ڊاڪٽر مسعود سهتو
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين
- ساهتي پرڳڻي، ڪنڊيارو جو مڻيادار ماڻهو
خالد حسين چنا
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن
کي املھ ۽ لازوال ڪردارن جي بي لوث ماڻهن جي ساٿ هڪ تنظيم مان هڪ تحريڪ ۾ تبديل ڪيو.
ٻين ڪاڻ جيئڻ جو جذبو اهڙن ڪردارن کي به سدا قائم ڪندو ٿو اچي. ڇاڪاڻ ته ماڻهوءَ
جو موت برحق آهي پر ڪردار هميشه رهڻو آهي، جنهن کي ڪوبه انت يعني موت نه آهي. مرشد
لطيف چواڻي ته ”دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس“، بلڪل اهڙيءَ ريت ساهتي پرڳڻي جو سدا
ملوڪ ڪردار ڊاڪٽر مسعود سهتو سگا سٿ جي تسبيح جي انهن داڻن منجهان هڪ آهي، جن سگا
جي لڙيءَ ۾ پئجي هڪ تسبيح جي شڪل ڏني آهي.
پروفيسر عبدالستار
ابڙي ڊگري ڪاليج ڪنڊياري جي مئگزين’ساهتي‘ ۾ هن جي لاڏاڻي کانپوءِ مضمون لکيو هو
ته ”ڊاڪٽر صاحب جي شعور ۽ دانشمندي ۾ هيءَ سوچ سمايل هئي ته فقط آسمانن ۾ پکين
وانگر اڏامڻ، مها ساگر ۾ مڇين جيان ترڻ وڏي ڳالھ نه آهي پر زمين تي انسانن وانگر
سليقي سان رهڻ ۾ ڪمال آهي. ان فڪر جي فڪر ۽ سوچ تحت پاڻ پنهنجي ڏات ۽ ڏانوءَ سان
اهڙا ماڻهو پيدا ڪرڻ لاءِ نرسري پوکي، جيڪي ٻوٽا هاڻي وڌي مڪمل وڻ ٿي چڪا آهن، جن
جي سونهن، سرهاڻ، ڇانورو هر ڪو پسي رهيو آهي ۽ انهن جي ميوات مان لطف اندوز ٿي
رهيو آهي. گلن جهڙو سهڻو، گلاب جي گل جهڙي خوشبو ڏيندڙ انسان دوست، انسانيت جي جذبي
سان سرشار مسعود احمد سهتي جو ۱۹۵۹ع ۾ جنم ٿيو. سندس والد جو نالو حاجي امير بخش سهتو هو..
ڊاڪٽر مسعود
پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ پرائمري اسڪول ڳوٺ محمد حيات سهتو ۽ مڊل تائين تعليم گورنمينٽ
ماڊل اسڪول ڪوٽڙي محمد ڪبير مان پاس ڪرڻ کان پوءِ ميٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول هڱورجا
مان پاس ڪيائين. انٽر اسلاميه ڪاليج سکر مان ڪرڻ کان پوءِ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو
مان MBBS
جي ڊگري حاصل ڪيائين. ملازمت جو آغاز ضلعي
نوابشاھ کان ڊاڪٽر جي حيثيت سان ڪيائين تنهن کان پوءِ نوابشاھ سول اسپتال مان بدلي
ڪرائي ڪنڊيارو سول اسپتال ۾ نوڪري ڪيائين..
نوابشاھ ۾ رهڻ دوران
سندس ناتو سگا سان جڙيو. پاڻ سگا ڪنڊيارو شاخ جا ميمبر هئا. پاڻ ڪيترا ئي ڀيرا سگا
۾ مرڪزي عهدن تي رهيو. هو سگا جو مرڪزي ايسوسيئيٽ چيئرمين ۽ ۱۹۹۲-۱۹۹۳ع ۾ وائيس چيئرمين پڻ رهيو. هن سگا ڪنڊيارو شاخ جي پليٽ فارم
تان تمام گهڻيون سماجي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ڪيترا ئي پروگرام پڻ ڪرايا.
ڊاڪٽر مسعود احمد
سهتو سگا ڪنڊيارو شاخ جو ۲۰۰۲ع ۾ صدر ٿيو ۽ ان سال ئي جشن لطيف ملهايو ويو، جنهن
دوران ساڻس حاجي رفيق احمد مهيسر ٽي ڀيرا جنرل سيڪريتري رهيو. پاڻ ۶ سال لڳاتار شاخ جو صدر رهيو. جشن لطيف ۾ هڪ
ڪتاب لطيف جي ڊائري، سنڌ جو شاھ عبداللطيف نالي ڪتاب به ڇپرايو. ان ڪتاب جي مهورت ڊاڪٽر
محمد سليمان شيخ کان ڪرائي وئي. ان پروگرام ۾ مينا بازار به لڳرائي وئي ۽ ماڻهن جي
وندر لاءِ راڳ رنگ جي پروگرام جو پڻ اهتمام ڪيو ويو، جيڪو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ ڪنڊيارو
۾ ٿيو. ان پروگرام ۾ ماڻهن تمام وڏي انگ ۽ انتهائي جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪئي..
ڊاڪٽر مسعود احمد هر
سال اکين جي ڪئمپ، چمڙي جي ڪئمپ ۽ ۱۶، ۱۷، ۱۸ مارچ تي عورتن جي بيمارين جي هر سال ميڊيڪل سينٽر تي ٽي
روزه ڪئمپ جو اهتمام ڪرائيندو هو. سندس مشغلن ۾ غريبن جي خدمت ڪرڻ اوليت هوندي هئي،
پاڻ غريبن سان تمام گهڻي همدري رکندو هو ۽ ساڻن تمام گهڻي محبت ڪندو هو. هو پنهنجي
مادري وطن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان بي حد پيار ڪندڙ هو. تعليم سان سندس لڳاءُ تمام گهڻو
هوندو هيو..
ڊاڪٽر مسعود ساهتي
پبلڪ اسڪول جي نالي سان هڪ اسڪول به قائم ڪيو. ڊاڪٽر هجڻ جي ڪري انسانيت جي جذبي
سان ڀرپور سرشار هوندا هئا. سنڌيت ۽ انسانن جي خدمت سندس رت ۾ سمايل هئي. ڊاڪٽر مسعود
تمام بهترين مهمان نواز پڻ هو. سگا جي سفر ۾ هن سان گڏ رهندڙ ساٿي محترم حاجي رفيق
احمد مهيسر چئي ٿو ته هو ماني کارائڻ کانسواءِ ڪنهن کي به نه ڇڏيندو هو. ماني جو وقت
هجي يا نه ماني تيار ڪرائي وٺندو هو. چوندو هو ته ويلي تي ۽ وقت تي ته سڀڪو ماني
کارائي ٿو پر بي وقتي ته ڪو ڪو ماني کارائي، اهو سندس وڏو وڙ هو. هو فاني جهان ڇڏي
پنهنجو لافاني ڪردار پوکي ويو..
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب
تنوارين،
آديسي اٿي ويا مڙهيون
مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين،
سي لاهوتي لڏي ويا
ڊاڪٽر مسعود سهتو صاحب
غريبن جي تمام گهڻي مالي مدد ڪندا هو. غريب شاگردن کي اسڪالر شپ ڏيڻ، غريبن جا مفت
آپريشن ڪرائڻ ۽ پاڻ آپريشن ڪرڻ پنهنجو اولين فرض سمجهندو هو، پاڻ سرجن به هو. سندس
ڪنڊيارو ۾ ”حسام ميڊيڪل سينٽر”اڄ به قائم آهي ۽ وس آهر خدمتون ڏئي رهيو آهي..
ڊاڪٽر مسعود ۲۳ آڪٽوبر ۲۰۰۹ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، پر
پنهنجن ساٿين، يارن ۽ دل وارن جي زندگيءَ مان ڪيترن ئي رنگن ڀري زندگيءَ کي ٻسي ڪري
ويا..
زندگي اهڙي ڀلي، ٽڪ
تي رليءَ جهڙي
مان وڇايان، تون نه
ويهين،
ڇونه پوءِ ويڙهي ڇڏيان.
علي رضا قاضي لکي ٿو
ته اسان جي سهڻي، البيلي سڄڻ ڊاڪٽر مسعود احمد سهتي کي جڏهن ڪجھ ڏهاڪن کان پوءِ
سندس جاني ڀائر، اولاد، وني ۽ دوست ياد ڪندا ته هو اُهو ئي جواڻ جماڻ، سهڻو، ڦڙت ۽
جاندار نظر ايندو، ڇاڪاڻ ته سندس لازوال مونا ليزا جهڙي مُرڪ ڪڏهن به مرڻي ناهي. هن
جي اکين جي اها چمڪ ڪڏهن به جهڪي پوڻي ناهي، جنهن کي ڏسڻ سان زندگي ۽ عاشقيءَ جنو سڀ
رونقون توهان جي اڳيان ادب جا هٿ ٻڌي بيهي رهن ٿيون. شايد کيس اهو دلڪش تصور ڇڏي وڃڻو
هو. ساهتيءَ جو هي سهڻو جوان پاڻ ته ڪنهن اڻڄاتل منزل ڏانهن روانو ٿي ويو پر ڪيترن
ئي غريب، مسڪين ۽ لاچار ماڻهن کي رڻ ۾ رولي ويو..
نه سي ونئڻ وڻن ۾، نه
سي ڪاتارِيُون،
پسيو بازاريون، هينئڙو
مون لوڻ ٿئي.
ٻهڳڻي شاعر اياز گل
جو نظم ساهتي پرڳڻي جي سخي ڊاڪٽر مسعود جي نانءُ ياد تازي ڪري ڇڏي ٿو.
ياد جيئن جيئن
پرين! تنهنجي ايندي وئي
درد جي هر گهڙي دور
ٿيندي وئي
هر طرف روشني، ساز،
سرهاڻ آ
جنهن ۾ احساس مٺڙا ڇڏيندي
وئي
ياد جيئن جيئن
پرين! تنهنجي ايندي وئي.
پهريون ڊرافٽ.. ۲۰ نومبر ۲۰۲۰
خاص تعاون... حاجي رفيق احمد مهيسر، سگا ڪنڊيارو
No comments:
راءِ ڏيندا