; سنڌي شخصيتون: عبدالجبار ”عاجز” منگي

25 June, 2022

عبدالجبار ”عاجز” منگي

عبدالجبار ”عاجز” منگي

زندگيءَ جي عڪس جَهڙو شاعر!

حفيظ چانڊيو



هُو غريب ديس جو اُهو امير شاعر آهي، جيڪو ديس جي دردن تي هميشه لُڇندو رهي ٿو. هُن جي تڙپ ۾ سنڌ جي مارو ماڻهن جي خوشحاليءَ جو اجرو خواب آهي، جنهن جي ساڀيان لاءِ هميشه فڪرمند ڏٺو ويو آهي. هُن وٽ مَحبوبا جي مُرڪ کان وڌيڪ ديس جي ٻار جي بُک جي پورائي لاءِ فڪرمندي آهي. هُن کي ڪنهن پريمي جي بيوفائي کان وڌيڪ ديس جي غلامي پاڻ ڏانهن وڌيڪ ڇڪي ٿي. اُهو ئي سبب آهي جو هُن وٽ اظهار جو ذريعو به چپن جي چاشني، لبن جي لالڙي کان وڌيڪ ديس جو درد آهي. هُو شڪارپور شهر جي گهٽين ۾ به شهر جي اوائلي اوج کي ڏسڻ جو هميشه خواهشمند رهيو آهي. عاجز مَحبوب شهر جو اُهو مُحبتي قلمڪار آهي، جنهن وٽ شاعري اوهيڙا ڪري لهي ٿي. هُن سُهڻي قلمڪار جو جنم به ڪنهن ڀاڳ کان گهٽ ناهي. سندس جنم ۱۰ جنوري ۱۹۷۰ع تي ڳوٺ ڇتو منگيءَ ۾ غلام رسول منگيءَ جي گهر ۾ ٿيو، جتي هُن ٻالڪپڻ ۾ فطرت کي ويجهي سان ڏٺو. آبائي ڳوٺ ۾ هُن پٽيءَ کان اٺين جماعت تائين تعليم حاصل ڪئي. ۱۹۸۸ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڊکڻ ۾ داخلا ورتي، جتي مهيني سوا ۾ ئي سندس ڳوٺ جي ڇوڪرن جو ڪن شاگردن سان جهيڙو ٿيو ته سندس والد محترم ڊکڻ هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر سان ملي پٽ جو سرٽيفڪيٽ وٺي نئون ديرو ۾ پڙهائڻ لاءِ کيس داخل ڪيو. ڇتي منگيءَ ڳوٺ کان سائيڪل تي پير متاري کان نئين ديري علم پرائڻ لاءِ کيس مُشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پيو ھو، پر علم جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ سَڀني تڪليفن ۽ ڏُکن کي سيني لائي نئين ديري مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. نئين ديري هاءِ اسڪول تائين پهچڻ لاءِ کيس ڪڏهن ڪڏهن ته سرڪاري بسن ۾ سفر ڪرڻو پيو، پر ڪنهن به مسئلي کي مجبوري نه سمجهيو هيائين. ۱۹۹۰ع ۾ سندس والد غلام رسول منگي پنهنجي ڳوٺ کان شڪارپور ۾ شفٽ ٿي آيو، ڳوٺ کي الوداع چيائين ۽ پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪيائين. هُن انٽر سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور ۾ مڪمل ڪئي، جتي کيس ڪيترائي بهترين دوست مليا. ۱۹۹۲ع ۾ شاھ لطيف ڪاليج شڪارپور مان گريجوئيشن ڪيائين.


۹۰ع واري ڏهاڪي ۾ ئي شاعري جي ديوي مٿس راضي ٿي، سندس شاعريءَ ۾ استاد ارباب علي چوهاڻ صاحب آهي، جنهن کان هُن شاعريءَ جي سَڀني اصولن جي ڄاڻ حاصل ڪئي. وزن بحر سکيو ۽ شعر کي ٻُڌندڙن ۾ پُراعتماد ٿي پڙهڻ جو هنر ڏنو. سندس ڇپيل ادبي مواد سنڌ جي ڪيترين ئي اخبارن توڙي ادبي رسالن ۾ شايع ٿيو. هُو ”جو دم غافل سو دم ڪافر”جي سٽ جيان سدائين سجاڳ رهيو آهي، جدوجهد واري عمل ۾ رهيو آھي. ھُو مهراڻ ادبي سنگت سان سلهاڙيل رهيو، اڳتي هلي ۱۳ مارچ ۱۹۹۸ع ۾ سنڌ سڳنڌ ادبي سنگت جو بنياد وڌو، جتان ڪيترائي ادبي پروگرام ڪرائي شڪارپور ۾ هلچل مچائي ڇڏي هيائين. سندس ترتيب ڏنل هڪ ڪتاب ”عشق جي اصلي ڳالھ نه ڪر”جي عنوان سان نياز ”مسرور”بدوي سان گڏ ڇپجي چُڪو آهي. عبدالجبار عاجز منگي کي ادبي مڃتا عيوض ۲۰۱۸ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ لکي جي پليٽ فارم تان استاد قمر کوسو يادگار ايوارڊ جي اعزاز سان نوازيو ويو. پريس ڪلب شڪارپور ۲۰۱۶ع ۾ کيس بهترين پرائمري استاد ۽ کاهوڙي استاد هجڻ سبب شڪارپور مڃتا ايوارڊ سان نوازيو. مهراڻ ادبي سنگت پاران کيس چار سئو سالا جشنِ شڪارپور ۾ ۲۰۱۷ع ۾ بهترين شاعر جي ايوارڊ سان نوازيو ويو. سنڌي ادبي سنگت پاران کيس منشي عطا محمد يادگار شيلڊ ڏني وئي.

اسان جي روشنيءَ جهڙا،

احساس آيا هون،

اوهان ڏي زندگيءَ جهڙا،

کڻي احساس آيا هون،

غمن واريون دليون ٿينديون،

محبت سان سيراب هاڻي،

هتي سنڌو نديءَ جهڙا،

کڻي احساس آيا هون،

جيئون سنسار ۾ ٿا،

نياز، نوڙت، نمرتا سان،

جهان ۾ کڻي بندگيءَ جهڙا،

کڻي احساس آيا هون!

***

ڪاغذن ۾ زندگيءَ جا،

عڪس پسجن ٿا پيا،

۽ قلم ۽ روشنيءَ جا،

عڪس پلجن ٿا پيا،

رات جو ٿي ماڪ پئي،

نازڪ ڪلين جي جسم تي،

۽ گلن ۾ شبنميءَ جا،

عڪس پسجن ٿا پيا،

بُک ۽ بدحالي جي ڪري،

محروم ڇڏيون خواهشون،

۽ هٿن ۾ بيوسيءَ جا،

عڪس پسجن ٿا پيا،

حسرتن جي موت تي،

جذبن ڪيو آ سوڳ ڀي،

پوءِ نيڻن ۾ نديءَ جا،

عڪس پسجن ٿا پيا!

ڪاغذن تي زندگيءَ جا عڪس پسڻ بنھ نت نئون استعارو آهي، اُن جو استعمال شايد اڳ ڪنهن شاعر ڪيو هجي.

احساس روئن ڪيئن ٿا،

ڄاتو نه ڪڏهن تو آ،

وشواس ٽُٽن ڪيئن ٿا،

ڄاتو نه ڪڏهن تو آ!

احساسن جي ٽُٽڻ جي روئيداد ۽ هيڏي سنسار ۾ وشواسن جي ٽُٽڻ بابت سندس ڳالهيون پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن مائل ڪن ٿيون.

خاموش ٽهڪ منهنجا،

پکڙيل ته فضا ۾ هِن،

ڄاتو نه ڪڏهن تو آ،

يادن کي ته چوواٽن تي،

يارَ کڻڻ خاطر،

ڏس پير هلن ڪيئن ٿا،

ڄاتو نه ڪڏهن تو آ!

شاعر عبدالجبار ”عاجز”منگي پنهنجي مزاجن ۾ دليپ جي برفيءَ جهڙو مٺو ماڻهو آهي. سندس بي خوف ۽ بيباڪ هجڻ پٺيان سندس ڌرتيءَ سان ازلي اُهو عشق آهي، جنهن کيس هڪ اورچ، اڏول ۽ آدرشي انسان جو روپ ڏئي ادبي دنيا ۾ هڪ الڳ سُڃاڻپ عطا ڪئي. هُو سُهڻو شاعر آهي، بيحد ذهين، بااصول، خوش پوشاڪ، خوش اخلاق، حاضر دماغ، حضور شرم لکڻ جو، مطلب ته سڀني وصفين ڪمال جو ماڻهو آهي. هُو پيشي جي لحاظ کان هڪ استاد آهي، ادبي مورچي تان قوم لاءِ بهادريءَ سان وڙهندو رهيو آهي، غاصب ۽ مقامي لالچي عنصرن خلاف بي خوف ٿي باهيو اٿائين. لکڻ ۾ سندس مُنفرد اسٽائيل آهي، پنهنجي سادي سودي اسلوب سان جُملن جي سُهڻي سٽاءَ، خوبصورت ٻوليءَ جي استعمال، خيالن کي خوبصورتي سان بيان ڪرڻ جو اظهار سميت شعرن ۾ لوڪ ڏاهپ تي آڌاريل چوڻين ۽ ورجيسن جو باقاعدگيءَ سان استعمال سندس فن جو ئي ڪمال آهي. هُو پنهنجي ٽهيءَ جو انتهائي سَگهارو شاعر آهي. سندس شاعري رڳو چلڪڻا لفظ ئي ناهن، پر حقيقتن تي آڌاريل تاريخي دستاويز ۽ منصوري آواز ئي آهي، جنهن مزاحمتي سچيت جذبا ۽ ماءُ جون مٺڙيون لوليون شامل آهن، جن کي ٻُڌڻ سان زندگي جهومڻ لڳندي آهي. سندس زندگي ڏاڍي چوڌاريءَ ۾ گذري آهي. هُو سڌڙيو نه، پر حقيقي عاشق آهي، سيني ۾ سڀني رازن کي سنڀالي، ڪنهن سان سُور سلڻ کي ڪفر قرار ڏئي ٿو. هُن جي زندگيءَ جي ڀوڳنائن کي سندس شاعريءَ ۾ پڙهي سگهجي ٿو، اُها هُن جي رڳو شاعري ئي ناهي، پر اُداسائي، نراسائي ۽ ويڳاڻپ جي آهُن ۽ دانهن کي غور ڪبو ته سڻي سگهجي ٿو. هُن جيتوڻيڪ جوانيءَ جو ڳپل حصو ماڻيو به آهي، ته به چاهي ٿو ٻالڪپڻ ۾ هڪ دفعو ٻيهر موٽي وڃجي، جنهن عمر پيڙائن، ڏُکن، وڇوڙن، دوستن جي دوکن ۽ رت جي رشتن جي خبر ئي نه هوندي هئي. اُن کان علاوه ماڻهن جي خراب روين ڪري ڪنهن کي پنڊ پهڻ ٿيڻو نه پوندو هوندو. هُو جڏهن پنهنجي حسين ٻالڪپڻ کي ساري ٿو ته سندس اکين اڳيان اُهي ساوا ۽ سرسبز کيت اکين آڏو اچيو وڃن ٿا، جن کي ڏسي هُو گد گد پيو ٿيندو هو. آسمان جي وسعتن ۾ چنڊ کي کڙندي ۽ ستارن کي ٽمڪندي ڏسي کيس ڪنهن ننڊ جي گوري جي ڪڏهن ڪا ضرورت ڪانه پئي هئي.

شاعر عبدالجبار عاجز منگي صاحب عمر جي اُن ميچوئرٽي جي ڏاڪي تي آهي، جتي کيس معاشرتي بگاڙ، سماجي بيماري ۽ خراب ريتن رسمن جي چڱي نموني سڌ بد آهي. ھُو سماج اندر ڦهليل انارڪي کان باخبر آهي ۽ سڀني چالاڪين کي بخوبي ڄاڻي ٿو. هُو چاهي ٿو سڀني شين کان وري هڪ دفعو ٻيهر بيخبر ٿي وڃي. هُو گندي سوچ ۽ بيمار ذهنيت کان پڻ بيخبر ٿيڻ چاهي ٿو. عبدالجبار عاجز منگي صاحب جي شاعري ۾ فطرت جا دل کي ڇُهندڙ منظر آهن، جنهن ۾ محبوب جي ذُلفن جو ذڪر به آهي ته وڍ ڏيندڙ وڇوڙن ۽ المناڪ حادثن جو جابجا ذڪر به پڙهڻ لاءِ ملي پيو. هُن جي شاعريءَ ۾ دردن جي درياءَ جي وهڪري جي رفتار سنڌو درياءَ جي ڇولين جيان روان دوان آهي. هُن جي شاعري اُداسي واري عالم ۾ به مُرڪن جا گلاب آڇي جيئڻ لاءِ اُتساھ بخشيندي آهي. هُو مظلومن جو هڪ مسيحا شاعر آهي، جنهن ۾ هُو اونداهين ۾ پڻ روشنائي جو احساس ڏئي ڪاميابي ڏانهن گامزن ڪرڻ چاهيندو رهي آهي. هُن لاءِ شاعري نه مشهوري جو سبب آهي، نه ئي شوق آهي، پر هُو شاعري کي عبادت سمجهي مظلوم قوم جي ترجماني ڪندي نظر اچي پيو. سچ پچ ته زندگيءَ کان مايوس ماڻهو به جيڪڏهن سندس شاعري پڙهندو ته کيس زندگيءَ سان ڀرپور پيار ٿيڻ لڳندو. مايوس ماڻهوءَ جي اونداهين جيون ۾ روشنائي جا پوپٽي رنگ نکري پوندا، هر پاسي کيس زندگيءَ جا گيت ئي گيت ٻُڌڻ ۾ پيا ايندا. زندگيءَ ڏانهن ايندڙ هر رستي تي کيس اُميد جو ڏيئو اُجهامڻ بدران ٻرندي نظر پيو ايندو. گهر ۽ تر سان سندس بيحد پيار ٿيڻ لڳندو ۽ هر هڪ مُنجهيل سُٽ کيس سُلجهندي نظر ايندي. عبدالجبار عاجز منگي جي شاعري غير آباد ذهنن توڙي زنگيل ذهنن کي سيراب ڪري ٿي. جيئن بنجر ۽ غير آباد کيتن ۾ برسات جو وسڪارو ٿئي ۽ بعد ۾ ساڳي بنجر زمين سائي چادر ويڙهي دل کي موهيندي رهي.

احساس روئن ڪيئن ٿا،

ڄاتو نه ڪڏهن تو آ،

وشواس ٽُٽن ڪيئن ٿا،

ڄاتو نه ڪڏهن تو آ،

خاموش ٽهڪ منهنجا،

پکڙيل ته فضا ۾ هِن،

ڄاتو نه ڪڏهن تو آ،

يادن کي ته چوواٽن تي،

يارَ کڻڻ خاطر،

ڏس پير هلن ڪيئن ٿا،

ڄاتو نه ڪڏهن تو آ!

”عاجز”منگي صاحب جا دلفريب احساس آهن، جن کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن پڙهندڙن ئي ڄاتو آهي. سندس خوبصورت خيال جيئڻ لاءِ اُتساهين ٿا، مٽن مائٽن جي ساڙ حسد، ڪيني ۽ ذاتي بغض، سماجي اڻ برابريءَ کيس منتشر ٿيڻ بدران خيالن ۾ سَگھ ۽ وسعت بخشي آهي. جيتوڻيڪ سماج کانئس هڙئي خواب کسڻ چاهي ٿو، اُن جي باوجود هُو ڪٿي مايوس ناهي، پر سماجي سنوت ۾ پنهنجي ڏات ذريعي ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو. عبدالجبار عاجز منگي کي سماج کان جيتوڻيڪ ڪرڀ ۽ گِرنهنَ ايندي آهي، پر پوءِ به هُو هڪ سُجاڳ شاعر جي حيثيت ۾ فرض جي ادائيگيءَ کان غافل ناهي ٿيو. هُو نئين نسل کي پاڙهڻ کان ڪٿي غافل ناهي رهيو، هُن بيمار سماج کي صحتمند بڻائڻ لاءِ اکين مان وهندڙ بادلن مان ڪلڪون ٻوڙي سماج اندر هٿرادو پيدا ڪيل خوف ۽ انارڪيءَ کي ختم ڪرڻ گهريو آهي. هُو آجپي ۽ اُميدن جو شاعر آهي، جنهن جي سٽ سٽ ۾ زندگي ناچڻي جيان رقص ڪندي نظر اچي پئي!

 

(ڏھاڙي ڪوشش حيدرآباد ۾ ۱۵ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



عبدالجبار ‘عاجز’ منگي

دردن جي شناخت جو شاعر - ڪاتِبَ! لِکيِن جيئن

معشوق ڌاريجو

شڪارپور شھر جي ناماچاريءَ ۽ شُھرَت جا ھونئن ته ڪيترائي حوالا آھن، پر مون لاءِ ھن شھر جو ھڪڙو حوالو عبدالجبار ‘عاجز’ منگي به آھي. شاعريءَ جھڙي ذوقَ ۽ شوقَ سان وابَستَه منھنجو ھي دلبر دوست، درس تدريس جھڙي مقدس پيشي سان سلھاڙيل آھي.

سندس فھم ۽ فضيلت، پيار ۽ پاٻوھ ڏسي، آ ته سندس محبت جو مريد بڻجي ويو آھيان. سنڌي شاعريءَ، علم ۽ ادب سان پيار ڪندڙ منھنجو ھي محبوب دوست بنھ ڌيرج سان پنھنجي حصي جو علمي ۽ ادبي ڪم ڪري رھيو آھي.

منھنجا اُھي دوست جيڪي مون کي لکڻ لاءِ اتساھيندا رھيا آھن، انھن ۾ عبدالجبار عاجز منگي به شامل آھي. ھي منھنجو اُھو دوست آھي، جيڪو منھنجي قلمي پورھئي کي ڏاڍي پيار سان پڙھندو رھيو آھي ۽ اڪثر ڪري منھنجا لکيل مضمون ۽ مھاڳ پڙھي، پنھنجي راءِ ۽ پيار جو اظھار ضرور ڪندو آھي.

عبدالجبار ‘عاجز’ منگي ڪڏھن ڪڏھن شڪارپور جي دوستن جا ڇپيل ڪتاب به منھنجي مطالعي لاءِ موڪليندو رھندو آھي.

منھنجو ساڻس لڳ ڀڳ ويھ پنجويھ سال پراڻو دوستاڻو سنگُ آھي. آئون جڏھن شڪارپور ويندو آھيان ته ساڻس ملڻ ضرور ويندو آھيان ۽ سندس بھاني سان سندس دوستن سان به ڪچھري ٿي ويندي آھي. پاڻ ھر ننڍي وڏي ڏھاڙي/ خوشيءَ جي تھوار تي مون کي موبائيل ڪال ۽ ميسيج وسيلي ياد ڪندو رھندو آھي، ۽ آ سندس مٺڙو آواز ٻُڌي ڪيترن ئي ڏينھن تائين مسرور رھندو آھيان. منھنجي جڏھن به دل ڀربي آھي ته کيس ڪال ڪري، ساڻس اندر جو احوال اوري وٺندو آھيان، نه ته اڪثر ڪري ته پاڻ ۽ سائين اظھر آزاد مغل ئي ڪال ڪري، حال احوال ۽ اوڀاريون لھواريون خبرون پُڇي وٺندا آھن.

منگي صاحب انتھائي سادڙو، سٻاجهڙو ۽ دوستن جي عزت ۽ احترم ڪرڻ وارو شخص ۽ شاعر آھي.

عبدالجبار ولد غلام رسول منگي، ۱۰ جنوري ۱۹۷۲ع تي ڳوٺ ڇَتو منگي تعلقي ڳڙھي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. ھن پھرين درجي کان اٺين درجي تائين تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ ڇَتي منگي مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ ھاء اسڪول نئون ديرو ۱۹۸۸ع ۾، انٽر سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور ۱۹۹۰ع ۾، پاس ڪيائين. بي اي شاھ لطيف ڪاليج شڪارپور جي شاگرد جي حيثيت ۾، شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ۱۹۹۲ع ۾ ڪيائين. پي ٽي سي ۱۹۹۶ع ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان  ڪيائين.

عبدالجبار ‘عاجز’ منگي پيشي جي لحاظ کان پرائمري استاد آھي، ھي ۰۷ نومبر ۱۹۹۰ع تي پرائمري استاد ٿيو. سندس پھرين مقرري گورنمينٽ پرائمري اسڪول وزير آباد ۾ ٿي. ان کان پوءِ گورنمينٽ پرائمري اسڪول جنو شريف، گورنمينٽ پرائمري اسڪول بوجا ناپر، گورنمينٽ پرائمري اسڪول مرزان بنگلو ۾ ٿي ۽ ھينئر گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪوٽ اختر محمد شيخ شڪارپور ۾ پنھنجون علمي خدمتون سر انجام ڏئي، گلڙن جھڙن ٻارڙن کي علم جي نورَ سان منور ڪري  رھيو آھي.

عبدالجبار ‘عاجز’ منگي شاعريءَ جي شروعات ۱۹۹۰ع کان ڪئي. شاعريء ۾ سندس استاد ارباب علي ‘عادل’ چوھاڻ آھي. سندس پھرين تخليق ‘ماءُ پيءُ جا حق’ وينجھار رسالي ۾ شايع ٿي. سندس شاعري سنڌ جي مختلف رسالن ماھوار نئين زندگي، ٽماھي مھراڻ، ماھوار السنڌ، ھفتيوار نئين سوچ، ماھوار لوڪ مئگزين، ھفتيوار وينجهار، ماھوار امرتا، ماھوار ادب، ماھوار سرت، ماھوار پرک، ھفتيوار سنڌو، ماھوار سمونڊ ۽ وغيره ۽ مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڇپجندي رھي آھي.

تنظيمي طور تي پاڻ مھراڻ ادبي سنگت شڪارپور ۽ سنڌ سڳنڌ ادبي سنگت شڪارپور ۽ پ ٽ الف جو ميمبر آھي.

سندس ھڪ ڪتاب ‘عشق جي اصلي ڳالھ نه ڪر’ مرتب ڪيل، نواز مسرور بدويء سان گڏ، پڻ شايع ٿيل آھي. جڏھن ته وٽس پنجن ڇھن ڪتابن جو مواد اڻ ڇپيل صورت ۾ به موجود آھي.

کيس علمي ۽ ادبي طور تي سندس خدمتن جي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ به ملي چڪا آھن، جن ۾، استاد قمر کوسو ايوارڊ ۲۰۱۸ع بھترين شاعر جو ايوارڊ سنڌي ادبي سنگت شاخ لکي غلام شاھ، شڪارپور مڃتا ايواڊ ۲۰۱۶ع بھترين محنتي ۽ کاھوڙي استاد پرائمري، پاران پريس ڪلب شڪارپور، چار سؤ سالا جشن شڪارپور ايوارڊ ۲۰۱۷ع شاعر جو ايوارڊ مھراڻ ادبي سنگت شڪارپور، منشي ۔۔۔ شڪارپوري يادگار شيلڊ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۽ ٻيا ايوارڊ.

سندس علمي، ادبي ۽ ذاتي دوستن ۾ شڪيل جان پٺاڻ، اظھر آزاد مغل، بيوس بھار سومرو، حسيب ناياب منگي، امتياز منگي، ارباب علي عادل چوھاڻ، خالد ڀٽي، عبدالجبار عبد سومرو، عبداللطيف سومرو، نياز مسرور بدوي، وفا منظور چوھاڻ، نذير احمد نذير ڊيھو، بيتاب ناپر، ھمير چانڊيو، شفيق عاصم منگي، سيد نسيم بخاري، مختيار سومرو، منٺار مارفاڻي، نثار گل چنو، محبت بابلاڻي ۽ وحيد محسن سومرو جا نالا ذڪر لائق آھن.

عبدالجبار ‘عاجز’ منگي  ۱۹۸۷ع کان شڪارپور ۾ رھائش پذير آھي. اولاد ۾ کيس ھڪ نياڻي پرھ منگي آھي.

پاڻ شاعريءَ جون صنفون غزل، نعت، بيت، چوسٽو ۽ ڪافي وغيره لکي چڪو آھي، پر سندس پسند جي صنف غزل آھي. سندس شاعري گهڻي ڀاڱي علم عروض تي ٿيل آھي. نموني طور سندس غزل جا چند شعر ھيٺ ڏجن ٿا.

دردن  جي  مُسافَتِ کي  نه تو سمجهو نه مان سمجهو،

۽ سوچن جي بغاوت کي نه تو سمجهو نه مان سمجهو.

رھن   مايوس   ٿا   انسان   ڌرتيءَ  تي   ته  جنمن  کان،

سندن ڌک جي عبارت کي نه تو سمجهو نه مان سمجهو.

ٽٽاسين  پاڻ  رشتن کان  رھيو احساس سڏڪن ۾،

۽ انساني رفاقت کي نه تو سمجهو نه مان سمجهو.

تصور   جا  به   رک   بدليا  نه   تدبيرن   ۾  تبديلي،

شناخت ۽ قيادت کي نه تو سمجهو نه مان سمجهو.

رنا مظلوم ماڻهو ڀي نه اکڙيون ڪنھن اگهيون تن جون،

۽ دردن جي شناخت کي نه تو سمجهو نه مان سمجهو.

 

(ڇپيل: روزاني ھلال پاڪستان ۾ ڪاتِبَ! لِکيِن جيئن، اڱارو ۱۷ مئي ۲۰۲۲ع)


No comments:

راءِ ڏيندا