ڊاڪٽر آصف فرخي
وڇوڙي جي موسم ۽ ڊاڪٽر آصف
فرخي!
خرم سهيل
هيءُ وڇوڙي جو سال آهي.
هِن سال ڪيترا ئي املھ اسان کان کسيا آهن. گهڻن ماڻهن جي وڃڻ جو هڪ سبب ته ڪورونا
جي عالمي وبا آهي، پر وڃڻ وارا ته هونئن به وڃي رهيا آهن ۽ ڀلا وڃڻ وارن کي ڪير
روڪي سگهيو آهي.
ڪجھ عرصو پهرين
معروف خاڪه نويس ممتاز رفيق هليو ويو، ڪجھ ڏينهن پهرين معروف ترقي پسند صحافي ۽
اديب “احفاظ الرحمان” هليو ويو ۽ هينئر اوهان ۽ اسان جي معروف افسانه نگار، مترجم،
مدون، مدير ۽ “ڪراچي لٽريچر فيسٽيول” جي باني ڊاڪٽر آصف فرخيءَ جي وڇوڙي تي لکي
رهيو آهيان ته هو به اسان کان جدا ٿي ويو.
هلندڙ سال ۾ اهڙن
ٻين ڪيترين ئي ادبي ۽ علمي شخصيتن جي وڇوڙي سان سڄي ملڪ ۾ ادبي محفلون ڌنڌليون ٿي
ويون آهن. هنن وڃڻ وارن جي ياد ۾ پاڪستان جو ادبي منظر نامو سوڳوار آهي.
ڊاڪٽر آصف فرخي ۱۶ سيپٽمبر ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. هن جو والد ڊاڪٽر اسلم فرخي مشهور ادبي
شخصيت ۽ مدرس هو. هن جي والده، ڊپٽي نذير احمد جي پڙپوٽي ۽ شاهد احمد دهلوي جي ڀائيٽي
آهي. وڏن جو تعلق هندستان جي شهر فرخ آباد سان هو، انهيءَ مناسبت سان والد ۽ پوءِ پاڻ
به فرخي جو تخلص استعمال ڪيو.
والدين طرفان ملڻ واري
روايتي تربيت ۽ جديد تعليم ان جي شخصيت ۾ هڪ نکار پيدا ڪيو، جنهن کي ان جي گفتگوءَ
۾ به محسوس ڪري سگهجي ٿو. گهر ۾ ادبي ماحول مليو ته اردو ادب جي وڏن وڏن اديبن جي صحبت
اختيار ڪئي ۽ ڪيترن ادبي دورن جو پاڻ به شاهد رهيو. پوءِ اهڙو دور به آيو، جو هن پاڻ
ادب جو هڪ دور متعين ڪيو ۽ “ڪراچي لٽريچر فيسٽيول” جي بانيءَ جي حيثيت سان ڪراچي
شهر ۾ يادگار ادبي ميلو شروع ڪيو، جيڪو اسلام آباد مان ٿي لنڊن تائين وڃي پهتو.
ان ادبي ميلي تي
اعتراض به ٿيا، پر ان جي ذريعي ڪيترا مارڪا به سر ٿيا، جن جو ڪريڊٽ ڊاڪٽر آصف فرخيءَ
کان علاوه ڪنهن کي نٿو ڏئي سگهجي. ان جي ادبي يار دوستن جي اڪثريت وقتي فائدا ورتا
۽ تنقيدي نشتر ان جي حصي ۾ آيا، پر پوءِ به ثابت قدم رهيو. ڪراچي ۾ “ادب فيسٽيول”
جي نالي سان امينه سيد سان گڏجي هڪ ٻئي نئين ادبي ميلي جو بنياد رکيو. پاڪستان ۾ عهد
حاضر ۾ ادب جي نالي تي لکين ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جو ڪريڊيٽ به هن جو آهي. جنهن جي مثبت
۽ منفي پاسن تي ته ڳالھ ٿي سگهي ٿي، پر ان ۾ هڪ قابل فخر ڳالھ اها آهي جو هو خواب ڏسندو
هو، چاهي حالتون ڪهڙيون به هجن، هن جي خوابن جي تعبير اُهي ادبي ميلا هئا، جتي قاري
۽ اديب جي وچ ۾ مڪالمو ۽ ملاقاتون به، جن کي ادبي دنيا ۾ ديا رکيو ويندو.
انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر
آصف فرخي ڪراچي ۾ قائم “حبيب يونيورسٽي” سان لاڳاپيل هو. ان کان پهرين هو آڪسفورڊ يونيورسٽي
پريس، ڪراچي سان گڏجي ادبي ميلي جو بنياد ته وجهي چڪو هو، ان جي اها وابستگي تقريبن
هڪ ڏهاڪي تائين رهي.
ماضيءَ ۾ ڊاڪٽر صاحب،
آغا خان يونيورسٽي بورڊ ۽ اقوام متحده جي ذيلي اداري “يونيسيف” سان به گڏ رهيو. ڊائو
ميڊيڪل ڪاليج، ڪراچي مان ايم بي بي ايس ڪرڻ کانپوءِ امريڪا جي هارورڊ يونيورسٽي مان
ماسٽرز جي ڊگري به حاصل ڪئي. سڄي زندگي انگريزي ۽ اردو زبان ۾ لکندو ۽ پڙهندو رهيو،
هُن کي سنڌي ۽ بلوچيءَ سان به ايترو ئي چاھ هو. بلڪ جي ايئن چئجي ته غلط نه ٿيندو
ته هُن پاڪستان ۾ لکجندڙ ادب کي سڀني ماڻهن تائين پهچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. اُن کان
علاوه سڄي دنيا ۾ ڪٿي ڪهڙو فڪشن لکيو پيو وڃي، پاڪستان ۾ رهندي ان کان باخبر رهيو
۽ ادبي دوستن کي به ٻڌائيندو هو.
هن جي هڪ ويجهي
دوست ۽ بي بي سي اردو سروس جي اڳوڻي براڊ ڪاسٽر ۽ ممتاز صحافي انور سن رائي سان
اسان هن جي حوالي سان ڳالھ ڪئي، هن ٻڌايو ته “هن دفعي آئون جڏهن برطانيا ۾ “بڪر
پرائز” جي لاءِ شارٽ لسٽ ٿيڻ وارن اديبن بابت ڳالھ ڪئي، ته مون هن دفعي نامزد ٿيڻ
وارن ۶ اديبن جي باري ۾ ڪنهن هڪ کي به ناهي پڙهيو هو. جنهن تي فرخي صاحب ٻڌايو ته
هو انهن مان ۳ اديبن کي پڙهي چڪو آهي، عالمي فڪشن سان هن جي دلچسپي جو عالم اهو هو جو نه
صرف پاڻ لکندو پڙهندو، بلڪ دوستن کي به ترغيب ڏيندو هو، ايستائين جو ڪنهن دوست جي
ڪتاب پنهنجي اداري مان ڪنهن وجه سان جيڪڏهن شايع نه ڪري سگهندو هو ته پوءِ ان جي اشاعت
جو بندوبست ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪندو. ٿڌي مزاج وارو، انسان دوست اديب ۽ مترجم، جنهن
جي وڇڙڻ جو گهڻو غم آهي ۽ ان ڳالھ جو به ڏک آهي ته هن پنهنجي نجي ۽ گهريلو زندگيءَ
جي هڪ انتهائي نوعيت ٿيڻ واري واقعي کي دل سان لڳايو، جنهن سان هن جي صحت ڪرندي وئي
۽ آخرڪار اهو صدمو جان وٺڻ وارو ثابت ٿيو.
ڊاڪٽر آصف فرخي جون
ادبي ڪاوشون ته گهڻيون آهن پر جن شعبن ۾ هن جون خدمتون تمام گهڻيون آهن، ان ۾ افسانه
نگاري، ترجمو ڪرڻ ۽ ادارو سازي شامل آهي. هن بطور افسانه نگار جيڪو ڪجھ لکيو، انهن
افسانن جا ۷ مجموعا شايع ٿيا.
ادبي تنقيد جي تناظر
۾ لکيل مضمون جا ۲ ڪتاب شايع ٿيا، جڏهن ته ترجمن جا ڪيترا ئي مجموعا ان کان علاوه آهن، هڪ
ادبي رسالو “ دنيازاد” به جاري ڪيو، جنهن جي ذريعي عالمي ۽ ملڪي ادب جي واڌاري ۾
پنهنجو ڀرپور حصو وڌو. انهن سڀني تخليقات سان گڏ درجن ڪتابن جي تدوين به ڪئي. شعري
انتخاب ڪيا، جن کي پاڪستان جي مختلف ۽ وڏن وڏن اشاعتي ادارن شايع ڪيو. معروف پاڪستاني
اديب “انتظار حسين” سان دلي قربت رکندو هو، جڏهن هو بڪر پرائز جي نامزدگي ٿيڻ کانپوءِ
برطانيا ويو ته ڊاڪٽر آصف فرخي ئي ان جو همسفر هو، ۽ ائين اسان کي اها روئيداد به
ڪتابي شڪل ۾ پڙهڻ لاءِ ملي. پاڻ پنهنجو اشاعتي ادارو “شهرزاده” قائم ڪيو ۽ ڪيترا ڪتاب
ڇاپيا.
ريڊيو پاڪستان سان
به لاڳاپيل رهيو. ڊان اخبار سميت پاڪسن جي مختلف وڏن انگريزي اردوءَ جي اخبارن ۾
مضمون لکڻ کان علاوه ويب سائٽن جي لاءِ تحريرون به لکيون. مختلف ادبي شخصيتن جا
انٽرويوز به ڪيا، جيڪي ڪتابي شڪل ۾ ڇپيا، عرصي کان هو “هم سب” ويب سائٽ جي لاءِ وڊيو
ڪالم به رڪارڊ ڪرائي رهيو هو. جڏهن ته ڊان اخبار ۾ هن جو آخري ڪالم ۱۰ مئي تي شايع ٿيو ۽ ويڊيو ڪالم، جيڪو ۲۱ مئي جو رڪارڊ ٿيو، اهو اڄ جي موجوده سماجي
صورتحال جو عڪس پيش ڪري رهيو آهي.
ان ويڊيو ۾ اسان
ڏسي سگهون ٿا، انهي ڏينهن ڊاڪٽر صاحب جي ڪرندڙ صحت هن کي گهڻو ڪمزور ڪري ڇڏيو هو، هو
شوگر جي مرض ۾ به مبتلا هو، نجي زندگيءَ ۾ ملڻ واري صدمي سان ان مرض جو توازن بگڙيو،
طبيعت وڌيڪ خراب ٿي، جڏهن ته علاج به جاري هو پر افسوس ته انهيءَ دوران دل جو دورو
پيو ۽ هو زندگيءَ جي بازي هارائي ويٺو.
ان موقعي تي ڊاڪٽر
شير شاھ سيد، جيڪو ڊاڪٽر هجڻ کان علاوه پاڻ به هڪ سٺو افسانه نگار آهي، هن اسان سان
ڳالهائڻ ۾ تصديق ڪئي ته ڊاڪٽر آصف فرخيءَ جي تدفين ۲ جون اڱاري، بعد نماز عصر، جامعه ڪراچي جي قبرستان ۾ ٿي. کيس والد جي پاسي ۾
دفن ڪيو ويو، هن جي گهرواري سيمي صاحبه ۽ ٻه ڌيئون غزل ۽ انوشي ملڪ کان ٻاهر آهن. ڪورونا
مان پيدا ٿيل صورتحال جي ڪري به گهڻا ماڻهو شرڪت نه ڪري سگهندا. خاص طور تي جيڪي
ڪراچيءَ کان ٻاهر ڪنهن ٻئي شهر ۾ رهن ٿا يا ٻاهرين ملڪ مقيم آهن.
ڊاڪٽر صاحب جا
گهروارا، جن ۾ هن جو ڀاءَ طارق فرخي انتظام ڏسي رهيو آهي، هن درخواست ڪئي آهي ته في
الحال دوست مائٽ گهر نه اچن، ڇو ته سندس والده بيمار آهي ۽ هن کي ڊاڪٽر صاحب جي رحلت
جي باري ۾ اڃا تائين ڪجھ ناهي ٻڌايو ويو. ان لاءِ ان ڳالھ جو خيال رکڻ اسان سڀني
جو اخلاقي فرض آهي.
منهنجي ڊاڪٽر آصف
فرخي سان پهرين ملاقات هن جي والد جي گهر ۾ ٿي هئي، جڏهن آئون سندس انٽرويو ڪرڻ
ويو هئس. اها ڪا لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪو پهرين جي ڳالھ آهي. ان کانپوءِ اڪثر ڊاڪٽر صاحب
سان ملاقاتون رهيون. ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جي حوالي سان منهنجون تنقيدي تحريرون به
هيون، جنهن جي ڪري وقتي طور تي ڪجھ تلخي به پيدا ٿي، پر پوءِ اُهي ختم به ٿي ويون.
پاڪستان جاپان
لٽريچر فورم جي تحت شاهد احمد دهلوي جي مشهور رسالي “ساقي” جو جاپان نمبر شايع ٿيو
ته ڪراچيءَ ۾ قائم جاپاني قونصل خاني ۾ ان رسالي جي تقريب ۾ به هو شريڪ ٿيو، صرف
اهو ئي نه بلڪ انهيءَ فورم تحت ڪيترا ڀيرا منهنجي درخواست تي مطالعي جي سيشن ۾ شريڪ
ٿيو ۽ پنهنجي ٿڌي پر مدلل گفتگوءَ سان هميشه پنهنجو اسير ڪيو.
پاڪستان ۾ افسانه
نگاريءَ جي ميدان ۾ ڊاڪٽر آصف فرخي جي ڪهاڻين کي توجھ ملي وئي، ڇو جو هن روزمره
زندگيءَ کي ڪهاڻين جي روپ ۾ پيش ڪيو، هن جي ڪهاڻين ۾ اسان جي سماج جي لب ۽ لهجي جي
گونج آهي ۽ اداسي به، جنهن کان هو سڄي عمر پيڇو نه ڇڏائي سگهيو.
تدوين جي ڪم هن پنهنجي
علمي ذوق جي آبياري ڪئي ۽ پڙهندڙن جي لاءِ به سکڻ جي لاءِ نوان دروازا کوليا. رسالي
جي صورت ۾ ذوق جو اهو نئون پيمانو مقرر ڪيو. سٺا ڪتاب ڇپايا، جڏهن ته ادبي ميلن کي
پاڪستان ۾ نئين سر هٿي وٺرائي، هاڻي هڪ مدرس جي طور نئين نسل کي به ادبي رمز کان روشناس
ڪرائي رهيو هو.
هڪ ڊگهي ادبي جدوجهد
جو باب بند ٿيو. ڪلاسيڪي ۽ جديد ادب جي روايت جو نمائندو رخصت ٿيو، سنڌ سميت سڄي
ملڪ ۾ ادبي محفلون ڌنڌليون آهن، انهن وڃڻ وارن جي ياد ۾، پاڪستان جو ادبي منظرنامو
سوڳوار آهي.
آصف فرخي
دنيازاد جو ديوانو دنيا
ڇڏي ويو
آدرش
اَسيءَ جي ڏهاڪي ۾
پنهنجي ڦوھ جواني، رتُ مستاني، ڏندن سان اخروٽ ڀڃبو هو، هاڻي ريوڙي وات ۾، هوڙ هٿَ
۾. گلفام، گل بدن هياسون. ادب جي درٻار ۾، جُتي لاهي، در وٽان رکي، نوان مريد بڻجي
داخل ٿيا هياسون. سکر وڃبو هو. ڪتاب وٺي اچبا ها. هڪ ڏينهن مهراڻ مرڪز جي دروازي ٽپڻ
سان بڪ اسٽال تي آياسون. هاڻي اتي چپلن ۽ بوٽن جو دڪان آهي. اتي اردو رسالو “ماهِ نو”
پيو هو، چئن رپين ۾ خزانو ملي ويو. ڪشور ناهيد ايڊيٽر هئي، شڪارپور اچي سنگت کي
ڏيکاريم. سڀني کي وڻيو، پنهنجي هڪ نڪور ڪهاڻي “هڪ شخص جي زندگي” دوست شفقت سومرو
کان اردوءَ ۾ ترجمو ڪرائي، مائيءَ ڏانهن بِسم الله ڪري اُماڻي. هفتي اندر ورندي
آئي ته مون کي پاڻ اهڙين لکڻين جي ڳولا آهي. ٻيو به موڪليو. ايندڙ پرچي ۾ ڪهاڻي ڇپڻ
سان گڏ ٽپال رستي پرچي جي اعزازي ڪاپي موڪليائين. عيد ٿي وئي. هوءَ معتبر ايڊيٽر
هئي، ليکڪ کي لکڻي ملڻ شرط ڏانهنس خط موڪليندي هئي ته لکڻي ڇپبي يا نه. سرڪاري سڌ
سماءَ کاتي جو رسالو هو. سؤ ڏيڍ معاوضو مني آرڊر ذريعي ملندو هو. ٺٺ ٿي ويندا هيا.
شڪارپور مان مون کان سواءِ ضياءُ شاھ، رياض شيخ ۽ اعجاز اشعر جا نظم شايع ٿيندا رهندا
هيا. رسالي جي آخري پني تي ليکڪن جو ڏس پتو لکيل هوندو هو. خطن پٽن جو سنهري دؤر
هو. هڪ ٻئي ڏانهن خط لکيا ويندا هيا. خط ٽپال گھر جي ڳاڙهي دٻي ۾ وجھڻ سان ورنديءَ
جو انتظار شروع ٿي ويندو هو. ان زماني ۾ اردو جي اديبن محمد سليم الرحمٰن، شاهد حميد،
جاويد شاهين، اصغر نديم سيد ۽ ڊاڪٽر يونس بٽ کان سواءِ سنڌيءَ جي سگھاري ليکڪ عبدالقادر
جوڻيجو سان خطن جو سلسلو هلندو هو. خطن ۾ عشق بدران علم ۽ ادب جو درياءُ هوندو هو.
خطن جي حوالي سان سنڌيءَ ۾ کوڙ سٺا ڪتاب ڇپيل آهن. خطن جو خزانو سٺي شاعر ۽ نفيس ماڻهو
اياز گل وٽ محفوظ هوندو هو. سليقي وارو آهي. هر شيءِ ترتيت سان رکڻ ۽ ساھ ۾ سانڍي
رکڻ وارو آهي. جيڪڏهن ڏھ سال اڳ پنهنجي پٽڙي پرينءَ ڏانهن لاهور ايزي پئسا موڪليا
هوندائين ته موبائيل ۾ اهو ايس ايم ايس سيو (Save) هوندو.
رسالي ۾ پرڏيهي ادب
جي حوالي سان آصف فرخي نالي جوان جون اردوءَ ۾ سٺي نموني ترجمو ٿيل ڪهاڻيون، شاعري،
مضمون ۽ انٽرويو ڇپبا رهبا هيا. انهن کي شوق سان پڙهيو ويندو هو جو انهن ۾ هڪ الڳ نرالي
دنيا هوندي هئي. ۱۹۸۷ع ۾ مان ۽ منهنجو شاعر سنگتي، منهنجي گھگھراڻي گھٽيءَ ۾ رهندڙ، رياض شيخ ڪراچيءَ
چڪر تي وياسون. زندگي تجريدي چتر وانگر سمجھه کان ٻاهر آهي. رياض ميان سونن چمچن ۾
کائيندو هو. گھر ٻهڪندو هين. وڏي وقت کان پوءِ سندن ڪٽنب ۾ رياض کي پٽ ڄائو. اولا
لهي وين. اياز نالو رکيائونس. ٽُٽيءَ کي ٽاڪو ناهي. اک ڇنڀ ۾ هرشيءِ طوفان ۾ ڪکن پنن
وانگر اڏامي وئي. رياض ميان ڊپريشن جو شڪار ٿي ويو. ڪراچي ۾ زندگيءَ کي ڌڪو ڏئي، ڏينهن
پورا ڪرڻ ۾ پورو آهي. هن جو سڪيلڌو فرزند اياز، شيخ اياز بڻجي نه سگھيو. هڪ گئراج ۾
ڪم ڪري رهيو آهي. هن جا نازڪ هٿ گريس ۾ ڪارا آهن. رياض شيخ جي مٿي تي ڏکن ڏوجھرن جا
کارا آهن.
ڪراچيءَ ۾ ڪتاب وٺڻ،
گھمڻ کان سواءِ ليکڪن سان ملڻ لڳاسون، سڌ سماءَ سنڌ کاتي ۾ اردو شاعر صابر ظفر سان
ملڻ وياسون. رياض جو هن سان خطن جو ناتو جڙيل هو. سٺي نموني آڌرڀاءُ ڪيائين. ڪچهري
ٿي.
هڪ آچر واري آرام
جي ڏينهن تي، گلشن اقبال جي بنگلي نمبر B-۱۵۵ جي آصف فرخيءَ جي گھر جي گھنٽي وڄائي سون، قرب
سان مليو. ڊرائينگ روم ۾ اچي ويهاريائين. قد جو ڊگھو، بردبار، عينڪ پويان ليئا پائيندڙ
ذهين جوان، منهنجي دل ۾ اچي ويٺو. هن جو مڌر کلڻ مون کي وڻيو. حالي احوالي ٿياسون،
موڪلائڻ مهلَ هن آئن رئينڊ جي ناول “ترات” جو تحفو ڏنو، جيڪو سندس ترجمو ڪيل ۽ تازو
ڇپيل هو. جڏهن به ڪراچيءَ وڃڻ ٿيندو هو وڃي در کڙڪائيندو هيم.
سچ پچ ڪن ماڻهن جو
ڪم ڏسي اچرج ٿيندو آهي. پاڻ رلهي پائي سمهڻ وارا، مهيني ۾ ڪو هڪ ڪتاب پڙهي، ٻه ٽيڙو
لکي ڄڻ وڏي کيپ کٽي، الائي پاڻ کي ڇا سمجھنداسون. ٻئي سٺي لکندڙ کي ليکي ۾ نه آڻينداسون،
آصف فرخي اورچ ماڻهو هو. اجمل ڪمال سان مٿو مٿي تي ياري هيس. انسان آهي، پاڻ تي ئي
پت ناهي، پل ۾ ماسو، پَل ۾ تولو، ٻنهي وچ ۾ وڇوڙي جي وير آئي، ڀڳو سڄو نه ٿئي، درياھ
جي ٻن ڪنارن وانگر ٿي ويا. اجمل ڪمال مُئي منهن نه ڏٺس.
آصف فرخي وڏو ڪم ڪيو،
انيڪ ناول ترجمو ڪيائين. انهن مان هڪ اڌ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. تنقيد لکيائين. ڪهاڻين
جا ڳٽڪا ۽ سفر ناما شايع ٿيل آهن. لڳ ڀڳ پنجاھ جي ويجھو ڪتاب شايع ٿيل اٿس. انگريزي
۾ وسان نه گھٽايائين. اخبار “ڊان” جي ادبي صفحن ۽ مئگزين ۾ ڪافي مواد اٿس. انگريزي
رسالن “هيرالڊ” ۽ “نيوز لائين” لاءِ کوڙ ليکڪن ۽ شاعرن جا انٽرويو ڪيائين. ناول نويس
سلمان رشدي جو انٽرويو جڏهن هو ڪراچي آيو هو ورتو هيائين، جيڪو “هيرالڊ” ۾ ڇپيو هو.
ان ۾ هڪ مزيدار ڳالھ هئي، سلمان کان سندس ملڪ واسي ليکڪا قرةالعين حيدر بابت سوال پڇيو
هئائين ته اوهان قرةالعين حيدر کي پڙهيو آهي؟ هن وراڻيءَ ۾ پڇيو هيس: اُهو ڪير
آهي؟
آصف فرخي شهزاد نالي
سان پبليڪيشن قائم ڪئي، هن انيڪ ترجمن جا ڪتاب، اردو ليکڪن جا ڪتاب ۽ سنڌي جا ڪجھه
ناول اردوءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرايا. هو ادب جو خدمتگار هو. ڪمائيءَ جي ڪڍ نه هو. گھاٽي
۾ ويندو هو پر مڙندو نه هو. هن “دنيازاد” نالي سان رسالو ڪڍيو، ان ۾ اردو، پرڏيهي،
سنڌي، بلوچي، پنجابي ٻولين جون لکڻيون ڇپيندو هو. هڙان وڙان خرچ ڪري رسالو ڇپائيندو
هو. اٺيتاليھ پرچا ڪڍيائين. هو آڪسفرڊ يونيورسٽي پريس ۾ ايڊيٽنگ ۽ ترجمي جي ڪم سان
سلهاڙيل هو. هن جي رٿا سان اَمينه سيد ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جي شروعات ڪئي. هو ميلي
جو موجد هو. ميلي جي ڪاميابي سندس خوشي هئي. پاڻ وانگر نه ته چندو ڪري ميلو ڪيون. اڌ
کائون، اڌ بچايون.
آصف فرخي سنڌي ادب ۽
ليکڪن سان محبت ڪندو هو. ولي رام ولڀ جي ترجمو ڪيل نظمن جي ڪتاب ۽ ظفر جي ناول “اجھاميو
ٻران” جا مهاڳ لکيائين. سنڌي ليکڪن مان هالي ووڊ هيرو جو ڏيک ڏيندڙ، منهن تي ٺاهوڪيون
لڳندڙ مڇن واري شاعر ۽ ليکڪ شاھ محمد پيرزادو سان گھڻي لڳندي هيس.
آصف فرخي ۽ شاھ محمد
پيرزادو گڏجي اياز صاحب جي شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري، ڪتاب (Stores Call for Prayers)
کان سواءِ اردوءَ ۾ گڏجي ترجمو ڪري “ذڪرِ اياز، فڪرِ اياز ۽ دانشِ اياز” شايع ڪرايا،
جيڪي اهم ۽ سگھارا آهن. آصف فرخي ڌنڌي جي حوالي سان ڊاڪٽر هو. اداري يونيسيف سان
لاڳاپيل هو. ان کي الوداع ڪري، يونيورسٽي ۾ ادب پڙهائڻ لڳو. هن وقت نه وڃايو، پڙهيو
لکيو، فضيلت سان ادبي ميڙاڪا ڪرايائين، جنهن ۾ ڪا لالچ لوڀ نه هوندو هيس، انيڪ ملڪ
گھميو، موٽ تي ڪتابن جي پيٽي ساڻ هجيس. شاندار لائبريري هيس. خبر ناهي ان خزاني جو
الائي ڇا ٿيندو؟ زال ۽ ٻه نياڻيون آمريڪا ۾ هڪ ڀاءُ هتي. جيڪو ڪتابن کان ايڏو پري
جيڏو ڪراچيءَ کان ڪوئيٽا. خزاني کي اڏوهي کائيندي يا ريگل چوڪ جي فٽپاٿ تي اچي ويندا،
جتان آصف صاحب پاڻ به انيڪ ڪتاب ورتا هيا. هو گڻائتو هو، ادي فهميده رياض، بيمار
ٿي پئي، ڪو ليکڪ لڙي نه ويس، آصف فرخي وڃي سار لهندو هيس. هن جي ڪراچيءَ ۾ افضال
احمد سيد، تنوير انجم، انورسن راءِ، عذرا عباس، رفاقت حيات، سيد ڪاشف رضا، مبشر
علي زيدي، شاھ محمد پيرزادو، عطيه دائود ۽ خدا بخش ابڙو سان لڳندي هئي. انتظار حسين
سان وڏي محبت ڪندو هو.
ڏاهي ماڻهوءَ کي ڏنگ
لڳندا آهن، سَهندو آهي، من اندر ڊهندو آهي. سال ڏيڍ اڳ سندس وني سيمين آمريڪا هلي
رهڻ جو زور ڀريو. هن چيس منهنجو سڀ ڪجھه هتي، ڪراچي مون لاءِ ڪنوار، آمريڪا ۾ ڇا
رکيو آهي؟ زائفان ڏاڍي ذات، ضد تي چڙهي بيهي، هاٿيءَ کي سئيءَ جي سوراخ مان ٽپائي وڃي.
ڪونه مڙي. هن جي مُوڙي، ڏيڍ ٻن ڪروڙن جو فليٽ وڪڻي، ڪئي ڪمائي چٽ ڪري، کانئس طلاق
وٺي آمريڪا هلي وئي. آصف ميان مينهن ۾ غريب جي گھر وانگر ڊهي پيو. سخت مونجھارن جو
شڪار ٿي ويو. شگر ويتر وڌندي ويس. ڌڻي سڳوري کي رحم آيو. هٿ جھلي وڌيڪ سورن سختين
کان بچائي وتائينس. آصف فرخيءَ جي جنازي ۾ ڏائڻ ڪورونا ڪري، ست هزار محبت ڪندڙن مان
ٻه ٻڙيون ڪٽجي ويون.
آصف فرخي اسانجو هو!
انور ابڙو
سومر ڏينهن، پهرين
جون ۲۰۲۰ع تي آصف فرخي اسان کان وڇڙي ويو. . . جڏهن مون آصف فرخي جي انتهائي ويجهن دوستن؛
حارث خليق جا هي لفظ “آصف، مار ڊالا” ۽ شاھ محمد پيرزادي جو هي جملو، ” I lost one more vote in my support! پڙهيا ته منهنجون اکيون آليون ٿي ويون. آصف
صاحب جي وڃڻ سان سنڌي ۽ اردو اديبن جي وچ ۾ موجود هڪ مضبوط ٻنڌِ ٽُٽي پئي. ممڪن آهي
وري ڪو ٻيو اچي ۽ اِها ٻَڌي، پر ان ۾ وڏو وقت لڳندو.
آصف فرخي ان وقت
انهن ٻنهي لڪيرن جي مٿان پيرَ ڏيئي بيٺو هو، جڏهن انهن ٻنهي لڪيرن خون جي درياهن
جي شڪل اختيار ڪئي هئي. اهڙي ئي وقت ۾ هن سنڌي ادب ۽ اديبن سان هٿ ملايو، کين
احساس ڏياريو ته سڀ نسل پرستيءَ جي باھ جي پيدوار ناهن، ڪي اهڙا به آهن، جن کي سنڌوءَ
جي مٺي پاڻيءَ ٿڌو ڪيو ۽ سندن سوچ کي ساگر بڻايو آهي. ان بعد هن ڄڻ ته اهو سمجهي
ورتو هو، ته جيستائين ٻنهي طرفن جي ادب ۽ اديب کي هڪٻئي جي ويجهو نه آڻبو، جيستائين
اهي هڪٻئي کي نه سمجهندا، تيستائين، نفرت جا شعلا ڪونه وسامندا. ۽ پوءِ هن اهو هڪ
وڏو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻي ورتو هو، جنهن سان هُن آخر تائين نڀايو. اهڙي پهلڪاري ان
طرف کان ٿيڻ وڌيڪ اهم هئي.
اسان جي سنڌي اديبن مان شاھ محمد پيرزادي، خدا
بخش ابڙي ۽ عطيه دائود جي ڄڻ ته فيملي ميمبر جي حيثيت رکندڙ هن هڪ وڏي ۽ جاکوڙي ليکڪ،
انگريزي، اردو ۽ سنڌي ادب ۾ وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو. مان سوچيندو هئس ته هو اهي سڀ معياري
علمي ادبي سرگرميون ڪيئن ٿو ڪري؟ هي وقت وڃائڻ وارا ماڻهو نه هئا، پر هي وقت کي سجايو
ڪرڻ وارا هئا ۽ هي نفرت پکيڙڻ وارا نه هئا، پر هي محبت ورهائڻ وارا هئا. تڏهن ئي ته
سندس وفات تي سنڌي اديبن، شاعرن ۽ صحافين سان گڏ علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي شعور
رکندڙ هر فرد کي اهڙو ئي صدمو رسيو آهي، جهڙو سندس پنهنجي برادريءَ جي اديبن، صحافين
۽ ليکڪن کي رسيو آهي. سوشل ميڊيا تي سنڌين جو سوڳ شايد سوايو آهي، ۽ جيڪو دل سان
ڪيل سوڳ آهي. ان غم ۾ ڪا به ملاوت ناهي. اندر جي هڪ آھ جو پاڻمرادو اظهار آهي، جيڪو
ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته هو سنڌي ليکڪن ۽ پڙهندڙن وٽ ڪيترو نه پهتل هو.
اسان وٽ انگريزي
دان آهن، پر انهن کان اڳ ۾ آصف فرخي سنڌي ادب ۽ اديبن کي پنهنجو ادب ۽ پنهنجا اديب
سمجهي، خاص انگريزيءَ ۾ لکي، ترجمو ڪري، ڇپائي (ڪتابن توڙي ڊان اخبار ۾) اسان تي هڪ
وڏو احسان ڪري ويو. هُن اِن عيوض اسان کان ڪجھ به نه گهريو. اڃان به اسان کي اسٽيجون
سجائي ڏيئي، انهن ماڻهن سان متعارف ڪرايائين، جن تائين پهچڻ ۾ اسان کي هڪ وڏو وقت
لڳي ها.
اها هڪ حقيقت آهي، ته
جڏهن به ڪير وڇڙندو آهي ته ان سان لاڳاپيل هر شخص جي اڳيان، ان سان جڙيل سندس يادون
سامهون اچي وينديون آهن. ان طرح مان به هڪ ٻه اهڙي ئي ياد هِن موقعي تي لکڻ چاهيان
ٿو. سڀ کان اول اها ڳالھ ته مون آصف فرخي صاحب کي شاھ محمد پيرزادي ۽ خدا بخش ابڙي
صاحب جي ذريعي سڃاتو هو ۽ ان کانپوءِ سندس علمي ۽ ادبي ڪم مون لاءِ هڪ وڏي سڃاڻپ
بڻجي آيو هو. آصف فرخي خدا بخش ابڙي جن جي صلاح تي ۱۹۹۰ع جي ڏهاڪي ۾ منهنجا به ٽي چار نظم اردو ۾
ترجمو ڪيا هئا، جيڪي مون انهن ئي پاران گوئٽي انسٽيٽوٽ ڪراچيءَ ۾، شروع ڪرايل هڪ ادبي
سيريز ۾ پڙهيا هئا. اهي پروگرام هنن ملڪ جي مختلف ٻولين جي اديبن کي هڪٻئي جي
ويجهو آڻڻ ۽ هڪٻئي جي ادب (ڪهاڻي ۽ شاعري) کان واقف ٿيڻ لاءِ منعقد ڪرايا هئا. انهن
مان هڪ پروگرام ۾ ادل سومري به شرڪت ڪئي هئي.
ان کانسواءِ ٻه سال
اڳ، جڏهن هن ڪراچي لٽريچر فيسٽيول (ڪي ايل ايف) کان الڳ ٿي، امينه سيد صاحبه ۽ پنهنجن
ٻين دوستن سان گڏجي پهريون پاڪستان ادب فيسٽيول، گورنر هائوس ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪيو هو
ته منهنجي ٻن پبلشر دوستن کي بڪ اسٽالن لاءِ جاءِ کپندي هئي، پر ادبي ميلي ۾ گهڻو
ڪري ته ڪو هڪ ٻه ڏينهن بچيل هئڻ جي باوجود، جڏهن مون آصف فرخي صاحب کي، انهن دوستن
کي اسٽال لاءِ جاءِ ڏيڻ جي درخواست ڪئي ته، هن کين ان جو فوري بندوبست ڪرائي ڏنو هو.
سو آصف فرخي ملڪي ۽
بين الاقوامي ادب تي گهري نظر رکڻ، انهن مان اهم تحريرون اردو ٻوليءَ ۾ آڻڻ، ادبي
فيسٽيول منعقد ڪرائڻ ۽ ادبي رسالا ۽ ڪتابي سلسلا جاري ڪرڻ سان گڏ پنهنجي تخليقي ڪم
کي به وقت ڏيندو رهيو، تڏهن ئي ته هن وٽ پاڻ لاءِ وقت نه بچيو، ۽ ايڪهٺ سالن جي
عمر ۾ اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو.
آصف فرخي اسان جو
هيو، جنهن اسان کي به پنهنجو ڪيو هو.
(انور ابڙو جي
فيسبڪ ٽائيم وال تان ۷ جون ۲۰۲۰ع رکيل/ کنيل)
ڊاڪٽر آصف فرخي
سنڌ ۽ سنڌي ادب جو سفير
اسحاق مڱريو
هوءُ هيو ته ميڊيڪل جي شعبي سان واڳيل، پر هن جي
سڃاڻپ؛ اديب، نقاد، ايڊيٽر ۽ ادبي پروگرام آرگنائيزر طور وڌيڪ هئي. هن جي ياد ۾
محبان آصف فرخي پاران هر سال سنڌي ۽ اردو طبع زاد سٺي ڪتاب تي ۶۰ هزار رپيا انعام ۽ ايوارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.
جيوري جي ڪيل فيصلي تي گذريل سال سنڌي ڪتاب “خانه بدوش قبيلا “تي خالد جوڳي کي ۽
اردو جو ڪاظم سعيد جي ڪتاب “دو پاڪستان “تي اهڙو ايوارڊ ڏنو ويو هو.
ڊاڪٽر آصف فرخي ( ۱۶ سيپٽمبر ۱۹۶۹، پهرين جون ۲۰۲۰) ڪراچي ۾ هڪ ادبي گهراڻي ۾ ڄائو ۽ ڪراچي ۾
ئي ۶۰ سالن جي ڄمار ۾ شگر جي مختصر علالت سبب گذاري ويو. هو شارٽ اسٽوري رائيٽر،
ناول نگار، لٽرري جرنلسٽ، نقاد، مترجم ۽ ايڊيٽر هو. هن ست ڪهاڻين جا ڪتاب، ڪيترائي
آرٽيڪل ۽ مضمون لکيا. هن لٽرري جرنلسٽ طور سنڌي ادب ۽ شاعري تي وڏو ڪم ڪيو ۽
پنهنجي اهڙ ادبي ڪم کي سنڌ بابت انگريزي ۾ لکيو. هن ڪووڊ۱۹ جي دور ۾ پنهنجي گهر مان پڙهڻ ۽ لکڻ جي
سلسلي طور ( لاڪ ڊائون ڊائري جي نالي سان) بلاگ وڊيو سيريز جاري ڪئي هئي.
هن سينٽ پيٽرڪ اسڪول
مان مئٽرڪ، ڊي جي سائنس ڪاليج مان انٽر ميڊيٽ ڪئي. هو ۱۹۸۴ ۾ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس ڪرڻ
کان پوءِ، ۱۹۸۸ ۾ هارورڊ يونيورسٽي مان پبلڪ هيلٿ ۾ ماسٽرس ڪئي. ۲۰۱۲ ۾ لنڊن اسڪول آف هائيجن ۾ هيلٿ ايڪانامڪس ۾
ڊپلوما ڪئي. هن جو ادبي گهراڻي سان واسطو هئڻ سبب، يارهن سالن جي ڄمار ۾ پهرين ڪهاڻي
لکي. هن ٽي نوڪريون ڪيون. جن ۾ پهرين نوڪري آغا خان ڪميونٽي هيلٿ سائنسز ۾ انسٽرڪٽر،
۱۹۹۴ کان ۲۰۱۴ تائين يونيسيف ۾ هيلٿ نيوٽريشن پروگرام آفيسر ۽ حبيب يونيورسٽي ۾ آرزو، (سينٽر
فار ريجنل لينگويج اينڊ ڪلچر) ۾ ڊائريڪٽر رهيو. هن حبيب يونيورسٽي جي انهيءَ اداري
۾ ابتدائي طور تي اردو، سنڌي ۽ پنجابي ٻولين جي ادب پڙهائڻ وارا شعبا قائم ڪيا. هن
انهيءَ اداري جي مدد سان ادب ۾ جنن ۽ پرين واري دقيانوسي سوچ جي خلاف وڏو ڪم ڪيو. هن
سائنسي سوچ وارو ادب وڌائڻ تي زور ڏنو. هن حبيب يونيورسٽي ۾ سنڌي ٻولي جي مشهور
شاعره ۽ استادسحر امداد سان گڏ آرزو واري شعبي ۾ سنڌي شعبي لاءِ ڪم ڪيو. ان اداري
۾ اردو اديب ۽ شاعر افضال احمد سيد ۽ تنوير انجم اردو شاعري ۽ ادب ۽ انعام نديم
پنجابي شاعري پڙهائيندڙ آهن. هن الف ليليٰ جي مشهور ڪردارن تي شهرزاد ۽ دنيا زاد جي
نالن سان ٻه ادبي ميگزين ڪراچي مان جاري ڪيون. جنهن ۾ اردو، سنڌي ۽ ٻين ٻولين جي
نون اديبن کي ڇپجڻ جو وڏو موقعو ڏنو ويو. هن کي ادبي مڃتا طور ۱۹۹۷ ۾ ليٽرس اڪيڊمي پاران صداتي ايوارڊ پڻ مليو.
هن انڊيا ۾ ٿيندڙ
اردوءَ جي لٽرري پروگرام ريختا جي طرز وارو پاڪستان ۾ رواج وڌو. هن انهيءَ انداز
وارو ڪراچي ۾ ۲۰۱۰ ۾ ڪراچي لٽرري فيسٽيول جو پروگرام جوڙيو. جنهن تحت هن آڪسفورڊ پريس سان گڏجي
ڪراچي لٽريچر فيسٽيول کان سواءِ لاهور فيسٽيول ۽ اسلام آباد فيسٽيول جو رواج وڌو. جنهن
۾ سڄي ملڪ کان سواءِ دنيا جي ٻين ملڪن مان دانشور شريڪ ٿيا. ميلي جي صورت ۾ اهڙن
ادبي پروگرامن جي ذريعي شعور ۽ آگهي جي بحث ۽ مباحثي کان سواءِ ڪتابن پڙهڻ جو رواج
وڌو. جنهن جي ذريعي وڏي عرصي کان پوءِ ڪراچي ۾ دهشتگردي واري خوف جي بدران ادب، شاعري،
تاريخ، آرٽ، راڳ ۽ سنگيت جو رجحان وڌيو. هن انهن سڀني ڪمن ۾ ڪراچيءَ کي ڪاسمو پوليٽن،
ميگا سٽي سان گڏوگڏ ڪراچيءَ کي سنڌ جي ٻهراڙين، ڳوٺن، ٿر، ڪاڇو، ڪوهستان، نارو ۽ ڪچي
سان ڳنڍيو. هو لٽرري پروگرامن جي حوالي سان وڏو آرگنائيز ثابت ٿيو. هن ڪراچي ۾
عالمي اردو ڪانفرنس پڻ آرگنائيز ڪئي هئي. هن حيدرآباد ۾ شيخ اياز ميلي جي آرگنائيزرس
امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح کي ادبي ميلي جي سلسلي ۾ سٺيون تجويزون ڏيندڙ هو. هن شيخ
اياز ميلي جو حيدرآباد ۾ هڪ دفغو افتتاح به ڪيو هو.
ڊاڪٽر آصف فرخي
آّغا خان ڪميونٽي هيلٿ جي ذريعي بيمارين بابت ٿيندڙ تحقيقي ڪم سبب سنڌ جي ڳوٺاڻن
علائقن سان ڳنڍيو. رسرچ جو ڪم گهڻ پاسائون ٿيڻ جي ڪري هو بيمار ماڻهن جي سماجيات ۽
اقتصادي حالتن کان آگاه ٿيندو رهيو. هو ۲۰ سالن کان يونيسيف جي هيلٿ واري شعبي سان لاڳاپيل رهيو. يونيسيف
سنڌ حڪومت سان هيلٿ پروگرام ۾ اي پي آءَ ۽ رورل ڊولپمينٽ ۾ واٽر سينيٽيشن واري
شعبي ۾ گڏ ڪم ڪندڙ هو. ان ڪري ڊاڪٽر آصف فرخي پنهنجي نوڪري جي لحاذ سان سڄي سنڌ ۾ ڊي
ايڇ اوز سان ميٽنگز ۽ ويڪسين جي پروگرام جي مانيٽرنگ جي سلسلي ۾ ويندو رهيو. هو انگريز
دور جي وڏن اردو جي رائيٽرز ۽ ناول نگار ڊپٽي نذير احمد ۽ شاهد احمد دهلوي جي ڪٽنب
سان واسطو رکندڙ هو. ساڳي ريت هن جو والد پروفيسر اسلم فرخي ڪراچي يونيورسٽي جو
رجسٽرار ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ رهيو ۽ ان جي والده بيگم نديم تاج پڻ وڏي ليکڪا
هئي. هن جي گهر واري کاٻي ڌر جي اڳواڻ پروفيسر جمال نقوي جي ڀائٽي هئي. لکڻ پڙهڻ
وارو ايڏو وڏو پسمنظر رکڻ ڪري هن پنهنجي لکڻين ۽ پبليڪيشن جي ذريعي نه رڳو اردو لٽريچر
کي سنڌي معاشري سان ڳنڍيو، پر هن سنڌي ادب، شاعري ۽ سنڌي ڪردارن کان سواءِ سنڌ جي ٿر
۽ ٻين علائقن کي انگريزي ۾ متعارف ڪرايو. هو سنڌي شاعري ۾ شاه لطيف ۽ شيخ اياز جي
شاعري کان وڏو متاثر هو. هن شاه لطيف جي شاعري تي انگريزي ۾ اهم نوعيت وارو ڪم ڪيو.
هن شيخ اياز سان خدابخش ابڙي سان گڏجي سندس زندگي ۾ ڪراچي ۾ فنانس۽ ٽريڊ سينٽر ۾
يادگار پروگرام ڪيو. جنهن ۾ صادق فقير پهريون دفعو “سکي پيا کي ملين ته چئجان، چاندني
تو سواءِ نه ٿيندي. اچين ته منهنجي اماس ۾ آءُ، ڇو ته ٻئي رات ڪان نه ٿيندي.” شيخ
اياز پنهنجي اها شاعري پهريون دفعو ڳائجندي ٻڌي سحر ۾ اچي ويو هو.
هن ڊان اخبار ۾ شيخ
اياز جي شاعري تي لکڻ شروع ڪيو هو. هن شيخ اياز جي چونڊ شاعري جو انگريزي ترجمو به
ڪيو ۽ ڪتابي صورت ۾ ڇپايو. هن سنڌي چونڊ ڪهاڻيون به ترجمو ڪيون. شاه محمد پيرزادي
جي مدد سان هن سنڌي ادب ۽ شاعريءَ کي گهرائي سان سمجهڻ جو موقعو حاصل ڪيو. هن سنڌي
۾ اردو ۽ انگريزي ادب جو ترجمو ڪندڙ مشهور مترجم ولي رام ولڀ تي انگريزي ۾ ڪتاب
لکيو. هن امر جليل، امداد حسيني، سحر امداد تي پڻ لکيو. هن کي ٿر جو لينڊ اسڪيپ
تمام گهڻو وڻندو هو. هن يونسيف جي حوالي سان ٿر ۾ اي پي آءِ جي پروگرام ۾ پوليو تي
وڏي ڪم ڪيوهو. ٿر ۾ اين جي اوز جو ڳوٺاڻي ڪميونٽي سان ڳنڍيل هجڻ جو هن پوليو
پروگرام ۾ وڏو فائدو ورتو. هن جي ورتل ڪوشش جي نتيجي ۾ ٿر جي سڀني اين جي اوز جو ماروئڙا
جي نالي سان نيٽ ورڪ جڙيو. جنهن ۾ ڊي سي، هيلٿ کاتو، لائيو اسٽاڪ۽ رورل ڊولپمينٽ
جي کاتن کي پڻ ان نيٽ ورڪ ۾ شامل ڪيو ويو. پوليو پروگرام ۾ اين جي اوز کان ڪميونٽي
۾ پهچڻ کان سواءِ جيپن جو سهڪار به حاصل ڪيو ويو. انهيءَ بنياد تي اين جي اوز، ڳوٺاڻي
ڪميونٽي ۽ اي پي آءِ جو زبردست نيٽ ورڪ موجود هجڻ سبب گذريل پنجويهن سالن کان ٿرپارڪر
پوليو فري زون بڻيل آهي. ڊاڪٽر آصف فرخي جي ذريعي ٿر ۾ ڊيپ ويل نلڪا لڳا ۽ برسات
جو پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ٽانڪا ٺهيا ۽ ان ڏڪار کان بچڻ لاءِ پاڻي زخيرو ڪرڻ واري
انهيءَ ٽيڪنالي جو رواج وڌيو.
ٿر ۾ اهڙا ڪيترائي ٽانڪا
۽ نلڪا اڄ به ڊاڪٽر آصف فرخي جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ موجود آهن. جن ۾ هڪڙو اهڙو نلڪو
مٺي ۾ نٿو کتري جي گهر اڳيان لڳل آهي. نٿو کتري ٻانڌڻي جو ڪم نيچرلي رنگن ۾ ڪپڙو رڱي
ٺاهيندڙ آهي. نٿو کتري پنهنجي ڏاڏي جي دور وارا ڪارب ۽ پور سنڀالي ويٺل آهي. ڊاڪٽر
آصف فرخي ٿر جي اصلي لباس طور نٿو کتري جو دڪان ۽ سندس رڱاوت وارو ڪم ڏٺو. انهيءَ
رڱاوت ۾ پاڻيءَ جي گهڻي استعمال کي محسوس ڪندي يونيسيف پاران نٿو کتري کي هڪ نلڪو
لڳرائي ڏنو هو. هن ٿر ۾ جڏهن ناگ ۽ بلائن جي وڌندڙ آزار ۽ سرڪاري اسپتالن ۾اينٽي
سنيڪ ويڪسين نه هجڻ سبب بلائون کاڌلن کي هن اسپتالن ۾ ڦٿڪندي ڏٺو هو، جنهن کان
پوءِ ڊاڪٽر آصف فرخيءَ يونيسيف کان اينٽي سنيڪ ويڪسين يونيسيف جي پارٽنر تنظيم ٿر
ديپ وٽ اهڙيون ويڪسين رکايون هيون. جيڪي اسپتالن ۾ ويڪسين نه هجڻ کان پوءِ ڊاڪٽرن
جي پرچيءَ تي اهڙن مريضن کي ويڪسين ڏني ويندي هئي. هو تنهن زماني ۾ يونيسيف ۾ هو
ته چوٽياري ڊيم بابت ڊاڪيومينٽري جي سلسلي ۾ مون کانئس چوٽياري ڍنڍ تي انٽرويو ڪيو
هو. هو چوٽياري ڍنڍ جي سمورين باريڪ بينين کان واقف هو. مون کي چيائين ته چوٽياري ڍنڍ
۾ جنهن سطح جو پاڻي آهي. ان سطح تي خاص قسم جي پاڻيءَ ۾ گاھ ۽ جيت پيدا ٿين ٿا ۽ اهو
مڇيءَ جي خوراڪ طور افزائش لاءِ اهم آهي. ڊيم ٺهڻ کان پوءِ ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي سطح وڌي
وڃڻ سبب اهو گاھ ۽ جيت جڻيا ختم ٿي ويندا. جنهن جي نتيجي ۾ مڇيءَ جي افزائش تي وڏو
ناڪاري اثر پوندو. هن زور ڏئي چيو هو ته؛ چوٽياري ڊيم ٺهڻ جي نتيجي ۾ مقامي
ماهيگير مڇي نه هجڻ سبب بيروزگار بنجي ويندا. چوٽياري ڊيم بابت ۱۶ سال اڳ ۾ ڪيل سندس تجزيو سؤ سيڪڙو سچ ثابت ٿيو
آهي.
(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۳۰ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
آصف فرخي
منظور ڪوھيار
(ڪافي ڏينهن
کان طبيعت بي مزي هئي. ان ڪري لکڻ تي دل نه پئي ڪڍيو. پر دل گھرين دوستن تي لکڻ ڪو
ٿڌو ٿورو ناھي. انهن تي لکڻ ڄڻ پاڻ تي لکڻ آھي. اڄ فرحت ڀانيم ته ”آصف فرخي“ تي لکڻ
شروع ڪيو اٿم.)
ادبي
دوست ”آصف فرخي“ جي پھرين جون ۲۰۲۰ع جو
اوچتو وڇڙي وڃڻ تي، فيس بوڪ جي وال تي ”فيض احمد فيض“ جي هن شعر سان پنهنجي غم جو
اظهار ڪيو هيم.
دل رهين غم جهان هے آج
هر نفس تشنئه فغان هے آج
سخت ويران هے محفلِ هستی
اي غمِ دوست! تو کهان هے آج
اڄ جڏهن
ان شعر جي آخري سٽ ورجايان ٿو ته ازخود جواب ملي ٿو ته دوست دل ۾ هوندو آھي. جڏهن
ان کي دل سان ياد ڪبو آھي ته ساروڻين جي سھاري اکين آڏو اچي ويندو آھي. پوءِ شاھ
سائين جي بيت جي سٽ سمجھاڻي ٿي پوي ٿي ”جو اکين اوڏو آھ، سو پرين پرانهون مَ چئو!“
اسان
جي دوستي جو بنياد هڪ ڪهاڻي هيو، جڏهن ۱۹۹۶ع جي فبروري مهيني ۾ لاڙڪاڻي واري گھر ۾ هڪ لفافو پهتو، جنهن ۾ يونيسيف جو ڪارڊ
پيل هيو. اهو ڪارڊ اڄ به ساھ سئون سانڍيل آهي. جنهن تي لکيل هيو،
”محترم منظور
کوهيار صاحب
آپ
کے افسانوں کی
کتاب
پڑھ کر، آپ کو مبارکباد دينے کے
ليے
يه خط لکھ رها هوں- اتنی عمده کهانياں
پڑھ
کر دل خوش هوگيا.
آپ
مجھے تو نهيں جانتے هونگے.
اپنی
کهانيوں کا ايک مداح سمجھ ليجئے يا
سيانوں کے شهر کا پاگل آدمی-
آصف
فرخی کراچی“
پڙهي
ايتري خوشي ٿي جو ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيم. ان جو سبب اهو هيو، ته آصف فرخي سان ڪا ميل
ملاقات يا اٿڻ ويهڻ نه هيو. پر اتفاق سان آصف فرخي جا ڪجھ ڪهاڻين جا مجموعه ۽
ترجما پڙهيل ھيا. (جن بابت اڳتي هلي ٽيڪا ٽپڻي ڪبي) ڪن ڪتابن ۾ سندس شخصي تعارف به
ڏنل ھيو. جنهن ۾ ڄاڻايل هيو ته سندس تعلق علمي ۽ ادبي گھراڻي سان آهي. سندس والد
”اسلم فرخي“ اردو ادب جو سلجھيل نقاد، محقق، شاعر، ايڪويهن ڪتابن جو مصنف ۽ سابق
پروفيسر و چئرمين شعبه اردو ۽ سب رجسٽرار ڪراچي يونيورسٽي ٿي رھيو آھي. سندس والده
ماجده اردو جي مشهور اديب ڊپٽي نظير احمد جي پڙپوٽي ۽ شاهد احمد دهلوي جي ڀاڻيجي
آهي.
آصف
فرخي مون کان چار سال ننڍي ھئڻ (جنم ۱۶ سيپٽمبر
۱۹۵۹ع) جي باوجود ادبي قد ڪاٺ جي
لحاظ کان تمام گھڻو وڏو هيو. جڏهن ته مان ڪو سنڌيءَ جو نالي چڙهيو محقق، اديب يا
ليکڪ به نه هيس. ڏندين آڱريون ان ڪري به هيون ته هن جي سنڌي ٻولي جي ادب تي ايڏي
نظر جو مون جھڙي غير معروف يا پاسائتي ليکڪ (Marginal
Writer) کي به پڙھيو اٿائين. جنهن ڪهاڻيءَ جو حوالو
ڏئي پاڻ سان تشبيه ڏني اٿائين، اها ڪهاڻي هئي، ”سياڻن جي شهر ۾ پاڳل ماڻهو“، جيڪا
منهنجي ڪهاڻين جي پهرين مجموعي، سال ۱۹۹۵ع ”لھندڙ
سج کان پوءِ به...“ ۾ ڇپيل ھئي. جنهن ۾ نسل پرست ۽ تعصبي ماڻهن تي تنقيد ٿيل هئي. ڪهاڻي
۾ جهڙوڪر سماجي تجزيو ڏنل هيو ته تعصب ڪو فطري جذبو ناهي، پر اهو انساني سماج ۾،
انتهاپسندي واري سوچ تحت منتقل ٿئي ٿو. منهنجي لاءِ اها حيرت جھڙي ڳالھ هئي ته هڪ
اهڙو ماڻهو ان تي راءِ ڏئي رهيو آهي، جيڪو ڪراچي جو رھائشي ۽ اردو ڳالهائيندڙ آهي.
پوءِ اھا ڪهاڻي ھن اردو ۾ پنهنجي هڪ ادبي دوست ”ڪرن سنگھ“ کان ”سيانون ڪي شهر مين پاگل
آدمي“ جي عنوان سان ترجمو ڪرائي اله آباد (هندوستان) مان نڪرندڙ اردو جي هڪ جريدي
”شب خون“ ۾ ڇپرائي.
ھاڻي
اچئون ٿا، ان دؤر ۾ پنهنجن ڄاتل سڃاتل سينئر اديب ۽ اديبه جي روين تي، جن سان
منهنجي سٺي عليڪ سليڪ هئي. (نالا ان ڪري به نه ٿولکان، جو ڳالھ روين جي ٿي ھلي.)
جيئن ئي منهنجي ڪهاڻين جو مجموعو ”سج لهڻ کان پوءِ به“ ۱۹۹۵ع ۾ ڇپيو. مان کين دل جي خلوص سان ھٿو ھٿ ڏئي آيس ته جيئن پڙهي لکت يا
زباني راء ڏئي ڪا رهنمائي ڪن. ٽن چئن مهينن کان پوءِ فيڊ بئڪ وٺڻ لاءِ مانواري
اديبه سان مليم. تنهن ڏاڍي ساراھ ڪندي چيو، ”ادا! زبردست، لکيو اٿئي!“
عرض ڪيومانس
ته ”محترمه! ڪهڙي ڪهاڻي اوهان کي ڀلي يا ڍلي لڳي؟“
”سڀ سٺيون! ڏاڍيون
سٺيون!“ ساراھ ڪندي وراڻيائين.
سمجھي
ويس ته ڪو نه پڙهيون اٿئين بغير ڪنهن رک رکاءَ جي چئي ڏنومانس، ”ميڊم! ان جو مطلب
ته اوهان پڙهيون ئي ڪونهن!“
شڪي ٿي
وراڻيائين، ”ادا! سچي ڳالھ اھا آھي ته ٽائيم ئي نه ٿو ملي!“
ان
معتبر ڄاڻو سڃاڻو اديب جي گھر به پهتم، جنهن کي ڪي مهينا اڳ مجموعو ڏئي آيو ھيس. ڀليڪار
ته ڀلي نموني سان ڪيائين. ڪهاڻين بابت پڇڻ تي لڳ ڀڳ ساڳيو ئي انداز اختيار ڪندي
چيائين، ”سڀ لاجواب.. سڀئي سٺيون، واھ واه..! “
جڏهن پڇيومانس
ڪنهن ته ڪهاڻي جي مرڪزي خيال، اسلوب، ڪردارنگاري، منظر نگاري يا ٻوليءَ بابت لب ڪشائي
ڪيو؟“
اوڀاريون
لھواريون ڪندي ڌڌڙ ۾ پير هڻڻ لڳو. جڏهن منهائين هنئيمانس ته ”لڳي ٿو توهان پڙهيون
ئي ڪونهن!“ ته پنهنجي سخت مصروفيت جو عذر ڏئي جان ڇڏايائين. جيتوڻيڪ همت افزائي ۽
عزت افزائي خاطر ڪيترن هم عصر دوستن ڪهاڻين جي مجموعي تي پنهنجي راءِ سان مستفيض ڪيو
هيو. جيڪي رايا اخبارن ۽ رسالن ۾ به ڇپيا ھيا؛ جن ۾ رکيل مورائي، چندر ڪيسواڻي،
قربان ابڙو، ممتاز ابڙو، محمدعلي پٺاڻ ۽ ڪليم الله لاشاري جھڙا ادب دوست ھيا. بزرگ
اديبن ۾ ڊاڪٽر اياز حسين قادري جو ڪھاڻي ”لھندڙ سج کان پوءِ به...“ ۽ رسول بخش
پليجي جو ”ساڌ“ تي مانائتي انداز ۾ تبصرو ٿيل هيو. مون ذاتي طور تي محسوس ڪيو هيو
ته گھڻو تڻو سينئر اديب عمومن آپيپڻي جو شڪار آھن. ايستائين جو ھڪ سينئر اديب ڪهاڻي
کي گولي ھڻي ماري ڇڏيو، ته نه رهندو بانس، نه وڄندي بانسري. پوءِ اھڙو ته شور متو،
جو اڄ تائين ان جي گونج ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. ھاڻي وري مفتيان ادب، فتوائي ادب گيري تحت
ادبي ميلن ۾ ”حاجي ۽ قاضي“ گڏ ڪري سنڌي ناول جي ڪڍ لڳا آھن. خدا خير ڪري...! توهان
اھو مشاهدو ماڻيو هوندو ته هر ادبي ميلي، سيمينار ۽ ڪانفرنس ۾ اھي نقاد ئي گند جي
مک وانگر گھڻو منهن مٿو پٽيندا آھن، جيڪي عصر حاضر جو ادب (ڪهاڻيون يا ناول) پڙهندا
به ناهن. انهن جو وس پڄي ته جيڪر جونيئرس جي نظم و نثر تي پابندي ھڻائي کين جنم ٽيپ
ڏياري ڇڏين. بقول شخصي ته ”ادبي دنيا جو الميو اهو آھي ته ڪالھ جو ترقي پسند،
سينئر ٿيڻ کان پوءِ رجعت پسند ٿي وڃي ٿو.“ مان اھو محسوس ڪيو آھي ته ادبي دنيا ۾
جنريشن گيپ وڌندو ٿو وڃي. اھي سينئر جيڪي نه مرن ٿا، نه منجو ٿا ڇڏين، ھڪ ڏينهن اهڙو
به ايندو، جو جونيئر ليکڪ ڀلجي به کين ياد نه ڪندا، پر جي ڪندا ته سؤ ڳڻي ڪري.....
مون کي
ان حوالي سان لاڙڪاڻي جي حوالي سان هڪ پراڻي ادبي محفل جو واقعو ياد اچي ٿو، ترقي
پسند مصنفين اردو جي محفل هئي يا روح رهاڻ ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي. بهرحال ان زماني
۾ لساني ڇوت ڇات وارو ماحول نه هيو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌي اردو مشاعره يا گڏجاڻيون ڪٺي ٿينديون
هيون. رمز شاهجهان پوري سينئر اردو اديبن جي اڳواڻي ڪندو هيو. شرف الدين ”شرف“،
عبدالسليم صديقي ۽ ٻيا جونيئر اديب به پنهنجو ڪلام پيش ڪندا ھيا. پر سينئرس ۽
جونيئرس جي نوڪ جھوڪ هلندي رھندي هئي. هڪ جونيئر اديب تي اردو جي ڪهنه مشق شاعر
”رمز شاهجهان پوري“ طنز ڪئي ته ان جونيئر پنهجي دؤر جي هڪ بي باڪ شاعر شھيد محسن
نقوي جي غزل جو هڪ بند پڙهي اھڙو جواب ڏنس، جو ”رمز شاھجهان پوري“ جا ٺپ ٺري ويا،
”کھلتے گنچوں
کو مسل دو که يه گستاخ کهيں
چند پھولوں کی مسرت ميں مخل هو نه سکيں!“
هاڻي
به ڪجھ اھڙي صورت حال آھي، ته ڪجھ سينئر اديبن جي نظر ۾ جونيئر رانده ادب گاھ
آھن....
(۲)
جيئن
جيئن خطن يا لينڊ لائن ٽيليفون وسيلي ساڻس عليڪ سليڪ وڌي، خبر پئي ته ”آصف فرخي“
جو تعليمي پس منظر به ساراھ جوڳو آھي. ڊو ميڊيڪل ڪاليج مان ”ايم. بي.بي. ايس“ ۽
هارورڊ يونيورسٽي مان ”پبلڪ هيلٿ“ ۾ ماسٽرس ڊگري ورتل اٿس. پروفيشن جي لحاظ کان
”يونيسيف“ جھڙي عالمي اداري ۾ "هيلٿ اينڊ نيوٽريشن پروگرام آفيسر" آهي.
ان حوالي سان سندس ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃڻ ٿيندو آهي ۽ لاڙڪاڻي به اچڻ ٿيندو اٿس.
پوءِ ڪجھ ملاقاتون سمبارا هوٽل لاڙڪاڻي ۾ به ٿيون.
هڪ
دفعي مان پنهنجي ڪمي ڪارين ڪراچي ويس ته ”آصف فرخي“ سان فون تي رابطو ڪيو.
پڇيائين،
” آپ کهاں پے هیں؟“
وراڻيومانس، ”سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي“ جي
چوراهي ڀرسان دوستن (محمد علي مهر ۽ اياز حسين ايم گاد) جي فليٽ تي رهيل آهيان“
دعوت ڏيندي
چيائين، ”اگر وقت هو تو آج شام همارے غريب خانے پے ادبي نشست کا
اھتمام هے، شرکت هوجائے تو مسرت هوگی! کافی عرصے سے آپ کی زيارت نهيں هوئی!“
”دل ته چوي ٿي،
پر پھچجي ڪيئن؟“ وراڻيم.
ٻڌايائين
ته ”شام کو چار بجے آفيس سے فراغت نصیب هوگی. آپ پانچ بجے
چوراهے پے، فروٹ والوں کے نزديک انتظار کی زحمت کيجئے گا!“
”ٺيڪ آهي!“
وراڻيم.
پنجين
وڳي ڌارا سوسائٽي جي چوراھي تان آصف فرخي ڪار تي کنيو ۽ پنهجي گھر وٺي آيو. اندازن
ساڍي ڇهين وڳي اديبن ۽ شاعرن سندس گھر جي گھنٽي وڄائڻ شروع ڪئي. گھر جي هڪ وڏي ڪمري
۾ ويهارو کن خواتين و حضرات صوفن تي تشريف فرما ٿيا. جن ۾ اردو ادب جون ٻه قدآور
شخصيتون ھڪ جديد افسانه نگار انتظار حسين ۽ ٻيو صاحبِ عِلم وادب آصف فرخي جو والد ڊاڪٽر
(پي ايڇ ڊي) اسلم فرخي براجمان ھيا. انهن آڏو آصف فرخي منهنجو شانائتي انداز سان
تعارف ڪرايو، ”منظور کوهيار صاحب, افسانوی ادب کے
حوالے سے سندھی زبان ميں تازه هوا کا جھونکا هيں. آپ سماجي حقيقت نگاری کے حوالے
سے منفرد انداز رکھتے ھيں. آج ھماري ادبي محفل ميں رونق افروز ھوئے هيں.“ مان ھڪدم سڀني جو مرڪزِ نگاھ بڻجي ويس. آصف فرخي جي والد ڊاڪٽر اسلم فرخي
مشڪندڙ مک سان آجيان ڪندي چيو، ”کوهيار صاحب کی
تشريف آوری کا شکريه!“ ادبي محفل جي شروعات ٿي. وقتي
صدارت جي مسند انتظار حسين کي ۽ نقاد جي حيثيت ڊاڪٽر اسلم فرخي کي ڏني وئي. پهريان
هڪ اڌ ادبي مضمون پڙهيو ويو. جنهن تي نقاد ۽ صاحبِ صدر جي راءِ ڏيڻ جو انداز جامع
۽ فضيلت ڀريو هيو. مون کي سندن فصيح ۽ بليغ گفتگو مان اندازو پئي ٿيو ته هو نرم پر
راست گفتار ۽ شائستگي جو اظهار آهن. آصف فرخي، ادبي محفل جي ڪاروائي هلائيندي
منهنجي هٿ ۾ ”شب خون“ جو پرچو ڏئي، ڪهاڻي ”سيانون ڪي شهر مين پاگل آدمي“ پڙهڻ لاءِ
چيو. مان سمجھي ويس، ته هو مون کي نمايان ڪرڻ ٿو چاهي. مون ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪئي.
ويٺلن مجموعي طور عزت افزائي ۽ ھمت افزائي ڪئي. پر سندس والد گرامي اسلم فرخي صاحب
اھا راءِ ڏني، ”مجھے يه افسانه سن کے بهت خوشی
هوئی، که سندهی ادب ميں تعصبات کي خلاف ايسی بھرپور تحرير لکھی گئی ھے...!“
بهرحال،
اهي لفظ مون جھڙي نَويلَ ليکڪ لاءِ اتساهيندڙ هيا. انهيءَ ادبي محفل ۾ پير محمد ڪيلاش
به ڪهاڻي پڙهي هئي. ان کانسواءِ مختلف شاعرن ۽ شاعرائن به شاعري پڙهي. گھڻو ڪري ته
”ڪيلاش“ جي زوجه محترمه (نالو ياد نه ٿو اچي) به پنهنجو ڪلام پيش ڪيو هيو. جنهن کي
به ساراهيو ويو. سڀني نثر يا شاعري پيش ڪرڻ وارن اديبن تي محترم ڊاڪٽر اسلم فرخي
صاحب جي راءِ متوازن ۽ جامع هئي. پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ سموسن ۽ چانھ سان اديبن
جي خاطر تواضع ٿي، ته اسلم فرخي صاحب انهيءَ دؤران مون ڏانهن متوجھ ٿيو ۽ چوڻ لڳو،
”کوهيار صاحب! اگر آپ مناسب سمجھيں تو آپ هماري هاں شب
گذاری کریں؟“
مون
معذرت ڪندي وراڻيو، ”مهرباني، مين اپني
ديرينه دوستون کے فليٹ ٹھهرا هوا هوں“
”آپ هوٹل مين تو نهين ٹهھري هوئے هئيں؟“ هن وري به اطمينان خاطر ڪندي پڇيو.
”نهيں، بالکل نهيں! شکريه!“ مون وراڻيو.
موڪلائڻ
وقت چيائين، ”آپ سے شرف ملاقات حاصل هوا، بهت خوشی
هوئی. ليکن يه ملاقات آخری نهيں هونی چاهيے!“
مون کي
اندازو ٿيو ته فرخي خاندان نه صرف صاحبِ علم، پر علمي عاجزي جو به گھر آهي. پڪ سان
سندن خانداني تعلق ھندوستان جي ڪنهن تهذيب يافته علائقي سان ھوندو. پوءِ خبر پئي
ته سندس تعلق لکنؤ جي ھڪ ضلعي ”فرخ آباد“ سان آهي. لکنو ۽ فرخ آباد وچ ۾ ۱۸۵
ڪلوميٽرن جو مفاصلو آھي. فرخ آباد جي زبان جو لهجي ۾
لکنو واري ”آپ جناب“ واري شائستگي، انڪساري، ڪسرنفسي ۽ چاشني هوندي آھي. جوش مليح
آبادي جي ناناڻن جو تعلق به فرخ آباد سان هيو. اردو نظم جو هڪ وڏو نانءُ ”پنڊت برج
نارائن چڪبست“ جي جنم ڀومي به فرخ آباد ھئي. اردو جي قابلِ قدر افسانه نگار ۽
شاعره ”ڊاڪٽر صغرا مهدي“ جو تعلق به فرخ آباد سان رهيو آھي. منهنجي پاڙي لاهوري
محلي لاڙڪاڻي ۾ به لکنؤ جي پاسي جو هڪ همراه رهندو هيو، نالو ته الائي ڇا هيس، پر
هر ڪو کيس ”ڀائي ميان“ ڪري سڏيندو هيو. اهو به ڏاڍو فضيلت ماب هيو. هڪ دفعي سندس
پاڙيسري جيڪو به اردو ڳالهائيندڙ هيو، تنهن سان سندس اڻبڻت ٿي پئي. پاڙيسري همراھ
جيڏو ’ابے تبے يا سالے!’ چوندي
بدزباني پئي ڪيس، ڀائي ميان ان جي ابتڙ ”آپ، جناب! حضور!“ چوندي مخاطب پئي ٿيس.
پوءِ خبر پئي ته اهو لکنوي اندازِ گفتگو ۽ شائستگي آهي. اڳتي هلي جڏهن لکنوي طرز
گفتگو کي تضحيڪ جو نشانو بڻايو ويو، خاص ڪري هڪ اسٽيج ڊرامي ۾ لکنوي ڪردار کي بار
بار ”آداب ِعرض هے“ چوڻ
تي، مزاحيه اداڪار ”عمر شريف“ جتي لاھي وٺندي چويس ٿو ”ابے! ھم اتني بهی آداب والے نهيں..!“ ته پوءِ اردو ڳالهائيندڙن ۾ ”پهلے
آپ“ واري مؤدبانه طرز تخاطب بجاءِ ”ابے تبے“ وارو انداز مقبول ٿيڻ
لڳو. مرزا غالب اھڙي بد تميزي واري طرز تخاطب تي ڪهڙي نه خوبصورت پيرايه ۾ طنز ڪئي
آھي ته
”هر ايک بات پے کهتے هو که تم که تو کيا هے
تمهيں
کهو که يه انداز گفتگو کيا هے “
بحيثيت مترجم
ترجمي
جي وڏي اھميت ۽ افاديت آھي. ترجمو هر قسم جي علم و عرفان جي ترسيل جو ڪارڻ ٿئي ٿو.
هي هڪ اھڙو رابطو آھي، جنهن سان مختلف ثقافتون رکندڙ ماڻهن وچ ۾ويجھڙائپ وڌي ٿي.
گڏيل سمجھ (Collective Wisdom) ۾ واڌارو ٿئي
ٿو ۽ تعصبات جو انت اچي ٿو. دنيا جي شاهوڪار ٻولين جي واڌ ويجھ ۾ ترجمي جو اھم
ڪردار رهيو آھي. عربي، پارسي، لاطيني، انگريزي يا ٻين ٻولين کي بين الاقومي حيثيت
ڏيارڻ ۾ ترجمن اهم رول ادا ڪيو آھي. ٽي يا چار سؤ سال اڳ انگريزي جو دائرو بالڪل
محدود هيو، پر ترجمن کيس بين الاقومي ٻوليءَ جي حيثيت ڏياري ڇڏي. ھاڻ جنهن کي به
دنيا جي سائنسي، سماجي ۽ افسانوي ادب کي پڙهڻ جي ضرورت پئي ٿي، انگريزي جي توسط
سان پڙهي سگھي ٿو. برصغير ۾اردو کي به ترجمن مٿي کنيو. ائين سنڌي ٻوليءَ کي وڌائڻ
۾ مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين مترجمن جي حيثيت کان ڪير انڪار ڪندو....؟ ڳالھ کٽائڻي ته
جيڪي ماڻهو به ٻين ٻولين مان پنهنجي ٻوليءَ ۾ خاص يا نج ادب (Special or
Pure literature) ترجمو ڪري پيش ڪن ٿا، سي ساراھ
جوڳا ۽ قابلِ توقير آھن. تن کي ھرگز نظرانداز نه ڪرڻ گھرجي.
بهرحال،
ان ڏس ۾ آصف فرخي جي ڪيل اردو ۽ انگريزي ترجمن جي فهرست تي نظر وجھجي ته حيرت ٿئي
ٿي ته هن پنهنجيون پيشورانه ذميواريون نڀائيندي ڪيڏو نه وڏو ڪم ڪيو آھي...!!
جيڪي
ترجما منهنجي نظر مان گذريا آهن، تن جي فهرست ڪجھ هيٺين ريت آھي.
۱. سرنگ ( ناول) ارنستو
سباتو
۲. سدهارتھ (ناول) هرمن هيس
۳. يادين، خواب، کهانيان
(متفرق فکشن اور مضامين) نجيب محفوظ
۴. ماتم ايک عورت کا (
ناول) عمر ريوا بيلا
۵. فونتا مارا (ناول)
اگنارزيو سلوني
۶. سرخ موت ( تين افسانے) ایڈگر
ايلن پو
۷. شجر گلنار ( جاپانی
افسانے) ساتوکی زاکی
۸. موت اور قطب نما (لاطينی
امريکا کے افسانے)
۹. هاله ( ناولٹ)، کارلاس فوينتيس
۱۰. گوتم کی دھشت گرد سے
ملاقات، انگلي مالا
۱۱. ترانه ( ناولٹ)، ائين رانڈ
۱۲. تغلق، گريش کرناڊ
۱۳. تماشاگر، ستيه جيت رے
۱۴. توفيق الحکيم کے دو ڈرارمے
۱۵. مٹھی بھر ستارے ( ناول)،
رفيق شامی
۱۶. يادوں کی بازگشت، نجيب
محفوظ
۱۷. خواب نامه، نجيب محفوظ
۱۸. جاتک کهانياں، نور عنايت
۱۹. شکست جھموريت، ارون دهتی
رائے
۲۰.” بڑی ماما کا جنازه“ گابريئل
گارشيا مارکيز
۲۱. موت اور نقش پا، (ناول)جرمن
اديب هرمين هيس
۲۲. عالم پناہ، ترک اديب عزيز
نيسن
۲۳. صدائے رفته، عالمی ادب کی
منتخب کهانياں
۲۴. ” ذکر اياز“ شيخ اياز کی
شاعري کا اردو میں ترجمه
۲۵. ” فکر اياز“
۲۶. ”سندھی ادب، منتخب
تحريريں“ اردو ميں ترجمه
۲۷. شاھ عبداللطيف بھٹائی کی
شاعری
ان کان
سواءِ هن ”شھرزاد پبليڪيشن“ جو بنياد وجھي، پبلشر جي حيثيت سان چار ماھي ”دنيازاد“
وارو ڪتابي سلسلو آڪٽوبر ۲۰۰۰ع ۾
شروع ڪيو. جنهن جو ايڊيٽر به پاڻ هيو. ٽيھارو کن شماره نڪتا. جن ۾ پاڪستان
هندوستان جي مشھور ليکڪن جي لکڻين سان گڏ عالمي ادب جي شھ پارن جا ترجمه پيش ڪيا
ويا. جن ۾ خورخي لوئيس بورخيس، ميلان ڪنڊيرا، امر جليل، جيمس جوائس، فلابيئر،
ورجينيا وولف، ۽ ٻين ڪيترن اديبن (شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن) جي تخليقن کي اردو ۾ الٿو
ڪيو يا ادب دوستن کان ڪرايو. انهن مان اڪثر ترجمه هن بذات خود پاڻ ڪيا. جن جو
تفصيل ڏجي ته هڪ لمبي لسٽ ٺهي ويندي.
آصف
فرخي جي انگريزي ٻوليءَ تي به دسترس هئي. نه صرف انگريزي ۾ مارننگ نيوز، ڪرنٽ،
هيرالڊ، ڊان ۾ مضمون ۽ تبصره لکندو ھيو. هن ڪيترن اردو، سنڌي اديبن جي شاعري جن ۾
هم عصر شاعرن جو ڪلام انگريزي ۾ ترجمو ڪيو. اردو ۽ پنجابي جي ستن پوسٽ ماڊرن
شاعرن، جن ۾ افضال احمد سيد، عذرا عباس، ثروت حسين، تنوير انجم، سارا شگفته، ذيشان
ساحل ۽ سعيد الدين جي شاعري شامل هئي، تنهن کي انگريزي ۾ ” An Evening
of caged beasts “ جي عنوان سان ترجمو ڪيو. عطيه
دائود جي شاعري ” Raging to be free “ جي عنوان سان ترجمو ڪيائين، جنهن کي مڪتبه دانيال ۱۹۹۵ع ۾ شايع ڪيو هيو. ڪشور ناهيد جي شاعري جو ترجموDefiant
colours selected poems of kishwar Naheed جي عنوان سان ڪيو، جنهن کي سنگ ميل پبليڪيشنز شايع ڪرايو. اھڙيءَ
طرح ڪيترن سنڌي شاعرن جو ڪلام هن اردو ۽ انگريزي ۾ ترجمو ڪيو. ان حوالي سان شاھ
محمد پيرزادو وڌيڪ تفصيل ٻڌائي سگھي ٿو، جو ان سان صلاحو هوندو هيو. مون کان به
صلاح ورتي هيائين. پر مان معذرت واري انداز ۾ چيو هيومانس، ”جيئن ته مان شاعر
ناھيان، ان ڪري مون کي سڀ سٺا ۽ هِڪ کان هڪ وڌيڪ لڳندا آھن!“
نثر ۾
پاڪستاني ليکڪن جي چونڊ افسانن کي ”FIRS in an Autmn garden“ جي عنوان سان ترجمو ڪيو ھيائين. جن ۾ سعادت حسن منٽو، علي بابا، احمد نديم
قاسمي، خالده حسين، اسد محمد خان، انتظار حسين ۽ ٻين ڪيترن جون ڪهاڻيون شامل آهن.
اھڙي طرح ھن اردو جي جديد افسانه نگارن جي حوالي سان”The Oxford
Anthology of Modern Urdu short stories“، انتظار
حسين جي ڪهاڻين کي ”An Unwritten epic and other stories“، فرقه وارانه فسادن تي لکيل مشهور ڪهاڻين کي”Descent
into Darkness“، ڪراچي جي سماجي صورت حال جي
حوالي سان لکيل ڪهاڻين کي ”look at the city from here“ جي عنوانن سان انگريزي ۾ ترجما ڪيا، جيڪي ملڪي ۽ غير ملڪي نامور پبلشرن ۽
ادارن شايع ڪيا.
مون کي
ھر ڀيري ملڻ وقت ڪتابن جي ڀري ٻڌائي ڇڏيندو هيو يا لاڙڪاڻي واري ايڊريس تي
موڪليندو۔ جن جي پهرين پني جي ڪنڊ تي سندس هٿ اکرن سان "منظور کوهیار کیلۓ۔۔۔ آصف فرخی“ لکيل ھوندو هيو. انهن ڪتابن ۾ تعارف، پيش لفظ يا مهاڳ به ڪي عاميانه نه،
پرمغز ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ هوندا ھيا.
مان
هتي صرف آصف فرخي جي ھڪ ترجمي ٿيل ڪتاب ”مٹھی
بھر ستارے“ ۾ سندس لکيل تعارف جو ذڪر ڪندس. جيڪو۱۹۸۷ع ۾ جرمني ٻوليءَ ۾ شايع ٿيل رفيق شامي جو لکيل Eine Hand
Voller هيو، ۽ ۱۹۹۷ع ۾
فضلي سنز (پرائيوٽ لميٽيڊ) ڪراچي شايع ڪيو هيو. ”مٹھی
بھر ستارے“ جي هڪ پئراگراف مان پاڻ اندازو ڪيو ته ھو ”ادب برائي زندگي“
سان ڪيڏو نه ڪميٽيڊ ھيو.
”پل پل گذرندڙ زندگي، پٺتي لؤڻو هڻي ڏسجي ته حيرت ٿئي ٿي. اڇا! ته ايترو وقت
گذري ويو ۽ غور ڪجي ته اهو سمورو وقت سال، مھينه، ھفته، ڏينهن ۽ پل پل ٿي گذريا
آهن. اڻ ڳڻيا پل، جيئن آسمان تي وکريل ستارا. اگر انهن مان چند پل اسان محفوظ ڪرڻ
چاهيون ته ڇا ٿي پوي... جي ڪو چاهي ته آسمان جي طرف هٿ وڌائي، جيترا به ستارا مٺ ۾
اچي سگھن، کڻي وٺي.“
ھاڻي
پڙهڻ کان پوءِ ائين ٿو لڳي ڄڻ ته آصف فرخي زندگيءَ جو ڪو پل ضايع نه پئي ڪرڻ
چاھيو. هن ادب جي آسمان طرف هٿ وڌائي، جيترا ادبي ستارا مٺ ۾ اچي سگھيس کڻي ورتا.
نه صرف ايترو پر دنيا جي معياري ادب کي محفوظ ڪرڻ لاءِ، ترتيب و تاليف ۽ تدوين جي
حوالي سان به آصف فرخي جو وڏو ڪم ٿيل آھي. جي انهن جي فهرست پيش ڪجي ته حيرانگي
ٿيندي.
سچ پچ
ته هن پنهنجي زندگي ڄڻ ادبي دنيا کي ارپي ڇڏي هئي. مان هڪ دفعي فون تي ڪچهري ڪندي
کيس ”ادب جو جن بابا“ ڪري سڏيو ھيو ته هڪ زوردار ٽهڪ ڏئي ڪسرنفسي جو اظهار ڪندي
چيائين، ”برادر! جتنا اس ناچيز سے هو سکا، اپنے تئيں مقدور بهر
کوشش کی ہے!“
بحيثيت افسانه نگار
آصف
فرخي جي افسانن جا اٺ مجموعه ڇپيل آھن. سندس افسانن جي تڪ تور ڪجي ته ڪٿي به جھول
نظر نه ايندو. سندس پهريون مجموعو ”آتش
فشاں پے کھلے گلاب“ سترنهن افسانن تي مشتمل آھي. جيڪو
۱۹۸۲ع ۾ طارق پبليڪيشنز وارن شايع ڪيو
ھيو. جنهن ۾ سندس لکيل پهرين مختصر افساني ”آخری
اور پهلی کهانی“ (۱۹۷۸ع ۾ ڇپيل) کي پڙهڻ کان پوءِ نه لڳندو ته اسلوب ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان ڪو سيکڙاٽ
يا نَويل آهي. افساني جي مرڪزي خيال مان ئي اندازو ٿيندو ته ھو ڄڻ بين الاقوامي
شعور رکندڙ مدبر ليکڪ آهي. خاص ڪري نيوڪليئر هٿيارن کي بربادي جو سامان سمجھي ٿو.
جنهن جي پيش گوئي ڪندي باخبر ڪري ٿو ته اھو عمل ڌرتي تي رهندڙ ھر ذي روح لاءِ ھاڃيڪار
۽ مڪمل تباھي جو سبب بڻبو.....
سندس ٻيو
افسانوي مجموعو ”اسم اعظم کی تلاش“ هيو، جيڪو ۱۹۸۴ع ۾
احسن مطبوعات طرفان شايع ٿيو هيو. جنهن ۾ ۲۵ کن ڪهاڻيون آهن. جنهن ۾ هڪ ڪهاڻي ”يزيد
کي پياس“ هئي. جڏهن مون اھا پڙهي، مون کي لڳو ته ڄڻ منهنجي گھر
جي ڪهاڻي هجي. ۱۹۹۷ يا ۱۹۹۸ع ۾ سمبارا هوٽل لاڙڪاڻي ۾ ڪچهري ڪندي چيومانس؛ ”فرخي صاحب! توهان منهنجو
موضوع چورايو آھي!“
”ڇا توهان ان
موضوع تي پهريان لکي چڪا آھيو...؟“ حيران ٿيندي پڇيائين.
”ڪاش! توهان
کان پهريان لکان ها!“ وراڻيم.
چيائين؛
”زحمت نه سمجھو ته ضرور ٻڌائجو ته ڪهڙي هڪجھڙائي آھي!“
پوءِ ٻڌايومانس
ته، اسان جي گھر ڀرسان هڪ خانگي عمارت ۾ پرائمري گرلس اسڪول هوندو هيو. اسڪول ۾
پيئڻ جي پاڻي جو پورو انتظام نه هئڻ ڪري ڪافي ڇوڪريون رسيس ۾ اسان جي گھر پاڻي پيئڻ
اينديون هيون. دلا گھر جي ڏيڍيءَ ۾ رکيل هوندا هيا. ڇوڪريون ڪي سنجيده ۽ ڪي چلوليون،
ٻي ٽين هفتي ڪو نه ڪو دلو ڀڳو پيو هوندو هيو. پاڻيءَ جي هاروير الڳ. امڙ دڙڪا به ڏيندي
هين ۽ چوندي هين ته اڳتي پاڻي پيئڻ نه اچجو. پر وري نوان دلا آڻائي، سڏي پاڻي
پياريندي چوندي هين ته ”اَمان! نياڻيون نماڻيون آھيو. پاڻي ڌيرج سان پيئنديون ڪيو....!“
نه صرف
انهن جي ٺٺي سهندي هئي. پر سڄي پاڙي جا ڀنگي به اسان جي گھر جي ڏيڍيءَ ۾ اچي پاڻي
پيئندا ھيا. ائين جيئن توهان جي ڪهاڻي ”يزيد کي پياس“ ۾ صديقي صاحب جو گھر ڏيکاريل
آھي، جنهن ۾ هو پاڻيءَ جي سبيل لڳائي ٿو. پر اڃايل پنهنجين حرڪتن ڪري کيس بيزار ڪري
ڇڏين ٿا. آخرڪار هو تنگ ٿي سبيل بند ڪري ڇڏي ٿو. آخر ۾ هڪ فقيرياڻي پاڻي نه ڏيڻ تي
طعنو ھڻندي چويس ٿي ته ”ذرا سا پانی پينے کو
نهيں ديتا، يزيد کهيں کا....“
”ڇا توهان جي
گھر ڀاتين کي به ائين ڪنهن طعنو ڏنو هيو؟“ آصف مشڪندي پڇيو هيو.
ٻڌايومانس
ته ”جڏهن امڙ منهنجي فيملي سميت ٻارن جي پڙهائي ڪري ننڍي ڀاءُ ”درجان“ جي گھر ڪراچي
شفٽ ٿي ته منهنجي لاءِ آزار ٿي ويو. مون کي لاڙڪاڻي ۾ جاب هجڻ ڪري مجبورن اتي اڪيلو
رهڻو پوندو هيو. ان وقت گرلس پرائمري اسڪول ته هڪ سرڪاري عمارت ۾ شفٽ ٿي چڪو هيو،
پر ڀنگين جان نه ڇڏي. دروازي تي ٺڪ! ٺڪ! ٰلڳي پئي هوندي هئي، خاص ڪري منجھند جو. هڪ
ڏينهن ڏيڍيءَ ۾ رکيل دلا ھٽائي ڇڏيم. جڏهن ٻاليشاهي ٻهاريدارن جي ٽولي دروازو کڙڪائي
پاڻي گھريو ته ٺپ جواب ڏيندي چيو مانِ ته ”ھاڻي پاڻي نه ملندو، مهرباني ڪري دروازو
نه کڙڪائيندا ڪيو!“ جيئن دروازو بند ڪيم ته هڪڙي ڍيڪ ڏيندي ٻئي کي چيو، ”مائي
مولائڻ هئي، ابا! اي دولائي، پاڻي ڪو نه ڏيسين!“
ڪنهن
به سنڌي ڊڪشنري ۾ ”دولائي“ لفظ جي معني نه ملي سگھي. سرائڪي ڳالهائيندڙ سنگت کان
به پڇيم، پر ٻڌائي نه سگھيا. ان ڪري ڪهاڻي نه لکي سگھيس ته الائي ”دولائي“ لفظ ڪا
گار آهي يا ٻاليشاهي محض قافيو ملايو هيو.
ڏاڍو
کليو. چيائين، ”ڪوهيار صاحب! هڪ موضوع تي ٻه ڪهاڻيون لکي سگھجن ٿيون.“
وراڻيو
مانس؛ ”تنهنجي ڪهاڻيءَ کان بهتر نه لکي سگھان ها، جنهن جي پڄاڻي واضح ۽ لاجواب
آهي!“
حقيقت
نگاري (Realism) جي حوالي سان آصف فرخيءَ جون ڪهاڻيون
ڪمال جون لکيل آهن. ان جا وڏا مثال سندس ٽيون، چوٿون ۽ پنجون مجموعه آھن. ٽيون
مجموعو ”چيزيں اور لوگ“ ۱۹۹۰ع ۾ احسن مطبوعات ڇپيو هيو، جنهن ۾ پندرنهن ڪهاڻيون آهن. انهن ڪهاڻين مان
مون کي هڪ ڪهاڻي ”بحيره مردار“ ڏاڍي وڻي هئي، مون ان ڪهاڻيءَ کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي
جي ادبي پروگرام ۾ پيش ڪيو هيو. هيءَ ڪهاڻي به حقيقت نگاري جي حوالي سان بام عروج
تي پهتل آھي. اخبار جي دفتر ۾ ڪم ڪندڙ ۽ گھرو مسئلن جي شڪار هڪ حساس نوجوان جي
اندر جو اظهار آهي،
”جيئن شام ٿئي
ٿي ته مون کي لڳندو آهي، ڪراچي ٿڪجي پيو آهي. سڀ ماڻهو ٿڪجي پيا آهن. تمام عمارتون
ٿڪجي پيون آهن. ڪراچي، سڀ ماڻهو، تمام عمارتون ... منهنجي دفتر جون سڀ ديوارون ٿڪجي
شل ٿي چڪيون آهن ۽ انهن جو ٿَڪُ ريڊيائي لهرن جيان منهنجي جسم ۾ داخل ٿي رهيو آهي.
اهو ٿَڪُ رڳ رڳ ۽ ريشي ۾ داخل ٿي سڄي بدن ۾ تحليل ٿي رهيو آهي..“
سندس
چوٿون مجموعو ”شهر بيتی“، ويهن ڪهاڻين تي مشتمل، ۽ پنجون مجموعو، ”شهرِ
ماجرا“ جنهن ۾ پندرنهن کن ڪهاڻيون آهن، مڪتبه دانيال ۱۹۹۵ع ڇپرايا ھيا.
شهرن
جي حالتِ زار تي اردو ادب ۾ لاجواب ڪهاڻيون لکيون ويون آهن. مثلن، سعادت حسن منٽو
جي ”پهندنے“، انتظار حسين جي ”شهرِ افسوس“، ڪرشن
چندر جي ”کالو بھنگی“. اھڙي
طرح انگريزي جي توسط سان جيڪي مون ڪهاڻيون پڙهيون, انهن ۾ نڪولائي گوگول جو ”اوور ڪوٽ“،
ايڊگرايلن پو جو ”دي مئن آف دي ڪرائوڊ“، پر جنهن ڪهاڻي مون کي وڌيڪ متاثر ڪيو، اها
هئي انڊونيشيائي اديب، ”پرامو ديا اننتا توئر“ جي ”صورت دري ديسا“ جنهن ۾ هن جڪارتا
شھر جي حالت زار کي ڪمال جو چٽيو آھي. جنهن ۾ ڪيئي اهڙا جملا آهن، جنهن ۾ درد جون
دانهون آهن. پر آصف فرخي جي ٻنهي مجموعن ۾ هڪ هڪ ڪهاڻي ڄڻ ڪراچي جي ۱۹۹۴ع ۽ ۱۹۹۵ع واري پُر آشوب دؤر جي دردن جا
داستان آهن. تلخ حقيقتن ۽ انساني روين جي اھڙي ته عڪاسي ٿيل آھي، جو دل خون جا ڳوڙها
ڳاڙڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿي. طوالت کي نظر انداز ڪندي ٻنهي مجموعن مان صرف هڪ هڪ ڪهاڻيءَ
جا ننڍڙا اقتباس مثال طور پيش ڪجن ٿا.
افسانن
جي چوٿين مجموعي ”شھر بيتی“ جي ڪهاڻي ”سلحشور“ مان هڪ اقتباس؛
”آدهے شهر
ميں اندھا دھند فائرنگ هوگی اور آدھا شهر نيند بهر سوئے گا. شهر ايک آنکھ سے جاگے
گا، ايک سے سوئے گا اور جو جاگے گا وه لهو روئے گا. ايسا آخر کب تک چلتا رهے گا؟
اس شهر کا اب کيا فيصله کرے کوئی.“
اهڙي
طرح پنجين مجموعي ”شھرِ ماجرا“ جي ھڪ ڪهاڻي ”دستنبو“ مان هڪ ٽڪرو،
”گلی کے هر
مکان سے بھته. ايک ايک دکان سے بھته. اور وه بھی روز کے روز. شادي کرنے کا کوئی
نام لے تو لڑکی والوں سے الگ اور لڑکے والوں سے الگ بھته. کل همارے ملنے والوں ميں
ميت هوگئی. جنازه اٹها بهی نه تها که قنات اٹها کر وهی دس باره کا ٹوله اندرگهس
آيا اور مرنے والے کے گھر سے چاولوں کی ديگ بھتے میں لے گئے. تو يه هو رها هے....“
انهيءَ
ساڳي مجموعي جي هڪ ڪهاڻي ”محاصره“ جو پئراگراف پيش ڪجي ٿو.
”ميرا پرانا
محله جيسے جيسے قريب آ رها تها، لگتا تها سڑک بھی وه الفاظ دهرا رهی هے اور ميں
کوئے ملامت ميں داخل هو رها هوں. قتل، حملے، اذيت گاهيں، بے نام لاشيں، روز کي ايک
تعداد، ويران سڑکيں، دکانوں کے سامنے چھٹتی هوئی بھيڑ....ميں نے سوچا اخبار ليتا
چلوں-
”گوريلا
جنگ.....“ اخبار والے کی آواز سن کر ميں چونک گيا.
”گھيرا تنگ“
ميں نے سنا تو وه يه کهه رها تها.
اخبار
تو ميں نے خريد ليا، ليکن محلے ميں داخل نهيں هوسکا. گليوں کے آگے رکاوٹ، جا بجا
خندقيں کهدی هوئی اور پهر چيکنگ کرنے والے...ايک کے بعد دوسری، اور دوسری کی بعد
تيسری جگه.....وهی تلاشی اور تفتيش...کون هو، کهاں جارهے هو، کيا کرتے هو، اماں کے
پاس کيوں جارهے هو، ساتھ کيوں نهيں رکهتے، کاغذات دکهائو...سوالات کی باڑھ اور
توهين آميز سلوک جيسے کهولتا هوا پانی ميرے اوپر انڈيلا جا رها هو...“
نوي جي
ڏهاڪي شهر ڪراچي ۾ هيانءَ ڏاريندڙ واقعا اخبارن ۾ رپورٽ ضرور ٿيندا رهيا آهن. پر
واقعه نگاري Event reporting) ۽ حقيقت
نگاري (Realism) ۾ وڏو فرق آھي. واقعه نگاري ۾
تخيل جي گنجائش گھٽ هوندي آھي. واقعي کي جيئن جو تيئن پيش ڪبو آهي. جڏهن ته حقيقت
نگاري ۾ اديب پنهنجي تخيل ۽ مشاهدي تحت انساني احساسن ۽ روين کي سلهاڙي پيش ڪندو
آھي. سچ پچ ته آصف فرخي جا اھي سرموڙ افسانه تخليقي ڪرب ”creative
agony“ جو اعليٰ مثال آهن. افسانن جي ذريعي ڄڻ ته
ھن ڪراچي شهر جي پرآشوب دؤر جي سماجي تاريخ لکي ڇڏي آهي. تڏهن ته چيو ويندو آھي ته
When journalism is silenced, literature must speak. Because while
journalism speaks with facts, literature speaks with truth.
بحيثيت افسانه نگار
(مان ڪيترن
ئي دوستن جي ڏنل محبتن جو قرضدار آھيان. آصف فرخي به انهن مان هڪ هيو. دل به چئي
ٿي، من ڪاڍو به ٿئي ٿو ته دوستن ۽ انهن جي تخليقن تي خوب لکجي. پر پارڪنسن ڊزيز
(رعشه) جي ڪري ڪڏهن ھٿ چيو نه ٿا ڪن، ته دل جي ڳالھ دل ۾ ئي رهجي وڃي ٿي. بهرحال
جيترو به ٿي سگھيو ضرور لکبو، خدا سڻائي ڪندو....!)
آصف
فرخي وٽ موضوع ۽ اسلوب جي حوالي سان رنگارنگي آھي. ڪٿي هو ڪنهن واقعي کي حقيقت
پسندي وارن لفظن جي خوردبين يا دوربين ھڻي ڏيکاري ٿو. ڪٿي جيمس جوائس ۽ فرانز
ڪافڪا واري مشڪل پسندي ۽ شعور جي وهڪري وارو اسلوب اختيار ڪري ٿو. جنهن ڪري سندس
افسانن کي خيال سان ۽ گھري نظر رکي پڙهڻ جي ضرورت پوي ٿو.
ڇهون
افسانن جو مجموعو ”ميں شاخ سے کيوں ٹوٹا“، هن ۾ ۱۶ ڪهاڻيون
آهن. جن جي پهرين صفحي تي پيش لفظ طور، علامه اقبال جو شعر ڏنل آهي،
”تو شاخ سے کيوں پھوٹا, ميں شاخ سے کيوں ٹوٹا
اک
جذبه پيدائی، اک لذت يکتائی“
ان جي
جواب ۾ وري اسلم فرخي (آصف فرخي جو والد) جو شعر ڄڻ جواب طور ڏنل آهي،
اڑتے هوئے پتے نے عجب بات کهی هے
جو شاخ سے ٹوٹے وهی گردن زدنی هے
ھجرت
جي درد کي سندس والد پنهنجي شعر ۾ جنهن انداز سان پيش ڪيو آھي، اھو جھڙوڪر سندس
جنم ڀومي ”فرخ آباد“ کان وڇوڙي جو درد آهي. جڏهن ته مجموعي جي پهرين ڪهاڻي ”ناف“ ۾
آصف فرخي جنهن هجرت کي پيش ڪري ٿو، اها علامتي ۽ استعاراتي آھي. هڪ ٻار جڏهن هن
دنيا ۾ پنهنجي مادر جي پيٽ مان ڇڄي نڪري ٿو ته هو نڪرندي ئي احتجاجي رڙ ڪري ٿو ڄڻ
کيس اھا هجرت يا منتقلي پسند ناھي. پر جڏهن ٻار شعوري اوستا ۾ اچي ٿو ته ان هجرت
کي وسيع تناظر ۾ ڏسي مطمئن ٿئي ٿو. ان حوالي سان آصف فرخي جو معنا خيز انداز
ملاحظه ٿئي.
”سارا ابد، تمام ازل، جس کا کوئی انت نهيں، يه ميں هوں.
ميری ناف سلامت هے اور اسی ذريعے ميں اپنی ماں دنيا سے جڑا هوا هوں، اس کے لهو سے
دهڑکتا هے ميرا دل، ميں ماخذ سے مربوط هوں، ميں بدن مين بدن هوں، ميں روح هوں، اس کی
هستی ميری رگوں ميں بهتی هے، ميں کل کائنات هوں“
اهڙي
طرح هن مجموعي جون هڙئي ڪهاڻيون تھ در تھ ۽ باريڪ بيني سان لکيل آهن. تھ کولبا
وڃبا ته هر تھ ۾ اشاري ڪنايي سان فلسفياڻي انداز وارو هڪ نئون نياپو ملندو.
ڊاڪٽر
آصف فرخي جو ستون مجموعو ”ايک آدمی کی کمی“ آهي. هي مجموعو ڇهن ڪهاڻين تي مشتمل آھي. چار ڪهاڻيون تمثيلي لحاظ کان پنهنجي
مٽ پاڻ آهن. ڪهاڻي ”هنس پکھی“ جنهن ۾ بي رحم حاڪم دلوراءِ کي هنجن جي راجا جو خون درڪار آھي. هو خون ڏئي
پنهنجي ھم نفسن کي بچائي ٿو. ٻي ”بودلو“ جي عنوان سان لکيل ڪهاڻي به شاهڪار آهي. جيڪا
حقيقي مرشد ۽ مريد جي اڻ ٽٽندڙ سٻنڌ کي بيان ڪري ٿي. جيڪا مون سنڌيء ۾ ترجمو ڪري ڪلاڪار
پبليڪيشن جي پرچي ۾ ڇپرائي ھئي. منهنجو ترجمو کيس وڻيو هيو. نه صرف ايترو پر مون متاثر
ٿي انهيءَ اسلوب ۾ ڪهاڻي ”بودلي جي ڏاچي“ به لکي هئي. جنهن جو ترجمو گھڻو ڪري ته
ننگر چنا اردو ۾ ڪري ڪوئٽيه مان نڪرندڙ رسالي سنگت ۾ ڇپرايو هيو. ”مارو تھلڑا“ آصف فرخي
جي ڪهاڻي سنڌي لوڪ ادب جي آکاڻي ”مال مڙوئي ڍڍڻ جو“ جي هڪ ڪردار کي کڻي پيش ڪيو آھي۔
انهيءَ مجموعي جي ٽائيٽل ڪهاڻي ”اس آدمی کی کمی“ به تمثيل ۽ علامت جو خوبصورت ميلاپ آهي. مجموعي جي آخري ڪهاڻي ”واچوڑے کی واٹ“ به هڪ
علامتي اشاري ڪنايه ۾ لکيل آهي. جيڪا موجوده معاشري ۾ برپا ٿيل طوفان بدتميزيءَ جي
منظر ڪشي آھي. هن مجموعي جي اڪثر ڪهاڻين مان معلوم ٿئي ٿو ته آصف فرخي سنڌ جي لوڪ ادب
کي به گھرائي سان پڙهيو آھي. ان حوالي سان سندس چوٿين مجموعي جي هڪ تمثيلي ڪهاڻي ”سر سورٹھ“ جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي،
جنهن ۾ اڄوڪو راءِ ڏياچ (حاڪمِ وقت) آرٽسٽ جي قدرداني ڪرڻ بجاءِ آرٽسٽ جو سر وٺي سرهو
ٿئي ٿو.
سندس
اٺون افسانن جو مجموعو ”ميرے دن گذر رھے هئيں“. جنهن ۾ ڪل ۲۰ ڪهاڻيون
شامل آهن. هي مجموعو ۲۰۰۹ع ۾ شهرزاد
پبلشرس ڇپايو هيو. هن جو انتساب آصف فرخي پنهنجي پسنديده ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ”فرانز
ڪافڪا“ جي نالي سان هن ريت ڪيو آھي ته
”صاحبِ کشف افسانه نگار
فرانز
کافکا کے نام
جس
نے تپ دق ميں مبتلا هونے کے بعد
ايک
صحت افزا مقام پر آٹھ مهينے گزارنے کے دوران
اپنے
بياض ميں آخری اندراج يوں کيا؛
”
يه ضروري نهيں هے تم گھر چھوڑدو. اپنی ميز کے سامنے
بيٹھے رهو اور سنتے رهو. سنو بھی نهيں، بس انتظار کرو. انتظار بھی نه کرو، ساکت
رهو اور تنها. پوری دنيا اپنے آپ کو تمهارے سپرد کردے گی که اسے بے نقاب کرو، وه
اس کے سوا کچھ نهيں کر سکتی، وه تمهارے سامنے سرمستی ميں تڑپنے لگے گی.“
هن
مجموعي ۾ شامل ڪهاڻي ”بونسائی“ (۲۰۰۴ع جي ڇپيل)، جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جو ڪردار
( ضمير متکلم ۾ لکيل) وڻ جي ھڪ ٻوٽي کي ڪونڊيءَ ۾ مقيد ڪري اسٽائيلنگ ٽيڪنڪ ذريعي واڌ
ويجھ کي روڪڻ لاءِ تارن سان وڪوڙي سندس ڏارن ۽ ٽارين کي پابند سلاسل ڪري ڄامڙو بڻائڻ
جي ڪري ٿو ته کيس ان ٻوٽي جي رنج ۽ پيڙا سبب روئڻ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. جڏهن ڪهاڻيءَ جو ڪردار
ان کي پاڻ سان ڀيٽي ٿو ته پاڻ کي ان وڻ جيان آزرده ۽ وياڪل محسوس ڪري ٿو. هيءَ
ڪهاڻي هڪ حوالي سان سائنٽيفڪ فڪشن، فلسفي ۽ نفسيات جو مرڪب آهي. سندس هڪ ٻي ڪهاڻي ”کيڑا هوں اگرچه ميں....“ سندس
ڪرب انگيزي، داخلي شڪست و ريخت جو اظهار آهي. جنهن ۾ هو ”ڪافڪا“ جي مشهورڪهاڻي ” ميٽا
مارفسس“ وانگر صبوح سان اٿي ٿو ته ڪينئون بڻجڻ بجاءِ پاڻ ڪافڪا بڻجي وڃي ٿو ۽ ڪافڪا
جي تخليقي ڪرب کي محسوس ڪري ٿو. هن ڪهاڻِيءَ جون آخري سٽون ڏاڍيون پُر اثر آهن، جن
مان اندازو ٿئي ٿو ته آصف فرخي ” ڪافڪا“ کان وڏو متاثر رهيو آهي.
”افق
کی دو لکيروں کی طرح ميری اور کافکا کی تقديريں کهاں الگ هونگی اور کيا اس مقام
پر، اس بستر پر حيران پريشان ايک کيڑا هوگا جو اب کيڑا نهيں رها.....
اٺين
مجموعي جي آخري ”سمندر کی چوری“ ماحوليات جي حوالي سان لاجواب ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ ڄاڻايل آھي ته اسان جڏهن
فطرت سان هٿ چراند ڪنداسين ته ان جو نتيجو هڪ ڏينهن اَوس ڀوڳڻو پوندو. هن ڪهاڻي جو
اسلوب ۽ ادائيگي ڪمال جي آهي. جي هيءَ ڪهاڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو نه ٿي آهي ته مان ضرور
ڪندس. آصف فرخي جون ڪافي ڪهاڻيون کربناک ۽ پيچيده آهن. جنهن ۾ علامتون، استعارا، تمثيلون
۽ تجريديت ملندي. انهن کي سمجھڻ لاءِ پڙهندڙ جي ڄاڻ ۽ پهچ به اوتري وسيع هجڻ گھرجي،
جيتري ليکڪ جي آھي. اسان وٽ اھڙين ڪهاڻين کي ڪوتاه نظر عمومن قدر جي نگاھ سان اھو
چئي رد ڪندا آھن ته هاڻي فلسفيانه گھرائي يا سينڍ ۾ مارئي ڳائڻ جي ضرورت ناھي.
جڏهن ته دنيا جي ادب ۾ مارسل پروست، وليم فاڪنر، خورخي لوئيس بورهيز يا اردو ادب ۾
انور سجاد، سريندر پرڪاش، خالده حسين، يا انتظار حسين جي سڃاڻپ اھڙين پُر پيچدار
ڪهاڻين جي ڪري آھي. سنڌيءَ ۾ به اھڙيون بهترين ڪهاڻيون لکيون ويو آهن، جيئن دور
حاضر جي ذھين ڪهاڻيڪار طارق قريشي جي ڪهاڻي، ”جيون سرووَر“ يا نئين ٽهي جي ناول
نگار نسيم پارس گاد جو ناول ”نئين يگ جو ديوتا“ آهن. پر "جنگل ميں مور ناچا، کس نے ديکها“
آصف
فرخي جي مذڪوره مجموعن کانسواءِ سندس ڪيئي ڇپيل يا اڻ ڇپيل ڪهاڻيون هونديون. جي
ڳولها ڦولها ڪجن ته سندس نائون مجموعو به ٺهي سگھي ٿو. آخر ۾ سندس ئي هڪ علامتي
ڪهاڻي ”آتم ڪٿا“ ۾ ڪهاڻي جي مان مرتبي ۽ حيثيت بابت سندس ٻڌايل وصف آهي. جنهن جو
مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندي مطلب ۽ مفھوم پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو.
هڪ
چيلو، جڏهن گرو گياني کان پڇي ٿو ته ”اي ٻڌيمان! جڏهن جيون ۾ اوندھ انڌڪار ڇانيل
هجي ۽ من نراس ٿيڻ لڳي ته ماڻهوءَ کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ اهو ٻڌي گرو گياني کيس هڪ
ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳي ٿو، ”ٻڌو! ڪنگن جي نگري م هڪ راجا هيو.....“ ان تي چيلو چويس ٿو
ته ”اي ودوان! اسان توکان گيان وٺڻ آيا آهيون، ۽ تون ڪهاڻي ٻڌائين ٿو.“ تنهن تي
گرو وري کين ڪهاڻين تي ڪهاڻيون ٻڌائڻ شروع ڪري ٿو ۽ آخر ۾ گرو کين سمجھائيندي چوي
ٿو ”ٻڌو! ڪٿا ( ڪهاڻي) اتيت (ماضي) آ، ڪٿا ڀوش (مس-تقبل) آ، وقت ڪٿا آ ۽ جيون ڪٿا
آ، سنسار ڪٿا آ ۽ يگيه ڪٿا آ، جنم ڪٿا آ، ڪرم ڪٿا آ، ڪٿا مان آهيان، جيڪو ڪٿا
ٻڌائي ٿو، ڪٿا تون آهين جيڪو ٻڌين ٿو...“
لاشڪ
ته اھو گرو گياني بذات خود آصف فرخي آھي. جنهن ڪهاڻيءَ جي وصف کي هڪ وسيع تناظر ۾
پيش ڪري ڪهاڻيون لکيون. سچ پچ ته جيستائين هيءَ دنيا آھي، ڪهاڻي ڪڏهن به ختم ناهي
ٿيڻي. اها هلندي رھي آ، هلندي رهي ٿي ۽ ھلندي رهندي.......
(۶)
لٽرئري
فيسٽيولس يا ادبي ميڙاڪن جو رجحان ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان قديم زماني کان رهيو
آھي. پر ۱۹۴۹ع انگلينڊ ۾ ٿيندڙ ”چيٽلهم
لٽريچر فيسٽيول“ کي جديد ادبي ميلو سڏيو وڃي ٿو. ۱۹۸۸ع ۾ ويلز (برطانيه) جي هڪ ڳوٺڙي ”ھي آن وائي“ ۾ ”هي لٽريري فيسٽيول“ منعقد
ٿيو، جنهن عالمي سطح تي مڃتا ماڻي. ان فيسٽيول جي ڪاميابي دنيا جي اديبن ۽ ادب
دوستن کي اتساھيو ته اهڙي قسم جا ميڙاڪا مچائڻ گھرجن. برصغير (هندوستان) ۲۰۰۶ع ۾ ”جئيپور لٽريچر فيسٽيول“ ۽ پاڪستان ۾ ۲۰۱۰ع ۾ ڪراچي لٽريچر فيسٽيول منعقد ٿيا. ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جي بانين مبانين
۾ ’امينا سيد‘ ۽ ’آصف فرخي‘ جا نالا قابلِ ذڪر آھن. جن ”آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس“ ۽
”برٽش ڪائونسل“ جي سھڪار سان پاڪستان جي ادبي دنيا ۾ هلچل مچائي ڇڏي. پوءِ لاھور،
اسلام آباد، فيصل آباد، حيدرآباد ۽ ٻين هنڌن تي فيسٽيولس يا ادبي ميڙاڪا ٿيڻ لڳا.
ادبي فيسٽيولس جو بنيادي ڪارج علم ۽ ادب جي واڌاري لاءِ هوندو آھي. جنهن ۾ ادبي
بحث مباحثه، فڪري بيداري، سماجي ميل جول ۽ نون ليکڪن جي حوصله افزائي ڪرڻ هوندو
آهي.
ڪراچي
۾ جيڪا به علمي و ادبي سرگرمي ٿيندي هئي، آصف فرخي مون کي شموليت لاءِ چوندو هيو.
جيئن ته عمومن منهنجا پنهنجي کاتي جي بالا آفيسرن سان تِرَ سنوان نه ھيا، ان ڪري
ڪڏهن ڪنهن ته ڪڏهن ڪنهن شھر ۾ ناڪيلي لڳل اوڳي اُٺَ وانگر ڦيرائيندا ھيا. مان
پنهنجي طبيعت کان مجبور ۽ ھو پنهنجي فطرت کان... خير، اھو هڪ الڳ داستانِ غم آھي.
گھر (لاڙڪاڻي) ايندو هيس ته دل ئي نه چوندي هئي ڪاڏي نڪرڻ لاءِ. ان ڪري فون تي
معذرت ڪري ڇڏيندو هيومانس. سندس زور ڀرڻ تي ڇهين ڪراچي لٽريچر فيسٽوئل ۲۰۱۵ع جي هڪ سنڌي ٻولي واري سيشن ۾ اسپيڪر جي حيثيت سان شموليت ڪيم. جنهن جو
عنوان هيو، ”سنڌي افساني جا سؤ سال“. ھڪ ته وسيع موضوع، ٻيو وقت محدود، ٽيون ٻه
مانائتن اسپيڪرس سان ويٺل ٻه شانائتا ماڊريٽرس، جن جا سوال برجسته ۽ بر محل نه. ان
ڪري ڳالهائيندڙن ۽ ٻڌندڙن ٻنهي طرفن کي تشنگي رھي. صرف مان نه ٿو چوان پر اتي ويٺل
سامعين ۾سنڌي ادب جي پُرجھيل شخصيتن اڪبر لغاري، محمد امين مگسي، غني ڪانڌڙو ۽
زاهد ڄامڙو جو به اھو خيال هيو. بهرحال، پوءِ به سٺو سوڻ چئي، جُڙيءَ کي جس ڏنوسي...!
ڇھون
ڪراچي لٽرريچر فيسٽيول جيڪو بيچ لگزري هوٽل ۾ ۷،۸،۹ فبروري تي منعقد ٿيو هيو، ان جي مجموعي صورت حال جي ڳالھ ڪجي ته مختلف علم
۽ فن جي حوالي سان ۸۶
پروگرام ڪرايا ويا. سڄي ملڪ جي ۽ ٻاهرين ملڪن جي سڄاڻ ۽ سپورنج اديبن شرڪت ڪئي.
انهن ٽن ڏينهن ۾ اندازو آھي ته سوا لک کان وڌيڪ ماڻهو آيا هيا. جنهن ۾ صاحبِ علم،
صاحبِ ادب، صاحب فن، صاحب سياست، صاحبِ صحافت ۽ مون جھڙا صاحبِ فراش به شامل هيا.
مون جيڪا خاص ڳالھ نوٽ ڪئي ته هر عمر جا زن و مرد موجود هيا. پر اهڙا عمر رسيده به
هيا، جيڪي آهستي آهستي وکون کڻندا، ساهيون پٽيندا ”مئن گارڊن“ ڏانهن پئي ويا. اهو
منظر مون ان وقت ڏٺو جڏهن ڪئنٽين ۾ سنگت ساٿ سان گڏ ويٺو ھيس. خاص الخاص، جنهن
منظر متاثر پئي ڪيو، اھو اسڪول جي ٻارن جو والنٽيئرس طور تي ڪم ڪرڻ هيو. جن کي
پرنٽيڊ ٽي شرٽس پهريل هيون، جن تي ”ميں
کراچی“ ۽ ”I am Karachi“ لکيل هيو. انهن نعرن ۾ ڄڻ اهو واضح پيغام ڏنل هيو ته ڪراچي جو حقيقي وارث ۽
مستقبل جو معمار امن پسند ايندڙ نسل آهي. ڪنهن زماني ۾ ڪراچي شهر، بلاشبه انهن
شهرن منجهان هيو. جنهن جو شهري ٿيڻ باعث افتخار هيو. هي شهر ڪڏهن ته برصغير جو
عروس البلاد هيو، پر پوءِ عروس الفساد بڻجي ويو. ان جو سبب، طاقتور ڌريون، نام
نهاد سياستدان، مذهبي، مسلڪي، نسلي ۽ لساني انتها پسندن ۽ عادي ڏوھارين کيس وحشت ۽
دهشت جو مرڪز بڻائي ڇڏيو. مذهبي منافرت کان وٺي فرقيواريت، لسانيت ۽ نسل پرستي
پروان چڙهڻ لڳي. جنهن ۾ هر قسم جي عصبيت ۽ تعصب، بام عروج تي پھتو. چيو ويندو آھي
ته شهر به ماڻهن سان، ملڪ به ماڻهن سان ۽ ماڻهو ماڻهپي سان. ماڻهپو وري ٻڌل آهي
اخلاقي قدرن سان. نه ته ماڻهو اهو خطرناڪ جانور آهي. جنهن مان ڌرتي جو ڪو جيءُ
چڱائي جي اميد نه ٿو رکي سگھي. تڏهن ته غالب پنهنجي هڪ شعر ۾ چيو آهي ته
بس کہ دشوار ہے ہر کام کا آساں ہونا
آدمی کو بھی میسر نہیں انساں ہونا
صحيح
نموني سان انسان يا ماڻهو ٿيڻ لاءِ ادب جو اهم ڪردار رهيو آهي. ڇو ته ادب احساسن
جي دنيا آهي، جيڪو ماڻهوءَ ۾ دردِ دل پيدا ڪري ٿو. ادب ئي ماڻهوءَ کي فضيلت،
همدردي، محبت، سهپ، عاجزي ۽ انڪساري سيکاري ٿو.
ڇھين
ڪراچي لٽريچر فيسٽوئل جي حوالي سان آصف فرخي ۽ سندس سنگت جو ڄڻ واضح پيغام ڏئي
ڇڏيوھيو، ”اچو ته شهرن کي ادب جي وسيلي مهذب، باوقار ۽ امن جو مرڪز بڻايون. مذهب،
مسلڪ رنگ، نسل، ذات پات، لساني ۽ علاقائي حد بندين وارن تعصبن ۽ عصبيتن کان ڪوهين
ڏور صرف انسان دوستي کي وڌايون....!“
آصف
فرخي مون کي ستين يا اٺين (پوريءَ طرح ياد ناهي) ڪراچي لٽريچر فيسٽويل جي هڪ ايونٽ
۾ اسپيڪر طور نامزد ڪيو هيو. پر ان وقت طبيعت جي لاهن چاڙهن مون کي ائين ڪري ڇڏيو
هيو، جيئن چئجي ته ”نڀاڳي مڱڻهار وانگر گھور مهل جھنگ جو خيال“، ان ڪري شرڪت نه ٿي
سگھي.
آصف
فرخي ادب پرور سنگت سان سلهاڙجي ۲۰۱۰ع کان
وٺي ۲۰۱۸ع تائين ڪراچي لٽريچر فيسٽويل ۽
۲۰۱۹ع ۾ ”ادب فيسٽيول“ جي نالي سان
ڪراچي ۾ ڪامياب ادبي ميڙاڪا ڪرايا. سندس جانفشاني ۽ ڪوشش بسيار ڪري پاڪستاني اديبن
کي قومي سطح تي هڪ پليٽ فارم مهيا ٿيو. ادب ڪتابن مان نڪري عوامي سطح تي آشڪار
ٿيو. پر ان جو نتيجو اهو نڪتو ته افسانن لکڻ واري رجحان ۾ ڪمي اچي ويس. ادبي
فيسٽيولس واري ايڪٽوازم کان اڳ مون کي ٻڌايو هيائين ته هو ناولن جي حوالي سان ٻن
ٽن موضوعن تي ڪم ڪري رهيو آھي. پر ادبي فيسٽيولس جي انعقاد واري مصروفيتن ڪري سندس
اهو ڪم اڌورو رهجي ويو. پر ان جي کيس پرواھ به نه هئي. هو ادب برائي ادب نه، پر
ادب برائي زندگي جو قائل هيو.
بقول
فيض احمد فيض:
بہت مِلا نہ مِلا، زندگی سے غم کیا ہے
متاعِ درد بہم ہے تو بیش و کم کیا ہے
ہم ایک عمر سے واقف ہیں، اب نہ سمجھاؤ
کہ لطف کیا ہے مرے مہرباں، ستم کیا ہے
کرے نہ جگ میں الاؤ تو شعر کس مصرف
کرے نہ شہر میں جل تھل تو چشمِ نم کیا ہے
(۷)
پروفيشن
جي لحاظ کان ته آصف فرخي ايم بي بي ايس ڊاڪٽر هيو. پر هن ڪا ڪلينڪ هلائڻ يا ڪنهن
وڏي اسپتال ۾ ڪم ڪرڻ بجاءِ بين الاقوامي اداري ”يونيسيف“ ۾ هيلٿ نيوٽريشن پروگرام
آفيسر ٿيڻ کي ترجيح ڏني. جڏهن ”حبيب يونيورسٽي ڪراچي“ جي انتظاميه کي سندن هڪ شعبي
”سينٽر فار ريجنل لينگويجز اينڊ هيومنٽيز“ لاءِ ڪو لائق فائق ماڻهو گھربل هيو ته
سندس نظر انتخاب آصف فرخي تي پئي. جن کيس اردو جو ايسوسئيٽ پروفيسر ۽ ڊائريڪٽر
آرزو ٿيڻ جي آڇ ڪئي. جيئن ته سندس پاڙون ادب جي پاتار ۾ کتل هيون. ان ڪري هن قبول
ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪئي.
آرزو
سينٽر جو ۲۵ فبروري ۲۰۱۵ تي افتتاح ٿيڻو هيو. مون کي آصف فرخي طرفان نينڍ ملي ته اکين تي رکي هليو
ويس. اتي ادبي هستيون زهره نگار سان گڏ منهنجو پسنديده افسانه نگار انتظار حسين به
اچڻو هيو. انتظار حسين سان آصف فرخي جي گھر ۾ هڪ ادبي نشست ۾ ملاقات ٿي چڪي هئي،
جنهن جو مان اڳ ذڪر ڪري چڪو آھيان.
پروگرام
جي آغاز ۾ حبيب يونيورسٽي جي آرزو سينٽر جي ڊائريڪٽر آصف اسلم فرخي ٻڌايو، ته ”هن
سينٽر جو نالو ۱۸ صديءَ جي شاعر، ماهرِ لسانيات
۽ لغت نويس ’سراج الدين خان آرزو‘ جي نالي تي رکيو ويو آهي. هن سال ’جهانِ اردو‘
جي حوالي سان سبجيڪٽ پڙهائڻ جو آغاز ٿيندو. اڳلي سال سنڌي، پوءِ پنجابي، بلوچي ۽
پشتو ۾ به پڙهائڻ جو پروگرام آهي.“
’بزم آرزو‘
عنوان تحت پروگرام جي پهرين حصي ۾، آصف فرخي سان انتظار حسين صاحب جي گفتگو منهنجو
پنڌ سجايو ڪري ڇڏيو. سندس مؤقف ٻولين جي حوالي سان چٽو پٽو ۽ واضح هيو، جنهن جو لب
لباب اهو هيو ته ”ٻولين کي ڪنهن به صورت ۾ سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي. ٻوليون علم
و عرفان جو وسيلو آهن!“ هن ٻڌايو ته ”ٻولين جو مسئلو جيڪو هندوستان ۾ اٿيو، ان کي
هندوستان جي قيادت فضيلت ڀرئي انداز سان سلجھايو. سڀني زبانن کي قومي ٻولين جو
درجو ڏئي عزت افزائي ڪري ڇڏي. جڏهن ته اسان وٽ ٻوليون سياست جي ور چڙهي ويون. جڏهن
اوڀر پاڪستان ۾ اهو حڪم جاري ٿيو ته اتان جي قومي ٻولي اردو ٿيندي، ته رفته رفته
اردو جيڪا محبت ۽ ڳانڍاپي جو وسيلو بڻجڻي ھئي، اها نفرت ۽ ورهاڱي جو سبب بڻجي وئي.
پوءِ وري سنڌي ۽ اردو جو تنازعو کڙو ڪيو ويو.“ سندس چوڻ هيو ته ”حڪومتن جون اختيار
ڪيل غلط پاليسيون پاڪستان جي سڀني ٻولين لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيون آھن!“
۱۸
آڪٽوبر ۲۰۱۵ تي
حبيب يونيورسٽي ڪراچي جي ”آرزو سينٽر فار ريجنل لينگويجز اينڊ هيومنٽيز“ طرفان هڪ
ٻئي پروگرام ”داستان گوئي طلسم ھوشربا“ ۾ شرڪت ڪرڻ جو موقعو به مليو. جنهن جي خاص
الخاص ڪوٺ دل جي خلوص سان آصف فرخيءَ طرفان مليل هئي. داستان ”طلسمِ هوشربا“ جي
حوالي سان ڳالھ ڪجي ته اردو جا سڀ معتبر ۽ ڪلاسيڪل اديب ان داستان جي زنبيل مان
نڪتل آهن. اهو داستان ڪهاڻي کان وٺي ناول تائين، ڊرامي کان وٺي انشا پردازي تائين،
سوانحي ادب کان وٺي شاعري تائين سڀني صنفن کي پنهنجي اندر سموئي ٿو. طويل ترين
داستان، ڪوئي اَٺ هزار صفحن تي مشتمل آهي. ۱۸۸۰ع ۾ منشي محمد حسين ان جا چار جلد لکيا. احمد حسين قمر ۱۸۹۷ع ۾ وڌيڪ ٻن جلدن جو اضافو ڪيو. اردو جو مشهور نقاد محمد حسن عسڪري چوي ٿو
ته ان جو بنياد مغل شهنشاه اڪبر جي نورتن ”ابوالفيض فيضي“ رکيو، جيڪو ’داستان امير
حمزه‘ جي نالي سان پارسي ۾ لکيل آهي. بهرحال داستانن جا مصنف ڪي هڪڙا ناهن هوندا.
انهن ۾ وقت سر اضافا ٿيندا رهندا آهن. لاشڪ ته هي اردو ٻوليءَ جو اهو داستان آهي.
جنهن ۾ ٻوليءَ جي خوبصورتي، لفظن جي رواني، بي ساختگي، سلاست ۽ بلاغت بام عروج تي
پهتل آهي. هن داستان ۾ عربستان، ايران ۽ هندوستاني تهذيب جو هڪ خوبصورت ميلاپ آهي.
جنهن ۾ فئنٽسي سان گڏ ان دؤر جي معاشرتي پهلوئن جي ڀرپور عڪاسي ٿيل آهي. طلسمِ
هوشربا جي بادشاهي جا ٽي حصا ڄاڻايل آهن. ظاهر، باطن ۽ ظلمات (اونداهي). عام شهري
ظاهر واري دنيا ۾ رهن ٿا. امير طبقو باطن واري دنيا ۾ (صوفين وارو باطن نه، پر ڳجھ
ڳوھ واري دنيا) ۽ ظلمات ۾ اشرافيه (جادوگر ۽ ڏانئڻيون) رهي ٿي. افراسياب (نام نهاد
سياستدان) جيڪو ٽنهي دنيائن ۾ گھمي ڦري ٿو. هو ڪوڙن خدائن جو پوڄاري آهي. جڏهن ته
امير حمزو وحدانيت جو قائل ۽ ھيڻن جو حمايتي آهي. جنهن جو سھڪاري عمرو عيار (وزير
يا مشير) آهي. ٻئي گڏجي باطل کي شڪست ڏين ٿا ۽ ڪافر حسينائن کي مشرف به اسلام ڪري
ڪُکِ ڪوسي ڪن ٿا. هن داستان ۾ اوهان کي جادوگر جادگرياڻيون، ڀڙوا ڀڙويون، ڪڃر
ڪڃريون، راڻيون ٻانهيون، چاڪر چوڪر سڀ ملندا. (جن جو تسلسل اسان جي سماج ۾ اڄ به
جيئن جو تيئن موجود يا ائين چئو ته اڃا به وڌو وڌ آهي.)
هن
پروگرام جو روحِ روان آصف فرخي پاڻ هيو. داستان گو ٻه نوجوان فواد خان ۽ نظرالحسن
هيا. آصف فرخي جي ڏاڍي مختصر مگر جامع تعارف ڪرائڻ کانپوءِ داستان گو فنڪارن ’طلسم
هوشربا‘ جي ڪجھ حصن کي انهيءَ انداز ۾ ادا ڪيو. جيئن پراڻي دؤر جا ڪلاسيڪل قصه گو
پيش ڪندا هيا. سندن ادائيگي سچ پچ ته ڏسندڙن کي محصور ۽ مسرور ڪري ڇڏيو. ٻڌندڙ ۽
ڏسندڙ ايترا محظوظ ٿيا جو آخر ۾ سڄي هال کين اٿي ڪري تاڙيون وڄائيندي داد ڏنو.
پوءِ خبر پئي ته اهي داستان گو مشهور اداڪار ۽ باڪمال صداڪار ضيا محي الدين جا
شاگرد هيا.
مون کي
به سنڌيءَ جي هڪ لوڪ ڪهاڻي ”امير حمزو ۽ ڪڻڪ راڻي“ ياد اچي وئي. جيڪا سياري جي
راتين ۾ ھڪ سفيد ريش ڳالهين جو ڳهير پنهنجي مخصوص انداز ۾ ٻڌائيندو هيو، جنهن کي
ڳوٺ جا ننڍا وڏا ”نانو صالح“ ڪري ڪوٺيندا ھيا. ذات جو مهر ۽ ڏاڏي فتح خاتون جو
ڀاءُ هيو. جيڪب آباد جي هڪ ڳوٺ ”ٻچڙي“ جو ويٺل، هر سال تھ سياري ۾ ڀيڻ سان ملڻ ڳوٺ
”ڪنڍي بڙدي“ تعلقي قنبر ايندو هيو. ٻه هفتا کن رهندو هيو. منهنجي عمر ان وقت ڪوئي
يارنهن ٻارنهن سال هئي. سندس ڪهاڻي يا آکاڻي کڻڻ جو انداز پنهنجي ڀيڻ وانگر ساھ
سڌير ۽ دلڌير هيو. جنهن کي مان اڃا تائين وساري ناهيان سگھيو.
اھا آکاڻي
”لوڪ ڪهاڻيون“ جي سلسلي پهرين ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي مرتب ٿيل ڪتاب ۾ به شامل
آهي. علمي حوالي سان ان ڪتاب جو ڳوڙھو ۽ پر مغز مقدمه ڊاڪٽر صاحب جو لکيل آھي.
جنهن جي مقدمي ۾ ”لوڪ ڪهاڻين جي علمي اھميت“، ”لوڪ ڪهاڻيءَ جي ابتدا“، ”لوڪ ڪهاڻين
جا ڪردار“، ڪهاڻين جي اوسر جو تاريخي پس منظر“، ڪهاڻين جا تَر ۽ بَر“، ”مرڪزي
خيال“، ڪهاڻيءَ جي کڻڻي ۽ پڄاڻي“ ۽ ”ڪهاڻين جي روايت ۽ صحت“ جي موضوعن تي مفصل ڄاڻ
ڏنل آهي. روايت ۽ صحت جي لحاظ کان ”امير حمزو ۽ ڪڻڪ راڻيءَ“ جي پڄاڻي تي سندس علمي
تنقيد به ٿيل آھي، ته امير حمزو بهادري جا مختلف ڪارناما ڪرڻ کان پوءِ هڪ مظلوم
ديو سان واعدو ڪري ٿو ته هو سندس زال ”ڪڻڪ راڻي“، ٻي ظالم ديو ”ڏڦيل“ کان آزاد
ڪرائي ڏيندو. جڏهن ھيڻن جو حامي امير حمزو ڪڻڪ راڻي کي ظالم ديو کان ڇڏائي ٿو ته
سندس سونهن ۽ سوڀيا ڏسي سندس صحبت ۾ غرق ٿي وڃي ٿو. جڏهن موٽي ٿو ته انهيءَ ئي
مظلوم ديو کي ماري ڇڏي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ آھي ته ”ڪهاڻيءَ جي سٽاءَ جي لحاظ
سان ائين ڪرڻ امير حمزي جي ڪردار جي خلاف آھي ۽ ظاھر آهي ته اها روايت غلط آھي.“
آدرشي
لحاظ کان ڊاڪٽر صاحب جي اها تنقيد بجا آھي. پر حقيقت پسندي جي نظر سان ڏسجي ته اھا
تلخ حقيقت آھي ته دنيا جي طاقتور امير حمزن، ڪڻڪ راڻين جي سونهن سوڀيا تي اڪن شڪن
ٿي آزاد ڪرڻ بجاءِ مالِ غنيمت سمجھي رکيو آھي. عورت جي سونهن ۽ سوڀيا اڄ به پئسي
وارن يا ٻلوانن جي آپيپڻي يا جنسي خواهش پوري ڪرڻ جي ور چڙهي وڃي ٿي. اھڙا مثال اڳ
به هيا، اڄ به عام جام آھن. خبر ناهي ته اھو سلسلو ڪيستائين هلندو رهندو.
چند
سال اڳ منهنجي پٽ بالاچ حسين ۽ نياڻي گل بانو انگل ڪيو ته سنڌي لوڪ ڪهاڻين جا ڪتاب
کپن. مون کين چيو ته جرمن ٻوليءَ ۾ برادرانِ گِرم جون آکاڻيون (Brothers Grimm) ته مشھور آھن، اھي نه
ٿا پڙهو ڇا...؟ وراڻيائون ته اهي پڙهيون آھن. پر پنهنجو لوڪ ادب پنهنجو آھي. جنهن
مان پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب جي خوشبو سمايل آھي.“ مان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جا مرتب
ٿيل لوڪ ڪهاڻين جا ستَ سلسليوار ڪتابن جا ٻه سيٽ وٺي ”برلن“ ڏياري موڪليا. اهي ڪتاب
نه هجن ها ته شايد مان ويساري نسل سان تعلق رکندڙ شخص پنهنجن ٻارن جا اھي انگل
پورا نه ڪري سگھان ها.
سچ پچ
ته سنڌي ادبي بورڊ جو اھو ھشناڪي وارو قدم هيو جو خادم العلم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
جي سرڪردگي ۾ ۱۹۵۷ع ۽ ۱۹۵۸ع ۾ لوڪ ڪهاڻين جي سهيڙ ٿي ۽ سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ محمد ابراھيم جويي ان
کي ۱۹۶۰ع ۾ اھتمام سان شايع ڪرايو. پر
جي ڪن لوڪ ڪهاڻين يا آکاڻين جي عاشقن کي ”ناني صالح مهر“ يا ”ڏاڏي فتح خاتون“ جھڙا
ناياب قصه گو ملي وڃن ته رڪارڊ ڪري يو ٽيوب تي رکي ڇڏن، ان سان سنڌي ٻوليء ۾ قصه
گوئي وارو فن محفوظ ٿي ويندو. اڄڪلھ اهو ڪم اسمارٽ فونز وغيره جي حوالي سان آسان
آھي. باقي سرڪاري ادارن جو آسرو ڪرڻ ائين آهي، جيئن چئبو آھي ته ”ڪانون کي ٽٽا هجن
ها ته اڏامندي نظر اچن ها.....“
(۸)
آکاڻين
يا لوڪ ڪهاڻين جي حوالي سان ڳالھ نڪتي آھي ته اھو ٻڌائيندو هلان ته ”آصف فرخي“
پنهنجي آکاڻيڪار ڏاڏيءَ کي به نه وساريو، کانئس ٻڌل پنجن لوڪ ڪهاڻين کي ”دادی اماں کی کهانياں“ جي نالي
سان پنهنجي انداز ۾ قلم بند ڪري ڄڻ کيس ڀيٽا ڏئي ڇڏي. اھو مجموعو مکتبه پيام تعليم
جامع نگر دهلي وارن نوي جي ڏهاڪي ۾ آندو ھيو. جڏهن مون پڙهيو ته ريس ٿي ته جيڪر مان
به ائين لکان. مون کي به وڏڙن ۽ وڏڙين جون ٻڌايل کوڙ ڪهاڻيون ياد ھيون. پر اڄ نه سڀاڻي
ڪندي وقت هٿ ۾ جھليل جھرڪيءَ جيان ڦٿڪندي ڇڏائجي ويو. جنهن جو اظهار مون پنهنجي ڪهاڻين
جي مجموعي ”گھر ۽ گراموفون“ ۾ ”نماڻي شھزادي“ جي عنوان سان ڪيو آھي. ڀڳت ڪبير جو
اھو دوهو مون تي ٺهڪي اچي ٿو،
”
جو کل کرے سو آج، جو آج کرے سو اب
پل ميں پرلۓ هوئے گی، بهوری کريگا کب“
(جيڪو
سڀاڻي ڪرين، سو اڄ، جيڪو اڄ ڪرين، سو هاڻ
جڏهن
پل ۾ پرلئه (فنا) ٿي ويندي، پوءِ وري ڪيئن ڪندي.)
آصف
فرخي جي مترجم، ڪهاڻيڪار ۽ لٽرري ايڪٽوسٽ واري مجموعي حيثيت پنهنجي جاءِ تي، پر هو
تنقيد جي حوالي سان اردو ادب جو وڏو نانءُ آهي. ان حوالي سان سندس ڪتابن جي سلسلي
جو ذڪر ڪجي ته پهريون ڪتاب ”عالمِ ايجاد“ ۲۰۰۴ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ ادب جي مختلف پهلوئن، جديد لاڙن ۽ موجوده رجحانن کي
ڀرپور انداز سان بيان ڪيو اٿائين. جيڪو سندس پذيرائي جو سبب بڻيو. ٻيو ڪتاب ”چراغِ
شب افسانه“، انتظار حسين جي افسانن جي فن متعلق آھي، ۲۰۱۶ع ۾ سنگ ميل پبليڪيشن وارن ڇپرايو. ٽيون ڪتاب ”انتظار حسين کا زندگی نامه“ جنهن
۾ سندس سمورن افسانن جي گھرائي سان ڇنڊ ڇاڻ ٿيل آهي. ”نگاه آئينه ساز“ سندس
چوٿون ڪتاب آھي، جيڪو متفرقه تنقيدي مضمونن تي مشتمل آهي. پنجون ڪتاب ”آدمي کي
پکار“ آھي، جيڪو انساني روين جو ادب ۾ اظهار جي حوالي سان عالماڻي انداز وارو فڪري
بحث آھي. ڇهون ڪتاب ”عالمگير افسانے“ جنهن ۾ عالمي سطح تي افسانوي ادب جي اؤک ڊؤک ٿيل آھي. ستون ڪتاب ”تلاشِ سحر“ جنهن
۾ اردو نثر جي نادر ۽ ندرت بياني تي روشني وڌل آھي. اٺون ڪتاب ”نئے زمانے کی کروٹ“ آھي،
جنهن ۾ بدلجندڙ سماجي صورت حال جي زير اثر مختلف دؤرن ۾ ادب ۾ رونما ٿيندڙ تبديلن بابت
آھي. نائون ”توجھ کے طالب“ ڪتاب ۾ انهن اديبن جي تخليقن تي نظر وڌل آھي، جن کي ادبي پٺ يا ڪنهن ”مخصوص
ادبي گروپ“ ۾ شامل نه هئڻ ڪري نظر انداز ڪيو ويو هيو. ان مان اندازو ڪري سگھجي ٿو ته
آصف فرخي ادبي لحاظ کان ڪيڏو نه وسيع القلب هيو. آصف فرخي جي سڀني تنقيدي ڪتابن تي
نظر وجھبي ته معلوم ٿيندو, ته سندس تنقيد، بي ريا ۽ بي تعصب آهي. خصوصن سندس تنقيد
۾ عالمي ادب جا حوالا ملندا. نون لکندڙن جي عزت افزائي هوندي. تخليق جي انهن پهلوئن
تي به باريڪ بيني سان جائزو ملندو، جيڪي تخليقڪار جي لاشعور جو اظهار ھجن ٿا. ائين
تخليق جا لڪل پاسا به اجاگر ٿين ٿا، جن جي تھ تائين شايد عام قاري نه پهچي سگھي.
بقؤل آصف فرخي جي ته ”تنقيد منهنجي لاءِ هڪ دريافت جو عمل آھي، جنهن ۾ تخليقڪار
سان رلجي، سندس تخليق ڪيل جھان جو سير ڪندو آھيان.“
انهن کان سواءِ سندس
ڪيئي تنقيدي مضمون ڇپجڻ جي انتظار ۾ آهن. مثلن ”حميد نسيم“ جي شاعري تي سندس
تنقيدي ڪتاب مڪمل هيو، شايد جيڪو اڃا تائين شايع نه ٿي سگھيو آھي! ان حوالي سان
سندس ڪيئي تنقيدي مضمون جيڪي ”دنيازاد“ ڪتابي سلسلي ۽ ٻين ادبي رسالن ۾ ٽڙيا پکڙيا
پيا آھن، گڏ ٿي ڪتابي صورت ۾ آيا ته سندس بحيثيت هڪ نقاد واري مان ۽ شان ۾ اڃا
اضافو ٿيندو. ادب ۾ تنقيد جي اھميت رڳو ايچون پيچون ڪڍڻ ناهي، پر مرڪزي خيال يا
موضوع، اسلوب (اڻت کڻت، پڄاڻي)، ڪردارنگاري، سراپانگاري، منظرنگاري، ٻولي وغيره جي
ڇنڊ ڇاڻ ڪندي ليکڪ جي عزت افزائي سان گڏ رھنمائي به ڪرڻي آهي. حقيقت ۾ ته تنقيد جو
اصل ڪارج اھو ئي آھي، بقؤل ميٿيو آرنالڊ (۱۹ صديءَ جو انگريز شاعر ۽ جديد ادبي تنقيد جو باني) جي ته ”اهي سٺيون
ڳالهيون جيڪي ڪنهن تخليق مان حاصل ٿين ٿيون، اهي آشڪار ٿيڻ گھرجن، ته جيئن انسانيت
انهن مان لاڀ حاصل ڪري سگھي. وڌيڪ اھو به ته نقاد کي سياسي، مذهبي يا ذاتي تعصب کي
پرتي ڪري تخليق کي جاچڻ گھرجي!“ اهي سڀ بنيادي نقطه آصف فرخي جي تنقيدي ڪتابن يا
مضمونن ۾ اسان کي ملندا. مجموعي طور ڏسبو ته آصف فرخي اردو ادب جو هڪ منفرد نقاد
آهي، جنهن روايت ۽ جديديت جو تجزيو ڪندي اردو ادب ۾ هڪ جداگانه حيثيت حاصل ڪري
ورتي...
(۹)
آصف
فرخي آل رائونڊر اديب جي حيثيت سان ڪيترن ئي متفرقه موضوعن تي لکي پاڻ مڃايو. مثلن
سندس هڪ ڪتاب ”چيزوں کي کهانياں“، جيڪو عام شين مثلن بتي، چلھ، ٿانوَ ٿپا، سوئي ڌاڳو، ميز، ڪرسي، پلنگ،
آئينو، ڦڻي وغيره جي بڻ بڻياد متعلق هيو ۽ جنهن ۾ ڄاڻايل هيو ته مختلف دؤرن ۾ انهن
شين جي ارتقا ڪيئن ٿي. مرڪزي خيال ”فرينڪ جوپو“ (جرمن نزاد آمريڪي اديب) جي ٻارن
لاءِ لکيل ڪتابن تان کنيل هيو. پر آصف فرخي پنهنجي ماحول کي مد نظر رکندي شين ۾
اضافو ڪري دلچسپي پيدا ڪئي. ھن ڪتاب کي ٻاراڻي ادب ۾ نهايت مقبوليت حاصل ٿي. ان
ڪتاب کان پوءِ ”مکتبه پيام تعليم جامع نگر نئي دهلي“ طرفان ”دنيا کی عجيب کهانياں“ پڻ شايع
ٿيو. جيڪي پراسرار ۽ سنسني خيز ڪهاڻين تي مشتمل هيو. جيڪي ھيجان خيز ادب پڙهندڙن
لاءِ ڄڻ تحفو آھن. مون به اھڙي قسم جون ٻه ٽي ڪهاڻيون لکيون، پر سنڌي ادب ۾ انهن
جي ھلت نه ڏسي ڪري لکڻ ڇڏي ڏنو ته متان سنڌ ۾ ايندڙ انقلاب در تان نه موٽي وڃي.
البته هڪ ڪهاڻي پنهنجي مجموعي ”گھر ۽ گراموفون“ ۾، ”چنڊيڪا ديوي“ جي نالي سان شامل
ڪئي اٿم......
سندس
هڪڙي ڪتاب ”قيد مقام“ جو ذڪر نه ڪرڻ ته نسوري زيادتي ٿيندي، جھڙوڪر سندس آپ بيتي
يا اندر جا اھي اڌما ۽ احساس آھن. جن مان آصف فرخي جي شخصيت جي حساس پڻي جي خبر
پوي ٿي. مثلن ”اس شهر ميں رهنا“ ڪراچي ۾ رهندڙ حساس ماڻهوءَ جي ذهني ڪشمڪش جو اظهار آھي. اھڙي طرح ٻيا اھي
تاثراتي مضمون آهن. جيڪي هندوستان، ڪئنيڊا، ڪينيا، آمريڪا ۽ زلزلي جا شڪار ٿيل پاڪستان
جي اترئين علائقن جا سفر آهن. جن ۾ اتان جي معاشرتي صورت حال سان گڏ پنهنجي ڪيفيت بيان
ڪئي اٿائين. بهرحال، سندس ڪتابن ۾ اهو منهنجو پسنديده ڪتاب رهيو آهي.
انهن
کان علاوه ممتاز ادبي شخصيتن جي حوالي سان ڪيل ادبي انٽرويوز جن ۾ ”حرف من و تو“ ۽
”زبانِ قلم“ ڪتابي صورت ۾ آيل آهن. مون کي پڪ آهي ته اڃا به ڪافي انٽرويوز رهيل
هوندا جيڪي هن جا ريڊيو ۽ ٽيليويزن لاءِ آڊيو ۽ ويڊيو جي صورت ۾ ڪيل ھيا. انهن ڪمن
سان گڏوگڏ ڪيترائي ادبي شه پاره ترتيب ڏنائين ۽ ايڊٽ ڪيائين. اندازو آھي ته ڪوئي ۲۴ انگريزي اردو ڪتابن جو مرتب ۽ مؤلف رهيو. هڪ دفعي مان کيس فون تي حجت ڪندي
چيو؛ ”آصف! تون ادب جو جن بابا آهين!“ ته زوردار ٽهڪ ڏئي خاموش ٿي ويو. سندس عرق
ريزي ۽ تخليقي ڪمن تي کيس ڪيئي ايوارڊ مليا. جن ۾ قابل ذڪر ايوارڊ ”تمغه امتياز“ ۲۰۰۶ع ۾، ۽ ”پرائم منسٽر لٽرئري ايوارڊ اڪيڊمي آف ليٽرس ۱۹۹۷“ آھن. مون ڪڏهن به کيس پنهنجي ادبي ڪمن جي حوالي سان تڪبر يا تفخر ڪندي نه
ڏٺو، نه ٻڌو.
هڪ
دفعي فون تي آصف فرخي ادبي حال احوال ڏيندي چيو؛ ”کوهيار!
صبين محمود کے کيفے، (T2F) مين اچهے پروگرام منعقد هوتے هئيں. اگر فرصت ملے تو ضرور اٹينڈ
کيجئے گا!“ اھا به خبر پئي ته. آصف فرخي اهڙن
پروگرامن کي منعقد ڪرائڻ ۾ سندس ٻانهن ٻيلي هجڻ وارو ڪردار آهي. سچ اهو آهي ته آڪٽوبر
۲۰۱۲ع کان اڌرنگي واري سَٽَ مون کي ڳئيءَ
ڳؤرو ڪري ڇڏيو هيو يا ننڍپڻ جي حجائتي دوست ”ڊاڪٽر حاجي خادم حسين سومري“ جي ڏنل فتوا
مطابق طبيعتن ائين آھيان. ٿي سگھي ٿو ته ”وَٽَ کوٽا يا ڦودني ۾ ڦير“ ھجي. بهرحال، سندس
ڪو پروگرام اٽينڊ نه ڪري سگھيس.۔۔۔
ھڪ
ڏينهن اوچتو جيڪا ڏکوئيندڙ خبر پئي ته انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ، معروف سوشل
ايڪٽوسٽ، دي انڊس انٽرپرونيئرس ڪراچي شاخ جي صدر ۽ دي سيڪنڊ فلور (T2F) ڪيفي جي سرپرست صبين محمود جنهن
سماج جي ڏکويل ماڻهن کي پنهنجن درد ونڊڻ جو سامان مهيا پئي ڪيو. سندس سرڪردگي ۾ هن
لائيو ٿيٽرس، فلم اسڪريننگ، مشاعره ۽ بحث مباحثا پئي ڪرايا ته جيئن ورهايل عوام هڪ
ٻئي جي ويجھو ٿئي, منجھن همدردي ۽ محبت جو جذبو وڌي. اهڙين مثبت سرگرمين ڪري سڄي
پاڪستان جي ساڃاهوندن کيس ساراهيو پئي. دقيانوسين ۽ دهشت گردن طرفان کيس ڌمڪيون به
ملنديون رهنديون هيون. پر خؤف سندس لغت ۾ ئي نه هيو. ۲۴ اپريل ۲۰۱۵ع تي بلوچستان جي مسئلن تي
سيمينار منعقد ٿيل هيو. سيمينار جي ختم ٿيڻ کانپوءِ (T2F) کان ٻاهر پنج سؤ گزن تي
بڇيل دهشت گردن سندن گاڏيءَ تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ماءُ مهناز محمود
سخت زخمي ۽ پاڻ شهيد ٿي وئي.
آصف
فرخي جنهن جي ڳالهائڻ مان هميشه فصيح و بليغ گفتگو ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. ان ڏينهن فون
تي رابطي ڪرڻ سان لڳو ته ڄڻ سندس لفظن کي زبان يا زبان کي لفظن ساٿ نه پئي ڏنو.
مان ٻئي ڏينهن تي پنهنجي فيس بوڪ جي وال تي ”صبين محمود ۽ سنگدل معاشرو“ جي عنوان
سان تاثر لکي ڄڻ انهن اھل علم، اهل دل، اهل دانش ماڻهن سان تعزيت ڪئي. جن صبين
محمود سان گڏجي سماجي انصاف ۽ انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو پئي. تاثر ملاحظه ٿئي:
”جيتوڻيڪ
صبين محمود سان نه منهنجي ڪا ملاقات هئي، ۽ نه وري سندس اداري سان ڪو تعلق. پر هڪ
تعلق ته جڙي ٿو، اهو تعلق آهي، دردِ دل جو. هڪ درد دل رکندڙ انسان جو موت سڀني درد
دل رکندڙ انسانن جو الميو آهي.
عطار
جي ڪيڏي نه خوبصورت خواهش هئي:
دين ديندار را، کفر کافر را
ذره دردِ دل، عطار را
(دين ديندار
کي ملي، ڪفر ڪافر کي ملي.... عطار کي صرف دردِ دل جو ذرو عطا ٿئي.)
اهو
دردِ دل آهي، جيڪو سبق سور پڙهائي ٿو. تڏهن ته لطيف سائين چيو هيو:
جن کي
دؤر درد جو سبق سور پڙهن،
فڪر ڦرهي هٿ ۾، ماٺ مطالعو ڪن،
پنا سي پڙهن، جن ۾ پسن پرينءَ کي.
هن بي
درد معاشري ۾ هن ٻيو ڇا پئي ڪيو، سواءِ ان جي ته ماڻهن جو درد پئي ونڊيو ۽ ورهايو.
سورن جو سبق پئي پڙهيو ۽ پڙهايو. اهو به اونده جي پوڄارين کان سٺو نه ٿيو. ذرا
تصور ڪيو، ته جيڪڏهن درد دل رکندڙ ماڻهو انساني معاشري مان ختم ٿي وڃن. تڏهن ڇا
بچندو، سواءِ جنونين جي؟.. اهو درد دل آهي، جيڪو ماڻهو کي ذات پات، رنگ نسل، دين
ڌرم جا ڀيد ڀاؤ مٽائي منجھس ماڻهپو پيدا ڪري ٿو. اهو متاعِ درد آ، جيڪو ’من و تو‘
واري جھڳڙي جو انت آڻي ٿو. بقؤل ناصر کاظمي جي ته
گنوا نه دے کهيں هستی که يه امانت بھی
که متاعِ درد بڑی مشکلوں سے ملتے هے
جيڪڏهن
اهو متاع درد نه هجي، ته باقي ڇا ٿو بچي، سواءِ متاعِ وحشت جي؟... متاع وحشت هن
دنيا يا معاشري کي ڇا ڏنو آهي، سواءِ تباهي، بربادي ۽ افراتفري جي.
الميو
اهو آهي، ته انسان ڪڏهن به تاريخ مان سبق ناهي سکيو. خاص ڪري پنهنجي ملڪ خداداد ۾.
تڏهن ته صدين کان اهو ڏک و الم هتڙي گھر ڪيون ويٺو آهي، جنهن جو ذڪر پنجابي ٻولي
جي عظيم شاعر ’بابا فريد‘ ڪيو هيو:
ميں جاڻاں دکھ مجھ کو، دکھ سمايا جگ
اونچے چڑه کے ويکھيا، تے گھر گھر ايها اگ
انهيءَ
ئي باه کي وسائڻ لاء درد دل رکندڙ ماڻهو هن معاشري ۾ ور ور ڪري پيا جنم وٺندا آهن.
جيڪي ماڻهو عام ماڻهن کان بنھ مختلف هوندا آهن. انهن جي زندگي هڪ مقصد هوندو آهي.
اهي صرف کائڻ پيئڻ ۽ پيٽ ڀرڻ لاءِ هن دنيا ۾ ناهن ايندا. موت انهن لاءِ مشاهدو
هوندو آهي ۽ اهي بلها شاه جي ان امر سٽن جيان امر هوندا آهن:
”بلها شاه اساں مرنا ناهيں
گور پيا کوئی هور“
هن
سنگدل ۽ سنگلاخ معاشري تي ميار آهي، ته صرف اها، جنهن جو اظهار اردو جي عظيم شاعر
’غالب‘ ڪيو هيو:
بس کے دشوار هے هر کام کا آساں هونا
آدمی کو بھی، ميسر نهيں انساں هونا
بظاهر
ته هوءَ اسان جي سخت دل معاشري ۾ ڪنهن نرم نازڪ سفيد گل جيان ۲۰ جون ۱۹۷۴ع تي ڦٽي ۽ ۲۴ اپريل ۲۰۱۵ انتھا پسندن ھٿان مسلجي وئي.
پر ويندي ويندي ذهنن ۾ هڪ اهڙو ٻج ڇٽي وئي، جنهن مان شرافت، محبت ۽ انسانيت جا
ڪيترا ئي گل ٽڙندا. اهو اسان جهڙن عام ماڻهن جو ايمان آهي.
(۱۰)
آصف
فرخي جي ادارت ۾ هلندڙ چار ماھي ”دنيازاد“ ڪتابي سلسلي جي ڳالھ ڪجي ته ان جي خوبي
اها هئي ته منجھس ڪو نه ڪو مخصوص موضوع شامل ھوندو هيو. خاص ڪري اھي شماره ته
وسارڻ جوڳا ناهن، جن جا موضوع ”عاشق من
الفلسطين“، ” دنيا دنيا دھشت هے“، ”ميں بغداد هوں“ ۽ ”کراچی“ آھن. اهي ڄڻ ته پنهنجي
دؤر جي سياسي، سماجي نفسياتي تاريخ جي حوالي سان اھم دستاويز آهن. ڪراچي جو ذڪر آيو
ته ان شهر جي حوالي سان ڪي ئي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ڪتاب آيل آهن. خاص ڪري اردو ۾”محمد عثمان دموهي“ جو لکيل
”کراچی تاريخ کے آئينے ميں“ يا سنڌيءَ
۾ گل حسن ڪلمتي جو لکيل شاندار ڪتاب ”ڪراچي سنڌ جي ماروي“، پر ادبي لحاظ کان جنهن
ڪراچي جي اندر جي اپٽار ڪئي آھي، سو دنيازاد جو ”ڪراچي“ نمبر آھي. جنهن ۾ مختلف
اديبن ۽ دانشورن جا تاثراتي مضمون، ڪهاڻيون ۽ شاعري شامل آهن. پڙهندي ائين لڳندو
ته ڪراچي شهر ڪنڪريٽ جو جھنگل نه پر جيئري جاڳندي برگزيده هستي ساھ کڻي رهي آھي.
”مجموعه آصف فرخی افسانوی“ جي عنوان
سان پروفيسر رخسانه پروين جو ترتيب وتدوين ڏنل ڪتاب (فڪشن هائوس پبلشرز ۲۰۲۱ع ۾ شايع ڪيو) جو ذڪر نه ڪيان ته اها بدديانتي ٿيندي.. جيئن ته مون وٽ آصف فرخي
جي افسانن جا اٺئي مجموعه اڳي ئي ھٿيڪا هيا، ان ڪري مون پهريان توجھ نه ڏنو. پر پوءِ
آصف فرخي تي لکندي دل سٽ کاڌي ته گھرائي ڏسجي ته محترمه ڪهڙو ڪلياڻ ڪيو آھي؟ آن لائن
ڪتاب گھرائي، جڏهن ترتيب ۽ تدوين واري ڪم تي نظر وڌم ته دل خوش ٿي وئي. سندس لکيل ”حرفِ آگهی“ مان خبر
پئي ته هن پهريائين ۲۰۱۴ع ۾ ”آصف فرخی کی افسانه نگاری“ جي عنوان
سان ايم فِل لاء تحقيقي مقالو لکيو هيو. ان کان پوءِ محڪم ارادو ڪيائين ته سندس
سڀني مجموعن ۽ افسانن کي ترتيب ڏئي شايع ڪرائيندي. اٺن مجموعن کان علاوه ٽي اضافي
افسانا به کيس ملي ويا، جيڪي ڪنهن به مجموعي ۾ شامل نه هيا. هڪ ڪهاڻي ”بن کے۔۔۔“ هن پاڻ هٿ ڪري ورتي. ٻه
ڪهاڻيون ”آدمی“ ۽ ”خالی مکان میں ره جانے والے“ ڊاڪٽر فاطمه حسن جي توسط سان کيس مليون. هن مجموعي ۾ ڊاڪٽر فاطمه حسن جو لکيل
مهاڳ ”کهانی بهر زندگی“ به پڙھڻ
وٽان آهي، ڏاڍي مدبرانه انداز ۾ لکيل آهي. آخري سٽون آصف فرخي جي حوالي سان لکيل ڄڻ
ته لکت جو اصل جوھر آهن، ”آصف اول و آخر کهانيکار
تهے اور ايک عهد کو ان کي کهانيوں ميں پڑها جا سکتا هے. عصری حسيت اور روايت سے
پيوسته جديديت کو محسوس کيا جا سکتا هے.“
پروفيسر
رخسانه پروين پنهنجي مقدمي ۾ ڄاڻائي ٿي ته ”يه
کتاب اپنے آخری مراحل ميں تهی که ڈاکٽر آصف فرخی نے يه که کر اشاعت ملتوی کروايا کے نئی لکهی
جانی والی کهانياں بهی اس ميں شامل کرلو. ابهی يه کهانياں مجھ تک پهنچی هی نه تهی
کے فرشته اجل اس سيمابی شخصيت کو لے گيا“
ان جو
مطلب ته سندس نيون ڪهاڻيون ليپ ٽاپ تي رکيل يا پنن تي لکيل موجود آهن. اميد ڪري
سگھجي ٿي ته سندس علمي خاندان انهن بي بها تخليقن کي ضرور منظرِ عام تي آڻيندو.
جيئن ته مان اڳ ٻڌائي چڪو آھيان ته محترمه پروفيسر رخسانه پروين جي ڀرپور محنت ٿيل
آهي. هن مجموعي ۾ آصف فرخي جا ٽي اضافي افسانه ”آدمی“، ”بن کے۔۔“ ۽ ”خالی مکان ميں“ به شامل
آهن. ٽئي افسانه لاجواب آھن. ”آدمی“ افساني ۾ ڄڻ آصف فرخي لايعنيت (Absurdism) کي
کنيون آهي. داخلي تنهائي جو اظهار ڪجھ هن ريت ڪيو اٿائين، ”سب بيکار هے، کچھ ساتھ نهيں ديتا. راستے اکيلے هوجاتے
هيں. کبهی کبھی تو آئينه بهی پهچاننے سے انکار کر ديتا هے. يون لگتا هے آئينے کے
اندر کوئی اور کهڙا هے، ميں تو نهيں هوں، ميں تو يهاں باهر کهڑا هوں، ميں
جب باهر کهڑا هوں اور ميرے احساسات کا مرکز آئينے کے باهر هے تو يه آئينے کے اندر
کون کهڑا هے؟ “. ھي افسانو سندس ابتدائي دؤر ۱۹۷۹ع جو لکيل آهي، جيڪو سندس افسانوي مجموعن ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي ويو هيو. هن کي
پڙهندي محسوس ئي نه ٿو ٿئي ته آصف فرخي ڪو نئون ليکڪ آهي. جملن ۾ برجستگي ۽
بيساختگي ڪمال جي اٿس. جيئن چوندا آھن ته مڱڻهار جو پٽ روئيندو ته به سُرَ۾. هن جو
تعلق به ڏاڏنگ ۽ ناننگ طرفان علمي خاندانن سان هيو، تنهن ڪري سندس ٻولِيءَ ۾ رواني
۽ مرقع سازي موجود آهي. ٻيو افسانو ” بن کے...“ جيڪو اپريل ۲۰۰۸ع جو لکيل آهي. هڪ اهڙي شخص جي ڪهاڻي آهي، جيڪو ماضيءَ ۾ ڦاٿل آھي، سمجھي ٿو
ته پاڪستان اڃا معرضِ وجود ۾ ناهي آيو. هي افسانو موضوع جي لحاظ کان منٽو جي مشهور
افساني ”ٹوبه ٹيک سنگھ“ جي لڳ
ڀڳ آهي. پر هن جي ماحول جي ٽريٽمينٽ ۽ انداز بالڪل الڳ آھي. ٽيون افسانو ”خالی مکان ميں ره جانے والے“ آھي، جيڪو ۲۰۱۹ع جو لکيل
آھي. مرڪزي خيال جي حوالي سان وجودي فلسفي جو اظهار آهي ته ڪنهن جي اچڻ وڃڻ سان هن
دنيا ۾ ڪو فرق نه ٿو پوي، ڪو نه ڪو وجود اچي خالي جڳھ پُر ڪري ٿو.
بهرحال
محترمه رخسانه پروين ۽ پبلشرز فڪشن هائوس جس لهڻن. جن آصف فرخي جي افسانن کي هڪ
هنڌ ڪٺو ڪري ڄڻ افسانن جي واھڙ کي ٿڌي مَٽَ ۾ بند ڪيو آھي. لاشڪ ته هي مجموعو افسانوي
ادب پڙهندڙن ۽ تحقيق ڪندڙ اڃيارن جي اُڃ اجھائيندو.
آصف
فرخي جو ادبي حوالي سان شاعراڻي حس وارو پاسو به موجود آھي. جنهن جو ثبوت سندس
نثري نظم آھن. منهنجي نظر مان صرف هڪ مجموعو ”آتش
فشاں پے رقص“ گذريو آھي. ٻين جي ڄاڻ ناهي. بهرحال سندس نثري
نظمن تي آصف فرخي جو همنوا شاعر شاھ محمد پيرزادو وستار سان تبصرو ڪندو ته بھتر رھندو.
مان سندس هڪ نثري نظم جيڪو ”ڪتابن“ ۽ ”لفظن“ جي تخليقي استعارن جي مرقع بياني آھي.
مون کي ته ڏاڍو پسند آيو، ائين لڳو ڄڻ منهنجي ڳالھ ڪئي اٿائين.....
کتابوں
سے بهرا هوا کمره
اس
کمرے ميں اتنی کتابيں هيں
که
اب يهاں سانس لينے کی جگه نهيں بچی
ديواروں
پر جمی هوئی يه جلديں
صرف
کاغذ کا ڈهير نهيں
انسانوں
کا هجوم هيں
جو
مجھ سے باتيں کرنا چاهتے هيں
ميں
جب کبھی تھک کر
کسی
پرانی کتاب کو کھولتا هوں
تو
اس کے زرد صفحات سے
کسی بچھڑے هوئے
دوست کی خوشبو آتی هے،
يا
کسی ايسے شهر کا نقشه ابھرتا هے
جسے
ميں نے کبھی ديکھا نهيں، مگر پهچانتا هوں.
يه
کتابيں ميری تنهائی کا پهره ديتی هيں
ليکن
کبھی کبھی مجھے ڈر لگتا هے
که
کسی دن يه سب کتابيں مل کر
مجھ
پر گر پڑيں گی
اور
ميں ان لفظوں کے ملبے تلے دب جاؤں گا
وه
لفظ جو ميں نے جيتے جی پڑهے تهے
اور
وه بهی، جو ميں کبهی پڑھ نه سکا.
(۱۱)
ڪي
ماڻهو فرد واحد نه پر اداري مثل هوندا آهن. جيڪي پنهنجي زندگي ڪنهن مقصد لاءِ ارپي
ڇڏيندا آهن. سندس فيس بوڪ تي ”Asif Aslam“ جي
نالي سان ”آءِ. ڊي“ ٺهيل آھي، جنهن تي سادن لفظن ۾ لکيل آھي، ”Life is literature“ ان مان
اندازو ڪري سگھجي ٿو ته هن ادب کي زندگي سمجھي پاڻ ارپي ڇڏيو. نه صرف ادب جي فروغ
لاءِ پاڻ لکيو، پر ٻين کي پڻ اتساهيو. اردو کانسواءِ ٻين ٻولين جي ادب کي سڄي دنيا
جو ثقافتي ورثو سمجھي سيني سان لڳايو ۽ ثابت ڪيو ته هو هڪ بين الاقوامي سوچ رکندڙ
اديب آهي.
چوندا
آھن ته ”رت جي رتي صحبت جو خرار“، پر منهنجو نقطه نظر عبدالرحيم خان خانان (رحيم)
جو چيل اهو دوهو آهي ته
”ڪدلي، سپ، موتي مک، ايڪ بوند تِن گنُ
جيسي سنگت بيٺئي، تيسو ئي ڦل دِين.“
)مينهن ڪڻي هڪڙي، گڻ ٽي اَٿس. ڪيلي تي ڪري ته ڪافور، سپ جي وات ۾ ڪري ته
زهر، سِپ ۾ ڪري ته موتي۔ ماڻهو جھڙي سنگت سلهاڙبو، اھڙو ئي ڦل ملندو.)
منهنجي
خوشقسمتي اھا هئي ته منهنجي ڪهاڻي ” سياڻن جي شهر ۾ پاڳل ماڻهو“ هڪ اھڙي ماڻهوءَ
سان ملايو، جنهن مان مون گھڻو پرايو. توڙي جو پنهنجو ملڻ ڇٺ ڇماھي ٿيندو هيو. پر
ميل ملاقات سان سال اڌ جي ڪسر نڪري ويندي هئي. هڪ اھڙي يادگار علمي ڪچهريءَ جو ذڪر
ڪرڻ ضروري سمجھان ٿو، جيڪا ”لاڙڪاڻي“ ۾ ٿي ھئي. ڪچهري جو موضوع هيو، منهنجي ڪهاڻي
”قيامت جو غم“ ۽ آصف فرخي جي ڪهاڻي بعنوان ”آخري اور پهلي کهاني“
جيئن
ته هر مذهب ۾ قيامت (Eschatology) جو عقيدو موجود آھي. ابراهيمي مذهبن (اسلام، مسيحت ۽ يهوديت) ۾ قيامت تي
ايمان آڻڻ ضروري آھي. عقيدي مطابق هڪ ڏينهن هيءَ دنيا ضرور تباھ ٿيندي ۽ روزِ محشر
حساب ڪتاب ٿيندو. ڪي پنهنجن عملن ڪري جنت ته ڪي دوزخ داخل ٿيندا ۽ پوءِ دارالبقا
(دائمي زندگي) جو دؤر شروع ٿيندو. اهڙي طرح هندو مت ۾ جڏهن ”ڪل يگ“ جي انتها ٿيندي
ته جل پرلئه (وڏي ٻوڏ) ڌرتي ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏيندي. پوءِ ڪن کي پنهنجي ڪرمن جو ڦل
نرڳ (جھنم) يا سرڳ (جنت) جي صورت ۾ ملندو. ٻڌمت ۾ جڏهن برائي پنهنجي آخري پد رسندي
ته بربادي جو سلسلو شروع ٿيندو ۽ پوءِ هڪ نئين ٻڌ ” ميتريا“ جو ظهور ٿيندو ۽ آخر
دنيا ۾ ٻوڌي تعليم تحت امن ۽ شانتي ايندي. زرتشتيت ۾ خير ۽ شر يعني يزدان
(اهورمزدا) ۽ اھريمن (بدي جي قوت) جي وچ ۾ زور آزمائي ٿيندي، نتيجي ۾ دنیا برباد ٿيندي. پوءِ هڪ نجات دهنده
”سوشيانت“ جنم وٺندو. آخرڪار ”اھريمن کي شڪستِ ملندي ۽ ”فرشوڪرتي“ يعني هن دنيا کي
نئين سري سان دائميت حاصل ٿيندي. ان حوالي سان مذهبي يا ڌرمي عقيدن مطابق پنهنجا
پنهنجا مذهبي قصا بيان ٿيل آھن. اھڙيءَ طرح ادب جي دنيا ۾ ڪيترن ئي اديبن انساني
ويڙھ واري جبلت کي وڌندي ڏسي، خيالن جا گھوڙا ڊوڙائي پنهنجي پنهنجي انداز ۾ دنيا
جي تباھي ۽ بربادي بابت ڪهاڻيون ۽ ناول لکيا آھن. افسانوي ادب ۾ ان صنف کي
ايپوڪاليپس (Apocalypse) جو نالو ڏنو ويو آھي. ان جا عمومن ٻه حصا آهن. ۱. ايپوڪاليپٽڪ (Apocalyptic)، جنهن ۾ اهي
ڪهاڻيون، ناول، ڊراما يا فلم اچي وڃن ٿا، جن ۾ ڏيکاريو ويندو آھي ته دنيا تباھ ٿي
رهي آھي. ۲. پوسٽ ايپوڪاليپٽڪ (Post Apocalyptic)، جنهن ۾ دنيا تباھ ٿيڻ کان
پوءِ جو منظر هوندو آهي. منهنجي ڪهاڻي ”قيامت جو غم“ ايپوڪاليپٽڪ لٽريچر“ جي حصي ۾
اچي ٿي ۽ ڏيکاري ٿي ته قيامت جي ويجھي اچڻ جو ٻڌي ماڻهن جي روين ۾ ڪيئن تبديلي
رونما ٿئي ٿي. جڏهن ته آصف فرخي جي ڪهاڻي ”پوسٽ ايڪوڪاليپٽڪ“ جي ضمري ۾ اچي ٿي.
جنهن ۾ ڄاڻايل آھي ته ڌرتي تي ايٽمي جنگ کانپوءِ تباهي جو منظر ڇا هوندو. بهرحال
انهن ٻنهي ڪهاڻين تي آصف فرخي ايمانداري سان ڄڻ خود تنقيدي
Self-criticism واري راءِ ڏني هئي. سندس چوڻ مطابق ته هن
پنهنجي ڪهاڻيءَ کي انتهائي مختصر يعني اڌ پني تائين محدود ڪري تڪڙ ڪئي ھئي. جڏهن
ته منهنجي ڪهاڻي لاءِ چيائين ته اُها به ساڍن چئن صفحن ۾ ڦاٿل آھي. جڏهن ته اهو
موضوع هڪ اهڙو وسيع ميدان آهي، جنهن تي خيالن جي گھوڙن کي چؤتال ڀڄائيندي انساني
نا عاقبت انديشي کي ظاھر ڪرڻ گھربو هيو. پوءِ هن ان موضوع جي حوالي سان دنيائي ادب
جي شاهڪارن ۽ شاھپارن بابت ٻڌائڻ شروع ڪيو. ان ڏس ۾ اسٽيفن ڪنگ جو ناول ”دي
اسٽيند“، ايڇ جي ويلس جو ”دي وار آف دي ورلڊس“، ڪور ميڪ ڪارٿي جو ”دي روڊ“، رچرڊ
ميٿيسن جو ”آءِ ايم ليجنڊ“ تي ڳالهائيندي اھو به ٻڌايائين ته جاپاني ۽ جرمن زبان ۾
انهن کان وڌيڪ ڀلا ناول لکيا ويا آهن. ڇو جو ٻي جنگ عظيم ۾ جاپان ۽ جرمني انتهائي
درجي جي تباهي ۽ بربادي ڏٺي هئي. ان ڪري انهن جي ناولن ۽ ڪهاڻين ۾ دنيا جي تباهي ۽
ما بعد تباهي جي خؤف جو اظهار سرس آھي، خاص ڪري جاپاني ناول جن ۾ ”ماسوجي ابوسي“
جو ناول ”بلئڪ رين“، يا ”ڪوبي ابي“ جو ناول ”دي آرڪ سڪورا“ آهن. اھڙي طرح جرمن
زبان ۾ ”مارلن هاؤس هوفر“ جو ناول Die Wand، ”مارڪ ايلس برگ“ جو ناول Blackout، نوبل انعام يافته اديب ”گنٽر گراس“ جو ناول The Rat آهن. آصف فرخي سان جڏهن به مکاميل ٿيندو هيو ته اھڙي قسم جون ڊگھيون
ڪچهريون ٿينديون هيون. هڪ دفعي لاڙڪاڻي ۾ ”يونيسيف جي ھيلٿ اينڊ نيوٽريشن پروگرام
آفيسر“ جي حيثيت سان ڪنهن پروگرام تحت لاڙڪاڻي آيل هيو. سپنا هوٽل ۾ پروگرام ٿيڻ
کانپوءِ ڊاڪٽر مولابخش ڪلهوڙي کان منهنجو پڇيائين. ان ٻڌايس ته اڄڪلھ حيدرآباد ۾
جاب ٿو ڪري ته چيائينس، ”لاڙڪاڻي اچجي ۽ منظور ڪوهيار کي مِس ڪجي، منهنجي لاءِ اھو
ڏينهن ڏاڍو بي چسو ٿيندو...“
سچ پچ
ته ڪچهري ڪندي ٻنهي کي ڏاڍو حظ حاصل ٿيندو هيو. پر مان دل سان اعتراف ٿو ڪيان ته
پڙهڻ يا لکڻ جي حوالي سان بنھ سندس حيثي نه هيس. ۲۰۱۹ع ۾ فون تي ڳالھ ٻولھ جي دؤران مون جڏهن کيس پنهنجي ناول ”طريقت جو سج“ جي
لکڻ جي حوالي سان ٻڌايو هيو ته نهايت خوشي جو اظهار ڪيو ھيائين. چيائين ته ”ڪڏهن
ٿا ڇپرائي درشن ڪرايو؟“ ناول مارچ ۲۰۲۰ع ۾
ڇپيو. ٻڌايومانس ته چيائين، ”جلدي ڪر، موڪل!“ وراڻيومانس هٿوهٿ ڏيندس. گھڻا ڏينهن
ٿيا آھن، نه ملئي. ڪا ڪلاڪ ڏيڍ جي ڪچهري به ڪرڻ چاهيان ٿو. چيائين، ”ايندين ته مان
به ڪجھ نوان ڪتاب ڏيندوسانءِ“ آصف فرخي نه صرف پنهنجن ڪتابن جي عنايت ڪندو هيو. پر
مختلف موضوعن تي ڇپيل ٻين ليکڪن جا ڪتاب پڻ ڏيندو هيو. هڪ د فعي ظفر محبوب جو
”ميڊوز ٽيلر“ جي ڪتاب Confession of thugs جو ترجمو ”امير علی کے کارنامے“ ڏيندي چيائين، ”ڪرمنالاجي جي موضوع تي دلچسپ ڪتاب آھي. خبر ناهي ته اوهان
کي پسند اچي الائي نه؟“ ٻڌايومانس ته سوشيالاجي ۾ منهنجو سبجيڪٽ ڪرمنالاجي به رهيو
آھي!“ ڪتاب ضخيم هئڻ جي باوجود ڏاڍو دلچسپ ۽ معلوماتي هيو. مون اھو سهيل مڪاني ۽ سندس
والد مرحوم کي به پڙهايو هيو. پهريون دفعو خبر پئي ته هندوستان ۾ نوسر باز، بنارسي
يا دهلي جا ٺڳ انتهائي منظم، عيار قسم جا گروھ هوندا هيا. جيڪي وڏي تعداد ۾ نوابن،
معزز واپارين، سپاهين، فنڪارن ۽ قافله باشين جي ٻهروپ ۾ شامل ٿي رهزني ڪندا هيا. جي
ڏسجي ته انهن جي باقيات اڄ به اسان وٽ موجود آھي....
لاشڪ
ته آصف فرخي گھڻ پاسائين شخصيت هيو. هن جا برصغير جي وڏن اديبن جا ڪيل انٽرويو،
سفرنامه، تنقيدي مضمون، اداريه، پيش لفظ، روزنامچه، خاڪا، رپورتاز ۽ ويڊيولاگ سندس
اڻٿڪ ادبي سفر جو لازوال داستان آهن. ذاتي حوالي سان چوان ٿو ته برصغير جي ادبي
جھان ۾ مون کي ڪو ھم عصر اديب ايڏو متحرڪ نظر نه آيو. آصف فرخي جا موڪليل يا ڏنل
ڪافي ڪتاب مون ”آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي لائبرئري لاءِ ڏنا هيا. پوءِ
خبر پئي ته گورننگ باڊي جو هڪ ميمبر ڀريون ٻڌي گھر کڻي ويو. ٻيا لاڙڪاڻي واري گھر
۾ رکيل سمورا ڪتاب گذريل سال سهيل مڪاني کي ميونسپل هاءِ اسڪول جي لائبرري لاءِ
ڊونيٽ ڪيم، جتي عيسي ميمڻ منهنجي ۽ عبدالله مڪاني جي نالي سان ”ڪارنرز“ ٺاھي رکيا
آهن. ڪافي ڪتاب گلشن حديد واري گھر ۾ پنهنجي ننڍي ڀاءُ درجان جي حوالي ڪيا اٿم.
هاڻي صرف چئن پنجن سالن جي ميڙي چونڊي سعدي ٽائون ۾ پئي آھي. ان ڪري سندس ڪيل ڪم
جو مڪمل احاطو نه ڪري سگھيو آھيان. بس حال پريان نال ڪيو اٿم.
سندس
آخري گھڙين جي حوالي سان ڳالھ ڪجي ته فبروري ۲۰۲۰ع ۾ ڪرونا وائرس جي وبا ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ منهن ڪڍيو. پهريان هڪ اڌ ڪيس
رپورٽ ٿيو. ماڻهن پهريان ان کي سنجيده نه ورتو، سمجھيائون ته افواھ آھي. ان دوران
آصف فرخي ”تاله بندي کا روزنامچه“ لکي رهيو هيو. سندس ارادو هيو ته ان وبا جي حوالي سان ”دنيازاد“ ڪتابي
سلسلي جو نمبر آڻي. منهنجو ۲۰۲۰ع ۾
اپريل مهينو ”اڄ سڀاڻي“ ڪندي گذري ويو. مئي ۾ ڪرونا جي چڱي ڀلي لهر اچي وئي. ھر ڪو
ئي نڪرڻ کان لھرائي پيو. ڏسندي ڏسندي چڱا ڀلا ماڻهو ڪرونا وائرس جو شڪار ٿي ويا.
سچ چيو اٿئون ته قضا پڇي ناهي ايندي. پهرين جون ۲۰۲۰ع تي شام جو ۵ وڳي
دل جو دؤرو هيو يا وبا جي ڪارستاني، والله اعلم...! رات جو ٽي وي تي نائين وڳي
وارين خبرن مان پتو پيو ته ادب جو هڪ سچو ڀرجھلو ”آصف فرخي“ هن دنيا مان موڪلائي
ويو۔ ساڻس ملڻ واري حسرت دل جي دل ۾ ئي رهجي وئي۔ سندس مٽن مائٽن احتياطي تدبير جي
طور تي جنازي ۾ شرڪت ڪرڻ کان وڌيڪ ٽيليفون تي تعزيت وٺڻ کي ترجيح ڏني. سندس هن
دنيا مان وڇوڙي جو منظر اسان لاءِ جھڙوڪر ڪبير جو اھو دوهو هيو ته
کبير جب هم پيدا هوئے، جگ هنسے هم روئے
ايسی کرنی کر چلو، هم هنسيں جگ روئے
مون کي
يقين آھي ته سندس ڪافي اڻ ڇپيل مواد ليپ ٽاپ تي رکيل يا پنن تي پيل هوندو. علمي
خاندان جي نسبت سان پونيئرن يا پبلشرز کي الله سمڪ ڏيندو جو سندس ڪيل ڪم کي شايع
ڪرائي سڪارتو ڪندا...
ڪي
ماڻهو ڏاڍا منفرد ۽ ”بي من و تو“ واري سوچ رکندڙ ۽ اڻ وسرندڙ ھوندا آهن. آصف فرخي
به انهن منجھان هڪ هيو.
بهرحال
هرڪنهن کي هلڻو آھي. اسان به ڀڳي ڀير تي آهيون. اڄ يا سڀاڻي. منتظر آھيون، حافظ
شيرازي جي ان شعر جيان ته:
بنشين بر لبِ جوی و گذرِ عمر ببين
کاين اشارت زِ جهانِ گذران، مارا بس
(ندي جي
ڪناري ويھ ۽ عمر گذرڻ جي رواني کي تَڪِ
اسان
لاءِ دنيا کي سمجھڻ لاءِ اهو اشارو ئي ڪافي آھي.)

No comments:
راءِ ڏيندا