; سنڌي شخصيتون: ماستر محمد پريل سولنگي سيوهاڻي

22 June, 2022

ماستر محمد پريل سولنگي سيوهاڻي

ماستر محمد پريل سولنگي سيوهاڻي

(۱۹۲۴ع_ ۲۰ آڪٽوبر ۱۹۷۲) - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير



ماستر محمد پريل سولنگي سيوهاڻي ولد الهڏنو سولنگي جو جنم سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. پاڻ ڪيترائي ڊراما پڻ لکيائين. سنڌ جو ناميارو ادڪار نور محمد لاشاري سندس شاگردن مان هو. سندس مشهور ڪتاب “گلزار قلندر” آهي. گلزار قلندر جو اردو ۽ انگريزي ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪو آهي. ماستر وريل ڊراما پاڻ لکندو هو ته ان ۾ اداڪاري به ڪندو هو. پاڻ پرائمري اسڪول مين بوائز جو هيڊ ماستر به رهيو. سندس وفات ۱۱ رمضان ۱۳۸۲ھ ڏينهن جمع ۲۰ آڪٽوبر ۱۹۷۲ع تي ٿي. سندس تربت سيد ثابت علي شاھ جي مقبري جي پٺئين پاسي واري مقام ۾ آهي، جتي سندس نالي جي تختي به لڳل آهي. سندس هڪ ئي ڪتاب ’گلزار قلندر‘ ڇپيل آهي. ماستر محمد پريل سولنگي جي لکت جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.


“هر قلندر ۾ جا خاص خوبي هوندي آهي، سا هيءَ هوندي آهي ته هو ڪنهن جي گهر ۾ وڃي کاڌو نه کائيندو آهي، خواھ هو سفر ۾ هجي يا حضر ۾ پر جيڪڏهن ڪو سندس رهائش واري هنڌ تي کاڌو يا ڪا ٻيءَ شيءِ خلوص سان پيش ڪندو آهي ته اهو قبول ڪندو آهي. بشرطيڪ صدقو، نياز، زڪوات، يا خيرات مان نه هجي، بلڪ خاص نذراني ڪرڻ جي نيت سان آندو هجيس. کاڌو اڪثر سادو کائيندا آهن. جوَن جي ڪش، کچڻي، ماکي، ڌونئري، کٽاڻ، سائي ڀاڄي ۽ دال هنن کي وڌيڪ پسند ايندا آهن. قلندر جي مجلس ۾ دنيا جون فضول ڳالهيون قطعاً نه ڪندا آهن. هوءِ نهايت پاڪباز، خود دار ۽ غيور ٿيندا آهن. شرڪ، فسق، بدعت، نفاق ۽ اختلاف کان پري ڀڄندا آهن. سياسي خواھ غير سياسي تحريڪن. منافقانه سرگرمين ۽ فرقه بنديءَ جي اُلجهنن سان جو ڪو واسطو ڪونه هوندو آهي، نفاق ۽ اختلاف کان بلڪل پاڪ هوندا آهن. تعويذن ۽ اهڙين ٻين ٽڪساٽن کان پري هوندا آهن. قلندر وڏا صابر شاڪر ۽ باهمت هوندا آهن، هو ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو دست سوال دراز نه ڪندا آهن. هر حال ۾ خوش نظير ايندا آهن. هنن جي زندگي نهايت ئي خاموش ۽ پرسڪون هوندي آهي. (سولنگي، ۱۹۷۲: )

 

(مير حاجن مير جي فيسبڪ سائيٽ تان ۳۱ مارچ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا