; سنڌي شخصيتون: محمد عثمان ميمڻ

21 June, 2022

محمد عثمان ميمڻ

محمد عثمان ميمڻ

منڇر جو ماڻهو

علي نواز آريسر



سنڌ جي مردم خيز سرزمين مان ڪيترائي تخليق جا سرچشما ڦُٽي نڪتا آهن. هن ڌرتي ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، جيڪي صرف ڌرتي ماءُ جي ناموس ۽ بقا لاءِ هميشه ڪوشان رهيا آهن، اهڙن ماڻهن ۾ منڇر ڪنڌيءَ تي تاريخي شهر بوبڪ ۾ پهرين اپريل ۱۹۵۲ع تي جنم وٺندڙ محمد عثمان ميمڻ جو به شمار ٿئي ٿو. سندس ناناڻا ٿيٻا آهن، سندس ڏاڏو ورهاڱي کان اڳ لڏي اچي دادوءَ ۾ ويٺو، سندس ذهني اوسر دادوءَ ۾ ٿي. دادو جنهن لاءِ مشهور آهي ته پوري سنڌ جو گرم کان گرم علائقو آهي ۽ دادوءَ جا ماڻهو پڻ گرم/ سخت مزاج جا هوندا آهن، پر الائي ڇو محمد عثمان ان جي ابتڙ، انتهائي ماٺيڻو ۽ وڻندڙ سڀاءَ نياز، نوڙت ڪا به هٺ وڏائي نه. شايد ان ڪري جو پاڻ سائين جي. ايم سيد جي (School of thought) جو شاگرد هو. سنڌ ۾ ٻه يونيورسٽيون مشهور آهن، هڪڙي آءِ. آءِ قاضيءَ جي سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻي سائين جي. ايم سيد جي سن يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مختلف سبجيڪٽن جي تعليم ڏني وڃي ٿي ۽ سن يونيورسٽيءَ ۾ صرف هڪ سبجيڪٽ جي تعليم ڏني ويندي هئي ۽ اهو سبجيڪٽ هو انسان دوستي. محمد عثمان ميمڻ پڻ ان ئي يونيورسٽيءَ مان انسان دوستيءَ جي ڊگري ورتي، جنهن ڪري سندس طبيعت ۾ انسانيت وارا سمورا گڻ نظر ايندا هئا. محمد عثمان پرائمري کان فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم مدرسه دارالفيوض دادوءَ مان محمد سليمان صدائي ۽ محمد مجتبيٰ ملڪاڻيءَ کان، قرآن پاڪ ۽ قرات قاري محمد قاسم چانڊئي کان حاصل ڪيائين. پوءِ ٽئين درجي تائين انهي مدرسي ۾ قائم پرائمري اسڪول مان پڙهي، پرائمري مين اسڪول دادوءَ مان، پنجون درجو پاس ڪري ڇهون ڪلاس پرمانند هرداس پائلٽ هاءِ اسڪول دادو ۾ داخل ٿي ميٽرڪ تائين پڙهيو.



انٽر سائنس پڙهڻ لاءِ جاميه مليه ڪاليج ملير سٽي ۾ داخل ٿيو. اتي محمود الحسن سندس دوست ۽ پرنسپال رهيو. اتي ئي ان وقت جي وڏن عالمن مودودي ۽ سبط حسن سان ميلاپ ٿيو ۽ ڪامريڊ نازش سان سندس ويجهڙائپ ٿي ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ بهرو ورتائين. بعد ۾ پي ٽي وي لاءِ عبدالڪريم بلوچ ۽ هارون رند آڊيشن ورتس. ڪي سال ٽي وي تي سنڌي پروگرام ۽ ڊراما اسڪرين لکيائين. سندس والد سنڌ جي جيلن جو وڏو مودي هو، ڪراچيءَ مان موٽي اچي پيءُ جو ٻانهن ٻيلي ٿيو. اتي قيدين کي کاڌ خوراڪ پهچائيندي، ان وقت جي وڏن اَسيرن خان ولي خان، جنرل شيروف ۽ ٻين سان لاڳاپو ٿيس، جو انهن کي لِڪي لِڪي ڪتاب ور ۾ وجهي پهچائيندو هو، يا سندن خط پڻ پوسٽ ڪندو هو. پيءُ جي وفات ۱۹۷۵ع ۾ ٿيس ته عملي زندگيءَ ۾ پير پاتائين، جيلن جي ٺيڪيداريءَ کي مڪروھ سمجهندي روڊن، عمارتن وغيرھ جي ٺيڪيداري ڪيائين. پر اتي به ڏيتي ليتي جي جهنجهٽ ڪري هٿ ڪڍي ٻيا مختلف روزگار ڪيائين، جن ۾ ميڊيڪل اسٽور، لوھ جو ڪم، ڪاغذ جو ڪم ۽ ڪمپيوٽر ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ شامل آهن. پر ڊراما ۽ ڳائڻ سندس وِرونھه رهيا. هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ٿو، ڪي ڌرتيءَ جي جنگ وڙهڻ لاءِ ميدان جنگ ۾ عمل پيرا آهن ته ڪي وري عثمان صاحب جھڙا قلم جي جنگ وڙهندي پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ٻولي، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي ورثن کي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ کي اهم سمجهندا آهن. اسان وٽ سنڌ ۾ هر موضوع تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي ۽ لکجي پيو، پر ڪجهه اهڙا به پاسا آهن. جن تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي خاص طور تي آرڪيالاجي، قديم آثار وغيره.

هن پاسي تحقيق ڪندڙن جا ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا نالا مس ملندا. جن مان انور پيرزادو ۽ حاڪم علي شاھ بخاري ۽ محمد عثمان ميمڻ ته پنهنجو وارو وڄائي ويا، باقي بدر ابڙو، اشتياق انصاري، ڪليم لاشاري ئي بچيا آهن ۽ هاڻي وري ڪجهه نوجوانن جو هن پاسي لاڙو ٿيو آهي، جيڪي تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهن. تحقيق جو ميدان انتهائي ڏکيو آهي، ڪا به تحقيق ڪرڻ لاءِ رت کي ولوڙڻو پئي ٿو، خاص طور تي قديم آثارن جي تحقيق آئون سمجهان ٿو، انتهائي ڪٺن ڪم آهي، ان ڏس ۾ محمد عثمان ميمڻ ۽ حاڪم علي شاهه بخاري پاران تيار ڪيل “سنڌ جي قديم آثارن جي ڊارئيڪٽري” ۽ بلوچستان جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري” جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو. هنن ڊارئيڪٽريز ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا تقريبن ماڳ مڪان اچي چُڪا آهن، اها تمام اعليٰ قسم جي تحقيق آهي. هن تحقيق جي روشنيءَ ۾ ماڳن مڪانن جي اهڙي ته ترتيبوار ڄاڻ ڏني وئي آهي، جو جاگرافيائي لحاظ کان کڻي ڏسجي ته ان جي ماپ، نقشو، ان جي خوبصورتي ۽ ان جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. هي اهڙي تحقيق آهي جو صبح جو اگر انهن آثارن جو نقشو به مٽجي وڃي، تڏهن به ان جي ڳولا آسان طريقي سان ڪري سگهجي ٿي، ڇو ته واضح ڄاڻايو ويو آهي ته فلاڻو ماڳ سنڌ جي گولي تي، زميني ۽ آسماني سطح تي هيتري سينٽي ميٽرن تي موجود آهي. اهڙيءَ طرح ڏکڻ ايشيا جي ٻولين ۽ لپين وارو سندس اعليٰ قسم جو ڪم آهي. هن ۾ ڏکڻ ايشيا جي سڀني ٻولين جو جائزو ورتو ويو آهي ۽ انهن ٻولين ۾ سنڌي ٻولي ڪٿي بيٺل آهي، هندڪو، پيراچين توڙي ٻين ٻولين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. هن قسم جي تحقيق هن کان پهرين شايد ئي ٿي هُجي! ان کان علاوه موسيقيءَ تي ’سنگيت سنسار‘ ۽ ’ڏيهي پرڏيهي ساز‘ پڻ اعليٰ قسم جي تحقيق آهن. هنن ۾ نه صرف سُرن جا نالا ڏنا ويا آهن، پر گائڪيءَ جا انداز، آلاپ، سُر، تال، لئه کان ويندي وقت به ٻڌايل آهي ته ڪهڙي راڳڻي ڪهڙي ٽائيم ڳائي سگهجي ٿي ۽ ڏيهي پرڏيهي ساز ۾ پڻ سنڌ کان علاوه ٻين ملڪن جي سازن جي مڪمل ڄاڻ ڏني وئي آهي. يا وري تعميراتي لغت جو جائزو وٺجي ته هي ڪم به ڪنهن مهارت کان گهٽ ڪونهي. هن ڪم ۾ به وڏي محنت ٿيل ڏسجي ٿي. مثال طور گنبذ لفظ جي ته اسان کي خبر آهي، پر ان جي مڪمل معلومات کان ڪي ٿورا ماڻهو واقف هوندا. اهڙيءَ طرح هر تحقيق ٻئي کان مٿاهين آهي. بئنڪاري ۽ واپار واري لغت به اعليٰ قسم جي تحقيق آهي. مجموعي طور تي اسان پنهنجي سونهن ساک سان چئي سگهون ٿا ته هي ڪم ڪنهن عام ماڻهوءَ جي وس جي ڳالھه ناهن، جيڪي ڪم هنن فقير صفت ماڻهن ڪري ڏيکاريا. هنن ڪمن تي اسان جي نوجوانن کي غور ڪرڻ گهرجي، اصولي ۽ اخلاقي قدرن کي ڏسجي ته هي ڪم اسان جي ادارن ۽ اسان جي نوجوانن جي ذميواري آهن، پر وري به شابس آهي، ههڙن فقير صفت ماڻهن کي جن عمر جي آخري گهڙين تائين به پنهنجي محنت ۽ جانفشانيءَ سان نڀائيندا رهيا، نه ته ان عمر جا ماڻهو ته بستري حوالي ٿي ويندا آهن.

آئون سمجهان ٿو ته اهو عشق آهي، جنهن هيڏو سارو ڪم ڪرايو. هي اهڙا موضوع آهن، جن تي ان انداز سان هن کان پهرين تحقيق ناهي ٿي سگهي، ان تي اڃا به تحقيق جي تمام گهڻي ضرورت آهي. ان کان علاوه سندس هڪ ٻيو پاسو جيڪو گهڻو ڀاري آهي، اُهو آهي (ڊرامو). محمد عثمان ميمڻ ڊرامي لکڻ جي شروعات ۱۹۷۵ع کان ڪئي. سندس پهريون ڊرامو ’پسي ڳاڙها گل‘ آهي، جيڪو هارون رند پي. ٽي. وي تي پهريون ڀيرو پروڊيوس ڪيو ۽ ٻيو ڊرامو ’چريو‘، جيڪو هارون رند پي. ٽي. وي تي پروڊيوس ڪيو. ان کانپوءِ پاڻ لڳاتار ۳۰ کن ڊراما پي. ٽي. وي لاءِ لکيا. جڏهن ڪي. ٽي. اين ۽ سنڌ ٽي وي کُليا ته ۲۰۰۵ع کان هن اُتي لکڻ شروع ڪيو، ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي تان نشر ٿيندڙ سندس ڊرامن بيحد مقبوليت ماڻي. ان کان علاوه سندس هڪ ڊرامو ’پاڻي مٿي جهوپڙا‘ ڪي. ٽي. اين طرفان منان عباسي منڇر جي پس منظر ۾ ڪيو جيڪو ٿيم توڙي ٻوليءَ جي لحاظ کان ڪي. ٽي. اين جي مُک سيريل شمار ٿئي ٿو. هن ڪي. ٽي ين تي ’حوا‘، ’آئينو‘ نالي سيريل کانسواءِ درجن کان مٿي ۵ ڊيز لکيا. سندس ۸۰ قسطن تي مشتمل سيريل ’روپ راڻي‘ جيڪا سنڌ جي محبتي ڪردار سونيتي ۽ ان دور جي سياسي عڪاسي ڪري ٿي. ساڳي وقت محمد عثمان سنڌ ٽي ويءَ تي به ڪافي لکيو. جن ۾ گهڻو ڪري سيريل ۽ ۵ ڊيز آهن. سيريل ۾ ’شانتي‘ سندس بهترين سيريل آهي، جيڪا اڌ کان مٿي ٿري زبان ۾ لکيل آهي. هيءَ پهرين سيريل آهي جنهن ۾ ڪردارن مقامي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو آهي، جيئن فلمن ۾ ڳالهايو ويندو آهي. امانت گل هن جا گيت ڪمپوز ڪيا ۽ مائي ڌائي انهن کي ڳايو آهي. هن کان اڳ سندس سيريل ’وارث‘ به بهترين ڊرامن ۾ شمار ٿئي ٿي. جيڪا ۶۰ قسطن تي مشتمل هئي. هيڏيون وڏيون مسلسل قسطون لکڻ ۽ انهن جو شاندار تسلسل بحال رکڻ ڪافي اوکو ڪم آهي، جيڪو پاڻ ذميداريءَ سان نڀائيو. ۵- ڊيز ۾ سندس ڊرامو گهڻو پسند ڪيو ويو، جيڪو سنڌ ٽي. وي تان هليو. هن نسيم کرل، اياز قادري، ڪرشن چندر کان سواءِ هندستان جي مرهٽي ۽ تيلگو زبانن جي ڪهاڻين کي سنڌي ويس ڏئي ڊراماٽائيز ڪيو.

سندس اڻڇپيل ڪتابن ۾: سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ڀاڱو ۲،) منڇر جي آبي جيوت، ڏکڻ ايشيا جا ناچ، جديد فلسفي جا باني، جيوڻيون (ٻه ڀاڱا) سنڌ ۽ سنڌو تهذيب جا ماڳ، جنهن ۾ ۲۰۰ ماڳن تي ڪم ٿيل آهي. ان کان علاوه سنڌ جي درگاهن تي به هڪ ڪتاب تيار ڪيل آهي.

سندس ڊراما نج پج اسان جي سماج جي عڪاسي ڪندڙ آهن، ڪردارن جي چونڊ به ڪمال جي آهي. هو ماڻهن جي اندر ۾ گهڙي سندن ڏکن دردن کي ڳولهي لهي ٿو. محمد عثمان ميمڻ پنهنجي سڄي زندگي جدوجهد ۾ گذاري، پاڻ بنيادي طور تي ڪميونسٽ سوچ رکندڙ ماڻهو هو، ان ڪري شروعاتي زندگي ڪميونسٽ لڏي سان گذري، پر جڏهن ڏٺائين ته سياست جو سج لهندو پيو وڃي ته آهستي آهستي سياست کان پاسيرو ٿيندو ويو ۽ مطالعي مشاهدي ۾ مشغول ٿيندو ويو، ان وچ ۾ کيس ڪيترائي ڀيرا مختلف ادارن ۾ نوڪرين جون آفرون به ٿيون، کيس ۱۹۷۴ع ۾ شيخ اياز سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر جي آڇ ڪئي ۽ ڀُٽي صاحب طرفان ڊپٽي ڊائريڪٽر آڊٽ ريلوي جي آڇ کي به ٺڪرائي ڇڏيائين پر هن فقير صفت ۽ آزاد سوچ رکندڙ انسان، غلاميءِ واري زندگي قبولڻ کان انڪار ڪيو، واقعي جنهن ماڻهو سڄي زندگي پنهنجي دل ۽ دماغ جي چوڻ تي ڪم ڪيو هجي، اهو ماڻهو ڪنهن جي ماتحت ڪيئن ٿو ڪم ڪري سگهي، اهڙيءَ طرح سائين محمد عثمان ميمڻ پنهنجي پوري زندگي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي خدمت ۾ گذاريندو رهيو ۽ ۲۰۰۹ع ۾ جڏهن سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ سيڪريٽري تاج جويي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي ته پاڻ خوش اسلوبيءَ سان قبول ڪيائين. ۽ باقاعدي ان ۾ محنت ۽ جفاڪشيءَ سان ڪم ڪري ۱۱ جلد ڇپائي لائق بڻايائين. ان وقت مون کي حيرت ٿي هئي ته هن ماڻهو ان نوڪريءَ لاءِ ’ها‘ ڪيئن ڪئي، پر پوءِ هڪ ڀيري پاڻ ٻڌايائين ته انسائيڪلويڊيا جو خواب منهنجو پراڻو هو ۽ ان جو ۱۹۹۲ع ۾ مون ڪجهه سِرا وغيره ٺاهي ڪم ڪيو هو، اهڙي ڪم جي آڇ کي آئون ڪيئن ٿو ٺڪرائي سگهان. ساڻس گڏ پهرئين جلد کان وٺي چوٿين جلد تائين مون ڪم ڪيو هو، ان دوران مون محسوس ڪيو ته سندس هن ڪم سان عشق آهي، پاڻ هن عشق ۾ اهڙو ته اَلوپ ٿيل هو، جو ڪڏهن ڪڏهن مون جھڙن دوستن کي به ڪم ڪار جي حوالي سان بخش ڪونه ڪندو هو، ۽ سائينءَ جو اهڙو رَويو شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترن ئي دوستن کي ناگوار به لڳندو هو، پر آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته سندس اهو رويو ڊڪٽيٽراڻو هرگز نه هو، ان رويي ۾ پڻ محبت ۽ سندس ڪميٽڊ هئڻ جي شاهدي ملي ٿي، هونئن به ڪنهن ذميوار سيٽ تي ويهجي ٿو ته ڪيترن ئي دوستن جون رنجشون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون. عثمان صاحب جي زندگيءَ جو گهڻو عرصو استاد بخاريءَ سان گذريو، ان بعد جڏهن سائين حاڪم علي شاھ بخاريءَ سان سِڪ جو سڳڙو ٻڌو ته ’مون ۾ آهين تون‘ بڻجي ويا. چوويھه ڪلاڪ گڏ، اڄ تائين جيترا به ڪتاب ڇپيا آهن، انهن ۾ به ٻئي گڏ، ائين کڻي چئجي ته هنن جا جسم ٻه ۽ رُوح هڪ اٿن ۽ جڏهن حاڪم علي شاهه بخاري هي جھان ڇڏيو ته پاڻ به ڄڻ ته ويڳاڻو ٿي ويو هو ۽ گهڻو عرصو زنده رهي نه سگهيو، هُن پار وڃي ساڻس ساٿ ۾ سلهاڙيو.

ان کان علاوه پاڻ، سائين جي ايم سيد، شيخ اياز، نظير عباسي، نياز همايوني، عبدالواحد آريسر، انور پيرزادي، بدر ابڙي، اشتياق انصاريءَ سان به انتهائي ويجهو رهيو. اميد ته سنڌ جو ايندڙ نسل هنن ماڻهن جو قدر ڪندي، سندس اڌ ۾ ڇڏيل ڪم کي اڳتي کڻي فخر سان چوندا ته اسان جا وڏا ايڏا ته مهذب هئا، جو هنن پنهنجي ورثن کي به دنيا ۾ اُجاگر ڪيو، جو اڄ اسين پوري دنيا ۾ فخر وچان ڳاٽ اوچو ڪري جيئون پيا، سنڌ جي هن املهه ماڻڪ ڪجهه عرصو بيماريءَ سان جهيڙيندي ۸ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي هيءُ جھان ڇڏيو، کيس سوين آلين اکين سان پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

عثمان صاحب پونئيرن ۾ ٻه پُٽ احسان ۽ رضوان ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ڇڏيو.

 

(هند واسي مئگزين ۾ آرتوار ۸ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



محمد عثمان ميمڻ

ويو وڻجارو اوهري

احسان احمد ميمڻ

اسان جي سماج ۾ پيءُ بابت جيڪي ڪجهه ٻڌايو ويندو آهي يا اسين مٽن مائٽن خاص طور تي دوستن کان ننڍپڻ کان ٻڌندا آيا آهيون، بابا محمد عثمان ميمڻ قطعي اهڙو پيءُ نه هو. هُو هميشه هڪ دوست، استاد، پوءِ پيءُ هو. اهو ته سندس زندگيءَ جو ذاتي پهلو آهي. ڇاڪاڻ ته زندگيءَ جي اُن حصي ۾ بابا سان تمام گهڻو ويجهو رهيس، جڏهن بابا پنهنجو هر لمحو تحقيق، ادب، ڊراما لکڻ ۽ يوگا کي ڏنو، بابا سان ڪيل ڪمن ۽ هلندڙ تحقيقن بابت منهنجون اڪثر ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون، تنهنڪري منهنجو شوق هوندو هو ته مان بابا جا ايتري محنت سان ڪيل ڪم مڪمل ٿيندي ڏسان. جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي، تڏهن کان بابا کي ڪم ۽ ڪم ڪندي ڏٺو آهي، مون کي ياد آهي ته بابا وٽ هڪ نيري رنگ جي ڊائري هوندي هئي، جيڪا هو جڏهن به کڻندو هو ته اُنهيءَ رات اسان جي گهر ۾ اُستاد بخاري ۽ ٻين شاعرن جو ذڪر ٿيندو هو. اُنهن ڏينهن ۾ بابا جو پي ٽي ويءَ تي ڪو پروگرام به هلندو هو، جيڪو اسان شديد انتظار کان پوءِ گهر جا سڀئي ڀاتي گڏجي ڏسندا هئاسين، ڇاڪاڻ ته انهيءَ دور ۾ فقط پي ٽي وي چئنل هوندو هو، جيڪو مخصوص ٽائيم لاءِ هلندو هو.

بابا جو شاعريءَ سان تعلق ته شايد ننڍپڻ کان هو پر سندس شاعريءَ ۾ اُستاد ‘استاد بخاري’ هو، اسان جي گهراڻي جو اُستاد بخاريءَ جي گهر سان خبر نه آهي ڪڏهن کان تعلق جُڙيو، پر بابا ٻڌائيندو هو ته رضوان (منهنجو وڏو ڀاءُ) جو نالو اُستاد بخاري جي امڙ رکيو. اُستاد بخاريءَ سان سندس آڊيو گائڪيءَ جون ڪيسيٽون اڄ به اسان جي گهر ۾ موجود آهن، جن ۾ اُستاد بخاري، سيد حاڪم علي شاهه بخاري، بابا ۽ منظور سخيراڻي وغيره جا آواز موجود آهن. بابا جو مختلف شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق نه فقط ادبي هو پر عملي زندگيءَ ۾ به اُن جو اثر تمام گهڻو هو، اُن جو سبب شايد بابا ننڍپڻ کان ئي پنهنجي زندگي مختلف حالتن ۾ گذاري هئي.

بابا ڳالهه ڪندو هو ته سندس والد ٺيڪيدار هو، جيڪو جيلن ۽ آڪٽراءِ جا ٺيڪا کڻندو هو، اسان جو ڏاڏو محمد بچل ميمڻ ديني لڏي سان گڏوگڏ صوفي لڏي جو به ماڻهو هو، جنهن سبب بابا جي ڄمڻ کان پوءِ ٻن سالن جي عرصي دوران هو اوچتو ڪنهن پاسي هليو ويو، جنهن ڪري اسان جي ڏاڏيءَ کي مالي معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پئي، جنهن ۾ جنڊ تي اٽو پيهي ڏيڻ، مرچ ڪُٽي ڏيڻ، هٿ واريون سَيون ٺاهي ڏيڻ، پاپڙ ٺاهڻ وغيره شامل آهي. بابا کي ستن اٺن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ گهرو ذميدارين سان منهن ڏيڻو پيو، جنهن لاءِ ڏاڏيءَ کيس ڪڏهن پاپڙ ٺاهي وڪڻڻ لاءِ ڏيندي هئي ته ڪڏهن ڇولا کپائڻ لاءِ ڏيندي هئي، جيڪي هو پيرين اُگهاڙي هڪ ڪڇي ۽ گنجيءَ ۾ بازارن، بس اسٽينڊن ۽ اسٽيشن تي کپائي ايندو هو، کيس ٻالڪپڻ کان پڙهائيءَ سان تمام گهڻو لڳاءُ هو، تنهنڪري کيس، ڪنهن وڏڙي ‘دارالفيوض’ مدرسي دادو ۾ پڙهائي لاءِ ڇڏيو هو، جتي هو ديني تعليم سان گڏوگڏ دنياوي تعليم پڻ حاصل ڪندو هو. اسان جي ڏاڏي بوبڪن جي ٿيٻياڻي هئي، سندس والد جو تعلق به بوبڪن سان هيو، پر اُهي پهرين ئي لڏي دادو اچي چڪا هئا. بابا ٻڌائيندو هو ته سندس والد تقريبن ڇهن سالن کان پوءِ جڏهن واپس موٽيو هو ته، اسان مان ڪنهن ۾ به همٿ نه هئي ته کانئس پڇا ڪريون ته ڪيڏانهن ويو هو. ڏاڏا جي واپس موٽڻ کان پوءِ گهر جا مالي حالتون بهتر ٿيون، جنهن کان پوءِ بابا وڌيڪ تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي.

پاڻ فن جي دنيا ۾ ننڍپڻ کان ئي پير پاتائين، جنهن ۾ اسٽيج ڊرامن، اسٽيج ڊانس پروگرامن، شاعريءَ جي مقابلن ۽ ادبي دنيا ۾ حصو وٺڻ شامل آهي. ۱۹۷۵ع تائين ته پاڻ ٻين شين ۾ بنا ڪنهن پريشانيءَ جي اڳڀرو رهيو، پر پوءِ ڏاڏا جي وفات کان پوءِ کيس تمام گهڻين پريشانين ۽ تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو، ڇاڪاڻ ته ڏاڏا سائين ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو، جنهن ڪري وِرثي ۾ سندس اهو ڌنڌو مليو ۽ اُن سان لاڳاپيل ٻيا مسئلا ۽ قرض به مليا، جيڪي پاڻ نهايت بردباريءَ سان پنهنجي انجام تائين پهچايا ۽ پاڻ به اُنهيءَ ڪم ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيائين، جنهن مان ان دور ۾ پاڻ تقريبن ۳۰۰ ايڪڙ زمين ڪچي ۾ ۽ تقريبن ۲۲ ايڪڙ زمين دادو شهر جي ويجهو خريد ڪئي، پر اُن ڪم کي اُن ڪري ڇڏيائين ته اُنهيءَ ڪم ۾ بيماني جي شروعات ٿي چڪي هئي، تنهن لاءِ ٺيڪيداري ڇڏي پنهنجي ڀاءُ جي نالي سان ريلوي اسپتال دادو جي سامهون منظور ميڊيڪل اسٽور کوليائين، جنهن جو کيس ڪو به تجربو نه هو پر محنت ۽ لگن سبب اُهو ڪافي ڪارآمد ثابت ٿيو. اُنهيءَ عرصي دوران پاڻ “چمبر آف ڪامرس” جو جنرل سيڪريٽري به رهيو ۽ اُهي ذميواريون به ۲۰۰۸ع تائين بخوبي انجام ڏيندو رهيو. بابا پريس ڪلب دادو جو پائيونر ميمبر پڻ رهيو. پريس ڪلب جا شروعاتي رولز ٺاهڻ ۾ به سندس وڏو ڪردار هو. پاڻ کي صحافت جي دنيا ۾ به مڃايائين.

مون کي ياد آهي ته ۹۰ع جي ڏهاڪي ۾ هڪ ڀيري بابا سان ملڻ وفا ناٿن شاهي آيو هو ۽ بابا جي طبيعت تمام گهڻي خراب هئي، دروازو مون کوليو هو، وفا ناٿن شاهي چيو هو ته، عثمان کي سڏ ڪيو، مون جواب ڏنو ته بابا گهر ۾ موجود نه آهي، جنهن کان پوءِ هو هليو ويو. پوءِ مون بابا کي اها ڳالهه ٻڌائي، جنهن تي بابا سخت ناراض ٿيو، اُن وقت مون کي اها خبر نه هوندي هئي ته وفا ناٿن شاهي ڪير آهي، نواز رُڪڻائي ڪير آهي يا ٻيا شاعر اديب اُنهن جي ڇا حيثيت آهي. ڇاڪاڻ ته بابا وٽ اديب، شاعر، اداڪار ۽ ٻيا ڪافي ماڻهو ملڻ ايندا رهندا هئا. بابا پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهڻا ڌنڌا ڪيا، جنهن ۾ ميڊيڪل اسٽور، سون ۽ چانديءَ جو واپار، لوهه جو واپار، ڪمپيوٽر جو واپار، پرنٽنگ پريس، پيپر ۽ اُن سان لاڳاپيل سامان جو واپار شامل آهن.

بابا سان منهنجي اٽيچمينٽ تقريبن ۱۵ سالن جي عمر کان تمام گهڻي رهي، ڇاڪاڻ ته بابا کي پهريون ڀيرو سن ۲۰۰۰ع ۾ دل جو دورو پيو، جنهن منهنجي ذهني ڪيفيت تي تمام گهڻو اثر وڌو ۽ سندس علاج جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي مان ئي گڏ ويندو هئس، انهيءَ عرصي دوران تقريبن ۲۰۰۸ع تائين اسان جي خاندان تمام گهڻو مالي بحران کي منهن ڏنو. پر انهن اٺن سالن دوران بابا پنهنجي تحقيق جنهن ۾، ڏکڻ ايشيا جي ٻولين جي ڊائريڪٽري، ڏيهي پرڏيهي ساز، ڪامرس ۽ بئنڪنگ جي ڊڪشنري ۽ ٻين تحقيقي ڪمن کان سواءِ ڊراما لکڻ کي ترجيح ڏيندو هو، ڇاڪاڻ ته ڊرامن ذريعي اسان جي گهر ۾ ڪجهه آمدني ايندي هئي. سال ۲۰۰۹ع دوران بابا کي ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ تاج جويي پاران سندس ڪيل تحقيقن کان متاثر ٿيندي، آڇ ڏني ته اوهان اچي اداري جي اسڪيم ‘انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا’ سنڀاليو، ۽ کيس اسڪيم جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. انهيءَ عرصي دوران بابا پنهنجي وجود کي وساري ڏينهن رات محنت ڪندي، ۲۰۱۹ع تائين اٿارٽيءَ کي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جا ۱۲ جلد مڪمل ڪري ڏنا ۽ تيرهون جلد به سهيڙي ڏنو. ان کان سواءِ بابا ٻين فنن جو به ماهر هو، جنهن ۾ گائڪي، بانسري وڄائڻ، هارمونيم وڄائڻ، سائيڪالاجي سبجيڪٽ جي ڄاڻ ۽ پاڻ يوگا جو به ماهر هو. يوگا ۽ سازن تي بابا جو ڪافي ڪم به ٿيل آهي، جنهن کي جلدي ترتيب ڏيئي آئون ڇپرائيندس. ڇاڪاڻ ته بابا ڪمپيوٽر هلائڻ جو به بهترين ڄاڻو هو، جنهن لاءِ سنڌي ڪمپوزنگ، انٽرنيٽ تي ريسرچ ڪرڻ ۽ سندس موجود لائبريري مان تمام سٺي تحقيق ڪيائين، جنهن جي نتيجي ۾ هُن ڪافي ڪتابن تي ڪم ڪيو، جن مان ڪجهه ڪتابن کي آئون ترتيب ڏئي مڪمل ڪري چڪو آهيان. جيڪي جلدي ثقافت کاتي يا ٻين ادبي ادارن سان رابطو ڪري ڇپرايا ويندا. ڪتابن ۾ (۱) “جيوڻيون” جيڪو پنجن بابن ۽ ٻن جلدن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ادبي، سياسي، سماجي ۽ ميڊيا جي دنيا سان لاڳاپيل شخصيتن جا خاڪا لکيا ويا آهن. (۲) “آثار قديمه” (۳) “سنڌ ۽ سنڌو تهذيب جون کوٽائيون” ۽ (۴) سندس شاعري جو مجموعو پڻ شامل آهن. بابا جي بھادريءَ جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن آخري ڏهاڙن ۾ کيس ڊاڪٽرن ٻڌايو ته اوهان کي ڪينسر آهي، پر اوهان جي صحت اهڙي نه آهي جو اسان ٽيسٽ ذريعي پڪ ڪري سگهون، پر بابا سائين ان تي ذرو به مايوس نه ٿيو ۽ انهي دوران پنهنجي رهيل ڪمن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. اُنهيءَ بيماري دوران بابا ڪافي ڀيرا حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي اسپتالن ۾ وقت بوقت داخل ٿيندو رهيو، جنهن ۾ منهنجي پرين پيارن دوستن منهنجو تمام گهڻو ساٿ ڏنو.

بابا پنهنجي مزاج ۾ تمام سادو ۽ نيڪ نيت انسان هو. هميشه انهيءَ ڳالهه جو خيال رکندو هو ته هن کان ڪنهن ٻئي کي تڪليف نه اچي، پنهنجي سموري زندگي پنهنجي دل جي ڏڍ تي گذاريائين ۽ ڪڏهن به ڪنهن جو محتاج نه ٿيو. بابا هن صديءَ جو اُهو منفرد ليکڪ آهي، جنهن اڻڳڻين موضوعن تي ڪم ڪيو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۸ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

محمد عثمان ميمڻ

نياز مسرور بدوي

”خوشبو، جيڪا هوا جي پرن تي هسوار هوندي آهي“

خوشبو ڇا هوندي آهي، تنهن جو تعارف ڪرائڻ ڪجھه عجيب لڳي ٿو. سچ اهو آهي ته خوشبو، پاڻ پنهنجو تعارف ڪرائيندي آهي ۽ اها ڪنهن به رسمي لفظن جي محتاج نه هوندي آهي. اها ته هوا جي پرن تي سوار ٿي، هڪ ماڳ کان ٻئي ماڳ ڏانهن سفر ڪندي، ماحول کي هٻڪاريندي، ذهن جي چمن ۾ ٽڙيل گلن کي پنهنجي خوشبوسان وڌيڪ معطر ڪندي، روحن جي پاتالن ۾پيهي ويندي آهي. جنهن جي ڪوملتا ۾ گيت، نظم، غزل، وايون، سرجنديون آهن ۽ ان حسن جون اڻ ڏٺل تصويرون، عاشقن جي آڏو پيش ٿينديون آهن، جيڪي سندن تن بدن ۾ هڪ آڳ روشن ڪنديون آهن. ان روشن آڳ ۾، سندن ذهن جي نيرنگين ۾ اهي لطيف هٻڪارون، سندن وجود کي ڀاڪر ۾ ڀري، انهن ماڳن جا نشان ڏيکارينديون آهن، جيڪي سندن ۾ روحن ۾ مهرون بڻجي، اکين جي ماڻڪين جيان تاحيات زندهه رهنديون آهن.

علم به هڪ اهڙي خوشبو آهي، جنهن جو ڪوئي ڇيهه نه آهي. علم انسانن جي تقدير جو اهو وجدان آهي، جيڪو انساني نسل جي ارتقا جو ورثو آهي، اهو قدرت جي طرفان کين عطيي طور عنايت ٿيو آهي. انهيءَ عنايت جي سخا ڪرڻ هر علم واري جو شيوو رهيو آهي. اها علم جي خوشبوءِ صدين جو سفر طئي ڪري اسان تائين پهتي آهي ۽ جيئن جيئن انساني نسل پنهنجي علم جي آبياري، پنهنجن وڏڙن ڇڏيل علم جي آڌار تي ڪندو رهندو ۽ انهيءَ گلستان ۾ نوان گل ٻوٽا پيوندي ڪري، نوان اهڃاڻ ۽ نوان نشان جوڙي، ڪجھه پراڻين ۽ ڪجھه پنهنجن نون تجربن جي آڌار تي تخليق ڪيل خوشبوئن جي امتزاج سان نيون نيون خوشبوئن سان، هن جهان ۾ خوشبوئن جو ڦهلاءُ ڪندو رهندو آهي. ته ڪي وري دفن ٿي ويل خوشبوئن جي ڳولا ۾ سرگردان رهندا آهن. اهائي جستجو، کين پنهنجي دور جو لافاني ۽ املهه ڪردار بڻائي ڇڏيندي آهي. اهي جوت جيان جرڪندڙ انسان، موت جي وادين جو سير ڪرڻ جي باوجود، دنيائي سلطنت جا اها سيلاني هوندا آهن، جن جو علم کين دنيا جي ڌرتيءَ تي زندهه رکندو آهي. هي اهي دورويش صفت انسان هوندا آهن، جيڪي مرڻ کان اڳ مرڻ جو مشاهدو ماڻي امر ٿي ويندا آهن. جن کي موت به شڪست نه ڏئي سگھندو آهي.

اهڙن ڌرتي ڌڻين مان محمد عثمان ميمڻ به هڪ هو، جنهن کي پنهنجي قوم جو جياپو گھربو هو، هن پنهنجي قوم جو جياپو علم ادب ۾ ڳوليو هو، پنهنجي قوم کي، ماضي جي گم ٿيل نشانن ذريعي، سندن خوشحاليءَ جا گيت ٻڌايا، سندن عظمت جا اهڃاڻ ڳولي، کين عظيم بڻجڻ جي واٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي. فنا ٿيل اهي ماڳ ظاهر ڪيا، جيڪي لافاني آهن ۽ قوم جي عظمت رفته جا اهي قصا اڄ به پنهجو ڳاٽ اوچو ڪيون، زندهه جاويد آهن.

بظاهر ته سندس اها پتوڙ زندگيءَ جي آخري ساهن تائين جاري رهي.ان ۾ ڪيتري ڪاميابي ماڻي آهي، تنهن جو ڪجھه ڪاٿو، علم دوست احبابن جا لکيل اهي دل جا آئينا آهن، جن هڪ ڪتابي صورت 'منڇر جوماڻهو محمدعثمان ميمڻ' اختيارڪري.اسان جي نوري نظر جي روبرو ٿيو آهي ۽ علم جون اهي روشن ڏياٽيون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جن جي روشني، ذهن جي ويران اڱڻن کي جِلا بخشيندي آهي.

سندس لائق فرزند احسان احمد ميمڻ، پنهنجي والد جي ورثي کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ۽ سندس ساٿين ۽ دل گھرين دوستن جي خيالن کي سهيڙي ڪري هڪ ڪتابي صورت ڏني آهي، جنهن ۾ محمد عثمان ميمڻ جي ادبي، علمي ڪارگزارين سان گڏ دوستيءَ جي ڀرم جا اڻ لکيا داستان به ٻڌايا آهن، ۽ زندگيءَ جي رهگذر ۾ جيڪا ڪشالا ڪاٽيا آهن، تن جي وچور نهايت سچائي سان پيش ڪئي آهي. سندس انهن دردن کي اهي سمجھي سگھن ٿا، جن جون دليون درد آشنا هونديون آهن ۽ دل جي ديد واري اک روشن هوندي آهي. اهي درد دل وارن جا زيب ۽ زينت هوندا آهن.

ها سچ پچ 'منڇر جو ماڻهو محمد عثمان ميمڻ' هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ اهي مڻيا پوئيا ويا آهن، جن سان هڪ اهڙي شخصيت جو خاڪو جڙي ٿو، جيڪو سراپا نمرتا ۽ انڪساريءَ جو پيڪر هو. هڪ اهڙو ودوان، جنهن جي علم جو احاطو ڪرڻ ممڪن ته نه آهي، پر ان جي هڪ مختصر جھلڪ ضرور ڏيکاري وئي آهي، جنهن جي پڙهڻ کان پوءِ اها راءِ رکڻ جي ضرورت نه ٿي پيش ته هو ڪيڏو وڏو اديب ۽ ادب نواز هو. ڇو ته هي هڪ اهڙو تت بيان ڪري ٿو، جيڪو اسان کي چڱيءَ ريت اهو چتائي ٿو ته محمد عثمان ميمڻ علم جو اهو وڻجارو هو، جنهن علم جي مختلف گلن جو واس ورتو، انهن خوشبوئن جي ميلاپ سان، نئين خوشبوئن کي جيون دان ڏنو آهي. ۽ لفظن کي عطر سان هٻڪاري، انهن لفظن کي مالها ۾ پوئي، اهڙين ته خوشبوئن جا اڻ ڇهيل احساس اجاگر ڪيا آهن، جن کان سنڌي علم ادب ڪنهن حد تائين اڻ مانوس رهيو هو، پر هاڻي اهي عطر دبيز خوشبوئن سان سنڌ ڌرتي واسجي وئي آهي، پر اهي عطر آڇيندڙ آهستي آهستي موڪلائيندا پيا وڃن، پر سندن لفظن جي خوشبوءِ سدا زندهه رهندي ۽ هوائڻ کي هٻڪاريندي رهندي.

'منڇر جو ماڻهو محمد عثمان ميمڻ' ڪتاب ۾ مذڪوره شخصيت کي لفظن جا گل ارپيا ويا آهن، جن جي سڳنڌ پڙهڻ کان پوءِ محسوس ڪري سگھجي. سچ اهو آهي ته اهو 'منڇر جو ماڻهو محمد عثمان ميمڻ' جي پيار جو پورهيو ۽ ونڊ آهي، جنهن انهن لکارين جي من تي پنهنجا پيار جا اڻ ميا نشان نقش ڪيا آهن، انهن نقش ۽ نگارن نه فقط پراڻن جوڳين کي پنهنجي خلوص ۾ منڊيو، پر نوجوانن کي به لفظن جا گيت ٻڌائڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي. انهن ادبي سامين ۾ مدد علي سنڌي ۽ تاج جويي جهڙيون سدا بهار ادبي شخصيتون شامل آهن ته ان سان گڏ سنڌي ادب جو پارکو، ذهين، حاضر دماغ ۽ برجستو نوجوان علي نواز آريسر ۽ بردبار ۽ ماٺيڻو سڀاءُ رکندڙ شوڪت چاچڙ به محمد عثمان ميمڻ جي ثنا ۽ ساراهه ۾ پوئتي نه رهيا آهن.

محمد عثمان ميمڻ جا مڪمل ڪتاب ته نظر ۾ نه گذريا آهن، پر جيڪا وچور ڪتاب ۾ شامل آهي، اها نهايت شاندار آهي. ڪتاب ۾ موجود ٻن ڪتابن جا مهاڳ ”ڏيهي پرڏيهي ساز“ ۽ بلوچستان جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري“ پڙهڻ کان پوءِ مڪمل ڪتاب پڙهڻ جو اشتياق ڪاريهر جيان ڪَرُ کڻي بيٺو آهي ۽ مهاڳ جي مرليءَ جو سوز ٻڌڻ سان ئي لهرون پيون هڻي.

محمد عثمان ميمڻ جي شاعريءَ جو جيستائين تعلق آهي ته ان ۾ به نهايت سادگيءَ آهي. ڇو ته جيڪي شاعري جا اسم مذڪوره ڪتاب ۾ موتين جيان جرڪن پيا، تن تي جيڪڏهن راءِ زني ڪبي ته اها اِها آهي ته محمد عثمان ميمڻ جي شاعريءَ ۾ ڪٿي ڪٿي اهڙا خيال به ملن ٿا، جن مان اها واضح ٿئي ٿي ته هو پنهنجي دور جي سرجڻهارن کان متاثر ٿيو آهي. اهو عمل فطري آهي ته هر دور جو شاعر پنهنجي پنهنجي يا پاڻ کان اڳ وارن شاعرن کان متاثر ٿيندو آهي ۽ ٿيندو رهندو.

محمد عثمان ميمڻ جي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جو درد جاڳندو نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته وٽس سڀني خوشبوئن کان اتم خوشبو، مٽيءَ جي مهڪ آهي، جيڪا سندس سرير ۾ هردم جاڳيل جاڳيل محسوس ٿئي ٿي. هڪ اهڙي چنتا، جنهن ۾ سورن جو دارون دوا موجود آهي، پر اسان جا بيمار ذهن، ان درد جي دارون کي سمجھڻ کان نابري واري ويٺا آهن. پر جن جي دلين ۾ درد جاڳندو آهي، اهي ڪڏهن به سک سان ستا نه آهن.

جرنيل هوشوءَ جي ماٺي مزار،

ستل قوم جي ننڊ جو آهي يادگار

 

(نياز مسرور بدوي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۴ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)


 

عثمان ميمڻ

جيون ماڪ ڦڙو

نصير مرزا

ڪيڏو کلڻو، مِلڻو، چَھڪڻو، ٻَھڪڻو هو، اسان جو هي يار، محمد عثمان ميمڻ، ساڻس جنھن وقت منھنجي غائبانه ادبي واقفيت ٿي، اُن وقت هُو پاڻ کي سڏائيندو ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندڙ پنھنجي تحريرن جي مٿان نالو لکندو هو. ’عثمان بيخود!‘ سو هتي ڇو نه لکان ته ان دؤر ۾ وري منھنجو به تخلص هوندو هو. ’شاد‘.... ۽ هڪ ئي صفحي تي اسان جا شعر آمھون سامھون شايع ٿيندا هئا.

عثمان بيخود- نصير’ شاد‘!

ياد اٿم! هي عثمان ڪيڏو نه عمده ۽ ’پخته شاعر‘... ڇا نظم، وائي، گيت، غزل، هائيڪا ۽ هر صنف لکڻ تي هن کي مھارت حاصل هئي. تڏهن هِتان هُتان پڇا به شروع ڪيم، بابا هي ڪير مڙس جناب عثمان بيخود؟ ۽ نھايت جلد خبر پيئي پاڻ جادوءَ ڀريي دادو شھر جي مٽي آهي ۽ هي عجب ئي ته ڪرشمو آهي، دادوءَ جي مٽيءَ ۾... ڏسڻ ۾ ته اها خشڪ ۽ پھاڙ ئي پھاڙ، پر ان مٽيءَ مان ڇا ته سرسبز سَلا منھنجي اکين جي آڏو ايندا رهيا.... عظيم شاعر استاد بخاري سائين، پوءِ پيارو نور گهلو، عزيزم، اطھر منگي، بيحد سٺو ڪهاڻيڪار فاروق سولنگي، ٻاراڻي ادب جي حوالي سان نشانبر منھنجو گهاٽو گھرو يار، اڪبر جسڪاڻي . پيارو عثمان بيخود ۽ وڏي ڳالهه، ته جان جگر، زبردست چترڪار فتاح هاليپوٽو يعني ڪھاڻيڪار ۽ نثري نظم جو شاعر، شرجيل، اجهو هي آئون اِها ۱۹۷۳-۷۴ جي ڪھاڻي ڇيڙيو ويٺو آهيان. جڏهن گاڏي کاته حيدرآباد ۾ منھنجي سائين نثار حسينيءَ ڇپائي جو بھترين ادارو قائم ڪيو. ”آگم پبلشنگ ايجنسي،“ جيڪو عبرت اخبار ڏانھن وٺي ويندڙ رستي تي، بخش علي گهٽيءَ اندر قاضي منزل جي هڪ مسواڙي کوليءَ ۾ کوليو ويو هو. هاڻي ڇا عرض ڪريان، آئون سائين نثار حسينيءَ جو نورِ نظر هوس يا ائين سمجهو ته هُو منھنجا گُرو رجنيش هو ۽ آئون سندن چيلو چپاڙو يا ٻين لفظن ۾ ”پرنس آف آگم پبلشنگ ايجنسي.“ اِها منھنجي ڇوڪراڻي وهي هئي ۽ اتي ڏسندو هوس، ڪھڙا ڪھڙا نه ناميارا ۽ نو آموز ليکڪ قطار در قطار اُتي ايندا رهندا هئا.... تڏهن هڪ ڏينھن ڇا ڏسان اهڙي ريلي، ميلي جهميلي ۾، فاروق سولنگيءَ سان گڏ هي چھڪڻو، ٻھڪڻو ۽ سانورو بانورو نوجوان به ساڻ هو، جنھن ڳالهه ڳالهه تي بي خوديءَ سان بي اختيار ٽھڪ ٿي ڏنا ۽ گڏوگڏ ٽين جي اندر رٻڙ لڳل دٻڙيءَ مان انڊين پتي واريون ٻيڙيون ڪڍي ڌما ڌم پيتيون پئي. اڙي بابا، هي دُونھان دار نوجوان دوست ڪير؟ خبر پيئي، دادوءَ جي جادوگر مٽيءَ وارو عمده ۽ پخته شاعر عثمان بيخود، اِهو ئي ته آهي ۽ بس ان ڏينھن کان اسان پاڻ ۾ پڪا کڻي نه، پر ڪچا ئي سھي سنگتي ضرور ٿي ويا هئاسين ۽ پوءِ ته جتي جتي ملندا هئاسين، خاص ڪري ٽريننگ ڪاليج فارمئن جي رهائشي هاسٽل ۾، جتي اسان جو محبوب دوست چترڪار فتاح هاليپوٽو رهندو هو ۽ چانھه چانھه جي ڪوپ تي ٻيا ٻين سان پر آئون وري عثمان سان، ٺاشن ماشن ۾ مصروف ٿي ويندو هوس جو ڳالهين جو ڳهير هُو به، ته آئون به! اجهو جيئن هي عثمان حيدرآباد جي رستن تي سيرسپاٽن جو عاشق هو، هيڏانهن آئون به ساڳئي شوق ۾ مبتلا هوس، تڏهن عثمان کي مون اڪثر گاڏي کاتي ۾ مٽر گشت ڪندي ڏٺو ۽ ڇا ڏسان، ڪڏهن علي بابا، هُن سان ڀيچي ته ڪڏهن وري مدد علي سنڌي ۽ شوڪت حُسين شوري سان هُو ساڻ ساڻ. ياد آيم حيدرچوڪ لڳ هي جيڪو مشهور ڊراءِ ڪلينر جو شاپ ، جتي ان جي ڀرسان ڪا ٻاڪڙا هوٽل، عثمان مون کي اُتي به ڪن قاضي هڪ جيڏن يارن جي منڊلي ۾ چانهه چانهه جي ڪوپ تي نظر اچي ويندو هو. تڏهن خبر پئي پاڻ سنڌي ادبي بورڊ پاران ملندڙ ڪتابن جا پروف پڙهڻ واري ڪم تي مامور آهي، پوءِ اڏامندي اُڏامندي خبر پهتي، پيارو عثمان ننڍن ننڍن ٺيڪن جو ٺيڪيدار بڻجي ويو آهي ۽ ايترو ته خوشحال ٿي ويو آهي جو پَن جي ٻيڙي ڇڏي ڪئپٽن يا گولڊ فليٽ سگريٽ ڇڪڻ لڳو آهي، تڏهن گڏوگڏ، ماهوار ’سوجهري‘ ۽ ’سهڻي‘ رسالي ۾ به هُن جا ڪيڏا نه سٺا سٺا شعر شايع ٿيندا رهيا، سبحان الله.. ’سوجهرو‘ ۾ سندس هن وائيءَ ته مون کي ڏاڍو ئي موهيو ۽ ڇا ته ان ۾ لهر لهر رواني ان جا هي شاه بند ته اڄ به مون کي ياد... هي پڙهي ڏسو:

لهر لهر ۾، انت بحر ۾

جيون ماڪَ ڦڙو

جيئڻو آهي، پيئڻو پوندو

توڙي آهي ڪڙو!

ڪير ٿو ڄاڻي ڇا هي سڀاڻي

اڄ جي لاءِ لڙو.

ان ڏس ۾ ، سرجيل سندس هي هائيڪو به ڏسو:

سونا سونا سنگ

پوءِ به پنهنجي ڀونگيءَ ۾

اڌ اگهاڙا انگ.

ياد اٿم ته ۱۹۷۴ ڌاري، عثمان پڪي قلعي حيدرآباد ۾ يارن سان گڏجي، اتي موجود هوشو شهيد جي قبر ڏسڻ ويو هو. تڏهن اتان موٽيو ته هُن تي اهڙو ته الهام لٿو جو، ان قبر جي مشاهدي، بابت باڪمال نظم لکي ورتائين. اهو نظم ايترو ته ڀلو آهي جو سڄ پڇو، آئون اُن نظم کي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل چند خوبصورت نظمن مان هڪ سمجهندو آهيان. جنهن جو عنوان پياري عثمان تجويز ڪيو هو: ”هوشوءَ جي مزار.“ ياد آيم، اِها اسيءَ واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي ۽ ان بعد وقت ڪيڏو نه تيزي سان گذري ويو.... آگم پبلشنگ ايجنسي بند ٿي وئي، سائين نثار، زيب نظاماڻيءَ سان پيار جو پرڻو ڪيو ۽ پوءِ آخر دنيا مان ئي هليو ويو. گڏوگڏ در قطار دادوءَ وارن يار مان قمر سومري، فاروق سولنگيءَ پوءِ نور گهلوءَ به رخصت اختيار ڪئي. فتاح هاليپوٽي صاحب ريٽائرمينٽ ورتي ۽ آئون مڪمل ريڊيو حيدرآباد جي حوالي ٿي ويس. تڏهن هڪ ڏينهن ڪنهن پروگرام جي رڪارڊنگ ۾ مصروف هوس،ته ڇا ڏسان،،،، پويان کان آواز ٻڌم اسلام عليڪم ۽ پوءِ اهو ئي پراڻو ٽهڪ. مڙي ڏٺم ته منهنجو اهو ئي چهڪڻو ٻهڪڻو يار بيٺو هو. عثمان ميمڻ ! ۽ ان سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي گڏ موجود عينڪ ۽ ننڍي قد سان محترم هستي ناميارو آرڪيالاجسٽ ۽ ميوزيڪالاجسٽ، سائين حاڪم علي شاهه بخاري، برادر سائين استاد بخاري، پوءِ چانهه چانهه جي ڪوپ تي آفيس ۾ هلي ويٺاسين، ته خبر پئي پاڻ ٻه ڪتاب ”سنگيت سنسار“ ۽ ”سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري“ جوڙي رهيا آهن ۽ ان ڏس ۾ سنڌ جي سازن، سازڪارن ۽ رثائي ادب جي صنفن بابت مون سان حال احوال اورڻ آيا آهن ۽ اهڙي ملاقات بعد، ترت خبر پئم، پياري عثمان ميمڻ کي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ عزيزم بدر ابڙي بعد، سائين حاڪم علي شاهه جي پارت ۽ اداري جي سيڪريٽري پياري تاج جويي جي مشاورت سان.... انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا رٿا لاءِ ’پراجيڪٽ ڊائريڪٽر‘ مقرر ڪيو ويو آهي. ڪيڏي نه خوشيءَ جي ڳالهه، پياري عثمان پنهنجي ’ٽيم‘ سان گڏجي ڏينهن رات هڪ ڪري انسائيڪلو پيڊيا جا لڳ ڀڳ ٻارنهن جلد شايع ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

ٻولي اختياريءَ جي آفيس ۾ ڪم ڪندي، عثمان ميمڻ جي قلم ۾ ڇا ته جنبش آئي ۽ هُو، اڳي جو صرف شاعريءَ ۾ جلوا ڏيکاريندو هو. اُنسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا لاءِ نت نيون اينٽريز لکندي ۽ مواد چيڪ ڪندي ڪندي ۽ سگريٽ گولڊ فليڪ جا سوٽا هڻندي هڻندي، رنگ رنگ جا ناٽڪ به لکڻ ۾ مصروف ٿي ويو، ياد آيم... ناٽڪ، ناچ، ۽ موسيقيءَ بابت جانڪاري ته عثمان وٽ اڳي ئي هئي. تڏهن پوءِ دادوءَ جي هن جادوگر وٽ نثرنگاريءَ جي جيڪا اوچتو ڏات آئي هئي ته، اُها هُن مڪمل ناٽڪ نگاريءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي ۽ شاعريءَ کي ڄڻ وساري ئي ڇڏيو.....تڏهن خانگي ۽ سرڪاري ٽي وي چينلز لاءِ هُن جيڪي جيڪي سولو ناٽڪ ۽ لانگ پليز لکيا ۽ جن جو پوءِ چوٻول به مون ٻڌو، انهن جا نالا هي هئا. ’شڪاري‘، ’ظلم‘، ’وارث‘، ’هوا‘، ’پاڻيءَ مٿي جهُوپڙا‘، ’آئينو‘ ۽ شايد ڪي ٻيا به...

خير...... هِن تحرير جي آخري ڳالهه ته..... اسان جو هي يار.....پيارو دوست محمد عثمان ته پنهنجو وارو وڄائي، ڪُمهلو اسان کان موڪلائي هليو ويو. پر پويان پنهنجو ڪم، نهايت معياري شاعري، ناٽڪ ۽ احسان ۽ رضوان جهڙو لائق اولاد ضرور ته ڇڏي ويو آهي. بيشڪ سندس سڀ اولاد پٽ ۽ نياڻيون محبت ۽ احترام لائق، پر منهنجي طرفان خاص تحسين ۽ لک لک شابسون سندس نورِ چشم احسان کي، جنهن پنهنجي محبوب بابا جي پهرئين ورسيءَ تي هڪ يادگار ڪتاب شايع ڪرايو آهي ”منڇر جو ماڻهو“. بھر ڪيف اهو ته ٿيو لائق اولاد پاران پيءُ کي خراج عقيدت، پر هيڏانهن مون پاران وري عثمان لاءِ ههڙي محبت جو اظهار يعني:

 هڪ سِر هو سو ته يار جي قدمن ۾ مون رکيو

اِن کان وڌيڪ بندءِ ناچيز ڇا ڪري!

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۱۴ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا