; سنڌي شخصيتون: اسد ٻگهيو

23 June, 2022

اسد ٻگهيو

اسد ٻگهيو

املھ انسان - سلسلو ۱۹۴

حفيظ چانڊيو



هُو اڄ به انهن ماڻهن جي دانهن ۽ ڪوڪن کي پنهنجي صحافتي قلم سان لکندو رهي ٿو جن گذريل ويهارو سال کان چاهيو پئي ته من ڪو بيباڪ ۽ ننڍر ماڻهو سندن گهٽيل ۽ دٻيل آواز اعلي ايوانن تائين رسائي ۽ کين تڪڙو انصاف فراهم ڪرائي سگهي. هن سدائين اهڙن بي پهچ ماڻهن جي داد رسي خاطر تر جي ڀوتارن توڻي ٿاڻيدارن سان ڦٽايو آهي. هو سنڌ جي لاڏلي اخبار روزاني ڪوشش جو اهو بهادر سپاهي آهي، جنهن لاءِ موٽڻ مهڻو ۽ غلامي گار جيئن آهي. هو ضمير جي عدالت ۾ مسڪينن جي مسيحا طور هيسيل هرڻي جهڙن ماڻهن ۾ همٿون پيدا ڪندو رهيو آهي. ڏوڪريءَ تعلقي ۾ اسد ٻگهئي جو نالو کڄندو آهي ته ماڻهن ۾ هڪڙو ويساھ قائم ٿيندو آهي ته صحافتي دنيا اندر اڃان بيباڪ ۽ هڏڏوکي انسان آهن، جن لالچن ۽ سيلف پروجيڪشن کان مٿانهون ٿي سماجي انارڪي تي باهيو آهي. اسد ٻگهيو ڪوشش اخبار جو اهو واحد صحافي آهي، جنهن ڳچ عرصو رپورٽنگ باوجود ذاتي ملڪيت ۾ سواري لاءِ نه موٽر سائيڪل وٺي سگهيو آهي، نه وري اهڙي ڪا دولت يا وري بينڪ بئلنس ئي ٺاهيو، جو سندس ٻچڙا لگزري لائيف گذاري سگهن. جيتوڻيڪ هن جي سٿ جا الائي ڪيترا ساٿي صحافتي سڃاڻپ کي ڪيش ڪرائي، رات جي پيٽ ۾ الائي ڪٿان کان ڪٿي پهتا، دنيا جي جديد سهولتن ۽ ماهوار پيڪجن تي پنهنجي ضمير جو سودو ڪيائون، پنهنجي زبانن تي تالا هڻي، خاموشي اختيار ڪيائون، پر نه وڪيو آهي ته ڏوڪريءَ جو اسد ٻگهيو نه وڪيو آهي. سندس ارادن توڻي فرض شناسي ۾ ڪا ڪمي يا وري جهڪائي به ناهي آئي. هو ڏکندن جو همراز ۽ همدرد بڻيل آهي. سندس سڃاڻپ هونئن ته شاعر ئي آهي، پر جڏهن کان صحافت ۾ آيو ته شاعريءَ وارو هن جو تعارف جهڙوڪ مهين جو ماڳ بڻجي ويو. سندس من جي رقاصه مي رقصم بدران سروم دکم دکم جو ورد ڪرڻ لڳي.


اسد ٻگهئي، صحافتي دنيا ۾ رهي پنهنجي ساک ٺاهي آهي، جيڪا هن لاءِ ڪافي آهي. ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين شايد ڪوئي روڊ يا رستو هجي، جيڪو هن حق ۾ سچ جي راه ۾ ورتو نه هجي، هي سڀوئي رستا ۽ گس ان اسد ٻگهئي کي سڃاڻين، جن تان هو راه گذر ٿيو به سندس وات ۾ وايون انهن بي پهچ ماڻهن جون هيون، جن جو خدا کان سواءِ ٻيو ڪوئي واهرو نه ٿي سُجهيو. هي من موجي ماڻهو آهي. مون کي سمجهائيندو آهي ته يار حفيظ! اڻ هوند ۾ متان نفسياتي اثر ورتو اٿئي، متان مايوسيءَ کي ويجهي اچڻ ڏين، متان ناڪامين کي مٿي تي سوار ڪرين... او چريا! ڀلا وقت جا ولي ڪي اسٽيل مل جا چيئرمين ٿورئي هيا جو تون اڪيلو رهجي ويو آهين..!! “يار هي طبقاتي سماج اٿئي، جيترو ٿي سگهي ته پاڻ کي صحتمند سرگرمين ۽ ٻچڙن سان مصروف رکندو اچ. واقعي به مون اسد صاحب جي اهڙين سمجھ ۽ نصيحت آميز ڳالهين کي نه صرف ٻڌو، پر هينئي سان پڻ هنڊائي، ان تي ڪنهن قدر عمل پيرا به ٿيو آهيان. هي يار سدائين کلندو به ته ٻين دوستن جي مرجهايل چهرن تي مرڪن جا گلاب کيڙائي، وقت کي اهڙي نموني سان پاس ڪرائيندو جو خبر ناهي پوندي ته ڪو پاڻ ايترو وقت ڪڏهن ڪچهري به ڪئي هوندي سين. هي يار سدائين دوستن لاءِ ڇپر ڇانو ٿيو آهي، جڏهن به ڪنهن مٿان ڪا مشڪل آئي ته هو ان مٿان گهور پيو ٿيندو، پاڻ کي دوستن مٿان قربان ٿيڻ ۾ فخر محسوس ڪندو آهي. اڄ ڪلھ هي يار ڪاراڻي ڳوٺ کي ڇڏي ٻَلهڙيجي ۾ اچي ويٺو آهي، جتي هر پاسي لطيف جا پارکو ئي پارکو آهن، ٻَلهڙيجي شهر علم و دانش جو شهر آهي شعور جو مرڪز آهي، سائين انور پيرزادو ان جو تعارف آهي ۽ اقرار توڻي سائين لطف سندس ائڊريس آهن. سرويچ سندس سچ جو ساکي بڻيل نوجوانن ۾ هڪ اهڙو عملي ڪردار جنهن سر جو نذرانو ڏئي به ماڻهن ۾ ويساه قائم ڪيو ته غلامي گار ڪيئن ٿيندي آهي.

اسد ٻگهيو، سدا بهار شخصيت جو ڌڻي آهي، جيڪو اڄ تائين ڪيترين مشڪلاتن باوجود نه ڪنهن کان ڊنو آهي نه ڪو وري ڪٿي لالچ ۾ اچي سچ لکڻ کان مڙيو ئي آهي. هو “جستجو لاتقنطوا جي عملي ۽ جديد تصوير آهي”، مون جتي به هن يار کي ڏٺو آهي ته سدائين ڪا خبر ٺاهيندي ڏٺو يا وري فون تي ڪنهن واقعي جي رپورٽ لکرائيندي ئي ڏٺو آهي. رپورٽنگ ڪندي جيتوڻيڪ کيس ڪيترائي ڀيرا موتمار ڌمڪيون به مليون، پر هن فرض شناس ٿي، انهن کي ڀاڳ سمجهي اڳتي وڌيو ۽ ڪنهن جي خوف بغير ئي بيباڪي سان سچ لکندو رهيو. هو پرائي درد کي سدائين پنهنجو سمجهي سندس مدد ڪندو رهيو آهي هو ڳوٺاڻي امڙين جون آنهون ۽ دانهون ناهي ٻڌي سگهندو، هو اڄ به ڪنهن سان بي واجبي ٿيندي ڏسي ناهي سگهندو ڪنهن پوڙهي پيءُ جو ٿاڻيدار هٿان پٽڪو ڌوڙ ٿيندي ڏسي ناهي سگهندو، هو خبرن واري معامري ۾ بي رحم رپورٽر آهي. سندس خبرن کان تر جا ڀوتار ۽ صوبيدار مڙئي ڊڄندا آهن، کيس ايلازو رهيا آهن ته هو سندن دعوتون کائي يا وري سندن اوطاق تي وڃي.

اسد ٻگهيو، هن دور جو اڌ قلندر آهي، جنهن ايمانداريءَ، فرض شناسيءَ ۽ بيباڪي جي رستي اهو ڪجھ حاصل ڪيو جيڪي بنگلن ۽ لگزري گاڏين ۾ گمهندڙ سندس هم پيشه دوستن کي حاصل ناهي. هو اڄ به ضمير جي عدالت ۾ سرخرو آهي. اسد ٻگهيو صحافتي دنيا ۾ مهين جي دڙي واري اسٽوپا جيان اڄ به عظمت جو اهڃاڻ بڻيل نظر اچي ٿو، هو سچ جو ساکي بڻيل اهو صحافي آهي، جنهن ڀوتار جي بنگلي جو دڳ ئي ناهي ورتو، پر بي پهچ ماڻهن ۽ لاچار ماڻهن جي لاءِ ننڌڻڪائي، لاوارثيءَ جي نٽهڻ اس ۾ ٿڌيررو ڇانورو بڻجي، نه صرف انهن جي وارثي ڪري ٿو، پر انهن جي زندگين کي بچائڻ لاءِ جهولي فنڊ پڻ قائم ڪندو رهيو آهي، هو پيار ۽ پنهنجائپ ۾ فخر لائق اهڙو ته خوبصورت حوالو آهي، جو سندس سچيتائي ۽ خودداري سبب صحافتي دنيا ۾ سندس ڳاٽ هميشه اوچو رهيو آهي.

هن يار لاءِ ويجهڙ ۾ ڪوشش اخبار جي ايڊيٽر نعمت کهڙو لکيو آهي ته :”پيار جي قافلي ۾ پيارو اسد ٻُگھيو به شامل. ھي مُوھن دڙي جو ماڻھو آھي. ھِڪڙو ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ھو، جنھن کي نوبل انعام يافته شاعر رابندر ناٿ ٽئگور مُوھن دڙي جو ماڻھو سَڏيندو ھو. ۽ ٻيو ھي اَسد ٻُگھيو آھي، جنھن کي فقير “استوبا” به چوندو آ ته ڪِنگ پرسٽ پڻ. توھان پاڻ ڏسو ۽ فيصلو ڪريو ته آھي نه مُوھن دڙي جھڙو...؟؟ اسد پَنھنجي نالي وانگر شينھن مُڙس آھي. ھر ڏُک ۽ تڪليفن ۾ مُسڪرائيندڙ شخص. جيڪو اسان جي اَلستي جُدوجھد جي پَھرين صف جو سپاھي به آھي ته جرنيل پڻ. اَنيڪ خُوبين جي مالڪ ھِن مَحبوب ماڻھوءَ لاءِ ڪڏھن تفصيل سان لکبو. في الحال ايترو ئي ڪافي آھي. زندھ باد!” واقعي اسد ٻگهيو سدا زنده باد رهڻو آهي.

 

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۲ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا