; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ مير محمد جوڻيجو

14 June, 2022

ڪامريڊ مير محمد جوڻيجو

ڪامريڊ مير محمد جوڻيجو

سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن سان محبت ڪندڙ

حاجي گل حسن آريسر



شاھ صاحب فرمايو آھي ته،

اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،

آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،

جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

سنڌ جو سچو سپوت ۽ فرزند، ٽوپي ۽ اجرڪ وارو ۽ سنڌ جي غريب بي وس ڏتڙيل عوام جو يار غار ۽ انھن جي حقن جو حاصلات لاءِ عوامي خواه سياسي پليٽ فارمن تان عوامي آواز بڻجي جدوجهد ڪندڙ ڪامريڊ مير محمد جوڻيجو سنڌ ۾ ڪنھن به تعارف جو محتاج نه آهي ھو تعليم يافته گريجوئيٽ ھو ڪجھ عرصو ابتدائي دور ۾ سيڪنڊري ٽيچر به رھيو. پر پوءِ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي ابتدائي سياسي دور ۾ غريبن جي پسمانده علائقن جا ڏک سور ۽ عوامي مسائل حل ڪرڻ لاءِ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نعري دل ۾ جاءِ پيدا ڪيس ۽ ڀٽو صاحب به سنڌ جو سپوٽ فرزند ھو. سو ڪامريڊ به ڀٽو صاحب جي سياست تي عاشق ٿي ويو. ٽيچري کي الوداع ڪري پيپلز پارٽيءَ جو ڪارڪن ٿي ويو.


ڪامريڊ پنهنجي اڻ ٿڪ ڪردار سبب، ڀٽو صاحب اڳيان صف اول جي ڪارڪنن مان ھڪ ٿي ويو ۽ ڀٽو صاحب اقتدار ۾ اچڻ بعد ڪامريڊ مير محمد جوڻيجو کي ھاڻوڪي ميرپورخاص ڊويزن جي پراڻي ٿرپارڪر ضلع جنھن ۾ ميرپورخاص ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلع اچن ٿا ان جو سيڪريٽري جنرل به مقرر ڪيو ھو. ڀٽي صاحب سان گڏ هيءُ ھر جلسي ۾ اسٽيج تي مقرر طور گڏ ھوندو ھو. قدرت هن کي اھا ڏات بخشي ھئي جو ھو ھر عنوان جي تقرير جو ماھر ثابت ٿيندو ھو. ماڻھو، ڪامريڊ جي ھر تقرير کي ساراهيندا ھئا.

سنڌ ۽ سنڌ جي غريب عوام جو ترجمان ۽ گھڻ گھرو ھو. ھر سياسي اسٽيج تي سنڌين لاءِ حق جوآواز ھو، سنڌ لاءِ پاڻي جھڙن ڳنڀير مسئلن تي به هن آواز بلند ڪيو ھو، ڪامريڊ مير محمد جوڻيجو مشھور سنڌ جي ھاري مزدور ليڊرن مرحوم ڪامريڊ غلام محمد لغاري، غلام حيدر لغاري، کان ويندي مشھور سياستدانن مولانا ڪوثر نيازيءَ، غلام مصطفي کر، حيات محمد شير پائو، فاروق لغاريءَ، معراج محمد خان، ممتاز علي ڀٽو، غلام مصطفيٰ جتوئي، جھڙن عظيم سياستدانن سان تعلق ۾ رھيو آھي، هن ايم آر ڊي تحريڪ ۾ زبردست ڪردار ادا ڪيو ھو.

اڳوڻو وزيراعلي سنڌ غلام مصطفيٰ جتوئي مرحوم ته ڪامريڊ مير محمد جوڻيجو جي اسٽيجن تي سياسي تقريرن تي موھت ھو ۽ چوندو ھو ته ڪامريڊ مير محمد جوڻيجو کي ھر طرح ھر طبقاتي فڪر ۽ ھر نئين تقرير جي موضوع جو ماھر ۽ استاد سمجھان ٿو. هن سندس فرزند غلام مرتضيٰ جتوئي کي چيو ته سياست خصوصي طور تقرير جو فن ۽ لھجو وڃي ڪامريڊ مير محمد جوڻيجو کان سکو، جنھن کي ان تي عبور حاصل آھي.

ڪامريڊ مير محمد چوندو ھو ته پيپلز پارٽي ۾ اھم ڪردار ادا ڪرڻ سبب جيلون ۽ مارشل لاءَ دور ۾ وڏيون عقوبتون برداشت ڪيون. مٿس قاتلانه حملا به ٿيا. جان وڃڻ جا خطرا به پيدا ٿيا. پر هو اصول ۽ موقف تان ھرگز نه ھٽيو. ايستائين جو مخالفن هن کي فلسطين جي سربراهه ياسر عرفات وانگر کاڌي ۾ زھر ملائي ڏنو ھو.

ڪامريڊ مير محمد جوڻيجو کي بيهوشيءَ جي حالت ۾ عمرڪوٽ جي سول اسپتال ۾ پھچايو ويو. جتي مسلسل ۳۶ ڪلاڪن جي بيهوشيءَ بعد، ان وقت جي سول اسپتال عمرڪوٽ جي ايم ايس ڪيپٽن ڊاڪٽر فضل الاھي يوسفاڻي جي ذاتي ڪوششن سان صحتياب ٿيو. ڪامريڊ مير محمد جوڻيجو جي ان وقت پپلز پارٽي جي ضلعي صدر ايم پي اي سيد علي مردان شاھ سول اسپتال عمرڪوٽ ۾ عيادت ڪرڻ آيو ھو.

ڪامريڊ مير محمد جوڻيجو جي ٻي عوامي جھلڪ اھا ھوندي ھئي ته ننگر پارڪر جي سماجي اڳواڻ مرحوم جھان خان کوسي وانگر مسئلن جو شڪار، ھاري مزدور ۽ معاشري جي ستايل عوام جا ٽولا ڪامريڊ مير محمد جوڻيجو جي اڳيان پويان عمرڪوٽ ۾ راملا ھوٽل جي ايوان ۾ ۽ ميرپورخاص ۾ عثمانيه ھوٽل جو ايوان سندس ذاتي آفيس جو ڏيکاءَ ڏيندا ھئا.

ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت بعد برائي نام پيپلز پارٽي ۾ رهيو. پوءِ ھو ڪجھ عرصو سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين رھيو. پير غلام حسين جيلانيءَ، ايم اين اي آفتاب حسين جيلانيءَ، سيد علي نواز شاھ، قربان علي شاھ، سيد خادم علي شاھ، سيد عنايت علي شاھ، روچيرام وڪيل، چاچا خوشي محمد، معراج محمد خان سان تمام قريبي رابطو رھيس. آخري ۱۰ سالن کان ڪامريڊ مير محمد جوڻيجو ڪجھ وقت اڪيلائي ۽ تنھائي ۾ بسر ڪيا.

سندس فرزندن مان ڪير به ڪامريڊ مير محمد جوڻيجو جھڙو ٿي نه سگھيو آھي. ڪامريڊ مير محمد جوڻيجو پنھنجو وارو وڄائي ھي اجرڪ جي پٽڪي وارو املھ ماڻڪ شخص ۱۸ مئي ۲۰۲۲ع تي اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي چڪو آھي. پر سندس يادون اڄ به زندھ آھن پر افسوس ان ڳالھ جو آھي جو پيپلز پارٽي سربراهن خواھ اڳواڻن ھن پارٽيءَ جي اھم ڪردار کي وساري ڇڏيو آهي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۴ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا