهي.
مقتل گاهن جي گسن
تي مُروئي جي مهڪار آڻي، ڦاسي گهاٽ جي ڦندن کي سِڻي گل جيان محسوس ڪرائي، دلبري جي
دلڪشين کان وڌيڪ ڌرتيءَ جي دردن کان ڪوتا جي پاندن ۾ ميڙي مٽي هاڻن ماڻهن کي اتساهي
ٿو.
سنڌ ۾ پلجي نالي سان
ڇو،
بنگالي، گجراتي رکجي.
هن سنڌ جهڙو آهي منهنجو
وجود رضوي،
هڪ ڀيرو جيڪو آيو واپس
نه ٿيو روانو.
سڄي سنڌ نيڻن ۾
اڪريل اٿم،
ننگر ۾ ڪڏهن ساڪري ٿو
سمهان.
ڏياري هولي تُنهنجو
مُرڪڻ،
سنڌي ٻولي تُنهنجو
مُرڪڻ،
شال سنڌ ۾ هُجان،
موت ويجهو هجي،
من ۾ هرپل سنڌ وسي
ٿي،
ان جي هر ڪک پن ۾
آهيون
گهر کي جلائي ڏياري
هڪ ڪونه مون ڪئي آ،
منهنجو سڄو نسل ئي،
مون جهڙو آ ديوانو،
اياز رضوي لکڻ کي ڪڏهن
سستي شهرت جو ذريعو نه بڻايو آهي نه وري ڪڏهن ادبي محفل جي صدارت يا خاص مهمان جي
ڪرسي والارڻ واري خصيص خواهش من ۾ پيدا ڪئي آهي. هن ميراجِي جي “ڀرلي امرت پيالا پياري”
واري ڪيفيت ۾ ڪارين ڪجرين اکين جي اُلارڻ کان وٺي پارڪر جي ڳم ڳنڍير، ڏُٿ ۽ ڏوٿيئڙن
تائين هر منظر ۾ لفظ بازي کان آجي زندگيءَ جي ضمير جي سِٽ سِرجي آهي اياز رضوي جي
شاعري سنڌي سماج جو ذهني، شعوري ۽ نفسياتي عڪس آهي، هن پنهنجي وطن ۾ سياست ۽ ڪامورڪي
بدن تي مُنافقي ۽ لوڀ جي ڪيڙن کي ٻُر ٻُر ڪندي ڏٺو آهي! اياز رضوي کي سُڃ ۽ ڏُٿ
ڏوريندڙ ڏوٿيئڙا تمام پيارا آهن ماروئڙن کي درد مان آجو ڏسڻ جو هِن جي اندر ۾ اٺ
ئي پهر اُلڪو رهي ٿو جن وٽ نه اجهو آهي نه اٽو آهي نه آگاهي آهي نه آسرو.
اياز رضوي وائي، بيت
۽ نظم سان به خُوب نڀايوآهي، آئون هِتي صرف غزلن جو ذڪر ڪري سگهيو آهيان طوالت جي
ڊپ کان وائي، بيت ۽ نظم جي موضوعن کي ڇيڙيو ناهي پر گڍي ۽ گل گوماڻي کي اياز رضوي جي
شاعري ۾ ڪيئن نظر انداز ڪري سگهجي ٿو؟ چڻيندا جي ڳوٺ ۾ هٿ ۾ جهلي جام رام ريجهائڻ
واري رِيت رُوح ۾ ريلا ڪري اچي اُٿي. عيد ڏهاڙي به هٿين خالي گهر پهچندڙ ور جي درد
ڪهاڻي معاشي ترقيءَ جي هام هڻندڙن جي ڳل تي هٿوڙي وانگر لڳي ٿي. سماجي سُڌارن جي
دعوائن کي ڌوڙ ڪري ٿي “جانچي ڏس تاريخ کي “واري وائي ۾ رهزنن جي رهبريءَ کان بچڻ
جي لاءِ هوشياري جي هڪ صدين جي پيڙا جي صدا آهي. “نازڪ ڏاڍو دؤر آ” ۾ ديس پرديس لڳڻ
۽ ڏيهي ڏُور ٿيڻ جي اَذيت ۽ اَلمين جو چِٽو عَڪس پَسجي ٿو. انهن سمورين واين، بيتن
۽ نظمن ۾ پڙهندڙ پاڻ پنهنجو وجُود ڳولڻ جو اختيار رکي ٿو. مون کي ائين لڳو آهي
جيئن اردو جي ڪنهن شاعر چيو آهي ته ؛
يه عشق نهين آسان، بس
اتنا سمجھ ليجيئي،
اِک آگ ڪا دريا هي اور
ڊُوب ڪي جانا هي!
ڀارُو مَل اَمراڻِي سُوٽهڙ، چيلهار، ٿرپارڪر، ۱۱- جُولاءِ ۲۰۱۶ع
No comments:
راءِ ڏيندا