; سنڌي شخصيتون: اين ڊي جتوئي

28 June, 2022

اين ڊي جتوئي

اين ڊي جتوئي

(سندس وڇوڙي تي)

اعجاز ممنائي



موت مهڻو ناهي، خالق جي تخليق ۾ موت اها حقيقت آھي، جنهن جو ڪو به مذهب يا ڪوبه شخص انڪار نٿو ڪري سگهي، هر ڪوئي اهو ئي چوي ٿو ته جيڪا شيءِ ٺهي آھي، ان کي هر حال ۾ فنا ٿيڻو يا ڊھڻو آھي پر ان فنا کي بقا ڏيڻ لاءِ مالڪ ڪردار جي تخليق ڪئي آھي، جنهن لاءِ انسان هن دنيا ۾ جاکوڙ ڪري ٿو ۽ پنهنجا اڻ مٽ نقش چٽي پاڻ کي صديون ياد ڪرائي ٿو، لطيف سرڪار جي بقول ته:

مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات،

هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا.


نظام الدين جتوئي عرف المعروف اين ڊي جتوئي ۴ ڊسمبر ۱۹۴۳ع ۾ ڳوٺ پراڻا جتوئي تعلقو مورو ۾ دين محمد خان الهرکيو خان جتوئيءَ جي گھر ۾ جنم ورتو، سندس والد پهرئين شادي پنهنجي خاندان مان ڪئي، جنهن مان کيس ڪوبه اولاد ڪونه ٿيو، تنهن ڪري ٻي شادي سولنگي خاندان مان ڪئي، جنهن مان کيس ٻه نياڻيون ٿيون، ان کان پوءِ ٽين شادي قمبراڻي خاندان مان ڪيائين، جنهن مان کيس ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد ٿيو، انهن سڀني ۾ وڏو پٽ اين ڊي جتوئي آهي، ان ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي، جڏهن ته سيڪنڊري تعليم سينٽ بونا هاءِ اسڪول حيدرآباد نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪري اعليٰ تعليم يعني بي اي مسلم ڪاليج حيدرآباد ۽ ايم اي اسلامي ڪلچر سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين، ان کان پوءِ ۱۹۷۰ع ڌاري اسسٽنٽ انفارميشن آفيسر ۽ انفارميشن آفيسر مقرر ٿيو، جڏهن ته ۱۹۷۵ع کان ۱۹۹۰ع تائين سکر حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انفارميشن رهيو، ائين ۱۹۹۲ع کان ۲۰۰۱ع تائين ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشن رهيا، ان کان پوءِ ڊائريڪٽر ائڊمن ۽ اڪائونٽس فش هاربر اٿارٽي، ۲۰۰۲ع کان ۲۰۰۳ع تائين ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشن ۲۰۰۴ع ۾ ڊائريڪٽر جنرل ثقافت سياحت کاتو، ۲۰۰۵ع ۾ چيئرمين سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو مقرر ٿيو، جتان ۴ ڊسمبر ۲۰۰۵ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين.

منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ڪراچيءَ ۾ سندس آفيس ۾ ٿي، جيئن ئي سندس ڪمري ۾ داخل ٿيس ته سامهون ڪرسيءَ تي ويٺل هڪ قداور مڙس، رعبدار شخص ۽ مانائتي شخصيت کي ڏسي دل بهار ٿي پئي ويتر علائقي جو تعارف ڪرائڻ کانپوءِ وڌيڪ پيار ۽ پاٻوھ مان پيش اچڻ لڳو ۽ پنهنجي علائقي واسي سمجهي کوڙ سارن موضوعن تي بحث مباحثا ڪياسين، امير گهراڻي جو هوندي پاڻ سادي طبيعت جو مالڪ هو. چانھ جي چسڪ کانپوءِ چيائين ته پنهنجي زندگيءَ جون ساروڻيون لکي رهيو آھيان، ان لاءِ ڪا تجويز ڏيو؟ مان لطيفيات تي ڪم ڪري رهيو هئس، تنهن ڪري کيس چيم ته زندگي توهان ڪيئن گذاري آھي، ان جي مون کي خبر ناهي پر هڪ تجويز آھي ته لطيف سرڪار اسان جو وڏو سرمايو آھي، ان ڪري ڪتاب جو نالو به لطيف سرڪار جي ڪنهن بيت مان کڻجو، پوءِ ڪن بيتن جون سٽون ساڻس لکرايون ۽ جڏهن سندس ڪتاب ڇپجي آيو ته فون ڪري چيائين ته ادا توهان جي تجويز اڳيان رکي ڪتاب جو نالو ”رنڍا روڙيا جن”لکيو اٿم هاڻي تجويز ڏيو ته ان جي مهورتي تقريب نوشھروفيروز ۾ ڪٿي ڪرايان؟ مون کيس چيو ته سائين مرضيءَ جا مالڪ آھيو، توهان ضلعي جا ماڻھو آھيو پر سڄي زندگي پنهنجي ماڻھن کان پري رهيا آھيو، ان ڪري جو توهان وڏا ماڻھو آھيو، تنهن تي جواب ڏيندي چيائين منهنجي ڊيوٽي ئي اهڙي رهي جو ڪراچيءَ کان ٻاهر نڪري نه سگهيس پر هاڻي پوئين زندگي پنهنجن ماروئڙن کي ارپيان ٿو، ائين منو ڪلاڪ بحث ۾ رهياسين ۽ آخر ۾ چيائين ته مون هڪ ٻن ماڻھن سان ڪچھري ڪئي آھي، جيڪي چون ٿا ته پريس ڪلب، لائبريري يا ڪميونٽي هال ۾ مهورتي تقريب رکان توهانجي تجويز ڇاهي؟ مون کانئس پڇيو ته گهڻن ماڻھن جو انتظام آھي ته جواب ۾ چيائين ته ۵۰ کن ماڻھو ٿيندا پوءِ کيس انهن ٽنهي جاين کان وڌيڪ DC ڪامپليڪس ۾ موجود ميٽنگ هال جي تجويز ڏنم، جيڪا قبول ڪيائين ۽ پنهنجي ڪتاب جي مهورتي تقريب ڪيائين جنهن ۾ مون ناچيز سميت کوڙ سارا اديب ۽ ليکڪ آيا، ائين وقت بوقت ساڻس موبائل تي رابطو رهيو، جڏهن مان تاريخ جي شخصيات کي سهيڙڻ جو ساڻس ذڪر ڪيو ته پاڻ تجويز ڏنائين ته هن وقت هر ذات وارو پنهنجي ذات جو سردار پيو بڻجي ۽ سنڌ ۾ بلوچستان وانگي قبيلائي نظام پيو بڻجي، ان ڪري قبيلن جي تاريخ سهيڙيو اچو ته توهان ۽ مان گڏجي ساهتي پرڳڻي ۾ مختلف خاندان جو شجرو ۽ موجوده دور جي قابض شخصيات کي تاريخ ۾ سهيڙيون. مون سندس تجويز کي محفوظ ڪيو ۽ جاکوڙي صحافي نور سنڌيءَ کي به سٿ ۾ شامل ڪيو پر وقت ايڏو تنگ ٿي پيو جو ان سلسلي کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ھڪ هنڌ ويهي ميٽنگ ڪري نه سگهياسين پر هرڪو پنهنجي پنهنجي طور طريقي سان ڪم ڪرڻ لڳو، مطلب ته جتوئي صاحب کي مون هڪ متحرڪ انسان طور پرکي ورتو هو، وڏگهراڻي جو ٿي ڪري ننڍن سان پيار سندس زندگيءَ جو اصول هوندو هو، جنهن ڪري سندس آفيس جا ننڍا ملازم به ساڻس گڏ ويٺي نظر ايندا هئا.

هزارين خوبين سان ٽمٽار ۽ انمول شخصيت جي مالڪ بابت اڄ ۹ مارچ ۲۰۲۲ع بروز اربع تي اچانڪ سوشل ميڊيا تي خبر ملي ته نظام الدين المعروف اين ڊي جتوئي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي ۽ سندس نماز جنازه ۱۰ مارچ بروز خميس صبح ۱۱ وڳي نوان جتوئيءَ ۾ ادا ڪئي ويندي. سندس لاڏاڻي جي ان خبر جهوري وڌو ۽ مان هڪ بهترين شخصيت، خداداد صلاحيتن جي مالڪ، مٺڙي ۽ محبوب ماڻهوءَ کان محروم ٿي ويس پر ڪري به ڪجھ نه پئي سگهيس، بس حسب دستور ”قالو انا لله و انا اليه راجعون”جو جملو چئي نم ٿيل اکيون بند ڪري ڇڏيم ۽ رب جي رضا تي راضي رهي سندس مغفرت لاءِ دعاگو آھيان، بقول ڪنهن شاعر جي ته: موت کان ڀلا ڪهڙو ڇوٽڪارو آ، / ھو ويو ڪالھ، اڄ پنهنجو وارو آ...!

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۱ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا