شاهه محمد
نابينا
جي ايم سيد
شاهه محمد، نابينا، ولد رمضان ولد پيراڻو بڪڪ؛ هي
درويش اصل ۾ عيسيٰ بڪڪ جي ڳوٺ، دڙي ۽ لائق پور جي وچ ۾، تعلقي ميرپور بٺوري، جو
ويٺل چوڻ ۾ اچي ٿو. ننڍي هوندي کان ماتا جي بيماريءَ ڪري، اکين کان معذور ٿي ويو.
غريب هئڻ ڪري فقيرن جي صحبت ۾ گهمڻ لڳو ۽ آهستي آهستي ڪري نڙ وڄائڻ سکي ويو، هن کي
خداداد ڏات هئي، جنهنڪري ان ۾ مهارت حاصل ڪري ويو. مختلف راڳڻيون، ڪافيون، لهرا،
ڦوڪون وڄائي ويندو هو. ريڊين تان مختلف طرزون ٻڌي، پنهنجون نيون طرزون ايجاد ڪيون
هئائين. ساز سرود سان کيس عشق هوندو هو. نڙ وڄائڻ مهل وجد ۾ اچي ويندو هو. نانگ
وانگر اواز تي جهولڻ لڳندو هو. نانگ ٻئي جي آواز تي مست ٿيندو آهي، هي پنهنجي آواز
تي جهولندو نظر ايندو هو. سندس اهڙي طرح وجد ۾ اچڻ ۾ عجيب موج هوندي هئي. کيس
ڪراچي شهر ۾ ڪيترين ئي مجسلن ۾ نڙ وڄائڻ جو موقعو مليو، جتي دنيا جي ڪيترن ملڪن جي
سفيرن، آفيسرن، مردن ۷ عورتن کيس ساز وڄائيندو ڏٺو هو. اها اکين ڏٺي
ڳالهه آهي ته هن جي نڙ وڄائڻ مهل ساري مجلس محويت جي عالم ۾ اچي ويندي هئي ۽ مثنوي
مولانا روم جا هي بيت دل تي تري ايندا هئا- ته:
بشنو از ني چون حڪايت مي ڪند،
از جدائي ها شڪايت مي ڪند!
(“نڙ کان سندس ڪهاڻي بڌو، جو وڇوڙي ۾ دانهون ڪري رهيو
آهي.”)
اهو ڪهڙي شيءِ جو فراق هو، جو شاهه محمد نابينا ۾ ايترو
سوز ۽ گداز پيدا ڪندڙ هو! هن راز کي عمومي طور سمجهڻ لاءِ زماني قديم کان مغرب ۽
مشرق جي عالمن، فيلسوفن ۽ درويشن پئي ڪوششون ڪيون آهن. يونان جي عالمن “ٽريجڊي” (Tragedy) صنف جا
ڊراما لکيا، ۽ ان جون فلسفيانه تشريحون ڪيون، جنهن تي اڄ تائين به يورپ جا عالم ۽
فيلسوف لکي رهيا آهن. جيڪڏهن اسان مشرق ۾ صرف ايران ۽ سنڌ جي درويشن جي ڪلام مان
ان مسئلي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسون، ته به هن راز جي عظمت ۽ اهميت جو ڪجهه پتو
پئجي ويندو، مولانا روم ان جو سبب خود نڙانڊيءَ جي زبان کان هيٺين طرح چوائي ٿو:
ڪز نيستان تا مرا ببريده اند،
از نفيرم مرد وزن ناليده اند
(جڏهن کان مون کي نڙلي کان وڍي جدا ڪيو ويو آهي، مون ۾
ان جي فراق اهو درد پيدا ڪيو آهي، جو مرد عورتون منهنجو آواز ٻڌي غمگين ٿيو پون!)
وري وڌيڪ ان جي تشريح ساڳيءَ نڙانڊيءَ کان هن طرح ٿو
ڪرائي:
سر من از ناله من دور نيست، ليک چشم و
گوش را آن نور نيست.
(“ منهنجي درد جو راز منهنجي آواز ۾ ڇپيو پيو آهي. ليڪن
عام جون اکيون ۽ ڪن ان جي محسوس ڪرڻ کان محروم آهن.”)
هاڻ اچو ته “حافظ” کان پڇون ته اهو ان باري ۾ ڇا ٿو چوي
-
“شب از مطرب ڪه دل خوش باد وي را،
شنيدم نالهاي جان سوزني را
چنان در جان من سوزش اثر ڪرد
ڪه بي رقت نديدم هيچ شي را.
(ڪالهه رات سازيندڙ کان نڙ جو بدن جلائيندڙ آواز ٻڌم: ان
منهنجي جان ۾ اهڙو سوز پيدا ڪيو، جو دنيا جي هر شيءِ کي درد کان آجو نه ڏٺم.”)
ان کان پوءِ شاهه سائينءَ جي دروازي تي اچبو ته آواز
ٻڌبو ته:
وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪو ڪاري،
هن پن پنهنجا ساريا، هو هنجون هڏن لئي
هاري.
چي، نڙانڊي ته پنهنجن پنن کي ساري دانهون ٿي ڪري، جيئن
ساهه واري شيءِ پنهنجي عزيزن ۽ خويشن جي جدائيءَ کان هنجون هاري ٿي! مطلب ته سڀ
ڪنهن درد فراق جا داستان پئي بيان ڪيا آهن ۽ ان کي پئي ساراهيو آهي -
“دل خالي ز درد عشق دل نيست
تن بي درد بس جز آب و گل نيست”
(جامي)
(“درد کان خالي دل حقيقت ۾ دل ئي نه آهي: درد کان خالي
بدن مٽيءَ ۽ پاڻيءَ جو بوتو آهي.”)
آخر ڪهڙو سبب آهي، جو هرڪو ان دانهن کي پسند ڪري ٿو؟
حافظ ان جو جواب ڏئي ٿو ته اهو شر هستيءَ کي کي مٽائي ڇڏي ٿو ۽ بي سري زندگيءَ کي
باسر يعني بامعنيٰ بنائي ڇڏي ٿو. ۽ بي سري زندگيءَ کي باسر يعني بامعنيٰ بنائي ڇڏي
ٿو. شاهه سائين فرمائي ٿو ته “جيڪي فراقان سو وصالان نه
ٿئي!” صحيح زندگيءَ جو راز انهيءَ وسيلي حاصل ٿي سگهندو. موجوده زماني جي
زبان ۾ علامه قاضي صاحب فرمائي ٿو ته: “درد سائڪرين مثل آهي، جا ظاهري ذائقي ۾ ڪڙي، پر
انتها درجي جو مٺاڻ رکي ٿي - يعني
درد ظاهري تڪليف ده آهي، پر حقيقت ۾ حد درجي جي خوشي آهي، جنهن جو حصو زندگيءَ جو
مقصد سمجهيو وڃي ٿو:
ائين نه آهي ته اهو راز صرف درويش ۽ صاحب دل سمجهي سگهن
ٿا. شاهه محمد نابينا کي به “اشارتون ان جون سڪو تان سڄن”
سان ان جي پروڙ هئي. هي اڪٿر مون سان خلاصيءَ مجلس مهل، منهنجو هٿ جهلي، آهستي ڪري
چوندو هو ته عام منهنجو نڙ ٻڌي تعريف ڪن ٿا، پر منهنجي اندر جي سوز کان واقف نه
آهن. اميد ته تون واقف هوندين!” ان وقت مون کي مولانا روم جي هيءَ مصرع اچي ياد
پوندي هئي -
“هر ڪسي از
ظن خود شد يار من،
وزد زون من نجست اسرار من.”
(“سڀ ڪنهن پنهنجي نقطي نگاهه کان مون کي پسند ڪيو، ليڪن
منهنجي اندر جي احوال طرف نگاهه نه ڪئي.”)
هي واقعي سوز ۽ گداز جو پتلو هو انسان جي قيمت سندس
ظاهري سونهن، ملڪيت، عزت ۽ طاقت تي ڪٿڻ ٺيڪ نه آهي. ان جو حقيقي قدر ۽ قيمت سوز ۽
گداز جي موڙيءَ تي ڪٿي سگهبو. شاهه فرمائي ٿو ته:
مٺ مٺ سورن سڀ ڪنهين! مون وٽان وٿاڻان،
ڀريو ڪيو ڀڻان، ويا وهائو نڪري!
اسان جا پوئتي پيل ملڪ بيابان مثل آهن، جن ۾ ڪيئي گل
کڙي، ڪنهن جي ڏسڻ ۽ خوشبوءِ ڏيڻ کان سواءِ ختم ٿيو وڃن. اسان جي اديبن، فنڪارن ۽
اهل دل جي اهائي حالت بنجي ٿي، ليڪن ڇا ڪجي! وهائو ڪونه آهن، پارکو ڪونه آهن، شيهي
۽ سون جي تميز ڪانه اٿن.
ههڙي بي بها جوهر جو قدر ڪونه ٿيو. هي ڪسمپرسيءَ جي حالت
۾ ميرپوري بٺوري جي اسپتال ۾ ۵- مئي ۱۹۵۷ع تي وفات ڪري ويو.
سندس مزار مقام قاضي ڀريو لڳ لائقپور تعلقي ميرپور بٺوري ۾ آهي.
شاهه محمد نڙ پاڻ سان کڻي ويو. سازيندڙ گهڻا ٿين، ممڪن
آهي، ڪي انهيءَ جهڙيون طرزون به وڄائي وڃن. پر اهو سوز، اهو گداز، اها بي زبانيءَ
جي گفتگو اهو وجد ۽ حال ڪٿي ملندا! “روءِ راڻي جي ناهه ڪو، سوڍو سوائي” وارو حال
ئي ڏسڻ ۾ ايندو.
ڪنور ڀڳت ۽ شاهه محمد نابينا جي آواز ۽ ساز ۾ جو سوز
آهي، سو صديون گذرڻ بعد به پيو ڪنن ۾ گونجندو.
“ چه بانگ
بود ڪه نواخت مطرب عشاق،
ڪه رفت وقت هنوزم دل پرز صدا
است”
يورپ ۾ ويس ته اتي ڪيترين جاين تي شاعرن، اديبن، مصورن ۽
فنڪارن جا يادگار ڏٺم، ڇا هتي اسان اهڙو ياد گار قائم ڪري سگهون ٿا؟
شاهه محمد جود والد، رمضان ولد پيراڻو بڪڪ، پنجهتر سالن
جو اڃا تائين حيات آهي - هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. شاهه محمد کي پنج ڀائر هئا: (۱) سليمان، (۲) محمد رحيم (۳) امير بخش، (۴) جمعو خان ۽ (۵) مينهن وسايو هي سڀ
مال چارڻ جو ڌنڌو ڪندا آهن.
(جنب گذاريم جن سين، جلد ٻيو
تان کنيل)
شاھ محمد شاھو نابينا
۵ مئي ۱۹۵۷ تاريخ وفات
اڄ سنڌ جي ھڪ تمام وڏي موسيقار، ڦوڪ وارو نڙ ساز وڄائيندڙ شاهه محمد (شاهو) نابينا بڪڪ جي وفات جو ڏينهن آهي، بڪڪ قبيلو سنڌ جو مشهور قبيلو آهي، جنھن جي گھڻائي جبل/ڪوھستان جي رھاڪو آهي، ٺٽي ضلعي ۽ ڄام شوري جي ڪوھستان پٽي سان گڏ بڪڪ ڪراچي ۽ بلوچستان جي به ڪافي علائقن ۾ رهندڙ آهن، سري کان ٿي مول، مول کان گوجو لڪ ذريعي لاھوت يا ڪنڊ جھنگ اچبو ته ساڄي هٿ تي مول جو چير ڦاڙ جبل ۽ کاٻي هٿ تي مھر جبل اچي ٿو، وچ وٺي ڪنڊ جھنگ اچبو ته ڪنڊ جھنگ کان پھرين بڪڪن جو وڏو ڳوٺ اچي ٿو، ڪنڊ جھنگ کان ڪراچي وايا دريجي روڊ تي اچبو ته ٻئي پاسا بڪڪن جا ڳوٺ آهن، شاھ نوراني چوڪ، حب، سسئي جي مزار، ڏانهن ويندي به بڪڪن جا ڳوٺ اچن ٿا، ڪراچي ۾ به پراڻي دور کان بڪڪن جا ڪيترائي ڳوٺ آباد آهن، بڪڪن جي اوڙڪن ۾ جمعاڻي، منگھاڻي، ڀوراڻي، چاڪراڻي، ٻاراڻي، زھرياڻي، ٽوڪاڻي وغيره شامل آهن، شاھ محمد نابينا جو تعلق بڪڪن جي ٽوڪاڻي اوڙڪ سان ھو، ھن ڪوھستان ۾ ئي جنم ورتو، شاھ محمد پئدائشي طور تي نابين نه ھو، پر ننڍي ھوندي کان ئي ماتا جي بيماري سبب نور کان محروم ٿي ويو، نڙ جي ھن باقاعده ڪنهن کان سکيا نه ورتي هئي، پر اھا ڏات کيس قدرتي طور تي عطا ٿي، ھن خوب نڙ وڄايو، نڙ درد جو ساز آهي، سائين جي ايم سيد لکيو آهي ته شاھ محمد نابينا نڙ وڄائڻ وقت پاڻ تڙپندو، ڦٿڪندو ھو، مست ٿي ويندو هو، ڏسندڙن ۽ ٻڌندڙن کي به حيران ڪري ڇڏيندو هو، ھن جبل ۽ ڪراچي جي ڪيترين ئي محفلن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، چين جي حڪمران چوئن لائي سميت مختلف عالمي اڳواڻن اڳيان به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، چوئن لائي کيس وڏي عزت ۽ مان ڏنو، کيس سندس ملڪ ھلڻ جي آڇ ڪئي، جيڪا ھن درويش ٺڪرائي ڇڏي، سندس بيجنگ ريڊيو اسٽيشن تان وڏو وقت اسم ھلندا رهيا، ماسڪو ريڊيو اسٽيشن تان به اسم ھليا، ھن وقت شاهه محمد نابينا جو ڪٿي به ڪو سولو solo اسم ناهي، پر ماسٽر محمد ابراهيم سان گڏ سنگت طور سندس ڪجهه اسم موجود آهن، ھن ۵ مئي ۱۹۵۷ع ڌاري وفات ڪئي، سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ عيسي بڪڪ، بڪڪ موري، لڳ دڙو، اڳوڻو ضلعو ٺٽو، ھاڻوڪو ضلعو سجاول، ۾ موجود آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا