; سنڌي شخصيتون: الھبچايو يار محمد سمون

21 June, 2022

الھبچايو يار محمد سمون

الھبچايو يارمحمد سمون

لياقت ٿھيم



سائين الهبچائي يار محمد سمي جو لکيل ’لاڙ جو سير‘ اسان جي انهن نوجوانن کي ضرور پڙهڻ گھرجي جيڪي سنڌي نثر سکڻ گھرن ٿا.


اڳي ماڻهو يادگيري جا ڪيڏا نه پڪا هوندا هئا. سائين الهبچائي جو هي سمورو ڪتاب، حافظي مان اتاريل آهي. هي ڇا ڪندو هو جو پنهنجي تعليمي گشت دوران، هلندو ڦرندو ڪنهن ننڍڙي ڳوٺ جي اوطاق تي هليو ويندو هو. اتي ڳوٺ جو وڏيرو (جيڪو به اهڙو پئسي ڏوڪڙ وارو ناهي) سو کيس سادي سودي ماني ۽ رات رهڻ لاءِ هنڌ بسترو ڏياري موڪليندو هو. شام جو جنهن مهل ڳوٺاڻا اتي اچن ٿا ۽ پاڻ ۾ ڪچهري ويهي ڪن ٿا ته هي انهن جي ٻولي ۽ گفتگو کي ويهي ٻڌي ٿو ۽ پوءِ صبح جو انهي کي اُتاري وٺي ٿو. اها عام رواجي ڳالھ ٻولھ، سنڌي ٻوليءَ جو سڀ کان سهڻو، اڻ مِٽ ڪلاسڪ آهي. تقريبن سمورو ڪتاب ائين لکيل آهي. سائين الهبچائي يار محمد سمي جي ٻئي ڪتاب ’ڪوهستان جو سير‘ جو به ڪو مَٽ ناهي. انهي ڪتاب کي بجاطور، ڪوهستان تي لکيل پهريون ڪتاب چئي سگھجي ٿو. هي سنڌي ٻولي جا اسٽائيل ماسٽرس آهن جن کي اسان عجب نااهلي سان وساري ڇڏيو آهي.

الهبچايو يار محمد سمون (اصل ذات جو ڇُٽو- وفات ۱۹۵۸)، ڪراچي جي ابراهام ربين پرائمري اسڪول ۾ هيڊ ماستر هو. چون ٿا ته ڏاڍي کلڻي ملڻي طبيعت وارو، پڙهيل لکيل ماڻهو هو. ڪلاس ۾ پڙهائڻ ۾ ڀڙ هوندو هو. رحمدل به ڏاڍو هو. انهن ڏينهن ۾ اسڪولن ۾ يونيفارم ۽ بوٽ پائي اچڻ جي پابندي نه هوندي هئي. جنهن کي جيڪو آيو سو پائي ايندو هو. پراڻي گوليمار کان ڪجھ مڪراني ڇوڪرا سندس اسڪول ۾ پڙهڻ ايندا هئا. سندن رستن تي ڪني پاڻي جا تلاءُ هئا يا ڪو ٻيو مسئلو هو، پر اهي ٻارڙا، روز ٽنگن تائين گپ ۾ پير خراب ڪري ايندا هئا. مٿن ڪڏهن به نه ڪاوڙبو هو. روزانو سندن پير ڌوئرائي کين پابندي سان ڪلاس ۾ ويهاري پڙهائيندو هو. ڪنهن ڏينهن جيڪڏهن اهي ٻار نه اچن ته پڇندو هو ته ’اهي لانگ بوٽ وارا ڇوڪرا اڄ نه آيا ڇا؟‘ لانگ بوٽ انهي ڪري جو انهن ٻارن کي گوڏن تائين گپ چنبڙيل هوندي هئي.

’ابراهام ربين بوائز پرائمري اسڪول‘جتي پاڻ هيڊ ماستر هو سو سينٽرل ڪراچي جي ڳوٺ حاجي مريد خان بڪڪ ۾ آهي. سمي صاحب جا پٽ ۽ پوٽا به اتي ئي رهن ٿا. ڪنهن ڏينهن ساڻن ملڻ ويندس.

 

(لياقت ٿھيم جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۴ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي کنيل)


الهبچايو يار محمد سمون

(جنھن جي ڄمڻ جي تاريخ ۹ مئي هئي)

ڊاڪٽر محمد علي محمدي

ننڍي ھوندي ٻاراڻي ادب جي ڪتابن پڙهڻ کانپوءِ، منهنجو شوق آتم ڪهاڻي ۽ سفرنامن سان شروع ٿيو، پر مونکي ياد آهي ته ان وقت مرزا قليچ بيگ جي اتم ڪهاڻي ۽ علامه ڊاڪٽر دائود پوٽي، جيڪي ٻئي شمس العلماء هئا جن جون لکڻيون مارڪيٽ ۾ هيون. اسان جو استاد سائين مرحوم محمد نواز ڀٽو اسان کي غير نصابي ڪتابن پڙهڻ تي اتساه ڏياريندو هو. انهيءَ ئي زماني ۾ سنڌي ادب ۾ ٻه ڪتاب. “سير ڪوهستان” ۽. “لاڙ جو سير” ادبي افق تي نمودار ٿيا. ڇا ته ٻنهي ڪتابن جي ٻولي ۽ معلومات، سگهڙن جا سگهارا گفتا، لاڙين ۽ ڪوهستان جي ماڻهن جي اٿڻي وهڻي تي فاضل مصنف الهبچايو سمون جي سلوڻي سنڌي ۾ لکڻ جي آرٽ جو انمول تحفو آهي.

الهبچايو سمون ۹ مئي ۱۹۱۲ع تي ملير ضلعي ڪراچيءَ ۾ ڄائو، سندس وفات ۱۹۵۸ع ۾ ٿي. سندس ۴۶ سالن جي عمر ۾ ايترو ته علمي ۽ تحقيقي پورهيو ڪري ويو جو سندس نالو سنڌي ادب ۾ زنده رهندو.

جس هجي سائين گل حسن ڪلمتي کي جيڪو به ملير ڄائو هئڻ سان گڏ سنڌ جي راڻي ڪراچي تي تحقيق ۽ ملير، ڪوهستان جي تاريخ، جاگرافي ۽ آثار قديمه تي ڪم جاري رکندو پيو اڄي.

 

(ڊاڪٽر محمد علي محمدي پنوعاقل جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۱ مئي ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا