; سنڌي شخصيتون: شبانه سنڌي

24 June, 2022

شبانه سنڌي

شبانه سنڌي

۲۰ مارچ ۱۹۷۶ - سنڌ جي منفرد ڪهاڻيڪاره ۽ ناول نگاره

مير حاجن مير



سنڌ جي ناموره ڪهاڻيڪاره، شاعره ناول نگاره، تعليمدان، شبانه سنڌي جو اصل نالو شبانه شاھ آهي. ۽ سندس ادبي نالو شبانه سنڌي آهي. سندس جنم تعلقي سيوهڻ جي قديم ڳوٺ باجارا، علمي ادبي گهرائڻ سيد عطا حسين شاھ لڪياري جي گهر ۾ ٿيو. پاڻ بنيادي تعليم باجارن مان حاصل ڪئي ميٽرڪ گرلس هاءِ اسڪول سيوهڻ، انٽر ڊگري ڪاليج سيوهڻ ايم، اي سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين پاڻ پرائمري ٽيچر آهي، هن لکڻ جي شروعات ۱۹۹۰ع کان ڪئي. سندس پهرين تخليق (ڪهاڻي جي روپ ۾ ڏک جنين جي جو ڏيج) ۱۹۹۱ع عورتن جي رسالي بختاور ۾ ڇپي، سندس شاعري ڪهاڻيون مختلف رسالن ڇپجنديون رهيون ماهوار بختاور، ڪينجر، ادب سوجهرو، سرتيون، امرتا، عبرت مئگزين ۽ بين رسالن ۾ لکندي رهي. سندس شاعري ’سنجها سرواڻ‘ جي نالي سان ڇپنجدي هئي. سندس ڪتاب به ڇپجندا رهن ٿا.


اداس سانجهي (ڪهاڻيون) ۲۰۰۱ع

هن ڪتاب ۾ ويھ ڪهاڻيون شامل آهن. جن ۾ پتڪڙي ذهن جا ڳرا سوال، زينت، پنهنجي گهر ۾ اوپري، وشواس گهاٽ، درد جو صحر، ارتو اوتين اکيون، عشق نه پڇي ذات، چئه توکي ڪيئن چاهيان، شال نه وسرين تون، هڪ طرفي پيار جي پيڙا، چونڊجي پيڙا، پنهنجو گهر، اداس سانجهي، هر شخص ڪهاڻي آ، گم ٿيل قلم جي پريم ڪٿا، پيار پيچرن تان، پرچي وياسين، ليکڪ، حاويلي يا قبرستان، ۽ هڪ لمحي جي خطا، موجود آهن.

ڪهاڻين ۾ زندگي ۾ مليل پيڙا موجود آهي ته سماج جي عڪس به موجود آهن هوءَ عورتن سان ظلمن تي اڪثر ڪهاڻين ۾ ذڪر ڪندي رهي ٿي. سندس ڪهاڻين ۾ ٻوليءَ حسن توڙي ڊائلاگ ڪمال جا آهن. “سنڌ جي وڏين وڏين حاويلين ۾ رهندڙ ڪيتريون ئي لکندڙ ڇوڪريون / شهزاديون سنڌ جي اگهي سماج خلاف سرت ۽ ساڃاھ جي هڪ مشڪل بڻجي ٻاهر نڪري آيون آهن. جن ڪوٽن ۾ قيد ٿيلن جي اندرخواھ ٻاهر جي ڀڃ ڊاھ کي پنهنجي تخليق جو سرچشمو بڻايو آهي. شبانه سنڌي به انهن ڇوڪرين / شهزادين منجهان آهي. جنهن جون ڪهاڻيون سنڌ جي عام ماڻهن ۽ خاص طرح سان عورتازاد ۾ جاڳرتا جو اهڃاڻ آهن. ( مظهر: ۲۰۰۱)

“اسان جڏهن شبانه سنڌي جي قلم مان ڦٽي نڪرندڙ تخليقن کي پڙهون ٿا ته سندس تخليقون مينهن وساڙڻ جيان نفيس ۽ ملائم به لڳن ٿيون ته سندس تخليقن مان باھ جون ڄٻيون به ڀڙڪندي محسوس ٿين ٿيون، هونئن به هر تخليق سماجي حالتن جي عڪاسي ڪندڙ هوندي آهي. سماج جيڪڏهن سُڌريل ۽ خوشحال آهي. ته اُن خوشحال سماج جي اديب جي قلم مان آهن ته ان سماج جي اديب جي لکڻي مان ڏات جا ڏيئا، آڱرين کي سيڪي ٻاهر نڪرندا آهن. (آريسر، ۲۰۱۶: ۳۱۳)

سندس ڪهاڻين ۾ اُهي عڪس ۽ رقص موجود آهن جيڪي محبوب جي ماڻڻ ۾ هوندا آهن. هوءَ اونچ نيچ جي مخالف آهي. انسان سڀ برابر آهن وڏين حويلن جي نياڻين سان ظلم ٿين ٿا. هيءَ انهن جي عيني گواھ آهي. سيد مردن جو نوڪرياڻين سان ڪهڙو ورتاءُ آهي. هوءَ ڪهاڻين ۾ سڀئي ڏک، سور بي واجبين، نا انصافين جو ذڪر ڪري ٿي. هو حق سچ جو علم کڻندي نظر اچي ٿي. مرشد مريدياڻين سان ڪهڙو ورتاءَ ڪن ٿا. نوڪرياڻين سان حويلين ۾ ڪهڙو ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو ايتري قدر جو هوءَ پنهنجي سيدن جي خلاف به بيهي ٿي. سندس ڪهاڻين ۾ سماج جا عڪس ۽ اولڙا موجود آهن. سندس ڪهاڻين جو هي ٽڪرو هيٺ ڏجي ٿو.

هو سلھ جو مريض هو ۽ سندس بيماري آخري اٽيج تي پهچي چڪي هئي. علاج ته ڏاڍا ڪرايا هيائين، مائٽن به وسان ڪين گهٽايو هو پر بيماري کي به هي اهڙي وڻي ويو هو. جو جان ئي نٿي ڇڏيائينس. غريب الڳ ته بيماريون الڳ ڪمائڻ وارو هڪڙو هن جو ننڍو ڀاءُ.... گهر جا خرچ، ثانيه جي پڙهائي جو خرچ، ڪپڙو لٽو، الئه ته ڪيئن پئي پورت ڪيائون. ڪجھ ته ڀاڻس جي پگهار جا پئسا ته مجبوري ڀيڻس راڻي، جنهن جي شادي ته ٿيل هئي پر مڙس، ڇڏي ڏنو هئس. ان جي ڀرت ۽ سلائيءَ جا پئسا گڏ ڪري، پيا گهر جو خرچ هلائيندا هئا. (سنڌي)

سپنو ساڀيان ساڻ (ناوليٽ) ۲۰۰۵ع.

شبانا سنڌي جو هي ڪتاب ناوليٽ تي مشتمل آهي. هي سندس ٻيو ڪتاب هو.

چنڊ، سمنڊ ۽ مان (شاعري) ۲۰۰۶ع

شبانه سنڌيءَ شاعري سنجها سرواڻ جي نالي سان ڪئي آهي. شبانه درد جي ڀوڳنا ڀوڳي شاعري ڪئي آهي. سندس شاعري کان مون کي ڪهاڻيون فني فڪري حوالي سان مضِبوط نظر اچن ٿيون. شاعري ۾ اڪثر غزل لکيو اٿس. “شبانه جا سمورا غزل پڙهجن ٿا ته سندس هر سٽ هن جي اندر جي پيڙا جو پورهيو آهي. جنهن کي هن، ڀوڳيو آهي. هن جي اها ڀوڳنا هن جي پنهنجي هجي، سماج جي هجي يا کڻي سنڌ جي درد جي اُجري عڪاسي هجي. پر هن جي هر ڀوڳنا وڻندڙ ۽ دلڪش آهي”. (آريسر، ۲۰۱۶: ۳۱۵)

ساھ کان ويجهڙو ڏور رهندو ڪٿان

هو مون کان وسري، پوءِ سگهندو ڪٿان

سياري جي سرد رات ۽ تنهنجي ياد

منهنجي من کي چين ملندو ڪٿان؟

مان ته هن لئه اجنبي آهيان او سکي

منهنجي باري ۾ هو پڇندو ڪٿان؟

ڪنهن سڄي عمر ادب م گذاري

پيار ڪيان ٿو توسان چوندو ڪٿان؟

پيار ۾ جدائي ملي نه هجي جنهن کي

سو غمگين گيت لکي سگهندو ڪٿان؟

سونهن جنهن جي ڪمزوري هجي سو

پيار جهڙي جذبي کان بچندو ڪٿان؟

ڪيئن نه روئون موت تنهنجي تي اياز

تو جهڙو شاعر وري ڄمندو ڪٿان؟

مون سچ سان ساهيڙپ رکي آ “سنجها”

ڪوڙ منهنجي دل ۾ ٽڪندو ڪٿا؟

(سنڌي، ۲۰۱۵: ۲۱۴)

تنهنجي سامهون ڪيئن مان اچان

زخم يادن جا تازا آهن اڃان

بند ڪمري ۾ ساھ ٿو گهٽجي پيو

دل ٿي چوي نڪري ٻاهر وڃان

چنڊ پڇيو هو ڪالھ رات مون کان

ڇو اڄ ڪلھ مان گم سم ٿي رهان

تنهنجو حڪم ته اکين تي آ مگر

پرين ڪاش! توکي وساري سگهان

تو سدائين غير مون کي آ سمجهيو

مان ته توکي پنهنجو ٿي سمجهان

اکر لڙڪن ۾ ٻڏي ويا هن “سنها”

تنهنجي پئي مان شاعري پڙهان

(سنڌي، ۲۰۱۵: ۲۱۹)

(۴) ٻه ناوليٽ – ۲۰۱۱ع

شبانه سنڌي جي ڪتاب، “ٻه ناوليٽ” ۾، ٻه ننڍڙا ناول آهن، هڪ، “هڪڙي هئي نمي” ٻيو “سفر چاهتن جو” هن ناولن ۾ سماجي مسئلي کان وٺي گهرو مسئلي تائين اظهاريو ويو آهي. زيب سنڌي لکي ٿو ته:

“شبانه جي تحرير ۾ عورت جي احساس جي حقيقي جهلڪ نظر ايندي آهي. جيڪا خوبي سندس هن ناوليٽ ۾ پڻ موجود آهي. هن جنهن کي پڙهي هڪدم احساس ٿئي ٿو. اهو ڪجھ ڪا عورت ليکڪا ئي محسوس ڪري سگهي ٿي / لکي سگهي ٿي. (سنڌي، ۲۰۱۱: ۱۱)

هڪڙي هئي نمي آهي ته، ننڍڙو ناوليٽ پر آهي ڪمال جو ناول جي پلاٽ ٻولي، ٽريٽمنٽ، ڪلائڪس، ڊائلاگ، بهترين نموني لکيا ويا آهن. عورت جي درد جو اظهار شبانه سنڌي ئي ڪري ڄاڻي پڙهڻ کان پوءِ، يا ته درد ۾ ويڙ هجي ٿو وڃجي يا ته روئڻو ٿو پوي شبانه سنڌي جو هن ڪتاب ۾ ٻيو ناوليٽ “سفر چاهتن جو” آهي. شبنم گل ناوليٽ بابت لکي ٿي ته:

“هن ناوليٽ جو ڪردار شبنم، رواجي مونجهارن ۾ ڦاٿل هئڻ باوجود، هڪ موڙ تي پنهنجي اندر خود اعتماديءَ جي سگھ کي محسوس ڪري ٿو. ان وقت هوءَ پنهنجي وکريل گهر کي سنڀالي ٿي. جڏهن سندس ڀيڻ شميم مڱڻي ٽوڙي سليم سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي. اهڙي ديلئي ان مرحلي ۾ شميم احساس جي عورتاڻي سگھ وسيلي شميم کي جذباتي فيصلي ڪرڻ کان روڪي ٿي. (گل، ۲۰۱۱ :۶۲)

هي ٻئي ناوليٽ هڪڙي هئي نمي ۽ سفر چاهتن جو مختصر ناوليٽ آهن. پر جامع معنيٰ خير آهن. فني فڪري حوالي سان سگهارا آهن.

سنڌيا شاھ جون ڪهاڻيون (مرتب)

هي ڪتاب شبانه سنڌي سنڌيا شاھ جي ڪهاڻين کي مرتب ڪيو آهي.

نتيجو

شبانه سنڌيءَ جون ڪهاڻيون، ۽ ناوليٽ فني، فڪري حوالي سان مضبوط ۽ سگهارا آهن. سندس ٻولي جو لهجو عوامي عورتزاد آهي. هوءَ هر جملو ڪردار کان ڳالهرائي ٿي.

سندس نثر، نظم کان گهڻو سگهارو آهي. سندس نظم ڪمزور نظر اچي ٿو.

شبانه جون ڪهاڻيون وڏين حويلن جي خلاف آهن ۽ حويلن ۾ جو وهي واپري ٿل. هوءَ ان جي عيني شاهد ٿي ڪهاڻين ۾ ڪردار چٽيا آهن. هوءَ حويلين ۾ ٿيندڙ ڏاڍاين، نا انصافين تي حق جو علم هٿ ۾ کڻي بلند ڪري ٿي.

شبانه جو قلم رت سان ٻڏل آهي. ۽ سچ تي مشتمل آهي.

حوالا:

مظهر، عابد، سيوهاڻي ۲۰۰۱: اداس سانجهي، شبانه سنڌي، رچنا پبلشر، ڪراچي (بئڪ ٽائيٽل)

آريسر، علي نواز، ۲۰۱۶: سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد.

آريسر، علي نواز، ۲۰۱۶: سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد.

سنڌي، شبانه، ۲۰۱۵: سنڌ جون شاعر عورتون، غلام مصطفيٰ سولنگي، سنڌ راڻي پبليڪشن حيدرآباد.

سنڌي، شبانه، ۲۰۱۵: ۲۰۱۵: سنڌ جون شاعر عورتون، غلام مصطفيٰ سولنگي، سنڌ راڻي پبليڪشن ڪراچي.

سنڌي، زيب، ۲۰۱۱: ٻه ناوليٽ، شبانه سنڌي، ادب اشاعت گهر حيدرآباد

 گل، شبنم، ۲۰۱۱ : ٻه ناوليٽ، شبانه سنڌي، ادب اشآعت گهر حيدرآباد.

 

(فيسبڪ پيج؛ سلسلو سيوهڻ جون ادبي شخصيتون (ادبي تاريخ) تان ۲۰ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا