; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر آصف فرخي

18 June, 2022

ڊاڪٽر آصف فرخي

ڊاڪٽر آصف فرخي

وڇوڙي جي موسم ۽ ڊاڪٽر آصف فرخي!

خرم سهيل



هيءُ وڇوڙي جو سال آهي. هِن سال ڪيترا ئي املھ اسان کان کسيا آهن. گهڻن ماڻهن جي وڃڻ جو هڪ سبب ته ڪورونا جي عالمي وبا آهي، پر وڃڻ وارا ته هونئن به وڃي رهيا آهن ۽ ڀلا وڃڻ وارن کي ڪير روڪي سگهيو آهي.

ڪجھ عرصو پهرين معروف خاڪه نويس ممتاز رفيق هليو ويو، ڪجھ ڏينهن پهرين معروف ترقي پسند صحافي ۽ اديب “احفاظ الرحمان” هليو ويو ۽ هينئر اوهان ۽ اسان جي معروف افسانه نگار، مترجم، مدون، مدير ۽ “ڪراچي لٽريچر فيسٽيول” جي باني ڊاڪٽر آصف فرخيءَ جي وڇوڙي تي لکي رهيو آهيان ته هو به اسان کان جدا ٿي ويو.


هلندڙ سال ۾ اهڙن ٻين ڪيترين ئي ادبي ۽ علمي شخصيتن جي وڇوڙي سان سڄي ملڪ ۾ ادبي محفلون ڌنڌليون ٿي ويون آهن. هنن وڃڻ وارن جي ياد ۾ پاڪستان جو ادبي منظر نامو سوڳوار آهي.

ڊاڪٽر آصف فرخي ۱۶ سيپٽمبر ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. هن جو والد ڊاڪٽر اسلم فرخي مشهور ادبي شخصيت ۽ مدرس هو. هن جي والده، ڊپٽي نذير احمد جي پڙپوٽي ۽ شاهد احمد دهلوي جي ڀائيٽي آهي. وڏن جو تعلق هندستان جي شهر فرخ آباد سان هو، انهيءَ مناسبت سان والد ۽ پوءِ پاڻ به فرخي جو تخلص استعمال ڪيو.

والدين طرفان ملڻ واري روايتي تربيت ۽ جديد تعليم ان جي شخصيت ۾ هڪ نکار پيدا ڪيو، جنهن کي ان جي گفتگوءَ ۾ به محسوس ڪري سگهجي ٿو. گهر ۾ ادبي ماحول مليو ته اردو ادب جي وڏن وڏن اديبن جي صحبت اختيار ڪئي ۽ ڪيترن ادبي دورن جو پاڻ به شاهد رهيو. پوءِ اهڙو دور به آيو، جو هن پاڻ ادب جو هڪ دور متعين ڪيو ۽ “ڪراچي لٽريچر فيسٽيول” جي بانيءَ جي حيثيت سان ڪراچي شهر ۾ يادگار ادبي ميلو شروع ڪيو، جيڪو اسلام آباد مان ٿي لنڊن تائين وڃي پهتو.

ان ادبي ميلي تي اعتراض به ٿيا، پر ان جي ذريعي ڪيترا مارڪا به سر ٿيا، جن جو ڪريڊٽ ڊاڪٽر آصف فرخيءَ کان علاوه ڪنهن کي نٿو ڏئي سگهجي. ان جي ادبي يار دوستن جي اڪثريت وقتي فائدا ورتا ۽ تنقيدي نشتر ان جي حصي ۾ آيا، پر پوءِ به ثابت قدم رهيو. ڪراچي ۾ “ادب فيسٽيول” جي نالي سان امينه سيد سان گڏجي هڪ ٻئي نئين ادبي ميلي جو بنياد رکيو. پاڪستان ۾ عهد حاضر ۾ ادب جي نالي تي لکين ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جو ڪريڊيٽ به هن جو آهي. جنهن جي مثبت ۽ منفي پاسن تي ته ڳالھ ٿي سگهي ٿي، پر ان ۾ هڪ قابل فخر ڳالھ اها آهي جو هو خواب ڏسندو هو، چاهي حالتون ڪهڙيون به هجن، هن جي خوابن جي تعبير اُهي ادبي ميلا هئا، جتي قاري ۽ اديب جي وچ ۾ مڪالمو ۽ ملاقاتون به، جن کي ادبي دنيا ۾ ديا رکيو ويندو.

انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر آصف فرخي ڪراچي ۾ قائم “حبيب يونيورسٽي” سان لاڳاپيل هو. ان کان پهرين هو آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، ڪراچي سان گڏجي ادبي ميلي جو بنياد ته وجهي چڪو هو، ان جي اها وابستگي تقريبن هڪ ڏهاڪي تائين رهي.

ماضيءَ ۾ ڊاڪٽر صاحب، آغا خان يونيورسٽي بورڊ ۽ اقوام متحده جي ذيلي اداري “يونيسيف” سان به گڏ رهيو. ڊائو ميڊيڪل ڪاليج، ڪراچي مان ايم بي بي ايس ڪرڻ کانپوءِ امريڪا جي هارورڊ يونيورسٽي مان ماسٽرز جي ڊگري به حاصل ڪئي. سڄي زندگي انگريزي ۽ اردو زبان ۾ لکندو ۽ پڙهندو رهيو، هُن کي سنڌي ۽ بلوچيءَ سان به ايترو ئي چاھ هو. بلڪ جي ايئن چئجي ته غلط نه ٿيندو ته هُن پاڪستان ۾ لکجندڙ ادب کي سڀني ماڻهن تائين پهچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. اُن کان علاوه سڄي دنيا ۾ ڪٿي ڪهڙو فڪشن لکيو پيو وڃي، پاڪستان ۾ رهندي ان کان باخبر رهيو ۽ ادبي دوستن کي به ٻڌائيندو هو.

هن جي هڪ ويجهي دوست ۽ بي بي سي اردو سروس جي اڳوڻي براڊ ڪاسٽر ۽ ممتاز صحافي انور سن رائي سان اسان هن جي حوالي سان ڳالھ ڪئي، هن ٻڌايو ته “هن دفعي آئون جڏهن برطانيا ۾ “بڪر پرائز” جي لاءِ شارٽ لسٽ ٿيڻ وارن اديبن بابت ڳالھ ڪئي، ته مون هن دفعي نامزد ٿيڻ وارن ۶ اديبن جي باري ۾ ڪنهن هڪ کي به ناهي پڙهيو هو. جنهن تي فرخي صاحب ٻڌايو ته هو انهن مان ۳ اديبن کي پڙهي چڪو آهي، عالمي فڪشن سان هن جي دلچسپي جو عالم اهو هو جو نه صرف پاڻ لکندو پڙهندو، بلڪ دوستن کي به ترغيب ڏيندو هو، ايستائين جو ڪنهن دوست جي ڪتاب پنهنجي اداري مان ڪنهن وجه سان جيڪڏهن شايع نه ڪري سگهندو هو ته پوءِ ان جي اشاعت جو بندوبست ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪندو. ٿڌي مزاج وارو، انسان دوست اديب ۽ مترجم، جنهن جي وڇڙڻ جو گهڻو غم آهي ۽ ان ڳالھ جو به ڏک آهي ته هن پنهنجي نجي ۽ گهريلو زندگيءَ جي هڪ انتهائي نوعيت ٿيڻ واري واقعي کي دل سان لڳايو، جنهن سان هن جي صحت ڪرندي وئي ۽ آخرڪار اهو صدمو جان وٺڻ وارو ثابت ٿيو.

ڊاڪٽر آصف فرخي جون ادبي ڪاوشون ته گهڻيون آهن پر جن شعبن ۾ هن جون خدمتون تمام گهڻيون آهن، ان ۾ افسانه نگاري، ترجمو ڪرڻ ۽ ادارو سازي شامل آهي. هن بطور افسانه نگار جيڪو ڪجھ لکيو، انهن افسانن جا ۷ مجموعا شايع ٿيا.

ادبي تنقيد جي تناظر ۾ لکيل مضمون جا ۲ ڪتاب شايع ٿيا، جڏهن ته ترجمن جا ڪيترا ئي مجموعا ان کان علاوه آهن، هڪ ادبي رسالو “ دنيازاد” به جاري ڪيو، جنهن جي ذريعي عالمي ۽ ملڪي ادب جي واڌاري ۾ پنهنجو ڀرپور حصو وڌو. انهن سڀني تخليقات سان گڏ درجن ڪتابن جي تدوين به ڪئي. شعري انتخاب ڪيا، جن کي پاڪستان جي مختلف ۽ وڏن وڏن اشاعتي ادارن شايع ڪيو. معروف پاڪستاني اديب “انتظار حسين” سان دلي قربت رکندو هو، جڏهن هو بڪر پرائز جي نامزدگي ٿيڻ کانپوءِ برطانيا ويو ته ڊاڪٽر آصف فرخي ئي ان جو همسفر هو، ۽ ائين اسان کي اها روئيداد به ڪتابي شڪل ۾ پڙهڻ لاءِ ملي. پاڻ پنهنجو اشاعتي ادارو “شهرزاده” قائم ڪيو ۽ ڪيترا ڪتاب ڇاپيا.

ريڊيو پاڪستان سان به لاڳاپيل رهيو. ڊان اخبار سميت پاڪسن جي مختلف وڏن انگريزي اردوءَ جي اخبارن ۾ مضمون لکڻ کان علاوه ويب سائٽن جي لاءِ تحريرون به لکيون. مختلف ادبي شخصيتن جا انٽرويوز به ڪيا، جيڪي ڪتابي شڪل ۾ ڇپيا، عرصي کان هو “هم سب” ويب سائٽ جي لاءِ وڊيو ڪالم به رڪارڊ ڪرائي رهيو هو. جڏهن ته ڊان اخبار ۾ هن جو آخري ڪالم ۱۰ مئي تي شايع ٿيو ۽ ويڊيو ڪالم، جيڪو ۲۱ مئي جو رڪارڊ ٿيو، اهو اڄ جي موجوده سماجي صورتحال جو عڪس پيش ڪري رهيو آهي.

ان ويڊيو ۾ اسان ڏسي سگهون ٿا، انهي ڏينهن ڊاڪٽر صاحب جي ڪرندڙ صحت هن کي گهڻو ڪمزور ڪري ڇڏيو هو، هو شوگر جي مرض ۾ به مبتلا هو، نجي زندگيءَ ۾ ملڻ واري صدمي سان ان مرض جو توازن بگڙيو، طبيعت وڌيڪ خراب ٿي، جڏهن ته علاج به جاري هو پر افسوس ته انهيءَ دوران دل جو دورو پيو ۽ هو زندگيءَ جي بازي هارائي ويٺو.

ان موقعي تي ڊاڪٽر شير شاھ سيد، جيڪو ڊاڪٽر هجڻ کان علاوه پاڻ به هڪ سٺو افسانه نگار آهي، هن اسان سان ڳالهائڻ ۾ تصديق ڪئي ته ڊاڪٽر آصف فرخيءَ جي تدفين ۲ جون اڱاري، بعد نماز عصر، جامعه ڪراچي جي قبرستان ۾ ٿي. کيس والد جي پاسي ۾ دفن ڪيو ويو، هن جي گهرواري سيمي صاحبه ۽ ٻه ڌيئون غزل ۽ انوشي ملڪ کان ٻاهر آهن. ڪورونا مان پيدا ٿيل صورتحال جي ڪري به گهڻا ماڻهو شرڪت نه ڪري سگهندا. خاص طور تي جيڪي ڪراچيءَ کان ٻاهر ڪنهن ٻئي شهر ۾ رهن ٿا يا ٻاهرين ملڪ مقيم آهن.

ڊاڪٽر صاحب جا گهروارا، جن ۾ هن جو ڀاءَ طارق فرخي انتظام ڏسي رهيو آهي، هن درخواست ڪئي آهي ته في الحال دوست مائٽ گهر نه اچن، ڇو ته سندس والده بيمار آهي ۽ هن کي ڊاڪٽر صاحب جي رحلت جي باري ۾ اڃا تائين ڪجھ ناهي ٻڌايو ويو. ان لاءِ ان ڳالھ جو خيال رکڻ اسان سڀني جو اخلاقي فرض آهي.

منهنجي ڊاڪٽر آصف فرخي سان پهرين ملاقات هن جي والد جي گهر ۾ ٿي هئي، جڏهن آئون سندس انٽرويو ڪرڻ ويو هئس. اها ڪا لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪو پهرين جي ڳالھ آهي. ان کانپوءِ اڪثر ڊاڪٽر صاحب سان ملاقاتون رهيون. ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جي حوالي سان منهنجون تنقيدي تحريرون به هيون، جنهن جي ڪري وقتي طور تي ڪجھ تلخي به پيدا ٿي، پر پوءِ اُهي ختم به ٿي ويون.

پاڪستان جاپان لٽريچر فورم جي تحت شاهد احمد دهلوي جي مشهور رسالي “ساقي” جو جاپان نمبر شايع ٿيو ته ڪراچيءَ ۾ قائم جاپاني قونصل خاني ۾ ان رسالي جي تقريب ۾ به هو شريڪ ٿيو، صرف اهو ئي نه بلڪ انهيءَ فورم تحت ڪيترا ڀيرا منهنجي درخواست تي مطالعي جي سيشن ۾ شريڪ ٿيو ۽ پنهنجي ٿڌي پر مدلل گفتگوءَ سان هميشه پنهنجو اسير ڪيو.

پاڪستان ۾ افسانه نگاريءَ جي ميدان ۾ ڊاڪٽر آصف فرخي جي ڪهاڻين کي توجھ ملي وئي، ڇو جو هن روزمره زندگيءَ کي ڪهاڻين جي روپ ۾ پيش ڪيو، هن جي ڪهاڻين ۾ اسان جي سماج جي لب ۽ لهجي جي گونج آهي ۽ اداسي به، جنهن کان هو سڄي عمر پيڇو نه ڇڏائي سگهيو.

تدوين جي ڪم هن پنهنجي علمي ذوق جي آبياري ڪئي ۽ پڙهندڙن جي لاءِ به سکڻ جي لاءِ نوان دروازا کوليا. رسالي جي صورت ۾ ذوق جو اهو نئون پيمانو مقرر ڪيو. سٺا ڪتاب ڇپايا، جڏهن ته ادبي ميلن کي پاڪستان ۾ نئين سر هٿي وٺرائي، هاڻي هڪ مدرس جي طور نئين نسل کي به ادبي رمز کان روشناس ڪرائي رهيو هو.

هڪ ڊگهي ادبي جدوجهد جو باب بند ٿيو. ڪلاسيڪي ۽ جديد ادب جي روايت جو نمائندو رخصت ٿيو، سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ادبي محفلون ڌنڌليون آهن، انهن وڃڻ وارن جي ياد ۾، پاڪستان جو ادبي منظرنامو سوڳوار آهي.


 

آصف فرخي

دنيازاد جو ديوانو دنيا ڇڏي ويو

آدرش

اَسيءَ جي ڏهاڪي ۾ پنهنجي ڦوھ جواني، رتُ مستاني، ڏندن سان اخروٽ ڀڃبو هو، هاڻي ريوڙي وات ۾، هوڙ هٿَ ۾. گلفام، گل بدن هياسون. ادب جي درٻار ۾، جُتي لاهي، در وٽان رکي، نوان مريد بڻجي داخل ٿيا هياسون. سکر وڃبو هو. ڪتاب وٺي اچبا ها. هڪ ڏينهن مهراڻ مرڪز جي دروازي ٽپڻ سان بڪ اسٽال تي آياسون. هاڻي اتي چپلن ۽ بوٽن جو دڪان آهي. اتي اردو رسالو “ماهِ نو” پيو هو، چئن رپين ۾ خزانو ملي ويو. ڪشور ناهيد ايڊيٽر هئي، شڪارپور اچي سنگت کي ڏيکاريم. سڀني کي وڻيو، پنهنجي هڪ نڪور ڪهاڻي “هڪ شخص جي زندگي” دوست شفقت سومرو کان اردوءَ ۾ ترجمو ڪرائي، مائيءَ ڏانهن بِسم الله ڪري اُماڻي. هفتي اندر ورندي آئي ته مون کي پاڻ اهڙين لکڻين جي ڳولا آهي. ٻيو به موڪليو. ايندڙ پرچي ۾ ڪهاڻي ڇپڻ سان گڏ ٽپال رستي پرچي جي اعزازي ڪاپي موڪليائين. عيد ٿي وئي. هوءَ معتبر ايڊيٽر هئي، ليکڪ کي لکڻي ملڻ شرط ڏانهنس خط موڪليندي هئي ته لکڻي ڇپبي يا نه. سرڪاري سڌ سماءَ کاتي جو رسالو هو. سؤ ڏيڍ معاوضو مني آرڊر ذريعي ملندو هو. ٺٺ ٿي ويندا هيا. شڪارپور مان مون کان سواءِ ضياءُ شاھ، رياض شيخ ۽ اعجاز اشعر جا نظم شايع ٿيندا رهندا هيا. رسالي جي آخري پني تي ليکڪن جو ڏس پتو لکيل هوندو هو. خطن پٽن جو سنهري دؤر هو. هڪ ٻئي ڏانهن خط لکيا ويندا هيا. خط ٽپال گھر جي ڳاڙهي دٻي ۾ وجھڻ سان ورنديءَ جو انتظار شروع ٿي ويندو هو. ان زماني ۾ اردو جي اديبن محمد سليم الرحمٰن، شاهد حميد، جاويد شاهين، اصغر نديم سيد ۽ ڊاڪٽر يونس بٽ کان سواءِ سنڌيءَ جي سگھاري ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو سان خطن جو سلسلو هلندو هو. خطن ۾ عشق بدران علم ۽ ادب جو درياءُ هوندو هو. خطن جي حوالي سان سنڌيءَ ۾ کوڙ سٺا ڪتاب ڇپيل آهن. خطن جو خزانو سٺي شاعر ۽ نفيس ماڻهو اياز گل وٽ محفوظ هوندو هو. سليقي وارو آهي. هر شيءِ ترتيت سان رکڻ ۽ ساھ ۾ سانڍي رکڻ وارو آهي. جيڪڏهن ڏھ سال اڳ پنهنجي پٽڙي پرينءَ ڏانهن لاهور ايزي پئسا موڪليا هوندائين ته موبائيل ۾ اهو ايس ايم ايس سيو (Save) هوندو.

رسالي ۾ پرڏيهي ادب جي حوالي سان آصف فرخي نالي جوان جون اردوءَ ۾ سٺي نموني ترجمو ٿيل ڪهاڻيون، شاعري، مضمون ۽ انٽرويو ڇپبا رهبا هيا. انهن کي شوق سان پڙهيو ويندو هو جو انهن ۾ هڪ الڳ نرالي دنيا هوندي هئي. ۱۹۸۷ع ۾ مان ۽ منهنجو شاعر سنگتي، منهنجي گھگھراڻي گھٽيءَ ۾ رهندڙ، رياض شيخ ڪراچيءَ چڪر تي وياسون. زندگي تجريدي چتر وانگر سمجھه کان ٻاهر آهي. رياض ميان سونن چمچن ۾ کائيندو هو. گھر ٻهڪندو هين. وڏي وقت کان پوءِ سندن ڪٽنب ۾ رياض کي پٽ ڄائو. اولا لهي وين. اياز نالو رکيائونس. ٽُٽيءَ کي ٽاڪو ناهي. اک ڇنڀ ۾ هرشيءِ طوفان ۾ ڪکن پنن وانگر اڏامي وئي. رياض ميان ڊپريشن جو شڪار ٿي ويو. ڪراچي ۾ زندگيءَ کي ڌڪو ڏئي، ڏينهن پورا ڪرڻ ۾ پورو آهي. هن جو سڪيلڌو فرزند اياز، شيخ اياز بڻجي نه سگھيو. هڪ گئراج ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. هن جا نازڪ هٿ گريس ۾ ڪارا آهن. رياض شيخ جي مٿي تي ڏکن ڏوجھرن جا کارا آهن.

ڪراچيءَ ۾ ڪتاب وٺڻ، گھمڻ کان سواءِ ليکڪن سان ملڻ لڳاسون، سڌ سماءَ سنڌ کاتي ۾ اردو شاعر صابر ظفر سان ملڻ وياسون. رياض جو هن سان خطن جو ناتو جڙيل هو. سٺي نموني آڌرڀاءُ ڪيائين. ڪچهري ٿي.

هڪ آچر واري آرام جي ڏينهن تي، گلشن اقبال جي بنگلي نمبر B-۱۵۵ جي آصف فرخيءَ جي گھر جي گھنٽي وڄائي سون، قرب سان مليو. ڊرائينگ روم ۾ اچي ويهاريائين. قد جو ڊگھو، بردبار، عينڪ پويان ليئا پائيندڙ ذهين جوان، منهنجي دل ۾ اچي ويٺو. هن جو مڌر کلڻ مون کي وڻيو. حالي احوالي ٿياسون، موڪلائڻ مهلَ هن آئن رئينڊ جي ناول “ترات” جو تحفو ڏنو، جيڪو سندس ترجمو ڪيل ۽ تازو ڇپيل هو. جڏهن به ڪراچيءَ وڃڻ ٿيندو هو وڃي در کڙڪائيندو هيم.

سچ پچ ڪن ماڻهن جو ڪم ڏسي اچرج ٿيندو آهي. پاڻ رلهي پائي سمهڻ وارا، مهيني ۾ ڪو هڪ ڪتاب پڙهي، ٻه ٽيڙو لکي ڄڻ وڏي کيپ کٽي، الائي پاڻ کي ڇا سمجھنداسون. ٻئي سٺي لکندڙ کي ليکي ۾ نه آڻينداسون، آصف فرخي اورچ ماڻهو هو. اجمل ڪمال سان مٿو مٿي تي ياري هيس. انسان آهي، پاڻ تي ئي پت ناهي، پل ۾ ماسو، پَل ۾ تولو، ٻنهي وچ ۾ وڇوڙي جي وير آئي، ڀڳو سڄو نه ٿئي، درياھ جي ٻن ڪنارن وانگر ٿي ويا. اجمل ڪمال مُئي منهن نه ڏٺس.

آصف فرخي وڏو ڪم ڪيو، انيڪ ناول ترجمو ڪيائين. انهن مان هڪ اڌ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. تنقيد لکيائين. ڪهاڻين جا ڳٽڪا ۽ سفر ناما شايع ٿيل آهن. لڳ ڀڳ پنجاھ جي ويجھو ڪتاب شايع ٿيل اٿس. انگريزي ۾ وسان نه گھٽايائين. اخبار “ڊان” جي ادبي صفحن ۽ مئگزين ۾ ڪافي مواد اٿس. انگريزي رسالن “هيرالڊ” ۽ “نيوز لائين” لاءِ کوڙ ليکڪن ۽ شاعرن جا انٽرويو ڪيائين. ناول نويس سلمان رشدي جو انٽرويو جڏهن هو ڪراچي آيو هو ورتو هيائين، جيڪو “هيرالڊ” ۾ ڇپيو هو. ان ۾ هڪ مزيدار ڳالھ هئي، سلمان کان سندس ملڪ واسي ليکڪا قرةالعين حيدر بابت سوال پڇيو هئائين ته اوهان قرةالعين حيدر کي پڙهيو آهي؟ هن وراڻيءَ ۾ پڇيو هيس: اُهو ڪير آهي؟

آصف فرخي شهزاد نالي سان پبليڪيشن قائم ڪئي، هن انيڪ ترجمن جا ڪتاب، اردو ليکڪن جا ڪتاب ۽ سنڌي جا ڪجھه ناول اردوءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرايا. هو ادب جو خدمتگار هو. ڪمائيءَ جي ڪڍ نه هو. گھاٽي ۾ ويندو هو پر مڙندو نه هو. هن “دنيازاد” نالي سان رسالو ڪڍيو، ان ۾ اردو، پرڏيهي، سنڌي، بلوچي، پنجابي ٻولين جون لکڻيون ڇپيندو هو. هڙان وڙان خرچ ڪري رسالو ڇپائيندو هو. اٺيتاليھ پرچا ڪڍيائين. هو آڪسفرڊ يونيورسٽي پريس ۾ ايڊيٽنگ ۽ ترجمي جي ڪم سان سلهاڙيل هو. هن جي رٿا سان اَمينه سيد ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جي شروعات ڪئي. هو ميلي جو موجد هو. ميلي جي ڪاميابي سندس خوشي هئي. پاڻ وانگر نه ته چندو ڪري ميلو ڪيون. اڌ کائون، اڌ بچايون.

آصف فرخي سنڌي ادب ۽ ليکڪن سان محبت ڪندو هو. ولي رام ولڀ جي ترجمو ڪيل نظمن جي ڪتاب ۽ ظفر جي ناول “اجھاميو ٻران” جا مهاڳ لکيائين. سنڌي ليکڪن مان هالي ووڊ هيرو جو ڏيک ڏيندڙ، منهن تي ٺاهوڪيون لڳندڙ مڇن واري شاعر ۽ ليکڪ شاھ محمد پيرزادو سان گھڻي لڳندي هيس.

آصف فرخي ۽ شاھ محمد پيرزادو گڏجي اياز صاحب جي شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري، ڪتاب (Stores Call for Prayers) کان سواءِ اردوءَ ۾ گڏجي ترجمو ڪري “ذڪرِ اياز، فڪرِ اياز ۽ دانشِ اياز” شايع ڪرايا، جيڪي اهم ۽ سگھارا آهن. آصف فرخي ڌنڌي جي حوالي سان ڊاڪٽر هو. اداري يونيسيف سان لاڳاپيل هو. ان کي الوداع ڪري، يونيورسٽي ۾ ادب پڙهائڻ لڳو. هن وقت نه وڃايو، پڙهيو لکيو، فضيلت سان ادبي ميڙاڪا ڪرايائين، جنهن ۾ ڪا لالچ لوڀ نه هوندو هيس، انيڪ ملڪ گھميو، موٽ تي ڪتابن جي پيٽي ساڻ هجيس. شاندار لائبريري هيس. خبر ناهي ان خزاني جو الائي ڇا ٿيندو؟ زال ۽ ٻه نياڻيون آمريڪا ۾ هڪ ڀاءُ هتي. جيڪو ڪتابن کان ايڏو پري جيڏو ڪراچيءَ کان ڪوئيٽا. خزاني کي اڏوهي کائيندي يا ريگل چوڪ جي فٽپاٿ تي اچي ويندا، جتان آصف صاحب پاڻ به انيڪ ڪتاب ورتا هيا. هو گڻائتو هو، ادي فهميده رياض، بيمار ٿي پئي، ڪو ليکڪ لڙي نه ويس، آصف فرخي وڃي سار لهندو هيس. هن جي ڪراچيءَ ۾ افضال احمد سيد، تنوير انجم، انورسن راءِ، عذرا عباس، رفاقت حيات، سيد ڪاشف رضا، مبشر علي زيدي، شاھ محمد پيرزادو، عطيه دائود ۽ خدا بخش ابڙو سان لڳندي هئي. انتظار حسين سان وڏي محبت ڪندو هو.

ڏاهي ماڻهوءَ کي ڏنگ لڳندا آهن، سَهندو آهي، من اندر ڊهندو آهي. سال ڏيڍ اڳ سندس وني سيمين آمريڪا هلي رهڻ جو زور ڀريو. هن چيس منهنجو سڀ ڪجھه هتي، ڪراچي مون لاءِ ڪنوار، آمريڪا ۾ ڇا رکيو آهي؟ زائفان ڏاڍي ذات، ضد تي چڙهي بيهي، هاٿيءَ کي سئيءَ جي سوراخ مان ٽپائي وڃي. ڪونه مڙي. هن جي مُوڙي، ڏيڍ ٻن ڪروڙن جو فليٽ وڪڻي، ڪئي ڪمائي چٽ ڪري، کانئس طلاق وٺي آمريڪا هلي وئي. آصف ميان مينهن ۾ غريب جي گھر وانگر ڊهي پيو. سخت مونجھارن جو شڪار ٿي ويو. شگر ويتر وڌندي ويس. ڌڻي سڳوري کي رحم آيو. هٿ جھلي وڌيڪ سورن سختين کان بچائي وتائينس. آصف فرخيءَ جي جنازي ۾ ڏائڻ ڪورونا ڪري، ست هزار محبت ڪندڙن مان ٻه ٻڙيون ڪٽجي ويون.


آصف فرخي اسانجو هو!

انور ابڙو

سومر ڏينهن، پهرين جون ۲۰۲۰ع تي آصف فرخي اسان کان وڇڙي ويو. . . جڏهن مون آصف فرخي جي انتهائي ويجهن دوستن؛ حارث خليق جا هي لفظ “آصف، مار ڊالا” ۽ شاھ محمد پيرزادي جو هي جملو، ” I lost one more vote in my support! پڙهيا ته منهنجون اکيون آليون ٿي ويون. آصف صاحب جي وڃڻ سان سنڌي ۽ اردو اديبن جي وچ ۾ موجود هڪ مضبوط ٻنڌِ ٽُٽي پئي. ممڪن آهي وري ڪو ٻيو اچي ۽ اِها ٻَڌي، پر ان ۾ وڏو وقت لڳندو.

آصف فرخي ان وقت انهن ٻنهي لڪيرن جي مٿان پيرَ ڏيئي بيٺو هو، جڏهن انهن ٻنهي لڪيرن خون جي درياهن جي شڪل اختيار ڪئي هئي. اهڙي ئي وقت ۾ هن سنڌي ادب ۽ اديبن سان هٿ ملايو، کين احساس ڏياريو ته سڀ نسل پرستيءَ جي باھ جي پيدوار ناهن، ڪي اهڙا به آهن، جن کي سنڌوءَ جي مٺي پاڻيءَ ٿڌو ڪيو ۽ سندن سوچ کي ساگر بڻايو آهي. ان بعد هن ڄڻ ته اهو سمجهي ورتو هو، ته جيستائين ٻنهي طرفن جي ادب ۽ اديب کي هڪٻئي جي ويجهو نه آڻبو، جيستائين اهي هڪٻئي کي نه سمجهندا، تيستائين، نفرت جا شعلا ڪونه وسامندا. ۽ پوءِ هن اهو هڪ وڏو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻي ورتو هو، جنهن سان هُن آخر تائين نڀايو. اهڙي پهلڪاري ان طرف کان ٿيڻ وڌيڪ اهم هئي.

 اسان جي سنڌي اديبن مان شاھ محمد پيرزادي، خدا بخش ابڙي ۽ عطيه دائود جي ڄڻ ته فيملي ميمبر جي حيثيت رکندڙ هن هڪ وڏي ۽ جاکوڙي ليکڪ، انگريزي، اردو ۽ سنڌي ادب ۾ وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو. مان سوچيندو هئس ته هو اهي سڀ معياري علمي ادبي سرگرميون ڪيئن ٿو ڪري؟ هي وقت وڃائڻ وارا ماڻهو نه هئا، پر هي وقت کي سجايو ڪرڻ وارا هئا ۽ هي نفرت پکيڙڻ وارا نه هئا، پر هي محبت ورهائڻ وارا هئا. تڏهن ئي ته سندس وفات تي سنڌي اديبن، شاعرن ۽ صحافين سان گڏ علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي شعور رکندڙ هر فرد کي اهڙو ئي صدمو رسيو آهي، جهڙو سندس پنهنجي برادريءَ جي اديبن، صحافين ۽ ليکڪن کي رسيو آهي. سوشل ميڊيا تي سنڌين جو سوڳ شايد سوايو آهي، ۽ جيڪو دل سان ڪيل سوڳ آهي. ان غم ۾ ڪا به ملاوت ناهي. اندر جي هڪ آھ جو پاڻمرادو اظهار آهي، جيڪو ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته هو سنڌي ليکڪن ۽ پڙهندڙن وٽ ڪيترو نه پهتل هو.

اسان وٽ انگريزي دان آهن، پر انهن کان اڳ ۾ آصف فرخي سنڌي ادب ۽ اديبن کي پنهنجو ادب ۽ پنهنجا اديب سمجهي، خاص انگريزيءَ ۾ لکي، ترجمو ڪري، ڇپائي (ڪتابن توڙي ڊان اخبار ۾) اسان تي هڪ وڏو احسان ڪري ويو. هُن اِن عيوض اسان کان ڪجھ به نه گهريو. اڃان به اسان کي اسٽيجون سجائي ڏيئي، انهن ماڻهن سان متعارف ڪرايائين، جن تائين پهچڻ ۾ اسان کي هڪ وڏو وقت لڳي ها.

اها هڪ حقيقت آهي، ته جڏهن به ڪير وڇڙندو آهي ته ان سان لاڳاپيل هر شخص جي اڳيان، ان سان جڙيل سندس يادون سامهون اچي وينديون آهن. ان طرح مان به هڪ ٻه اهڙي ئي ياد هِن موقعي تي لکڻ چاهيان ٿو. سڀ کان اول اها ڳالھ ته مون آصف فرخي صاحب کي شاھ محمد پيرزادي ۽ خدا بخش ابڙي صاحب جي ذريعي سڃاتو هو ۽ ان کانپوءِ سندس علمي ۽ ادبي ڪم مون لاءِ هڪ وڏي سڃاڻپ بڻجي آيو هو. آصف فرخي خدا بخش ابڙي جن جي صلاح تي ۱۹۹۰ع جي ڏهاڪي ۾ منهنجا به ٽي چار نظم اردو ۾ ترجمو ڪيا هئا، جيڪي مون انهن ئي پاران گوئٽي انسٽيٽوٽ ڪراچيءَ ۾، شروع ڪرايل هڪ ادبي سيريز ۾ پڙهيا هئا. اهي پروگرام هنن ملڪ جي مختلف ٻولين جي اديبن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ ۽ هڪٻئي جي ادب (ڪهاڻي ۽ شاعري) کان واقف ٿيڻ لاءِ منعقد ڪرايا هئا. انهن مان هڪ پروگرام ۾ ادل سومري به شرڪت ڪئي هئي.

ان کانسواءِ ٻه سال اڳ، جڏهن هن ڪراچي لٽريچر فيسٽيول (ڪي ايل ايف) کان الڳ ٿي، امينه سيد صاحبه ۽ پنهنجن ٻين دوستن سان گڏجي پهريون پاڪستان ادب فيسٽيول، گورنر هائوس ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪيو هو ته منهنجي ٻن پبلشر دوستن کي بڪ اسٽالن لاءِ جاءِ کپندي هئي، پر ادبي ميلي ۾ گهڻو ڪري ته ڪو هڪ ٻه ڏينهن بچيل هئڻ جي باوجود، جڏهن مون آصف فرخي صاحب کي، انهن دوستن کي اسٽال لاءِ جاءِ ڏيڻ جي درخواست ڪئي ته، هن کين ان جو فوري بندوبست ڪرائي ڏنو هو.

سو آصف فرخي ملڪي ۽ بين الاقوامي ادب تي گهري نظر رکڻ، انهن مان اهم تحريرون اردو ٻوليءَ ۾ آڻڻ، ادبي فيسٽيول منعقد ڪرائڻ ۽ ادبي رسالا ۽ ڪتابي سلسلا جاري ڪرڻ سان گڏ پنهنجي تخليقي ڪم کي به وقت ڏيندو رهيو، تڏهن ئي ته هن وٽ پاڻ لاءِ وقت نه بچيو، ۽ ايڪهٺ سالن جي عمر ۾ اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو.

آصف فرخي اسان جو هيو، جنهن اسان کي به پنهنجو ڪيو هو.

 

(انور ابڙو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۷ جون ۲۰۲۰ع رکيل/ کنيل)

 


ڊاڪٽر آصف فرخي

سنڌ ۽ سنڌي ادب جو سفير

اسحاق مڱريو

 هوءُ هيو ته ميڊيڪل جي شعبي سان واڳيل، پر هن جي سڃاڻپ؛ اديب، نقاد، ايڊيٽر ۽ ادبي پروگرام آرگنائيزر طور وڌيڪ هئي. هن جي ياد ۾ محبان آصف فرخي پاران هر سال سنڌي ۽ اردو طبع زاد سٺي ڪتاب تي ۶۰ هزار رپيا انعام ۽ ايوارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. جيوري جي ڪيل فيصلي تي گذريل سال سنڌي ڪتاب “خانه بدوش قبيلا “تي خالد جوڳي کي ۽ اردو جو ڪاظم سعيد جي ڪتاب “دو پاڪستان “تي اهڙو ايوارڊ ڏنو ويو هو.

ڊاڪٽر آصف فرخي ( ۱۶ سيپٽمبر ۱۹۶۹، پهرين جون ۲۰۲۰) ڪراچي ۾ هڪ ادبي گهراڻي ۾ ڄائو ۽ ڪراچي ۾ ئي ۶۰ سالن جي ڄمار ۾ شگر جي مختصر علالت سبب گذاري ويو. هو شارٽ اسٽوري رائيٽر، ناول نگار، لٽرري جرنلسٽ، نقاد، مترجم ۽ ايڊيٽر هو. هن ست ڪهاڻين جا ڪتاب، ڪيترائي آرٽيڪل ۽ مضمون لکيا. هن لٽرري جرنلسٽ طور سنڌي ادب ۽ شاعري تي وڏو ڪم ڪيو ۽ پنهنجي اهڙ ادبي ڪم کي سنڌ بابت انگريزي ۾ لکيو. هن ڪووڊ۱۹ جي دور ۾ پنهنجي گهر مان پڙهڻ ۽ لکڻ جي سلسلي طور ( لاڪ ڊائون ڊائري جي نالي سان) بلاگ وڊيو سيريز جاري ڪئي هئي.

هن سينٽ پيٽرڪ اسڪول مان مئٽرڪ، ڊي جي سائنس ڪاليج مان انٽر ميڊيٽ ڪئي. هو ۱۹۸۴ ۾ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ، ۱۹۸۸ ۾ هارورڊ يونيورسٽي مان پبلڪ هيلٿ ۾ ماسٽرس ڪئي. ۲۰۱۲ ۾ لنڊن اسڪول آف هائيجن ۾ هيلٿ ايڪانامڪس ۾ ڊپلوما ڪئي. هن جو ادبي گهراڻي سان واسطو هئڻ سبب، يارهن سالن جي ڄمار ۾ پهرين ڪهاڻي لکي. هن ٽي نوڪريون ڪيون. جن ۾ پهرين نوڪري آغا خان ڪميونٽي هيلٿ سائنسز ۾ انسٽرڪٽر، ۱۹۹۴ کان ۲۰۱۴ تائين يونيسيف ۾ هيلٿ نيوٽريشن پروگرام آفيسر ۽ حبيب يونيورسٽي ۾ آرزو، (سينٽر فار ريجنل لينگويج اينڊ ڪلچر) ۾ ڊائريڪٽر رهيو. هن حبيب يونيورسٽي جي انهيءَ اداري ۾ ابتدائي طور تي اردو، سنڌي ۽ پنجابي ٻولين جي ادب پڙهائڻ وارا شعبا قائم ڪيا. هن انهيءَ اداري جي مدد سان ادب ۾ جنن ۽ پرين واري دقيانوسي سوچ جي خلاف وڏو ڪم ڪيو. هن سائنسي سوچ وارو ادب وڌائڻ تي زور ڏنو. هن حبيب يونيورسٽي ۾ سنڌي ٻولي جي مشهور شاعره ۽ استادسحر امداد سان گڏ آرزو واري شعبي ۾ سنڌي شعبي لاءِ ڪم ڪيو. ان اداري ۾ اردو اديب ۽ شاعر افضال احمد سيد ۽ تنوير انجم اردو شاعري ۽ ادب ۽ انعام نديم پنجابي شاعري پڙهائيندڙ آهن. هن الف ليليٰ جي مشهور ڪردارن تي شهرزاد ۽ دنيا زاد جي نالن سان ٻه ادبي ميگزين ڪراچي مان جاري ڪيون. جنهن ۾ اردو، سنڌي ۽ ٻين ٻولين جي نون اديبن کي ڇپجڻ جو وڏو موقعو ڏنو ويو. هن کي ادبي مڃتا طور ۱۹۹۷ ۾ ليٽرس اڪيڊمي پاران صداتي ايوارڊ پڻ مليو.

هن انڊيا ۾ ٿيندڙ اردوءَ جي لٽرري پروگرام ريختا جي طرز وارو پاڪستان ۾ رواج وڌو. هن انهيءَ انداز وارو ڪراچي ۾ ۲۰۱۰ ۾ ڪراچي لٽرري فيسٽيول جو پروگرام جوڙيو. جنهن تحت هن آڪسفورڊ پريس سان گڏجي ڪراچي لٽريچر فيسٽيول کان سواءِ لاهور فيسٽيول ۽ اسلام آباد فيسٽيول جو رواج وڌو. جنهن ۾ سڄي ملڪ کان سواءِ دنيا جي ٻين ملڪن مان دانشور شريڪ ٿيا. ميلي جي صورت ۾ اهڙن ادبي پروگرامن جي ذريعي شعور ۽ آگهي جي بحث ۽ مباحثي کان سواءِ ڪتابن پڙهڻ جو رواج وڌو. جنهن جي ذريعي وڏي عرصي کان پوءِ ڪراچي ۾ دهشتگردي واري خوف جي بدران ادب، شاعري، تاريخ، آرٽ، راڳ ۽ سنگيت جو رجحان وڌيو. هن انهن سڀني ڪمن ۾ ڪراچيءَ کي ڪاسمو پوليٽن، ميگا سٽي سان گڏوگڏ ڪراچيءَ کي سنڌ جي ٻهراڙين، ڳوٺن، ٿر، ڪاڇو، ڪوهستان، نارو ۽ ڪچي سان ڳنڍيو. هو لٽرري پروگرامن جي حوالي سان وڏو آرگنائيز ثابت ٿيو. هن ڪراچي ۾ عالمي اردو ڪانفرنس پڻ آرگنائيز ڪئي هئي. هن حيدرآباد ۾ شيخ اياز ميلي جي آرگنائيزرس امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح کي ادبي ميلي جي سلسلي ۾ سٺيون تجويزون ڏيندڙ هو. هن شيخ اياز ميلي جو حيدرآباد ۾ هڪ دفغو افتتاح به ڪيو هو.

ڊاڪٽر آصف فرخي آّغا خان ڪميونٽي هيلٿ جي ذريعي بيمارين بابت ٿيندڙ تحقيقي ڪم سبب سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن سان ڳنڍيو. رسرچ جو ڪم گهڻ پاسائون ٿيڻ جي ڪري هو بيمار ماڻهن جي سماجيات ۽ اقتصادي حالتن کان آگاه ٿيندو رهيو. هو ۲۰ سالن کان يونيسيف جي هيلٿ واري شعبي سان لاڳاپيل رهيو. يونيسيف سنڌ حڪومت سان هيلٿ پروگرام ۾ اي پي آءَ ۽ رورل ڊولپمينٽ ۾ واٽر سينيٽيشن واري شعبي ۾ گڏ ڪم ڪندڙ هو. ان ڪري ڊاڪٽر آصف فرخي پنهنجي نوڪري جي لحاذ سان سڄي سنڌ ۾ ڊي ايڇ اوز سان ميٽنگز ۽ ويڪسين جي پروگرام جي مانيٽرنگ جي سلسلي ۾ ويندو رهيو. هو انگريز دور جي وڏن اردو جي رائيٽرز ۽ ناول نگار ڊپٽي نذير احمد ۽ شاهد احمد دهلوي جي ڪٽنب سان واسطو رکندڙ هو. ساڳي ريت هن جو والد پروفيسر اسلم فرخي ڪراچي يونيورسٽي جو رجسٽرار ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ رهيو ۽ ان جي والده بيگم نديم تاج پڻ وڏي ليکڪا هئي. هن جي گهر واري کاٻي ڌر جي اڳواڻ پروفيسر جمال نقوي جي ڀائٽي هئي. لکڻ پڙهڻ وارو ايڏو وڏو پسمنظر رکڻ ڪري هن پنهنجي لکڻين ۽ پبليڪيشن جي ذريعي نه رڳو اردو لٽريچر کي سنڌي معاشري سان ڳنڍيو، پر هن سنڌي ادب، شاعري ۽ سنڌي ڪردارن کان سواءِ سنڌ جي ٿر ۽ ٻين علائقن کي انگريزي ۾ متعارف ڪرايو. هو سنڌي شاعري ۾ شاه لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعري کان وڏو متاثر هو. هن شاه لطيف جي شاعري تي انگريزي ۾ اهم نوعيت وارو ڪم ڪيو. هن شيخ اياز سان خدابخش ابڙي سان گڏجي سندس زندگي ۾ ڪراچي ۾ فنانس۽ ٽريڊ سينٽر ۾ يادگار پروگرام ڪيو. جنهن ۾ صادق فقير پهريون دفعو “سکي پيا کي ملين ته چئجان، چاندني تو سواءِ نه ٿيندي. اچين ته منهنجي اماس ۾ آءُ، ڇو ته ٻئي رات ڪان نه ٿيندي.” شيخ اياز پنهنجي اها شاعري پهريون دفعو ڳائجندي ٻڌي سحر ۾ اچي ويو هو.

هن ڊان اخبار ۾ شيخ اياز جي شاعري تي لکڻ شروع ڪيو هو. هن شيخ اياز جي چونڊ شاعري جو انگريزي ترجمو به ڪيو ۽ ڪتابي صورت ۾ ڇپايو. هن سنڌي چونڊ ڪهاڻيون به ترجمو ڪيون. شاه محمد پيرزادي جي مدد سان هن سنڌي ادب ۽ شاعريءَ کي گهرائي سان سمجهڻ جو موقعو حاصل ڪيو. هن سنڌي ۾ اردو ۽ انگريزي ادب جو ترجمو ڪندڙ مشهور مترجم ولي رام ولڀ تي انگريزي ۾ ڪتاب لکيو. هن امر جليل، امداد حسيني، سحر امداد تي پڻ لکيو. هن کي ٿر جو لينڊ اسڪيپ تمام گهڻو وڻندو هو. هن يونسيف جي حوالي سان ٿر ۾ اي پي آءِ جي پروگرام ۾ پوليو تي وڏي ڪم ڪيوهو. ٿر ۾ اين جي اوز جو ڳوٺاڻي ڪميونٽي سان ڳنڍيل هجڻ جو هن پوليو پروگرام ۾ وڏو فائدو ورتو. هن جي ورتل ڪوشش جي نتيجي ۾ ٿر جي سڀني اين جي اوز جو ماروئڙا جي نالي سان نيٽ ورڪ جڙيو. جنهن ۾ ڊي سي، هيلٿ کاتو، لائيو اسٽاڪ۽ رورل ڊولپمينٽ جي کاتن کي پڻ ان نيٽ ورڪ ۾ شامل ڪيو ويو. پوليو پروگرام ۾ اين جي اوز کان ڪميونٽي ۾ پهچڻ کان سواءِ جيپن جو سهڪار به حاصل ڪيو ويو. انهيءَ بنياد تي اين جي اوز، ڳوٺاڻي ڪميونٽي ۽ اي پي آءِ جو زبردست نيٽ ورڪ موجود هجڻ سبب گذريل پنجويهن سالن کان ٿرپارڪر پوليو فري زون بڻيل آهي. ڊاڪٽر آصف فرخي جي ذريعي ٿر ۾ ڊيپ ويل نلڪا لڳا ۽ برسات جو پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ٽانڪا ٺهيا ۽ ان ڏڪار کان بچڻ لاءِ پاڻي زخيرو ڪرڻ واري انهيءَ ٽيڪنالي جو رواج وڌيو.

ٿر ۾ اهڙا ڪيترائي ٽانڪا ۽ نلڪا اڄ به ڊاڪٽر آصف فرخي جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ موجود آهن. جن ۾ هڪڙو اهڙو نلڪو مٺي ۾ نٿو کتري جي گهر اڳيان لڳل آهي. نٿو کتري ٻانڌڻي جو ڪم نيچرلي رنگن ۾ ڪپڙو رڱي ٺاهيندڙ آهي. نٿو کتري پنهنجي ڏاڏي جي دور وارا ڪارب ۽ پور سنڀالي ويٺل آهي. ڊاڪٽر آصف فرخي ٿر جي اصلي لباس طور نٿو کتري جو دڪان ۽ سندس رڱاوت وارو ڪم ڏٺو. انهيءَ رڱاوت ۾ پاڻيءَ جي گهڻي استعمال کي محسوس ڪندي يونيسيف پاران نٿو کتري کي هڪ نلڪو لڳرائي ڏنو هو. هن ٿر ۾ جڏهن ناگ ۽ بلائن جي وڌندڙ آزار ۽ سرڪاري اسپتالن ۾اينٽي سنيڪ ويڪسين نه هجڻ سبب بلائون کاڌلن کي هن اسپتالن ۾ ڦٿڪندي ڏٺو هو، جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر آصف فرخيءَ يونيسيف کان اينٽي سنيڪ ويڪسين يونيسيف جي پارٽنر تنظيم ٿر ديپ وٽ اهڙيون ويڪسين رکايون هيون. جيڪي اسپتالن ۾ ويڪسين نه هجڻ کان پوءِ ڊاڪٽرن جي پرچيءَ تي اهڙن مريضن کي ويڪسين ڏني ويندي هئي. هو تنهن زماني ۾ يونيسيف ۾ هو ته چوٽياري ڊيم بابت ڊاڪيومينٽري جي سلسلي ۾ مون کانئس چوٽياري ڍنڍ تي انٽرويو ڪيو هو. هو چوٽياري ڍنڍ جي سمورين باريڪ بينين کان واقف هو. مون کي چيائين ته چوٽياري ڍنڍ ۾ جنهن سطح جو پاڻي آهي. ان سطح تي خاص قسم جي پاڻيءَ ۾ گاھ ۽ جيت پيدا ٿين ٿا ۽ اهو مڇيءَ جي خوراڪ طور افزائش لاءِ اهم آهي. ڊيم ٺهڻ کان پوءِ ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي سطح وڌي وڃڻ سبب اهو گاھ ۽ جيت جڻيا ختم ٿي ويندا. جنهن جي نتيجي ۾ مڇيءَ جي افزائش تي وڏو ناڪاري اثر پوندو. هن زور ڏئي چيو هو ته؛ چوٽياري ڊيم ٺهڻ جي نتيجي ۾ مقامي ماهيگير مڇي نه هجڻ سبب بيروزگار بنجي ويندا. چوٽياري ڊيم بابت ۱۶ سال اڳ ۾ ڪيل سندس تجزيو سؤ سيڪڙو سچ ثابت ٿيو آهي.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۳۰ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا