; سنڌي شخصيتون: شيخ محمد فاضل

15 June, 2022

شيخ محمد فاضل

استاد شيخ محمد فاضل

عبدالحسين موسوي



جھين جي ساڃاء، رڙهان ٿي رندن ۾۔ (حسيني: د ٤، ب ٩)

استاد محمد فاضل جو وڏن سائين سيد عطا حسين موسوي ۽ سيد عبدالحسين موسوي سان نھايت پنھنجائپ ۽ پريت وارو رستو هو۔ خاص سائين عطا حسين موسوي ته کيس ڏاڍو ڀائيندو هو ۽ استاد جي علمي قابليت ۽ صلاحيتن تي کيس گھڻو اعتماد هو۔ سيد عطا حسين شاھ جڏهن سيد صاحب ڏني شاھ بلڙي واري جي ڪلام کي ترتيب پئي ڏنو تڏهن استاد فاضل سان صلاح مصلحت لاء کين خط لکيا هئائون۔ اهي خط شري نند لعل 'نندن' جي ڪتاب “آديسي اسور وڄائي واٽ ٿيا” ۾ ڇپيل آهن۔ ٻنھي موسوي ڀائرن جي وفات کان پوء غالبا واٽ ٽٽي پئي۔ ائين ورهيه وهامي ويا۔ اها سال ۱۹۸۴ع جي ڳالھ آهي۔ تن ڏينھن آء ڊگري ڪاليج سکر ۾ يارهين درجي ۾ پڙهندو هئس۔ انھي سال جي هڪ ڏينھن سید ڊاڪٽر امجد حسين بن سيد شفقت حسين بن عطا حسين موسوي ڪنھن سرڪاري ڪم سانگي ڏهرڪي اسھيو، موٽ تي جنھن بس ۾ چڙهيو، انھي ۾ ئي استاد محمد فاضل به سوار ٿيو۔ بس ۾ ويھڻ جي جاء به لاڳيتي ملين۔ هڪ ٻئي سان حالي حوالي ٿيا، پراڻي سڃاڻپ نڪري آئي۔ سائين موسوي صاحبان جي اڻ ڇپيل ڪتابن بابت به پڇا ڪيائون۔ ڊاڪٽر صاحب استاد کي گھر اچڻ جي نينڍ به ڏني ۽ ٻڌايائونس ته اهي اڻ ڇپيل وٿون منھنجي سڳي سوٽ عبدالحسين وٽ آهن، جيڪو هينئر سکر ڊگري ڪاليج ۾ يارهون پڙهندو آهي۔ سائين هڪ ٻن ڏينھن جي وٿي سان اسان وٽ قرب جا قدم ڀري آيو۔ مون ڏسندي ئي سائين کي سڃاڻي ورتو ڇاڪاڻ سائين ڊگري ڪاليج ۾ سنڌي پڙهائيندو هو۔ ائين سائين سان سڃاڻپ نصيب ٿي۔ ان پھرين ملاقات ۾ سائين مون کان وڏڙن جي ڇڏيل علمي ورثي متعلق پڇيو۔ مون اوڏي مھل ئي استاد کي موسوي صاحبن جا غير مطبوعا آثار کڻي اچي ڏيکاريا۔ سائين ڊاڪٽر صاحب سان انھن جي ڇپرائڻ متعلق صلاح به ڪئي۔ ان کانپوء سائين مون کي ڏاڍو ڀائيندو ۽ نھايت مان ڏيندو هو۔ آء ڪاليج مان واندو ٿي اڪثر سائين جي گھر هليو ويندو هئس۔


سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهو ئي ٿيو۔ [استاد جا ڏنل ٻه سبق] (ڪلياڻ)

١۔ انھن ڏينھن ۾ ئي مون پنھنجو هڪ مضمون سائين کي اصلاح لاء ڏيکاريو، سائين مضمون ڏسڻ کان پوء چيو ته توهان روزانو رڳو ويھ منٽ اڳين نثر نگارن جيئن عطا حسين موسوي جو “ڪچ ڪوڏيون”، ليکراج ڪشنچند 'عزیز' جو “ادبي آئينو”، ڪريم ڏني راڄپر جو “ڪک هيٺيان لک” وغيره جي مضمونن جا ڪتاب پڙهندا ڪريو، ڇھن مھينن جي اندر توهان جون لکڻيون چيدي، نج ۽ صاف ادبي ٻولي جي صورت وٺي بيھنديون۔

٢- تن ڏينھن ۾ مون ڊاڪٽر علي شريعتي جي هڪ تقرير “سرخ شيعت” جو اردو مان الٿو ڪري استاد کي ڏيکاريم۔ سائين مڪمل ترجمو ڏٺو ڪجھ درستين ڪرڻ کان پوء چيائون: سدائين “تز لفظ” ڪتب آڻيندا ڪريو، ڀل ان جي ڳولھا ۾ توهان کي ڏينھن لنگھي وڃن۔

مون کي ڪوٺيو پاڻ ڏي هاديء هٿ کڻي. (حسيني: د ٥، ب ٢)

ڪجھ عرصي کان پوء پاڻ ڪمال مھرباني فرمائيندي چيائون: ڪاليج مان واندا ٿي ڪري مون وٽ لطيف سائين جو رسالو پڙهندا ڪريو۔ آء هفتي جا ٻه ٽي ڏينھن سائين وٽ شاھ سائين جو رسالو پڙهڻ ويندو هئس۔ سائين اڳ ۾ سر جو تفصيل، قصي جون مختلف روايتون، ڏکين لفظن جون معنائون ۽ تشريح پڻ بيان ڪندا هئا۔

استاد محمد فاضل کي نظم توڙي نثر تي يڪسان درسترس حاصل هئي۔ ڪاليج واري زماني ۾ هڪ ڏينھن وٽس حاضر ٿيم، ان ٽاڻي مون وٽ امام روح الله خميني نورالله مرقده جي عرفاني غزلن جو مجموعو هو۔ استاد اهو مون کان وٺي مختلف ورقن جو مطالعو ڪندي اچرج ڏيکاريو، مون ان مھل استاد کي هڪ غزل جي منظوم سنڌي ترجمي لاء عرض ڪيو۔ استاد دير ئي نه ڪئي ۽ رڳو پنڌرهن منٽن ۾ نج سنڌي ۾ منظوم ترجمو ڪري ڏنائون۔

جيئن ته استاد وڏن سائين جي ڪتابن ڇپرائڻ جو خيال ڏيکاريو هو، ان ڏس ۾ سائين پھريون مرحوم عبدالحسين موسوي جي مضمونن جي مجموعي “ڪمزوريون” کي ڇپرائڻ لاء چونڊيو۔ سائين مذڪور ڪتاب سکر ۾ ئي ڪمپوزنگ تي ڏنو ۽ مون کي چيائون ته توهان به ڇپائي جي مرحلن کي ڏسو ته ڪتاب ڪيئن ڪمپوز ٿئي ٿو، پروف ڪيئن پڙهبا آهن وغيره۔ ائين آء سائين جي مھرباني سان ڪمپوزنگ ۽ پروفن پڙهڻ کان به واقف ٿيس۔

مون سائين کي عرض ڪيو ته پاڻ مرحوم عبدالحسين شاھ تي ڪجھ لکي مذڪور ڪتاب ۾ شامل ڪن۔ سائين هائوڪار ڪئي البت چيائون ته ان ڏس ۾ مرحوم جي حال حيات شاگردن ۽ ڪن واسطي وارن سان ملي احوال ڪٺو ڪجي۔ اوڏي مھل ذهن تي ٽي شخصيون تري آيم جيڪي مرحوم متعلق پنھنجون يادگيريون ونڊي سگھيا ٿي۔ سيد وڏل شاھ جج ڍڀري وارو، جناب علي محمد مھر ۽ سيد غلام مصطفي عرف وريل شاھ موسوي سکر پراڻو۔ تن ڏينھن ۾ سيد وڏل شاھ ۽ مھر صاحب اڪثر اسان جي اوطاق تي اچي ٻه ٽي ڏينھن ضرور ٽڪندا هئا۔ پوء جيئن ئي ٻئي صاحبان آيا ته مون استاد کي اطلاع ڪيو۔

جناب علي محمد مھر واري ڪچھري ۾ هڪ انڪشاف ٿيو۔ جيڪو هن ريت آهي۔ مھر صاحب ايم اي پئي ڪئي۔ تن ڏينھن ۾ کيس پرڏيھ (شايد بيروت) وڃڻو پئجي ويو۔ کيس روهڙي واسي لطيف سائين جي عاشق، شاعر، اديب ۽ تعليمي ماهر فقير محمد قاضي تخلص 'قانع' تي مونو گراف لکي جمع ڪرائڻو هو۔ مھر صاحب جي وڃڻ ۾ ٻه ڏينھن هئا۔ پرڏيھ سفر جي انتظامن ۽ ٻين مامرن کي به منھن ڏيڻو هوس۔ مرحوم عبدالحسين موسوي هڪدم استاد محمد فاضل ڏي ماڻھو موڪليو، ٻئي ڏينھن استاد صبح سوير پھچي ويو۔ نيرن ڪرڻ کان پوء عبدالحسين شاھ، فقير محمد 'قانع' بابت سمورو مواد استاد حوالي ڪري کين چيو ته مونوگراف اڄوڪي ڏينھن ۾ لکي پورو ڪرڻو آهي۔ پوء استاد شام تائين سڄو مونوگراف لکي پورو ڪيو، جنھن کي عبدالحسين شاھ نظر مان ڪڍي ٿورڙي ڦيرڦار سان قطعي شڪل ڏني ۽ پوء اهو ٻئي ڏينھن جمع ڪرايو ويو۔

هي سال ۱۹۸۶ع جي ڳالھ آهي جو سنڌ جي سپورنج ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، استاد کي چيو ته روهڙي جي ذي علم گھراڻن وٽ سانڍيل قلمي ذخيرو ڏسڻ گھرجي ان لاء ڪو گس ڪڍو۔ استاد جن سڌو مون وٽ روهڙي آيا۔ کين چيم حاضر۔ ٻن ڏينھن کانپوء استاد، ڊاڪٽر صاحب کي ساڻ وٺي روهڙي پھتا۔ ساڻن گڏ ڊاڪٽر جو فرزند به هو۔ پھريان آء کين سيد سومر شاھ جيلاني وٽ وٺي ويس، پوء گل محمد انصاري وٽ۔ ٻنھي وٽ ڊاڪٽر صاحب قلمي ذخيرن جو معائنو ڪيو۔ سيد سومر شاھ وٽان ڪي مخطوطا وڌيڪ اڀياس لاء کانئس عاريتا ورتائون۔ البت انصاري صاحب ساڻن وچن ڪيو ته ڊاڪٽر صاحب کي گھربل مخطوطن جي فوٽو ڪاپي ڪرائي کين ٽپال ذريعي موڪلي ڏيندو۔ سائين مرحوم سومر شاھ وٽان اٿي جانشاهين وٽ وڃڻو هو، پر ڊاڪٽر صاحب چيو آء انھن جو قلمي ذخيرو ڏسي چڪو آهيان۔ بلوچ صاحب جي فرزند سائين سومر شاھ جو اڪيلو ۽ سموري ساٿ جا فوٽو به ڪڍيا۔ شاھ صاحب جي هڪ الماري تي ايفل ٽاور رکيو هو اهو بلوچ صاحب جي فرزند کي وڻي ویو۔ سيد سومر شاھ هڪدم اهو بلوچ صاحب جي فرزند کي تحفي ۾ ڏنو۔

ٿوري عرصي کان پوء استاد فرمايو ڊاڪٽر صاحب پنھنجي ڪتاب: “سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ” ۾ سيد بدرالدين رضوي جي هڪ سنڌي بيت جو ذڪر ڪيو آهي جنھن کي پنھنجي سر ڏسڻ چاهيان ٿو، تنھنڪري جانشاهين وارو نسب نامو جنھن ۾ اهو لکيل آهي، ڏسڻو اٿم۔ آء سائين کي وٺي اچي مسجد عراق ۾ ويھاري سيد غلام رسول شاھ جانشاهي وٽ ويس۔ سيد شجرو کڻي مون سان گڏ مسجد ۾ آيو، سائين انھن صفحن جو اڀياس ڪري لاڳاپيل سموري فارسي عبارت ترجمي سميت ٻڌائيندي چيو ته اهو بيت سيد بدرالدين جو چيل ناهي بلڪ سندس هڪ خيرخواھ جو چيل آهي۔

اڄ نه پسان سي، آتڻ ڪتيم جن سين،

هاڻي تنين کي، ڪنڌي ڪاڪ نھاريان (مومل راڻو)

پٺيء لڳي جن، ڪميڻي ماڙهو ٿئي۔ (حسيني: د ٩، ب ٤)

استاد محمد فاضل ولد رحيم بخش شيخ، پھرين جنوري ۱۹۳۰ع جي ڳوٺ مارو والا، تعلقي اٻاوڙي ۾ ڄايو۔

استاد جي پرائمري تعليم جو آغاز ڳوٺ مارو والا مان ۱۹۳۶ع ۾ ٿيو، جتي چار درجا پڙهيو۔ والد جي ريتي شھر ڏي تبادلي سبب پنجين کان ڇھين درجي تائين ريتي ۾ پڙهيو، جنھن کان پوء اسڪول ۾ پڙهڻ بدران مختلف مدرسن ۾ ديني تعليم پرايائين۔ ۱۹۴۷ع ۾ ڏهرڪي جي اسڪول مان ستون درجو ۽ ورنيڪيولر جو امتحان پاس ڪيائون ۽ پوري ضلعي ۾ پھريون حاصل ڪيائون۔ مئٽرڪ خانگي طور شڪارپور مان، بي اي ۱۹۶۹ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ٻئين پوزيشن ۽ ايم اي پھرين پوزيشن ۾ به اتان ئي سال ۱۹۶۱ع ۾ ڪيائون۔ ان کان علاوه بي ٽي ۽ ايم ايڊ به سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائون۔

استاد محمد فاضل تعليم کاتي کان ملازمت جو آغاز ڪيو ۽ ڳوٺ ڇتي لنڊ تعلقي ميرپور ماٿيلي جي پرائمري اسڪول ۾ نائب ماستر مقرر ٿيا۔ پوء ڳوٺ گلو پتافي ۾ بدلي ڪرائي آيا۔ ايم پاس ڪرڻ کان پوء وڌيڪ سکيا وٺڻ لاء سال ۱۹۶۴ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ اسڪول ۾ ويا ۽ پوء اتي ئي استاد مقرر ٿيا۔ ڪجھ وقت لاڙڪاڻي ٽريننگ اسڪول ۾ به رهيا۔ انھي دوران بي ٽي به پاس ڪيائون۔

سال ۱۹۶۱ع ۾ سنڌ ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن ۾ درسي ڪتابن جي تصحيح جون جوڳيون خدمتون سرانجام ڏنائون۔

ويسٽ پاڪستان ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران سال ۱۹۶۴ع جي حيدرآباد سنڌ ۾ ريجنل آفيس کولي وئي ۽ استاد جي صلاحيتن ۽ خدمتن کي ڏسندي کيس اڪيلو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور مقرر ڪيو ويو، جتي پاڻ پنج ورهيه رهيا ۽ اڪيچار درسي ڪتاب ترجمو ڪيائون۔

استاد ويسٽ پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ۲۹ ڊسمبر ۱۹۶۹ع جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر ۾ ليڪچرار مقرر ٿيا ۽ نيٺ ساڳئي ڪاليج مان پروفيسر جي حيثيت ۾ ۳۱ ڊسمبر ۱۹۸۹ع جي رٽائر ٿيا۔

پاڻ ٽي ڀيرا حج جي سعادت ماڻيائين، پھريون حج سال ۱۹۹۲ع ۾ ڪيائون۔

استاد ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۶ع جي سکر ۾ لاڏاڻو ڪيو۔ وصيت پٽاندڙ کين سندي اباڻي ڳوٺ: محمد بخش شيخ ۾ مسجد جي ڀر ۾ چوديواري اندر پنھنجي والد جي پيراندي کان مٽي پنوڙو ٺاهيو ويو۔

مون استاد جي سوانح جناب غازي خان مھر جي ايم فل لاء لکيل مقالي: “شيخ محمد فاضل جي ادبي خدمتن جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو” - تان اختصار سان ورتي آهي البت استاد جي ڪتابن تي تبصرو پاڻ لکيو اٿم۔

علمي آثار

نصابي ڪتاب:

- سنڌي چوٿون ڪتاب، ڀاڱو ٻيو

- سنڌي پنجون ڪتاب، ڀاڱو ٻيو

- سنڌي ستون ڪتاب، ڀاڱو ٻيو

- جاميٽري نائين ۽ ڏهين ڪلاس لاء

- جنرل سنڌي

- “ماڻڪ ملھ مھانگا”

شاگردن جي سھولت خاطر يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي نصاب لاء سنڌي سونھون تيار ڪيائون جيڪو فيضان مدينه پبلشر ڇپرايو۔

- “سري جا سرموڙ” [ايم اي لاء روهڙي سب ڊويزن جي ادبي تاريخ تي مونو گراف]

هي مقالو ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، پھرين ۾ سب ڊويزن جي عمومي، انتظامي ۽ طبعي تاريخ ۽ ٻئي ۾ ادبي شخصيتن جو احوال ڏنو اٿس۔ هي مقالو روهڙي سب ڊويزن جي ادبي تاريخ جو اهم ماخذ آهي۔ استاد سموري سب ڊويزن ۾ هنڌين ماڳين پنھنجي سر سفر ڪيو ۽ اڪيچار سڄاڻ شخصيتن کان لاڏاڻو ڪري ويل اديبن ۽ شاعرن وغيره جو احوال ۽ ڪلام هٿ ڪري مقالي ۾ هيڪاندو ڪري سدائين لاء سانڍي ڇڏيو۔ جيڪڏهن هو ان وقت اها زحمت نه ڪري ها ته اسان کي انھن شخصيتن بابت اڄ ڪوبه ٻڌائي نه سگھي ها۔ ان جو رڳو هڪ مثال روهڙي جو غلام علي قاضي آهي۔ هي مرحوم عطا حسين موسوي جو همعمر، هم سبق ۽ گھاٽو دوست هو۔ مذڪور شخصيت جو احوال ۽ سندس ڪلام عبدالحسين شاھ موسوي حافظي جي بنياد تي استاد کي لکرايو هو۔ ڪيترن ناميارن فاضل اديبن هن مان خوب استفادو ڪيو۔ انھن مان سردست جناب گل محمد گلاڻي، استاد سائين حامد علي خائي جن ياد اچن ٿا۔

- “ماٿيلي اٻاوڙي جي ٻولي”

استاد ڊاڪٽر بلوچ جي ترغيب تي ھي تحقيقي مطالعو سنڌ جي اتر اڀرندين سرحد واري ماٿيلي - اٻاوڙي جي ٻولي بابت ڏهن اهم عنوانن هيٺ پيش ڪيو۔ ڊاڪٽر بلوچ هن مطالعي کي “مثالي مطالعو” ليکيو آهي۔

استاد پنھنجي هن ۾ املھ ڪتاب ۾ ٻين عنوانن کان علاوه

- ماٿيلي - اٻاوڙي جي ٻولي ۾ پھاڪا ۽ چوڻيون ۱۸۸

ماٿيلي - اٻاوڙي جي ٻولي جا اصطلاح

ماٿيلي - اٻاوڙي جي ٻولي جا خاص لفظ

۱۴۶صفحن تي آڌاريل هي ڪتاب

۱۹۹۲ع ۾ اشاعت هيٺ آيو۔

استاد مون کي هي ڪتاب ۱۴ فروري ۱۹۹۳ع ۾ تحفتا عنايت ڪيو۔

- “مثالي ٻاراڻو ڪتاب”

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي رهنمائي ۾ سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري زبون حال پرائمري تعليم کي سگھارو ۽ معياري بڻائڻ واسطي استادن کان ڪتاب لکرايا۔

استاد فاضل کي ورهين جي مطالعي ۽ تجربي جي روشني ۾ “هجي واري قديمي طريقي” کان به چڱي پر واقف هئي ته “سيکائتي نروار يا ٻاراڻي ڪتاب” جي “راست طريقي” مطابق لکجڻ جي به ڀلي ڀت ڄاڻ هئي۔ انھي باريڪ مامري کي آڏو رکي هن هي ڪتاب “تھجي طريقي” مطابق تيار ڪيو۔ ان ڏس ۾ استاد الف ب سيکارڻ لاء روايتي شناختي لفظن کي ڇڏي لاڪنائن سيکارڻ وارا الفاظ ڪتب آندا آهن۔ ڪاميٽي ڪتاب منظور ڪري ڇپرايو۔

- “اصغر سائين جو ڪلام”

صاحب “خزانت المعرفت” ۽ “خزانت الاسرار” سيد علي گوهر شاھ 'اصغر' “بنگلي ڌڻي” (٤ رجب ١٢٣١ھ / ۱۸۱۶ع - ١١ جمادي الاول ١٢٦٣ھ / ۱۸۴۶ع) بن پير سائين صبغت الله شاھ “تجر ڌڻي” سنڌي قافي نظم جو يڪتا شاعر آهي۔ استاد وڏي جاکوڙ ۽ نھايت عرق ريزي سان اصغر سائين جو ڪلام سھيڙيو، پاڻ سندي تفصيلي مقدمي ۾ شاعر جي طبع جي رواني، نازڪ احساسات جي فطري لطافت، ڪلام جي صرفي ۽ نحوي وضاحتن، تصوف جي باريڪ نڪتن ۽ دقيق مسئلن کي کولي سمجھائڻ کان علاوه ڏيڍ هزار لفظن جي شرح پڻ ڏني اٿس۔ استاد سائين فاضل، اصغر سائين جون ۶۳۲ ڪافيون سرن هيٺ پر قافين وار ترتيب ڏنيون آهن۔ جنھن ۾ ستيتاليھ (۴۷) حرفن وارا قافيا موجود آهن۔ پاڻ جڏهن اصغر سائين جو ڪلام سھيڙي رهيا هئا تڏهن مون سان ڳالھ ڪيائون۔ مون وٽ اصغر سائين جي ڪلام جو هڪ اهم بياض جيڪو 'بيدل' سائين جي دلي دوست پير محمد قاضي لاء لکيو ويو هو، ازانسواء ٽن علحده ڪاپين تي پڻ شاعر جو ڪلام موجود هو، سائين جي خدمت ۾ حاضر ڪيم۔

“اصغر سائين جو ڪلام” ۱۹۹۹ع ۾ جميعت علماء سڪندريه جامعه راشديه درگاھ پير صاحب پاڳاره پير جو ڳوٺ، ڇپرائي پڌرو ڪيو۔

استاد مون کي پنھنجو هي املھ تحقيقي ڪتاب ۲۴ ڊسمبر ۲۰۰۱ع جي پروفيسر سائين شمس ڪلوڙ جي هٿان ڏياري موڪليو۔ پاڻ اندرين ٽائيٽل تي هي عبارت لکي شرف بخشيندي عزت افزائي ڪيائون:

“محترم سائين سيد عبدالحسين موسوي (ثاني) جي خدمت ۾۔

جيڪڏهن موسوي صاحب اصغر سائين جي ڪلام جو اصلي نسخو نه عطا ڪن ها ته شايد هن ڪتاب جي موجوده اشاعت وجود ۾ اچي نه سگھي ها۔ سندن احسان مون تي ۽ سنڌي ادب تي قائم ۽ دائم رهندو۔”

- “چونڊ مضمون ۽ مقالا”

اڳين برک نثر نويسن جي مضمونن کي ورجائي ورجائي پڙهڻ سان لفظن جي ذخيري ۾ اضافو اچي ٿو خاص ڪري نج ۽ تز لفظن جي سڃاڻ کان علاوه لکڻين ۾ رواني ۽ سلاست پيدا ٿئي ٿي ۽ لکڻ جو ڏانء اچي ٿو۔ سراسري طور علمي مايو وڌي ٿو، جنھن ڪري نثري لکڻين ۾ پختگي پيدا ٿئي ٿي۔ اهو ئي سبب هو جو اسان جا اڳيان فاضل مضمون ضرور لکندا هئا۔ استاد محمد فاضل اها ئي ڳڻ ڪندي چونڊ مضونن جو مجموعو ترتيب ڏنو۔ جنھن ۾ چوڏهن جيد مضمون نويسن جا اڻويھ مضمون گڏ ڪيا آهن

- “چومکي” (لغت)

ڊاڪٽر ايس ڊبليو فئلن (۱۸۱۷ع جي ڪلڪتي ۾ ڄايو ۽ ۱۳ آڪٽوبر ۱۸۷۶ع جي انگلينڊ ۾ فوت ٿيو)

Fallan's Urdu English Dictionary

مرتب ڪئي هئي۔ استاد محمد فاضل مذڪور لغت مان لفظ چونڊي انھن جا سنڌي ۽ سرائيڪي لفظ آڻي ٻه ٻوليائي لغت کي چئن ٻولين تي آڌاريو هو۔

استاد کي اگھائي ۽ پوء موت مھلت نه ڏني جنھن ڪري مذڪور لغت کي حياتي ۾ قطعي شڪل ڏئي ڇپرائي نه سگھيو۔ بيماري کيس هن لغت جي مڪمل ديباچي لکڻ جي به ويسند ڪانه ڏني۔ پاڻ سندي اڻ پوري ديباچي ۾ اصل فرهنگ نويس جو مختصر زندگي نامو ۽ ڪن چونڊ اھڙن لفظن جي اپٽار ڪئي اٿس جيڪي جيئن جو تيئن سنڌي ۾ اڄ به ڳالھايا وڃن ٿا البت اردو ۾ ڪڏهوڪو متروڪ ٿي چڪا آهن۔ مثال طور:

گاهنا: ڳاھڻ

اتر مونهاں: اتر منھن

آتم گھاتی: آپگھات

هننا یا مار ڈالنا: هڻڻ۔ سنڌي ۾ اهو فعل ڪنھن ٻي اسم جي پٺيان ڪم ايندو آهي۔ جھڙوڪ: ڌڪ هڻڻ، طعنو هڻڻ وغيره، پر ڪڏهن ڪڏهن اڪيلي سر به ڪم ايندو آهي۔ مثلا:

هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ؛ مانجھين اي مرڪ. (شاھ)

استاد پنھنجي هن پورهيي کي ڪمپوز به ڪرايو هو۔ پر پھرين پروف کان ڪم اڳتي وڌي نه سگھيو۔ پروفيسر محمد اسماعيل 'منصور' سومري ڏهرڪائي ڪمپوزر وٽان مسودو حاصل ڪري سوڌي سنواري - مٿس “چومکهي” نالو ڌري، لطيف ادبي تنظيم (لات) سنڌ پاران سال ۲۰۱۸ع ۾ ڇپائي هي املھ اثاثو بچائي تحسين جوڳو ڪم ڪيو آهي۔

“فيروز اللغات” مطابق “چومکھی” جي معني: “چار منه کا” ۽ “چار بتی کا چراغ”۔ سنڌي ۾ “چئن وٽن وارو ڏيئو”۔ “چومکي لغات” معني هڪ ڏيئو جنھن جون چار وٽون: اردو، سرائيڪي، سنڌي ۽ انگريزي۔

لغت جي نالي متعلق هڪ ڌيان جوڳي ڳالھ: “چومکي” لفظ “ک - کٽ” کي اردو واري “کھ” سان لکيو ويو آهي؟ جيڪا سھو لڳي ٿي۔

- “سنڌي صورتخطي متعلق ڊاڪٽر الانا صاحب جي سفارشن تي هڪ نظر”

استاد هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر الانا جي “سنڌي صورتخطي متعلق خيالن” تي وڏي ادب سان ٽيڪاٽپڻي ڪئي آهي۔ ڊاڪٽر الانا جي نظرين تي تبصري لکڻ مھل سندس ٽي ڪتاب: “سنڌي صورتخطي”، “سنڌي ٻولي جو اڀياس” ۽ “سنڌي ٻولي جي سر صوتين جا مسئلا” استاد جي آڏو رهيا۔ استاد ڄاڻايو آهي ته ڊاڪٽر الانا ماضي توڙي حال جي ٻولي جي ماهرن ۽ وڏن اديبن جي سنڌي صورتخطي جي ابتڙ هڪ علحده گس ورتو آهي بلڪ هن پنھنجي تصنيفن ۾ ڊاڪٽر بلوچ ۽ جويي صاحب جي صورتخطي تي گھڻي تنقيد ڪئي هئي۔ استاد ڏسائي ٿو ته ان سڀ ڳالھين جي باوجود ڪو به الانا صاحب جي ورتل گس تي عمل پيرا نه ٿيو۔ استاد هي ڪتاب ۲۰۰۶ع ۾ سکر مان ڇپرايو هو۔

 

(عبدالحسين موسوي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۱ جون ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا