; سنڌي شخصيتون: نور ناز آغا

25 June, 2022

نور ناز آغا

نور ناز آغا

مار! نور ناز آغا به وڇڙي وئي

عوامي آواز



سڄي زندگي قانون-انصاف جي بحالي ۽ انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ پتوڙيندڙ، مظلوم/محڪوم قومن ۽ طبقن جي سياسي، جمھوري ۽ انساني حقن لاءِ پتوڙ/جدوجھد جي علمبردار، نامور قانوندان سانئڻ محترمه نور ناز آغا جو وڇوڙو سنڌ جي سياسي، سماجي، جمھوري ۽ انساني حقن واري تحريڪ توڙي سنڌ ديس جو وڏو نقصان آھي!


سانئڻ نور ناز آغا پنھنجي شاندار ڪردار، اخلاص، اخلاق توڙي کلمک طبعيت سبب وڏي عرصي تائين ياد رکي ويندي! سال ۲۰۰۸ع کان جڏھن حيدرآباد پوليس اسان جي خاندان خلاف بدترين رياستي تشدد جي شروعات ڪئي ته تڏھن فقط سانئڻ نور ناز آغا صاحبه ۽ سندس ور سائين شھريار مرزا ئي اھڙا ڪردار ھئا جن بنا ڪنھن معاوضي جي اسان کي قانوني معاونت جي آڇ ڪئي ۽ عدالت ذريعي انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪرڻ ۾ نھايت اھم ۽ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ اسان جو ڪٽنب پوليس گردي خلاف مھاڏو اٽڪائڻ ۾ اھل ٿي سگھيو!

سانئڻ نور ناز جي وڇوڙي جي خبر دل کي ڌوڏيندڙ ثابت ٿي آھي! جو سندس وڇوڙي سان مون جھڙا لاتعداد فرد ۽ خاندان انساني ۽ قانوني حقن جي حوالي سان ھڪ شفيق ڪردار کان محروم ٿي ويا آھن!

سندس وڇوڙي تي سائين شھريار مرزا، ڀائرن/ڀينرن ۽ خاندان سان گھري ڏک جو افسوس ڪجي ٿو!

 

(ذلفي ميراڻي جي پوسٽ تان کنيل)

**

 

ايڊوڪيٽ نور ناز آغا، حيدرآباد سنڌ جي ويجھي تاريخ ۾انساني حقن لاءِ ھڪ متحرڪ، اعلي ۽ اتم سوچ واري عورتاڻي توڙي سماج جي ھر ھڪ طبقي جي حقن جو حامي ڪردار رھي آھي.

سال ۱۹۸۸ع کان وٺي ۱۹۹۶ع تائين ھو اسان جي سنڌي قومي ساٿ جي پليٽ فارم تان ھلايل ڏتڙيل سنڌين جي آباد ڪاري، ٽنڊو بھاول ڪيس ۽ باندي کيت مزدورن جي تحريڪ تي وس پڄندي ھر فورم تي اسان جي کنيل مسئلن تي ڳالھائڻ ۾ ڪا ھٻڪ محسوس نه ڪندي ھئي. مون کي حيدرآباد سيشن ڪورٽ ۾ سڏائي صلاحون به ڏيندي ھئي. ٻه سال اڳ مون ڪراچيءَ ۾ ڏانھس ھڪ خاتون جو ڪيس قانوني مدد لاءِ اماڻيو ھو. ھڪ ڀيرو ڳالھائڻ کان پوءِ وري ڪونه ڳالھائين، ان تي ڪنھن پراڻي قومي ڪارڪن ذوالفقار ميراڻي ٻڌايو ته ھن جي صحت بھتر ناھي.

اڄ ھو اسان ۾ نه آھي، پر گهٽ ۾ گهٽ حيدرآباد جي متحرڪ سماجي ماحول ۾ ھن جو ادا ڪيل اعلي متحرڪ ڪردار گهڻن خدائي خدمتگار مزاج وارن انسانن کي اتساھيندو رھندو! سنڌ جي ساڃھه وند تاريخ ۾ ھن جو ڪردار امر ۽ ھڪ گس سونھين وارو ٿي قائم رھندو!

 

(قريشي حفيظ عقيلي جي پوسٽ تان کنيل)

**

 

مون ڪجهه سال اڳ هيء تصوير فيس بڪ تي رکي، جنهن تي ادي ارشاد عباسيءَ ڪمينٽ ڪيو ته ”ٽئي زور عورتون“. تنهن بعد جڏهن ادي نور ناز آغا وٽ ادي حميده ۽ منهنجو وڃڻ ٿيو ته ڳالهين دوران ٻڌايومانس ته ادي ارشاد عباسي اسان ٽنهي کي زور عورتون پئي چيو. ان تي ڏاڍيون کليونسين.

اڄ ادي ارشاد عباسي به ناهي ۽ ادي نور ناز آغا به وڇوڙو ڏئي وئي. ٻئي سنڌ جو اثاثو ۽ تاريخ ساز عورتون هيون، جن تي ضرور تفصيل سان لکبو. گذريل هفتي ادي حميده چيو ته هل ته ادي نور ناز آغا سان ملي اچون. هوءَ اسپتال ۾ آهي. جنهن ڏينهن اسان کي ساڻس ملڻ وڃڻو هو ان ئي ڏينهن، اسر ويل اسان جو موڀي ڀاءُ (ڀيڻ قمر جو گهروارو) طاهر عباس وڇڙيو ته اسين ان حادثي کي منهن ڏيڻ ۾ لڳي وياسين. سوچيوسين ته ٻيهر وينداسين پر اهڙو موقعوئي نه آيو ۽ ڪالهه هيءَ ڏکاري خبر ملي. اڄ انتهائي ڏک واري گهڙيءَ ۾ ادي نورناز آغا جو ڳالهائڻ جو منفرد انداز، سندس ڳالهيون، گفتا ۽ ٽهڪ ڪنن ۾ گونجن ٿا. موت کي مهڻو ناهي، پر پيارن ماڻهن جو وڇوڙو ماري ٿو ڇڏي..

جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا...

 

(ڊاڪٽر عابده گهانگهرو جي پوسٽ)

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۳ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



ڇا نور ناز آغا وڇڙي سگهي ٿي؟

حميده گهانگهرو

انتهائي ڏک واري خبر جڏهن ڪنن تي پهتي ته ايئن محسوس ٿيو ڄڻ اوچتو ڪو سامونڊي طوفان اچي ويو هجي، ڄڻ آسمان ۾ ڪا لرزش آئي هجي، آسماني بجلي جا ڪڙڪاٽ زمين آسمان کي ڦاڙيندا هجن. بلڪل، اها خبر منهنجي لاءِ ايئن هئي.

ادي نور ناز آغا، ڪنهن سڃاڻپ جو محتاج نالو ناهي. جڏهن منهنجي ساڻس  ڪا ملاقات نه هئي تڏهن به کيس ايئن سڃاڻيندي هئس ڄڻ ورهين کان اسانجو ڪو تعلق آهي ۽ ڇو نه هجي. هو رڳو هڪ بهترين قانوندان نه پر قانون جي دائري کي هر محور کان سمجهڻ ۽ صحيح طرح عمل ڪرائڻ واري هئي نور ناز جي انساني حقن لاءِ جاکوڙڻ سنڌ جي سياسي، سماجي، سوشل آرگنائيزيشن ذريعي هر بي پهچ تائين پهچڻ واري سندس همدردي جي جذبي کي وسارڻ ناانصافي ٿيندي.

گريجوئيشن کانپوءِ سندس من ۾ ايل ايل بي ڪرڻ جو خيال آيو. هن ايم اي اڪنامڪس ۾ به ڪئي پر سندس وڪالت جي ڊگري زندگيءَ جو اهم مقصد رهي،  بار جوائن ڪيائين ۽ قانوني سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳي ۱۹۸۴ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري حيدرآباد بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار جي به جوائنٽ سيڪريٽري چونڊجي وئي پوءِ ۱۹۹۲ع ۾ ڪراچي بار جي به جوائنٽ سيڪريٽري چونڊجي آئي. انساني حقن جي ميمبر رهي. تقريبن ۲۵ سالن تائين جوڊيشل ڪميشن جي ميمبر رهي، ان کانپوءِ وائيس چيئرپرسن آف سنڌ بار ڪائونسل ۽ پاڪستان جو جوڊيشل ڪميٽي جي پهرين عورت هئي.

محترمه نور ناز پنهنجن عهدن سان نڀايو. هوءَ بي انتها سگهارو آواز هئي. عورتن جي حقن بابت منهنجي جڏهن به ساڻس ڳالهه ٻولهه ٿي ته بي باڪيءَ سان موقف رکيائين عوامي آواز جي ويب چينل جي پروگرام ”سرتيون“ ۾ پڻ جاندار موقف رکيائين. عورتن جي ناگهاني واقعن تي آن لائين موقف ڏيڻ لاءِ ڪڏهن به انڪار نه ڪيائين. 2021 مارچ لاءِ ناصر خٽڪ ۽ مون سندس لائيٽ هائوس واري آفيس ۾ هن هراسمينٽ ۽ عورتن جي قانوني معاملن تي واضع موقف رکيو. ڪيترو به قيمتي ٽائيم هجيس پر مونکي ڪڏهن به انڪار نه ڪيائين ۽ ڪوشش ڪري اڪثر ڳالهه ٻولهه ڪندي رهندي هئي. ڪي به ڳنڀير مسئلا هوندا هئا ته مان پنهنجي عوامي آواز ۾ آرٽيڪل لکڻ کان اڳ کانئُس قانوني راءِ ضرور وٺندي هئس. عوامي آواز لاءِ سندس همدردي ۽ تعاون جو جذبو انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته عوامي آواز جي شروعاتي وقت ۾ ڪجهه ماڻهن جي غلط روين ڪري مسئلا ٿيا. آغا نور ناز قانوني طور تمام پيچيدگين کي ختم ڪرايو.انٽرويو دوران ناصر کي چيائين مان توهان جي گهر ايندي هئس توهين ته ننڍا هئا هاڻي ايڏو وڏو ٿي وئين. ناصر چيس توهانجي سرپرستي رهي انهيءَ ڪري حالتن وڏو ڪري ڇڏيو. مطلب سندن نظرياتي ڪامريڊن، سياسي، سماجي شخصيتن مطلب هر ڪنهن جي ڪم اچڻ واري هئي ۽ ڪيترا ڪيس مفت ۾ وڙهيائين سندس زندگيءَ جي مقصد جو نچوڙ پئسا ڪمائڻ گهٽ انساني همدردي وڌيڪ رهيو، ڄڻ هيءَ وڪيل سماج  جي ساک بچائڻ ۽ ناانصافين کي مات ڏيڻ لاءِ هئي.

اڪثر جڏهن به مان گهر وئي مانس ته ماني کارائڻ کانسواءِ نه ڇڏيندي هئي. بلڪه پڇندي ڪاڏي ٿي وڃين، هتي مون سان، رهه. سندس جيون ساٿي شهريار مرزا به تمام بهترين قانوندان آهي. ٻنهي جي جوڙي پراعتماد ۽ نهايت خوشگوار رهندي هئي. انتهائي کل مک ڏکن کي ڄڻ واچوڙي ۾ ويڙهي پري ڪري ڇڏيندا هئا، ٻنهي جو چوڻ هئو ته پئسا جوڙڻ ڏکيا ناهن پر سماج سان ويساهه جوڙڻ ڏکيوآهي. انسان جو پئسي تي ساهه ويندو آهي پر اسين سوچون ٿا ته اسانجو ويساهه نه وڃي. پنهنجي قابليت کي ٻين لاءِ جياپو بڻائڻ جي تمام گهٽ ماڻهن ۾ صلاحيت هوندي آهي.

اڄ ڪلهه ڪنهن کي به ٿورو اسٽيٽس ملي ٿو ته ڪنڌ ۾ قلي ۽ ڪپڙن جو ڪلف ڪو جهول ئي پيدا نٿو ڪري. ادا  شهريار (سندس جيون ساٿي) ڪمري ۾ويٺا ڪچهري پيا ڪريون چيائين ادي ڏسو بيبي (نور ناز کي هميشه بيبي چوندو هو) هميشه پيرن ۾ سادي سافٽي پائيندي آهي کڻي ڪنهن به جاءِ تي وڃي پر سندس چپل اهائي هوندي. انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته سندس طبيعت ۾ ڪو ڏيکاءُ يا وڏائي نه هئي. سندس شخصيت کي شايد اهڙين شين جي ضرورت ئي نه هئي. جيڪي  سوچ ۾ سمند جيڏي مهانتا رکن، انهن کي ڏيکاءُ جي بلڪل ضرورت نه هوندي آهي.

هيءَ انقلابي خاصيتن کي سيني ۾ سانڍي عملي طرح سڀني جو ساٿ ڏيندي رهي. ۽ انهيءَ تصور کي بلڪل ختم ڪري ڇڏيو ته رڳو انقلاب کانپوءِ ماڻهو خوشحالي جو سوچين هوءَ انفرادي طور پنهنجي ذات ۾ انقلابي جذبي تحت سڀني جو ساٿ ڏيندي رهي.

هڪ ڏينهن اوچتو عابده گهانگهري فون ڪيو سندس ڪو سروس جو مسئلو هو. فون تي ادي نور ناز سان ڳالهايو اديءَ چيس حميده سان گڏ منهنجي گهر اچ. عابده کي گهر ڏٺل نه هو. مينهن به وسي پيو پر عابده جي مسئلي کي سمجهندي هن سان گڏ ويس، ٻئي ڄڻا ڏاڍو خوش ٿيا. عابده کي پورو تفصيلي ڪيس سمجهائي حوصلو ڏنائون ۽ خوب ادبي سياسي ڪچهري به ٿي، چيائين ادي عابده، ادي حميده سان ايندا ڪيو. هيءَ ته اسانجي گهر جو ڀاتي آهي. ان کانپوءِ زبردستي ماني به کارايائين. کاڌي جون ڳالهيون ٿيون ته عابده چيو مان توهان کي ڪڙهي پچائي کارائينديس ۽ ٻئي دفعي ڪڙهي پچائي کڻي هلي. مطلب هنن جي انهيءَ پنهنجائپ وارو رويو ۽ خلوص ڄڻ رت جي رشتي کان به وڌيڪ هوندو هو.

آغا نور ناز جهڙيون عورتون هن سماج ۾ آڱرين تي ڳڻڻ برابر آهن. نفسا نفسي شوبازي، پاڻ کي اهميت ڏئي ٻئي کي گهٽ ڪرڻ، ڪوڙ ڳالهائي سچ کي گمنامي جي اوڙاهه ۾ ڌڪڻ، خاص طور ڪوڙ ڳالهائي پنهنجو پاڻ کي پڏائڻ جهڙين ڪرهت آميز حرڪتن کان آغا نور ناز جو سفر تمام ڏورانهين رستي تي هلي رهيو هو. ٽي تلوار ڪولمبس جا رستا اڄ به قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ته آغا نور ناز جو سايو نظر نه ايندو.

سال ۲۰۰۹ع ۾ نذير عباسيءَ جي ڪيس جي جاچ لاءِ مون پروفيسر جمال نقوي ۽ ڪمال وارثي ڪراچي پريس ڪلب تي پنهنجي ساٿين جبار خٽڪ، ضمير گهمري، جاويد قاضي، حاصل بزنجو، غلام نبي چانڊيو، رمضان ميمڻ ۽ ڪافي ساٿين سميت پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ وڪيل جي ٽيم ٺاهڻ لاءِ نالا تجويز ڪيا، انهن ۾ ادي نور ناز جو به نالو ڏنو. مون کيس فون ڪري اجازت ته ورتي جيڪا اخلاقي طرح وٺڻ گهربي هئي چيومانس ادي نذير عباسي ڪيس جي جاچ ۾ وڪيلن جي ٽيم جوڙيون ٿا توهانجو نالو ڏنو آهي ٽهڪ ڏئي چيائين تنهنجو مون تي ڀروسو ايترو پختو آهي جو هاڻي ته ڪيڏي به مصروفيت هجي مان ضرور ٽيم ۾ شامل ٿيندس. ڪاش ادي! وقت جا فرشتا انتظار ڪن هان اڄ سنڌ جو عوام، جو مظلوم عورتن، باشعور قوم جي حق خاطر وڙهندڙ نوجوان، سياسي سماجي انصاف جا طلبگار ڪولمبس ۽ هاءِ ڪورٽ، سپريم ڪورٽ، سيشن ڪورٽ کيس  ڪٿي ڳوليندا. ادي نور ناز توهان جيڪو به وقت هن ڌرتي جي ڌڻين جي انصاف لاءِ ڏنو، ان وقت کي سلام ۽ اوهان جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۵ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا