; سنڌي شخصيتون: خير محمد ٻرڙو سيوھاڻي

14 June, 2022

خير محمد ٻرڙو سيوھاڻي

خير محمد ٻرڙو سيوھاڻي

(۲۹اپريل ۱۹۴۹ع - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير



خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي ولد حبيب الله ٻرڙو جو جنم ڳوٺ ڪاڇو واهڻ تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. ديني تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ملا محمد چني کان حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ بي اي، بي ايڊ، ايم اي اڪانامڪس ۽ ايم اي سوشيالاجي ۾ تعليم حاصل ڪيائين. ملازمت جي شروعات تعليم کاتي ۾ استاد، ان بعد ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ ائڊزون ڊولپمينٽ اٿارٽي (سازدا) گورنمينٽ آف سنڌ، ان بعد اسٽنٽ چيف پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ، ڊسٽرڪٽ آفيسر پلاننگ دادو، ڊسٽرڪٽ آفيسر فنانس ۽ پلاننگ سانگهڙ ۽ نوشهرو فيروز، جتان سرڪاري نوڪري جا چاليهه سال پورا ڪري رٽائرڊ ٿيو. خير محمد ٻرڙو سيوهاڻيءَ جي ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.


ذاتين جي انسائيڪلو پيڊيا ۲۰۰۶ع

سيوهڻ صدين کان ۲۰۰۹ع

اسمآءُ الله الحسنيٰ (الله تعاليٰ جا نالا) انگريزي ۽ سنڌي ۾ انهن جي معنيٰ ۲۰۱۳ع

سوانح حيات لعل شهباز قلندر شاعري (اردو) ۲۰۱۳ع

اسمآءُ المصطفيٰ صلي الله عليه وسلم ۲۰۱۶ع

سنڌو نديءَ جي مختصر تاريخ ۲۰۱۶ع

خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي سماجي ڪمن ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو آهي. پاڻ سگا جو مالياتي سيڪريٽري ۽ اطلاعات سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. کيس ڪيترائي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. تعريفي شيلڊ ۲۰۰۸ع طرفان حاجي خدا بخش راڄڙ ضلعي ناظم سانگهڙ، سگا طرفان حقيقي اسڪالر ايوارڊ ۲۰۱۰ع، ڪتاب سيوهڻ صدين کان، تي مليل شهباز ايوارڊ ۲۰۱۲ع ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ضلعو ڄام شورو.

خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي جي لکڻيءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

“انگريز ۱۲۶۹هه ۱۸۴۳ع ۾ ٽالپرن کي شڪست ڏئي سنڌ تي قابض ٿيا. سيوهڻ شهر اڳ ۾ تخت گاهه پئي رهيو. ليڪن هن دؤر ۾ ڊپٽي ضلعي جي حيثيت مليس. انگريزن طرفان (صاحب لوڪ) (گورا) آفيسر مقرر ٿيندا رهيا. هي تعداد ۾ ايترا ته هوندا هئا، جو چند سالن ۾ موت اچڻ سبب سندن هڪ وڏو قبرستان ٺهي ويو. جيڪي سيوهڻ قلعي جي ڀر م اولهه طرف هو جنهن کي (ڀورن جو مقام) چوندا هئا. هن وقت هن مقام جا رڳو تباه ٿيل نشان نظر اچن ٿا. حقيقت ۾ انگريز ميان غلام شاهه جي دؤر حڪومت ۾ پنهنجا قدم سنڌ اندر رکي چڪا هئا، جن سان ۱۱ آڪٽوبر ۱۷۶۸ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي هڪ واپاري ٺاهه ڪري کين رعايتون ڏنيون هيون. ڪلهوڙن جي حاڪميت جي بعد انگريز، ٽالپرن کي ۱۸۴۳ع ۾ مياڻي جي دٻي جي جنگ ۾ شڪست ڏئي سنڌ تي قابض ٿي ويٺا. سندن اهو قبضو ۱۲۶۹هه، ۱۸۴۳ع کان ۱۴ آگسٽ ۱۳۶۷هه ۱۹۴۷ع تائين هليو. سربارٽل فريئر سنڌ ۾ ڪمشنر ٿي آيو ته هن شهر جو صفائي ۽ سٿرائي خاطر ميونسپالٽين جو بنياد وڌو اهڙي طرح ۱۸۶۶ع ڌاري سيوهڻ کي به ميونسپالٽيءَ جو درجو مليو. (ٻرڙو، ۲۰۰۹: ۳۶۶)

حوالا:

(۱) ٻرڙو خير محمد، سيوهاڻي، ۲۰۰۹: سيوهڻ صدين کان مراد پبليڪيشن سيوهڻ شريف.

 

(مير حاجن مير جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۳ جون ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا