; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ انور پنهور

23 June, 2022

ڪامريڊ انور پنهور

ڪامريڊ انور پنهور

(۸ آگسٽ ۱۹۵۹ع) - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير



سنڌ جو نامور ڪهاڻيڪار، ڊراما رائيٽر، سماج سڌارڪ، ڪامريڊ انور پنهور ولد محمد صالح پنهور جي گهر ڳوٺ ٻڌڙ تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم اي عالمي سياست ۾ آهي. پاڻ پهرين (سازدا) پوءِ هاءِ اسڪول ٽيچر رهيو. پاڻ پاڪستان ٽريڊ يونين سنڌ جو صدر پڻ رهيو آهي. سندس سڄي عمر سماج کي سڌارڻ ۽ مزورن جي حقن لاءِ ڳالھ ڪندي گذري وئي آهي. ترقي پسند، فڪري، سوشلسٽ اڳواڻ رهيو آهي. سندس ڪيل جدوجهد شاندار آهي. هن جو ذهن، اٿڻ ويهڻ، ڪچهري ڪرڻ سوشلٽ آهي. هي هر روز متحرڪ رهندڙ شخص نظر ايندو آهي. سندس ادبي خدمتون ساراھ واريون آهن.


مٽي جي قيمت (ڪهاڻيون) ۱۹۸۸ع

سندس هي ڪتاب ادبي نالي گوتم سنڌي جي نالي سان شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي قابض ڌرين جي ادارن سنڌي ماڻهن سان جيڪي ظلم ۽ ڏاڍ ڪيا انهن کي پڌرو ڪيو ويو آهي. ڌاڙيل جي آڙ ۾ ننڍن وڏن کي گولين سان پروڙ ڪيو ويندو هو. ۽ سنڌ جي ڌارين جي آبادڪاري کي ڪهاڻين وسيلي نديو ويو آهي. ۽ ڀرپور نموني لکيو ويو آهن ۽ ٻيا ڪتاب انور پنهور جي نالي سان لکيائين.

(۲) وڏچريو جزيرو. (ڊرامو) ۱۹۸۸ع.

هن ڪتاب جي باري ۾ نصير مرزا لکي ٿو ته:

“انور پنهور جي ناٽڪ ’وڏ چريو جزيرو‘ کي جيئن جيئن مان پڙهندو ويس حيران ٿيندو ويس ڇا. . .! ته ڪو بنھ ليکاري اهو به پنهنجي پهرئين ناٽڪ ۾ ايڏو انوکو ۽ نئون آئيڊيا سبحانه الله مون کي ته هي ناٽڪ سچ پڇو ته ميڊيا ۽ اسٽيج لاءِ لکجندڙ روايتي ناٽڪن ۾ هوا جي خوشگوار جهونڪي وانگر ئي محسوس ٿيو آهي. (مرزا، ۱۹۸۸)

وڏ چريو جزيرو انڪري هڪ وڏو ڊرامون آهي، جو ان ۾ موجود سماجي حالتن جي اپٽار، ڪردار جي تمام سولي چرپر ٿيل آهي. (ميمڻ، ۱۹۸۸)

(۳)ليبر قانون صنعتي لاڳاپن جو آرڊينس ترميم شده ۱۹۶۹) (ترجمو) ۱۹۹۴ع.

(۴)ڪميونسٽ پڌرنامو ترجمو (۲۰۰۲)

هي ڪتاب مارڪس ۽ اينگلس جي پڌر نامن جو ترجمو آهي.

(۵)انقلاب ۲۰۰۴ع

ڪتاب جي مضمون ’شڪاگو مزدور تحريڪ‘ ۾ مصنف لکي ٿو ته: ۲۰ آگسٽ ۱۸۶۶ع تي آمريڪا جي شهر بالٽي مور ۾، آمريڪي ٽريڊ يونين جي قومي وفاقي اداري کي مسحقم ڪرڻ لاءِ اجلاس سڏيو ويو. جنهن ۾ قومي مزدور تحريڪ جو بنياد وڌو ويو. هن جلاس ۾ گهر ڪئي وئي ته مزدورن کي غلامي مان نجات ڏياري وڃي ۽ اهڙو قانون منظور ڪيو وڃي جنهن ۾ ڪم جا ۸ ڪلاس مقرر ڪيا وڃن. جنهن وقت ۱۸۷۱ع ۾ فرانس ۾ پيرس ڪميون جو انقلاب جاري هو. ته ساڳي وقت آمريڪا ۾ پڻ مزدور گهٽين ۽ رستن تي هئا ۽ خاص ڪري شڪاگو ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارڙن جا مظاهرا جاري هئا. جن جو خاص نعرو هيو ته ’بکين کي ماني‘ ’اگهاڙن کي ڪپڙا‘ ۽ بي گهرن کي اجها ڏيو. هن بيچنيي واري صورتحال کي ڏسندي سرمائيدار مڇريا جدوجهد کي دٻائڻ لاءِ پورهيتن کي سخت سزائون ڏنائون (پنهور، ۲۰۰۴: ۴۴)

عوام پنهنجي انقلاب جي ڳولا ۾ ۲۰۱۱ع

(۷)سوشلسٽ انقلاب کان پوءِ پاڪستان (ترجمو) ۲۰۱۲ع

ڪامريڊ انور پنهور مزدورن جو ساٿاري ۽ غريبن جو همدرد رهيو آهي. سندن ڪيل جدوجهد واکاڻ جوڳي آهي. هو سرمائيدارن جي خلاف ۽ دنيا جي انسانن کي هڪ جهڙو ڏسڻ ٿو چاهي. رياست جي ڏاڍ جبر تي خاموش نه ويهندو آهي. پورهيتن جي حقن جو پاسدار، انسانيت جو پيروڪار، ذهني فڪري سگھ رکندڙ شخص آهي. دنيا جا مزدور هڪ ٿيو پيغام ڦهلائيندو رهي ٿو.

سندس لکڻ جو اسلوب بهترين اٿس، ڊرامو ڪهاڻي، ترجمو سهڻي نموني لکي ٿو. سماج جي حالتن جو اظهار پنهني قلم ذريعي نرورا ڪري ٿو . هو خاموش نه ٿو ويهي جي پنهنجي ڪا تخليق ن ٿو لکي ته ڪو بهترين ترجمو پڙهندڙن کي ڏئي ٿو وجهي.

مددي ڪتاب ۽ حوالا:

مرزا، نصير ۱۹۸۸: وڏ چريو جزيرو، انور پنهور، مخدوم بلاول پبليڪشن، ڪراچي.

ميمڻ، عثمان، ۱۹۸۸: وڏو چريو جزيرو، انور پنهور، مخدوم بلاول پبليشن، ڪراچي.

پنهور، انور، ۲۰۰۴:انقلاب، طبقاتي جدوجهد پبليڪيشن حيدرآباد.

 

(مير حاجن مير جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۹ مارچ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)



ڪامريڊ انور پنهور

(سوشلسٽ اڳواڻ، ترقي پسند اديب ۽ مترجم - مھراڻ جا موتي)

ساجد رند

انور پنهور ۸ مئي ۱۹۵۹ ڳوٺ ٻڌڙ ديھ جهنڊياڻي تعلقي سيوهڻ ضلعي ڄامشوري ۾ محمد صالح پنھور جي گھر ۾ جنم ورتو.

پاڻ پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول،  مئٽرڪ طالب المولا هاءِ اسڪول مان، انٽر استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان، بي اي ۽ ايم اي (بين الاقوامي تعلقات شعبي ۾) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيائون.  اي پيشي جي لحاظ کان پاڻ ۱ ڊسمبر ۱۹۸۵ ۾ سنڌ ايرڊ زون ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سازدا) ۾ آفيس اسسٽنٽ طور ۲۰۰۴ع تائين ملازمت ڪئي، ان کاتي کي بند ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ استاد طور پنهنجا فرض ادا ڪرڻ کان پوءِ مئي ۲۰۱۹ ۾ رٽائرمينٽ ورتي.

ڪامريڊ انور شاگردي دور کان اخبارن ۾ ڪهاڻيون ۽ افسانا لکڻ شروع ڪيا، ھڪ گمنام ليکڪ طور تي سنڌ ۾ ۱۹۸۳ جي ايم آر ڊي تحريڪ دوران ڪيل فوجي آپريشن ۾ جيڪي به قتل عام ٿيو انهن جون سچيون ڪهاڻيون لکي "مٽيءَ جي قيمت" نالي پهريون ڪتاب ڇپرايو. ضياء آمريت جي جبر سبب ان جي کلي طرح پذيرائي نه ٿي سگهي.

ڪامريڊ انور پنهور لکڻ سان گڏوگڏ سياسي طور به وڏو سرگرم ڪردار ادا ڪندو پيو رھي، سازدا ۾ ملازمت جي دوران سازدا اسٽاف يونين جي صوبائي صدر طور تي ڪم ڪيو، اتي ليبر لاز سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري انهن جو ڪتاب ڇپرايو.

ڪامريڊ پھريان پهرين سازدا اندر پوءِ سنڌ اندر پورهيتن جي حقن جي جدوجهد جي شروعات ڪئي، کاٻي ڌر سان واسطو رکندڙ، سوشلسٽ انقلاب جو پرچم ھٿ ۾ کڻي نڪرندڙ ڪامريڊ انور سياسي طور وطن دوست مزدور فيڊريشن، ترقي پسند مزدور فيڊريشن ۽ آخر ۾ طبقاتي جدوجهد سان لاڳاپيل پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪئمپن کي پنهنجي انقلابي جاکوڙ جو  مرڪز بڻايو آھي.

ڪامريڊ انور پنهور جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.

۱. مٽيءَ جي قيمت (ضياء دور ۾ لکيل سچيون ڪھاڻيون)

۲. وڏ چريو جزيرو (ڊرامو)

۳. عوام پنهنجي انقلاب جي ڳولا ۾ (سياسي ۽ انقلابي تجزيو)

۴. ڪميونسٽ پڌرنامون (مارڪس ۽ اينگلس جي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو)

۵. سوشلسٽ انقلاب کانپوءِ پاڪستان؟ (ڪامريڊ لال خان جي ڪتاب جو ترجمو)

۶. انقلاب (سمورن انقلابن جو ذڪر)

۷. پاڪستان ۾ انقلاب جا آثار (اڻڇپيل)

۸. ڪارڪن ڪھاڻي (آتم ڪٿا)ـ (اڻڇپيل)


No comments:

راءِ ڏيندا