; سنڌي شخصيتون: حمز علي سوهو

23 June, 2022

حمز علي سوهو

حمز علي سوهو

منهنجو دوست منهنجو رهنما

عيسيٰ ميمڻ



ڪي ماڻهو تاريخ ٿيندا آهن ته ڪي وري ماڻهو تاريخ کي ٺاهيندا آهن. تاريخ پڙهڻ الڳ ڳالھ آهي تاريخ پڙهڻ الڳ ڳالھ آهي. جيڪي ماڻهو تاريخ ٺاهيندا آهن اهي اصل ۾ تاريخ جا اصل سورما اهي ئي هوندا آهن. تاريخ انهن جي پورهيي کي ڪڏهن به ضايع نه ڪندي آهي. تاريخ ٺاهڻ جو ڪمال تمام ٿورن ماڻهن جي سر تي ايندو آهي. جن ماڻهن سموري عمر پنهنجي ذات کي ٻين لاءِ ارپي ڇڏيو هجي يا جن سماج ۾ پنهنجي دامن کي اجرو رکيو هجي اهي حقيقت ۾ تاريخ جا اڏيندڙ ٿين ٿا. سائين حمز علي سوهو انهن ماڻهن مان جنهن سموري ڄمار سماج کي ڏنو آهي عملي طور تي به ته فڪري طور طور تي به. بنا ڪنهن ليڊرشپ جي تمنا ڪرڻ جي بنا ڪنهن شهرت جي ڊوڙ جي بنا ڪنهن ذاتي مفاد جي، سماج ۾ ڪم ڪرڻ ڪا مذاق ناهي سموري ڄمار ماڻهو کي روزو رکڻو ٿو پوي. اذيتن مان گذرڻو ٿو پوي تڏهن وڃي ڪجھ ٺهي ٿو. سائين حمز علي سوهو جو جنم ۱۳ جولاءِ ۱۹۶۲ ۾ موهن جي دڙي جي بلڪل ڪک ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ حاجي مشوري ۾ محمد ابراهيم سوهو جي گهر ۾ ٿيو. پرائمري جا پنج درجا پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان پاس ڪيا. هن ۱۹۸۰ع ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪري مان ڪيائين. وڏي وٿيءَ کان پوءِ ۲۰۰۴ع ۾ وري ايم اي اردو ۾ ڪيائين.


 هن جو ڳوٺ سياسي ۽ سماجي حوالي سان سجاڳ ڳوٺ سمجهيو ويندو آهي. ڪيترا ئي پڙهيا لکيا ماڻهو هن جي ڳوٺ سان وابستا رهيا آهن. ڪامريڊ محمد بچل سوهو، ڪامريڊ محمد قاسم سوهو کي ته اسان پنهنجي ننڍپڻ ۾ ئي متحرڪ ڏٺوسين. هڪ ته موهن جي دڙي جي ڀر ۾ هجڻ جي ڪري هن جي رڳن ۾ دراڙن جو خون شامل آهي ته ٻئي سنڌو دريا جي مٽيءَ جي خوشبو به شامل آهي جنهن ڪري هن جي شعور ۾ عوام دوستي ۽ وطن دوستي ۽ علم دوستي شامل رهي آهي. هن جي سياسي طور تي پهرين تربيت عوامي تحريڪ ڪئي. ان دور ۾ عوامي تحريڪ ڪارڪنن جي نظرياتي تربيت پڻ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. جنهن ڪري حمز علي نظرياتي طور سماج کان ڪافي مٿي بيٺو هو ۽ آهي.

سنڌي ادبي سنگت ۾ اسي جي ڏهاڪي ۾ انور پيرزادي ۽ حيدر جويي جي صحبت سبب سرگرم ٿيو. ۱۹۹۶ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جو ميمبر ٿيو. هن سان منهنجو تعلق ۱۹۹۸ع ۾ تڏهن جڙيو جڏهن مان اٺين جماعت پڙهندو هيس ان وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جون دستوري گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هئس.. ان وقت سنگت ۾ گهڻو متحرڪ رهندڙ حمز علي سوهو، حيدر جويو، خير محمد چنا، شهمير سومرو، مظفر منگي، فيض پيرزادو، گلاب سومرو، رشيد زهراڻي، ديدار ڀان جن هئا. سنگت جون گڏجاڻيون سائين گلاب سومري جي ٽيوشن سينٽر تي پراڻي بس اسٽينڊ جي ڀرسان ڏيرا محلي ۾ ٿينديون هيون. نفيس ۽ نازڪ طبيعت جو مالڪ، تاڙي هڻي ته اڏامي وڃي جهڙو وزن رکندڙ حمز علي سوهو، دليل بازي جو ماهر ماڻهو هو ۽ آهي. سڀني کي ڌيان سان ائين ويٺو ٻڌندو ڄڻ هن کي ڪنهن به شيءِ جي خبر ئي هجي پر پنهنجي واري سان ڳالهائڻ مهل دليلن سان ڪنهن به ڳالھ کي اهڙي طرح رد به ڪندو ته بحال به ڪندو جو ان جو نڪته نظر ئي بدلجي ويندو. ڪهڙو به مائي جو لال ڇو نه هجي ان کي سامهون سچ چوڻ جي جرئت رکندو آهي. ڪامريڊ حيدر کي پنهنجو سياسي ۽ فڪري رهنما سمجهندو آهي ان سان هن جي محبتن جو ڪو حساب به نه آهي پر جڏهن ڪامريڊ سان ڪنهن ڳالھ تي اتفاق نه هوندو اٿس ته ان کي لھجو نرم رکي ۽ موقف سخت رکي سڀ ڪجھ چئي ڏيندو. رسول بخش پليجي، سان هن ان دور ۾ اختلاف رکيا جنهن دور ۾ رسول بخش پليجي سان اختلاف رکڻ انتهائي ڏکيو هوندو هو. پليجي صاحب جڏهن آءِ جي آءِ سان ٺاھ ڪيو هو ته هن ان خلاف مضمون لکي پنهنجي اختلافن جي نشاندهي ڪري عوامي تحريڪ کي الوداع ڪري قومي تحريڪ ڏانهن لاڙو رکيوهو، جيتوڻيڪ حمز علي سوهو جي چواڻي ته” قومي فڪر ڏانهن لاڙو ننڍپڻ کان ئي هو پر پليجي صاحب جي ڳالهين ۽ دليلن جي ڪري ڪجھ وقت عوامي تحريڪ سان رهيس. ” هن کي ان سياسي سفر تي به ڪو پڇتاءُ نه آهي ڇاڪاڻ ته هن ان سياسي سفر ۾ سدائين مثبت سوچ ۽ عمل سان پنهنجون سرگرميون ڪيون. قومي تحريڪ سان باظابطا نوي جي ڏهاڪي ۾ جڙيو پر نوڪري ۽ گهرو ذميوارين سبب عملي طور قومي تحريڪ سان گهڻووقت نه هلي سگهيو باقي فڪري طور تي هن اڄ تائين پنهنجو قبلو تبديل نه ڪيو آهي.

هن تعليم کي سنڌ جي نجات جو ذريعو پئي سمهجيو آهي. اهوئي سبب اهي جو هن پنهنجي اولاد جو تعليم طرف ايترو ڌيان ڏنو جو هن پنهنجون سموريون صلاحيتون ۽ وسيلا اولاد جي تعليم تي صرف ڪري ڇڏيا آهن. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو هن جا ٻه پٽ ڊاڪٽر، هڪ ڌيءُ، ڊاڪٽر هڪ پٽ استاد ته هڪ پٽ تعليم کاتي ۾ بائوميٽرڪ آفيسر آهي. صفا سادي زندگي گذارڻ ڪا مذاق نه آهي، ماڻهو کي سڄي عمر جي هڪ ورت مان گذرڻو ٿو پوي. هن اهو ورت رکي مثال قائم ڪري ڏيکاريو آهي. نشي کان صفا پري پري رهيو آهي ايتري قدر جو مون هن کي سگريٽ به ڪڏهن ڇڪيندي نه ڏٺو آهي. باقي چانھ کي به زندگي جي وڏي عياشي سمجهي مزو وٺندو آهي. کاڌي ۾ به صفا سادو کائڻ کي ترجيح ڏيندو رهيو آهي. هو چوندو آهي ته “ٿورو کائو پر سٺو کائو”. صحت جي معاملي ۾ به تمام گهڻو محتاط رهيو آهي. صفا ڪپڙا صاف سٿرا پائندو. هن جو تعلق به نوڪري جي حوالي سان صحت کاتي سان رهيو. اتي به هن جي ملازمت کان وڏي نه هئي پر جيتري به ملازمت هئي ۽ جيترو به وقت رهيو هن اتي ايمانداري سان پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏني. جڏهن به هن جي آفيس ويندا هئاسين ته سدائين مصروف نظر ايندوهو ان هوندي به دوستن سان رويو سڀاءُ وارو رهندو هيس. دوست به هن جا مخصوص رهيا آهن انهن سان هرحال ۾ نڀاءُ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت ۾ مان پنهنجن توڙي پراون جو سدائين ضروري ۽ غيرضروري تنقيد جي نشاني تي رهيو آهيان پر هن سدائين منهنجو بچاءُ ڪيو آهي سدائين حوصلو ڏنو آهي منهنجي سرگرمين کي جلا بخشيندو رهيو آهي نه صرف زباني پر عملي طور تي ٻانهن ٻيلي رهيو آهي. جيتوڻيڪ مان هن جي صحبت ۾ زندگيءَ جو وڏو حصو گذاريو آهي گهڻو ڪجھ هن وٽان سکيو به آهي پر هن مون کي نه عمر جو طعنو ڏنو آهي نه وري گهٽ علم هجڻ جو مهڻو ڏنو آهي.

اسان جو سماج دوستي ۽ دشمني ٻنهي ۾ انتها پسند آهي. جنهن سان محبت ڪندو ته ان ۾ ڪا کوٽ نه ڏسندو جيڪڏهن ڪنهن سان نفرت ڪندو ته ان ۾ ڪا خوبي ناهي ڏسندو. ان ڪري سماج متوازن نه آهي پر حمز علي سوهو وٽ ان جي ابتڙ آهي. تشخصي طور تي ڪو هن کي وڻي يا نه پر جڏهن ڪنهن جي به (دوست توڙي دشمن) ڳالھ مناسب لڳندس ته ان کي داد ڏيڻ ۾دير نه ڪندو. دوستي ۽ دشمني ۾ توازن رکڻ جو فن مان سائين حمز علي ۾ ڪمال جو ڏٺو آهي. باقي مون کي هن کان سدائين اها شڪايت رهي آهي ته هن لکڻ کي وقت گهٽ ڏنو آهي. جنهن ڪري هن وٽ جيتريون ڳالهيون، تجربا، مشاهدا موجود آهن اهي جيڪڏهن لکت ۾ آڻي ته هوند ڪيترن ئي نسلن جي رهنمائي لاءِ ڪيتريون ئي واٽون کلي پون پر سدائين بيماري ۽ مصروفيتن جا بهانا ڪري لنوائي ويندو آهي مان سدائين هن کي چچڙ ٿي لڳل آهيان. هن زندگي جا ۳۵ سال ڳوٺ ۾ گذاريا آهن ته ۱۹۹۶ کان ڏوڪري ۾ رهيو آهي ۲۰۱۰ع کان وٺي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي. اسان جو ڏوڪري ۾ به ساڳيو ئي فڪري ۽ ذاتي رشتو هو ته هتي به ساڳيو ئي فڪري ۽ ذاتي ناتو قائم ۽ دائم آهي. ڪيترائي اهڙا طوفان لڳا، ڪيترا ئي اهڙا ڏکيا مرحلا آيا پنهنجي رشتي جي وچ ۾ آيا پر اسان پنهنجي رشتي کي ائين محفوظ رکيو آهي جيئن ڪا ماءُ سردي توڙي گرمي ۾ پنهنجي ٻچي جي حفاظت ڪندي آهي.

 

(عيسيٰ ميمڻ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۷ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا