; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عبدالرحمان

17 June, 2022

ڊاڪٽر عبدالرحمان

ڊاڪٽر عبدالرحمان

سول سروسز جو بڊاماڻي پنرو جو ڪُمهلو وڇوڙو

الطاف ميمڻ



ڪاپڙي مون ڪالهه، اڃا ڏٺا ڏيهه ۾،

هئي هئي منهنجي حال، جو ساڻن ٿيس نه سنگتي!

اِها هڪ عام فهم مڃيل حقيقت آهي ته هر ساهه کي پساهه پورا ڪرڻ جو وقت پسڻو آهي، ڪنهن اڻ ڏٺي ذات جي ڏات کي ڪو مڃي يا نه مڃي پر موت جي بي رحم امر جي آڏو سڀ ڪنهن کي قبوليت جو ڪلمو پڙهڻو ئي آهي.


مگر ڪُمهلو....

جنهن جي مهل ئي نه هجي

نه ئي ڪو گمان هجي

صحت سلامت

جواني ڀرپور

مزاج تندرست

اهڙي شخصيت جي اوچتي موڪلاڻي روح کي نپوڙڻ، دل کي پرزا پرزا ڪرڻ ۽ اکين کي سنڌوءَ سپرد ڪرڻ جي برابر آهي. ڊاڪٽر عبدالرحمان رند ايل ايم سي جو گريجوئيٽ، ۲۵هين ڪامن ۾ ڪسٽمز گروپ جو آفيسر ۽ هن وقت انلينڊ روينيو سروس (آءِ آر ايس) ۾ انٽيليجنس اينڊ انويسٽيگيشن (آءِ آر) حيدرآباد جو ڊائريڪٽر هو، سندس اوچتي وڇوڙي مون سميت سندس هزارين دوستن ۽ پيار ڪندڙن جو روح جهوري ڏک جو اڻ کُٽ دروازو کولي ڇڏيو. رند صاحب پاڪستان جي سول سروسز ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي فائز ته هو پر سندس مقناطيسي ۽ متوازن شخصيت جا حيرت انگيز رُخ کيس ٻين سڀني آفيسرن کان منفرد ۽ نمايان مقام عطا ڪن ٿا. هو مون کان ۱۲ سال سينيئر هو. سول سروسز ۾ ۱۲ سالن جو عرصو ٻن پروموشن جي برابر هوندو آهي ۽ هو اُن وقت گريڊ ۱۹ ۾ منهنجو ايڊيشنل ڪمشنر هو، جنهن وقت سول سروسز اڪيڊمي مان تازو ٽريننگ ڪري ۱۲هين گريڊ جي اسسٽنٽ ڪمشنر طور مون ريجنل ٽيڪس آفيس (آر ٽي او) حيدرآباد ۾ جوائن ڪيو هو. آءِ آر ايس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٻئي ايڊيشنل ڪمشنر جا ماتحت هوندا آهن. صاحبن جا پنهنجا مزاج ٿين ٿا. پنهنجي ماتحت لاءِ سندن رويا نهايت ڏکوئيندڙ ۽ ذلت آميز به عام جام ڏٺا ويا آهن. هو Sub-Ordinates کي پنهنجو ذاتي غلام سمجهندي کين رعب ۽ تاب ۾ رکڻ جي ممڪن/ ناممڪن ڪوشش ۾ هر وقت ڪوشان رهندا آهن ۽ ان دوران پنهنجو اصلي فرض به نظر انداز ٿيندي/ وساريندي ڪو نه ڪيٻائيندا آهن. ننڍو هر جاءِ تي ننڍو ئي آهي. اها روئداد سماج جي هر طبقي/شعبي کان ٿيندي سول سروسز جي رڳن ۾ به سرائيت ڪيل آهي. هيڻي لاءِ سڀ ڪو ڏاڍو پر ڏاڍي جي پيرن ۾ ويهڻ لاءِ سڀ ڪو آتو آهي. گُهٽ ۽ ٻوسٽ جي ان ماحول ۾ ڊاڪٽر رند سول سروسز جو ’بڊاماڻي پنرو‘ هو. بڊاماڻي پنرو ڀٽائي جو ڪردار آهي. هو سمن جي آخري دور ۾ سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد وٽ هڪ سورهيه سردار هو. هي سوڀارو سخي مرد واهر لاءِ هميشه تيار رهندو هو. وٽانئس سوالي ڪڏهن به خالي نه ويو. سندس هوندي ڪنهن کي جرئت نه هئي ته ڪنهن اٻوجهه/ڪمزور تي ڪاهه ڪري، ويندي شڪاري/ ماري به سندس ماڳ تي پکي پڪڙي نه سگهندا هئا. ڄڻ سندس وجود ساهوارن لاءِ سک جي سَند هو. ڀٽائي سُر ڏهر ۾ بڊاماڻي کي سَڏ ڪندي کيس اٻوجهن ۽ ڪونجڙين تي ٿيندڙ ظلمن جي آگاهي ڏئي ٿو.

’اڄ گهرجين يار، بڊاماڻي پنرا،

ڪاڇي ٻَئي پار، اچي ويرين ويڙهيا.‘

بڊاماڻي وانگر ڊاڪٽر رند به هميشه هيڻن جو مددگار هو. ڪمزور ماڻهو وٽس معتبر جي حيثيت رکندا هئا ۽ هو سندن ڇپر ڇٽ هو. ٻئي طرف رند صاحب ڏاڍن لاءِ سچو پچو رند هو. آفيسرن مان ڪنهن سينيئر پاران سڀ کان جونيئر آفيسر يا ڪنهن ڪلارڪ پٽيوالي وغيره سان ناانصافي/ بدتميزي ڪئي ته ڄڻ ڊاڪٽر رحمان سان ذاتي طور تي ناانصافي ٿي. ڪنهن اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ئي کڻي ڪا ڳالهه/ ڪو مسئلو ساڻس ونڊي وڌو ته ڄڻ اهو رند صاحب جو پنهنجو مسئلو ٿي ويو. گهڻا ئي دفعا جونيئرس جي مسئلن ۾ سڀ کان سينيئر آفيسرن سان جهيڙيندي/ احتجاج ڪندي ڏٺوسين ۽ اتان موٽندي هميشه پنهنجي جونيئر کي اهو ئي سمجهائيندي ڏٺو ويو ته اوهان پنهنجي ننڍي سان ائين ڪڏهن به نه ڪجو. سندس جرئت ۽ حق گوئي جو ان کان وڌيڪ ڪهڙو مثال پيش ڪجي ته ڀري ميٽنگ ۾ هڪ سينيئر آفيسر جي متوقعه غلطيءَ تي (جيڪا بي انتظامي ۽ گهڻن ئي ماڻهن لاءِ تڪليف جو بنياد بڻجي سگهي ٿي) تنقيد ڪندي بي ڌڙڪ چئي ڏنائين. ’جيڪڏهن ڪنهن هڪ شخص کي گولي هڻڻ جي اجازت هجي ته آئون هن کي هڻان!‘

آفيسرن جو هڪ طبقو آدم بيزاريت ۽ پاڻ پڏاءُ جي وسوسي ۾ مبتلا آهي. هنن کي پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن تي نظر وجهڻ جو چشمو ميسر ئي ناهي. پر ڊاڪٽر رند جي هر دلعزيز ۽ کل مُک شخصيت جي محفل ۾ انهن صاحبن کي به کلندي ڏٺو. واپاري يا ٽيڪس ادا ڪندڙ (Tax Payers) اڪثر قانون کان ناواقف ۽ لاپرواهه رهي ٿو. جنهن ڪري سندن ٽيڪس جا معاملات وڪيلن ۽ حساب دارن (Accountants) جي حوالي رهن ٿا. خاص طور تي وڪيل جو ڪردار محصولات (ٽيڪس) جي کاتي ۾ تمام گهڻو اهم ٿئي ٿو. اڪثر وڪيل پنهنجي علم ۽ لکت جي زور تي آفيسرن خلاف مختلف جڳهين تي شڪايتون ڪندا پنهنجا ڪم درست ڪرائڻ چاهيندا آهن. سروس جي پهرئين ئي سال منهنجو به هڪ سينيئر ۽ ڏنگي وڪيل سان دنگل ٿيو پر رند صاحب سندس ڪڙڪي کي ناپيد ڪري ڇڏيو. Ownership جو اهو رويو سول سروسز جي تمام اعليٰ آفيسرن ۾ ناياب نه ته ڪمياب ضرور آهي. هو هڪ فرض شناس ۽ ڦڙتيلو آفيسر هو، پاڪستان ۾ ذخيره اندوزن (Hoarders) جي خلاف فيڊرل بورڊ آف روينيو (FBR) جڏهن Track and Trace Policy متعارف ڪرائي ته سڄي ملڪ ۾ رند صاحب پهريون آفيسر هو، جنهن جي اڳواڻيءَ ۾ ايف بي آر جي ٽيم ٽاور مارڪيٽ حيدرآباد ۾ کنڊ جي مختلف واپارين (Dealers) جي گدامن تي ڇاپا هڻي کنڊ جون سوين ٻوريون پڪڙيون، جيڪي محصولاتي ٺپي (Tax Stamps) کانسواءِ بازار ۾ وڪري لاءِ ميسر هيون. مختلف سيمينارن ۾ هن ان ڳالهه تي شديد زور ڏنو هو ته کنڊ جي ٻورين تي اسٽيڪر ۽ بار ڪوڊ (Stickers and bar code) ڪارخاني جي حدن ۾ ئي لڳڻ گهرجن ته جيئن ننڍا واپاري بنا ڪنهن خوف خطري جي پنهنجو ڪاروبار ڪري سگهن ۽ بي ڊپو/بي خوف ماحول پيدا ٿي سگهي. ڊاڪٽر رند هڪ ملنسار، مشفق، طبيعت جو من موجي پر دردمند، غريب پرور ۽ هاڪاري ڪردار هو. هن جي ميٽنگن ۾ وطن سان پيار، ماڻهن جا مسئلا، ڪامورن جا فرض ۽ خلق جي خدمت جو اونو سڀ ڪنهن محسوس ڪيو. ذاتي ڪچهرين ۾ پنهنجي ننڍپڻ ۽ ٽنڊي آغا جون ڳالهيون، سندس والدين ۽ مانڊڻي وارا غريب دوست، عشق ۽ خط، جنرل ضياءُ جي دور ۾ ايل ايم سي جي سياست، پنهنجي ننڍي ڀاءُ کانپوءِ سي ايس ايس جو امتحان ڏيڻ، ڪراچي کان فيصل آباد تائين مختلف جڳهين تي نوڪري، _سڀ ڪجهه ته هو ڳالهين جي ڳٽڪي ۾_

ڪڙڪيدار آواز ۾ ’هيلو‘ ڪري ڳالهائيندو ته هو پر ٻئي لمحي ’ماءِ ڊيئر برادر‘ جا مشفق لفظ رسيور ذريعي ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. موڪلائڻ لاءِ هڪ دفعي گاڏي تائين آيو ۽ در کولي ويهڻ لاءِ چيائين. مون کين هٿ ٻڌي چيو؛ ’ڇو ٿا گنهگار ڪريو!‘ انتهائي پاٻوهه مان چيائين ’پنهنجي ننڍي ڀاءُ لاءِ گاڏي جو در به نه ٿو کولي سگهان ڇا!‘ سندس محبتن جا مقروض رهياسين! پنهنجي ذاتي دوستن ۾ هو هڪ سٺو آواز رکندڙ ڪلاڪار هو. نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد جي ۱۹8۱ع جي بيچ جي تقريبن يا هم ڪلاسي/ بيچ ميٽس جي گڏجاڻين ۾ مهدي حسن جا ڪيترا ئي گانا سندس آواز ۾ ٻڌا ويا ۽ دلين تي نقش رهيا. صحت جي حوالي سان هو تمام گهڻو خيال رکڻ وارو شخص هو. کاڌي پيتي ۾ متشدد احتياط، ڏينهن جو ماني نه کائي ۽ رڳو سلاد ۽ صحت بخش شين جي جوسز تي اڪتفا ڪري. ڊوڙڻ ۽ سنڌ جي آفيسرن ۾ ڪراچي جي روڊن تي سائيڪلنگ لاءِ هرک هن شخص ئي پيدا ڪئي. هر موڪل جي ڏينهن تي آفيسرن جي مختلف واٽس ايپ گروپن تي سندس جاگنگ ۽ سائيڪلنگ جون تصويرون/ وڊيوز رکجن/ شيئر ٿين. ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترا ئي صاحب اچي سندس همراهيءَ ۾ حصيدار بڻيا.

حياتيءَ جي رڳن ۾ زندگي ڦوڪيندڙ هن شخص جي رت جو دورو تيز ٿي ويو ۽ دل وارو هي ماڻهو دل جي دوري ۾ جهان ڇڏي ويو، موت برحق آهي پر صحت جو خلوص سان خيال رکندڙ هن محبتي، معتبر ۽ ڀرپور ماڻهوءَ جو ڪُمهلو موت روح جو هڪ حصو ٽنڊي آغا جي نبي بخش قبرستان ۾ پاڻ سان گڏ کڻي هليو ويو آهي! آئون سندس خاندان، دوستن ۽ اڻ ڳڻين پيار ڪندڙن سان تعزيت ۾ حصيدار آهيان!

مُون ڀانيو مُون وَٽ، هميشه هوندا پرين،

ويڙهو ڏيئي ويڪرو، پَهري ويا پَٽ،

ساهه جنهين جي سَٽ، وِڪيم ٿي وڻڪار ۾.

 

(نوٽ: ليکڪ آءِ آر ايس ۾ ڊپٽي ڪمشنر آهي)

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۷ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا