; سنڌي شخصيتون: رمضان نول

18 June, 2022

رمضان نول

رمضان نول

مُحبت جي ڦلدار وڻ مان هڪ ميووي جو طالب شاعر

رزاق سهتو



محبت ٻن دلين جي ويجھڙائپ جو نالو آهي. هي چئن اکرن جو لفظ پنهنجي اندر ڪيتريون ئي سندرتائون ۽ معنائون رکي ٿو. محبت جي لاءِ هر انسان ۽ جانور، نباتات، سڀ محبت طرف سَربي سُجود آهن. اها محبت ئي آهي. جيڪا ٻن اجنبين ۽ اوپرن کي ويجھو ويجھو صفا ويجھو ڪري پيار ۽ عشق کي جنم ڏئي ٿي ڇڏي. دنيا جي هر شاعر، محبت کي شاعري ۾ سمايو آهي. هرڪنهن جي بيان جو انداز، پنهنجو آهي. محبت جي وهندڙ دَرياهه ۾ جيڪا پيار ۽ عشق جي ٻيڙي تري رهي آهي. انهيءَ ۾ ڪو به سوار ٿي سگھي ٿو. هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي آڌار تي محبت جو ٻوٽو لڳائي ٿو ۽ انهي جي لاهن چاڙهن، موسمن جي سختين، هوا ءِ جي ٿڦيڙن، سان منهن ڏيندي ٻوٽي مان تناءُ درخت بڻائي ٿو. محبت ڪنهن سان به ٿي سگھي ٿي. پرجيڪار شدت، لطف، عورت سان محبت ڪرڻ ۾ آهي. شايد ڪنهن ٻئي ۾ ناهي. ان ڪري جو عورت ۽ مرد جنسي طور مخالف فرد آهن. ڇاڪاڻ ته هيءَ ڳالهه هڪ انسان جي ناتي محسوسات جي روشني ۾ ڪري رهيو آهيان. دنيا جي ڪنهن به تخليقڪار کي پڙهو انهيءَ جي شاهپارن ۾ عورت، عشق ۽ محبت جو ذڪر ملندو ئي ملندو. حقيقت ۾ محبت عورت ڪري ٿي، ۽ عورت جي محبت مرد کي دلير بڻائي ٿي ڇڏي. جڏهن ته عشق ۾ عورت مرد کان به وڌ بهادر بڻجي پوي ٿي. سهڻي پاڻ گھڙو کڻي درياهه پارڪري ميهر سان ملڻ ويندي هئي. ميهر ڪناري تي ويهي، ويٺو ابتا سُبتا سر ڪڍندو هئو. پنهوءَ لاءِ سسيءَ ڪشالا ڪڍيا. پنهو پنهنجي ڀائرن سان گھر ۾ ويٺي مانيون کاڌيون. ڪوبه عشق جو داستان کڻو، انهيءَ ۾ عورت محبت جي ميدان ۾ اڳ ڀري هوندي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري کي پڙهڻ سان، اسان کي ڪيتريوئي محبت جون مصرائون ملن ٿيون. مثلن، “محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن،“ “محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو،“ “تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا،“ هي ٿورڙا مثال آهن. پر شاهه جي شاعري، محبت جي مختلف رنگن سان رنگين لڳي پئي آهي.


محبت جي ميدان ۾ اسان جو شاعر رمضان نول پڻ پوئتي ناهي هَٽيو، هن محبت جي حوالي سان شاعرن جي قافلي ۾ شامل ٿيندي، پنهنجي نثري نظمن ۾ ڪوئي تيرهن ڀيرا، محبت بابت ذڪر ڪيو آهي. هن مختلف نوهه ۽ محبوب جي وڇوڙي ۽ وصال تي، زماني تي، عورت جي سونهن ۽ پيار تي ۽ زماني جي لاءِ محبت، محبت ڪندو رهيو آهي. سندس شاعريءَ ۾ جيڪا تڙپ، لڇ آهي تنهن ۾ ڪنهن جوان ناريءَ جي محبت جو ذڪر خوبصورت پيرائي ۾ ائين بيان ڪيو آهي جو پڙهڻ سان ماڻهو، محبت ڪرڻ لاءِ سوچڻ شروع ڪري ٿو. پر هن شاعر جيڪي محبت جي وڇوڙي جا ڏنگ کاڌا هئا. تنهن کي ڏسي محبت ڪرڻ تان ارواح ئي کڄي ٿو وڃي. محبت بابت رمضان جيڪو اظهار ڪيو آهي. ان جون ڪجھ جھلڪيون مّختلف نظمن مان هڪ هڪ سٽ کڻي سندس شاعري مان پسون ٿا:

*هوءَ هن سان هلي وئي. ۽ مان پنهنجي پاڪ محبت تي ماتم ويٺو ڪيان.

*وقت جو زنگجي ويل تير، محبت جي ڪک ۾ پيهي ويو آهي.

*محبت کي ڪباب جيان، ٽانڊن تي پچايو وڃي ٿو.

*هر پيغام آڻيندڙ فون جي بوٿ ۾ محبت جا ڪارڊ گم ٿيڻ لڳا آهن.

*۽ سندس اکين ۾ لڙڪ تري اچن. پوءِ ڄاڻبو ته محبت جي فتح ٿي آهي.

*لفظ چوندا وڃن ٿا ته محبتون تقدير بدلائينديون آهن.

مٿين محبت بابت اظهار کان پوءِ رمضان جو هڪ نثري نظم، اوهان کي ٻڌائڻ چاهيندس، جيڪو سڄو سارو محبت بابت آهي عنوان اٿس :

“محبت جا اسير”

قسم آ ـــ الهامي ڪتابن جي سندر اکرن جو،

قسم آ ـــ باک جي مک مان ڪرندڙ ماڪ جو،

قسم آ ــــ آڪاش جي اڀرندڙ انڊلٺ ريکائن جو،

قسم آ ـــ پهاڙن جي نيڻ ۾ ٽمندڙ آبشارن جو،

قسم آ ــــ آسمان جي وسعتن ۾ چمڪندڙ تجلن جو،

قسم آ ـــ مکڙين جا سينا چيري ٽڙندڙ گلابن جو،

قسم آ ـــ روح جي اندر پلجندڙ محبتن جو،

قسم آ ـــ سانوڻ ۾ سڏيندڙ ڪوئل جو،

اسان ازل کان ابد تائين،

اوهان جي محبتن جا اسير آهيون.

ــــــــ

رمضان نول جي نثري نظمن کي پڙهڻ سان ائين لڳي ٿو. محبت بابت جيڪي به ڪردار آهن. انهن ۾ ميلاپ جي لاءِ تڙپ تيز ۽ تکي هينئي کي ڏنڀ ڏيندڙ آهي. محبت جي معاملي ۾ سڀ جا سڀ ڪردار، بيوفا آهن. ڪٿي اهو شاعر جو پنهنجو الميو ته ناهي. مونکي پڙهڻ سان ائين لڳو ته شاعر جي زندگي ۾ ڪيتريون ئي محبوبائون آيون ۽ ترسيون هليون ويون. ڄڻ ته رمضان جي دل بين القوامي هوائي اڏو هجي، ۽ هن جون محبوبائون ٽرانزٽ پيسنجر هجن.

مان نٿو چوان! هن جي شاعري ڳالهائي ٿي، شاعريءَ جا ڪردار چون ٿا، هن جي اندر جو آواز آهي. هو چوي ٿو.

ها! مان ــ تنهنجي نفرت آڏو ڪو به احتجاج رڪارڊ ڪرائي نه سگھيس،

نه ئي ڳچيءَ ۾ ڦاهو وجھي جيون جي اسٽرائيڪ ڪري سگھيس،

اکين تي پيل تنهنجي صورت وارو پوسٽر ڦاڙي به نه سگھيس.

يا

هُن خط پڙهي ڊسٽ بن ۾ اڇلي ڇڏيو،

ها! سنگدل ماڻهو ڪاغذ تي به تشدد ڪندا آهن.

سچي محبت ماڻهوءَ جي من کي ٽيڪ ڏئي ٿي، سچو پيار ماڻهوءَ جي اندر کي اجاري ڇڏي ٿو. رمضان جي تمان گھڻو ويجھو رهيو آهيان. اسان کي ويجھو آڻڻ واري سنڌي ادبي سنگت ڪراچي هئي. جنهن ۾ اسان ٽن جو ٽيڙو ادب جي دنيا ۾ داخل ٿي ويو. رمضان نول، عادل عباسي، ۽ مان، عادل ڪراچي ڇڏي ويو ۽ رهجي وياسين، اسين ٻه رمضان نول ۽ مان، عادل عباسي جي کوٽ ڏاڍي محسوس ڪندا هئاسين. اسان ڏک به گڏ ڏٺا ته خوشيون به گڏجي ماڻيون سين. رمضان جي زندگيءَ ۾ جڏهن ڪنهن نئين پيار جا پيرا ظاهر ٿيندا هئا ته هو مونکان پري ڀڄي ويندو هئو. گھٽ ۾ گھٽ اهڙا چار حادثا ته ٿي چڪا هئا. اهڙن ڏينهن ۾ هن جي دنيا جا سڀ رستا محبت ڪندر محبوب ڏانهن هوندا هئا ۽ ٻين کي نولفٽ ڪري ڇڏيندو هئو. اسان تمام ويجھو هوندي به ڏور هئاسين. اسان جا رستا ۽ طبعيتون ۽ نصيب الڳ الڳ هئا. محبت ڪرڻ جا پيچرا به الڳ ٿلڳ هئا. ڏسونه! هو مونکان جھونو شاعر هئو، مان نئون نڪور ڪهاڻيڪار هيس. هو محبت، پيار ڪري چڪو هئو. مان پهريون قدم رکيو هئو. هو ڏسندي ڏسندي منهنجي اکين اڳيان ٻه شاعريءَ جا ڪتاب چپرائي چڪو هئو. منهنجو هڪ به ڪتاب ڪون آيو هئو. هن جي شاعريءَ جو ڇوڪريون ساراهه ڪنديون هيون. منهنجي ڪهاڻين کي ڪو پڇندو به ڪون هيو. هو جوانيءَ جي گلن تان پوپٽ پڪڙڻ جو ماهر هئو. ۽ مان صفا جڏو هيس. ادبي ميڙاڪن ۾ ماڻهون هن سان ملندا هئا. ڇوڪرين کي آٽو گراف ڏيندو هئو ۽ مان ڪنهن ڪنڊ ۾ ويٺو هوندو هئس. جتان هو اٿاري ڇوڪرين سان سڃاڻپ ڪرائيندو هئو ته “هي اٿو رزاق سهتو ڪهاڻيڪار” اڃان ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جيڪي ٻڌائي نٿو سگھان. اسان ٻئي ڏاڍا مختلف ۽ جدا جدا نصيبن وارا هئاسين. پر پوءِ به گڏ رهياسين شايد اها محبت ئي هئي جيڪا اسان ٻنهي کي گڏ گڏ رکيون ايندي هئي. ٻي صورت مون، رمضان نول جو ساٿ ”پياسي ڌرتي مٿان رمندڙ بادلن جهڙو” ڄاتو هئو.

مان سوچي رهيو آهيان. مٿي ذڪر پڻ ڪيو آهي ته سچي محبت ماڻهوءَ جي من کي ٽيڪ ڏئي ٿي. سچو پيار ماڻهوءَ جي اندر کي اجاري ڇڏي ٿو. جيڪڏهن رمضان جي سڀني پيارن مان ڪنهن هڪ کي ميلاپ جو روپ ملي ها ۽ هو ڪنهن هڪ جي محبت ماڻي ۽ محبت جي ڦلدار وڻ مان هڪ ميوو، جيڪو پڪل ۽ لذيت ڀريو هجڻ سان گڏ جوڀن جي رس ۾ ٽمٽار هجي ها ۽ هو اهو ڦل ماڻي وٺي ها ته نتيجو ڇا نڪري ها؟ شايد! هڪ ته اسان ٻن ڪتابن “جھيڻي روشنيءَ جا نظم” ۽ ٻيو “روح جا سجدا” جيڪي سندس نثري شاعريءَ جا مجموعا آهن، انهن کان محروم ٿي ويون هان. ٻيو رمضان جي شاعريءَ ۾ پختگي ڪان اچي ها. سچ ته رمضان کي محبت ۾ ناڪاميا بين، ۽ محبوبن جي بيوفائين هڪ حسين ۽ سندر شاعر بڻائي ڇڏيو. جڏهن ذڪر محبت جو هلي ٿو ته محبت جي حوالي سان مون کي هي لفظ چوڻ ڏيو ته:

“پريم ــــ دکن ڀريو هڪ راڳ آهي. هرعلاج کان باغي هڪ اهڙو وڻ جو گھڻي ڇانگڻ سان، بيحد ويرانُ ٿيندي به ڏاڍو ڪارائتو ٿئي ٿو.”

رمضان نول عمر جي آخري سالن ۾ سماج ڏانهن باغيانه رويو رکيو. ۽ دوستن کان به ڏور ٿي ويو هئو ۽ اڪيلائپ جو شڪار ٿي ويو هئو. اها جھلڪ سندس شاعري مان به نظري ٿي. نظم جو عنوان آهي.

“حُسنَ وارن کي چئو.. . . . ! ! ”

حسن وارن کي چئو ته

هاڻ اسان کي ڪابه ايپروچ نه ڪن،

اسان اکين مان، سونهن جا لڳل لينس ڪڍي ڇڏيا آهن،

روح ۾ لڪل پيار جا ڪوڊ سڀ غائب ٿي ويا آهن،

دل جي اي ميل ۾ ڪو به پيغام فيڊ ڪري نٿا سگھون،

هان ته سڀ صورتون ڄڻ ته مس پرنٽ ٿيو لڳن،

جيون جي ڪي بورڊ کي چورڻ جي ڪوشش ڪيم،

ان سمي درد جا سڀ اکر اڻ چٽا ٿي پيا آهن،

تڏهن حسن وارن کي چئو ته

هاڻ اسان تي ڪابه ائپروچ نه ڪن ـــ

محبت جي پيچرن تي هلندي هلندي جڏهن ماڻهو، محبوب جي در تي ايندي ويندي سارا رستا زخمي ڪري وجھندو آهي. تڏهن محبوب کي ماڻڻ جي طلب وڌيڪ چوٽ چڙهي ويندي آهي. پر جڏهن محبوب پاڻ اچي اوطاقي ٿئي سي سائتون عاشق جي اندر کي وڏو آنند بخشينديون آهن. رمضان نول جي اڱڻ تي به محبوب اچي اوطاقي ٿيا پر! ــ ڇا هو محبن سان ملي آنند ماڻي سگھيو يا محرومين جي ٻهِ مُهين بلا کيس ڳڙڪائي وئي. هو هٿ مهٽڻ کانسواءِ ڪجھ ڪري نه سگھيو. يا سڄڻن جو اڱڻ تي سلامي ڀرڻ هڪ خوبصورت دوکو هئو. ڇا چئجي پر هو شاعرءَ ۾ ته اجھو هيئن ٿو ٻڌائي:

“شاعر جي قبر”

هيءَ شاعر جي قبر آ، هن تي گل نه ڇٽجو،

ڇو ته هميشه نفرتن جو شڪار رهيو آهي،

هيءَ شاعر جي قبر آ، هن تي ڏيئا نه ٻار جو،

زندگيءَ ۾ نيڻن جي جوت جلائي آهي،

هيءَ شاعر جي قبر آ، هن تي ڪَتبو نه هڻجو،

زندگيءَ ۾ وڏو نانءُ ڪمايو اٿائين.

هاڻ گمنام رهڻ چاهي ٿو.

 

(رمضان نول جي ياد ۾ ٿيل پروگرام ۾ پڙهيل ليک سن ۽ تاريخ ياد ناهي.)

(رزاق سھتو جي فيبڪ ٽائيم وال تان ۲۹ مئي ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)



رمضان نول

(سنڌيانا تان تعارف)

نواجوان شاعر محمد رمضان نول، ۲۰ جولاءِ ۱۹۶۱ع تي شهر موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ محمد موسيٰ نول جي گھر ۾ جنم ورتو. هن گريجوئيشن تائين موري شهر ۾ تعليم حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۸۴ع ۾ ايم اي سياسيات ۾ ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ نيويءَ ۾ اڪائونٽنٽ رهيو. مختلف شهرن ۾ نوڪري ڪرڻ سان گڏ هن جو ادبي تنظيمن سان تعلق پڻ رهيو. اسلام آباد ۾ نوڪريءَ دوران ۱۹۸۴ع کان ۱۹۸۵ع تائين سنڌ ڪلچرل آرگنائيزيشن جو نائب صدر رهيو. واهه ڪينٽ ۾ نوڪريءَ دوران ۱۹۸۵ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪيائين، جنهن جو ۱۹۸۶ع تائين جوائنٽ سيڪريٽري رهيو. ڪراچيءَ ۾ ملازمت دوران ۱۹۸۷ع کان ۱۹۸۸ع تائين سنڌي ادبي سنگت جو جوائنٽ سيڪرٽري ۽ پوءِ ۱۹۹۰ع تائين سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيائين. ڪراچيءَ جي سنگت کي سرگرم ڪرڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو.

رمضان نول لکڻ جي شروعات ۱۹۸۱ع کان شاعريءَ سان ڪئي. شاعريءَ ۾ پهرين تخليق وائي آهي، جيڪا ۱۹۸۳ع ۾ شايع ٿي. هن وقت تائين شاعريءَ ۾ غزل، وائي، نثري نظم تي طبع آزمائي ڪري چڪو آهي. هن شاعريءَ سان گڏ ڪجھه ڪهاڻيون ۽ ڪالم به لکيا. سندس شاعري ترقي پسند ۽ قومي خيالن سان گڏ سماج ۽ زندگيءَ جي مسئلن جي اپٽار تي مشتمل آهي، جنهن ۾ شهري دهشتگردي ۽ برده فروشيءَ جا اولڙا به نظر اچن ٿا. ان کانسواءِ ڪالم، مضمون ۽ ڪهاڻيون پڻ لکيائين. سندس شاعريءَ ۾ پسنديده صنف نثري نظم آهي. هن وقت تائين سـندس نثـري نظمن جا ٻه مجموعا ’جھيڻي روشني جا نظم‘ (۱۹۹۳ع) ۽ ‘روح جا سجدا‘ (۱۹۹۹ع) شايع ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هن جي غزل، وائي ۽ نظمن تي مشتمل ڪتاب ’درد جي ڇانوَ، ڪهاڻين جو ڪتاب ’سانت پڙاڏا‘ ۽ ڪالمن جو ڪتاب ’رخ بنا رستا‘ پڻ اڻ ڇپيل قلمي مسودن جي صورت ۾موجود آهن. هن جي شاعريءَ تي سنڌ جي وڏن شاعرن لڇمڻ ڪومل، واسديو موهي ۽ هدايت بلوچ جا اثرائتا مضمون ڇپيل آهن.

هن نوجوان شاعر دماغي رڳ ڦاٽڻ سبب ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ ۲۸ جولاءِ ۲۰۰۱ع تي وفات ڪئي، کيس موري ڀرسان اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


No comments:

راءِ ڏيندا