; سنڌي شخصيتون: مولوي عبدالله پنهور ٽپٽائي

22 June, 2022

مولوي عبدالله پنهور ٽپٽائي

مولوي عبدالله پنهور ٽپٽائي

سيوهڻ جون ادبي شخصيتون

مير حاجن مير



مولوي عبدالله پنهور ٽپٽائي، تعلقي سيوهڻ جي ڳوٺ ٽپٽن جو رهاڪو هو، ٽپٽن جو ڳوٺ ڀان سعيد آباد کان ٽلٽي ويندڙ لنڪ روڊ تي واقع آهي. پاڻ عالم، محدث مدرس، مفتي ۽ فقهم جو ڄاڻو ۽ حافظ هو. مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو ته مولوي عبدالله ٽپٽائي عالم صالح، ذات جو پنهور، مخدوم حاجي عبدالڪريم مٽياروي، مهاجر مڪيءَ جو شاگرد هو. فقه جي جزئيات ۽ مسئلن ۾ محققائي راءِ جو مالڪ هو. هن گهڻن سالن تائين پنهنجي ڳوٺ “ٽپٽ” ۾ تدريس جو شغل جاري رکيو ۽ کيس ڪيترن طالبن وٽائس فائدو پرايو (وفائي، ۲۰۰۵: ۲۰۴)


مولوي عبدالله ٽپٽائي جو پنهنجو مدرسو هو. جنهن ۾ ڪيترائي شاگرد پڙهندا هئا. کيس ڪتابن گڏ ڪرڻ جو به گهڻو شوق هو، هن پنهنجي مدرسي ۾ ڪيترائي ڪتاب گڏ ڪيا هئا. اسان کي سندس ادبي تخليقون ڪي گهڻيون نظرن نه آيون آهن ليڪن سنڌ جي نامور اديب محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب “تَڪمِلة التُڪملة” ۾ سندس فارسي شاعري ڏني آهي.

داغ فرقست گرچه سوزان است ليک

جز رضاي بر قضا ديگر چه سود

سال رحلت شان چو پر سيدم ز دل

گفت دل واي از قضا شد حڪم زود. (ٽپٽائي، ۲۰۰۷: ۳۱۹)

مولوي عبدالله ٽپٽائي جي وفات ۱۳۲۵ھ مولانا دين محمد وفائي ڄاڻائي آهي جڏهن ته سندس فتوائن جي سندون سندس وفات کان پوءِ جون ملن ٿيون، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس وفات ۱۳۲۵ھ کان پوءِ ٿي آهي.

مددي ڪتاب ۽ حوالا

وفائي، دين محمد، ۲۰۰۵: تذڪره مشاهير سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

ٽپٽائي، پنهور، عبدالله، ۲۰۰۷: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ تڪملته التڪملت، سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ جو آخري دؤر، علامه آءِ آءِ قاضي ڪيمپس، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.

No comments:

راءِ ڏيندا