; سنڌي شخصيتون: حسن وساڻ

28 June, 2022

حسن وساڻ

حسن وساڻ

فلمي ڪردارن جھڙو به ويو

نواز ڪنڀر



جھڙا سندس شوق ھئا ۽ جهڙي سندس پسند ھئي، پاڻ به جھڙوڪر مڪمل طرح انهيءَ رنگ ۾ رنڱيل ھو. جنھن سبب ئي ماڻھن انھن مختلف ڪردارن وانگر کيس به سندس نالي حسن سان گڏ ٻين به ڪيترن ئي “ڪلاسيڪل” نالن سان سڏيندا ۽ ياد ڪندا ھئا! ڪلاسيڪل فلمن، پراڻن گانن جي ۵۰۰۰ گول رڪارڊن، ناياب انڊين ڪينسل گانن، نادر ڪيسٽن ۽ دنيا جي اھم پينٽنگس کان ويندي لاجواب ادبي شھپارن تائين وٽس وڏو ۽ ناياب ذخيرو موجود ھو. دنيا جي اھم موسيقارن موزاٽ، رويني، چاؤسڪووسڪي، ورڊي، بيٿون کان ويندي ٻين ڪيترن ئي موسيقارن جي اھم ڌُنن جو به وٽس وڏو خزانو ھو. (جن کي گھربل نموني ٻڌڻ لاءِ ھو سامونڊي جھاز مان ڊيڪ به وٺي آيو.) ان حوالي سان حَسن صاحب جي لائبريري يقينن ھڪ منفرد ميوزيم جھڙو درجو رکي ٿي. ان سبب ئي ھو شيخ اياز جي آتم ڪٿا کان ويندي الانا صاحب جي يادگيرين تائين محفوظ رھيو ته پليجي صاحب کان وٺي جامي چانڊيي تائين سنڌ جون ڪيتريون ئي اهم نالي واريون ۽ باذوق شخصيتون سندس آرٽ گئلريءَ جهڙي گھر ۾ مھمان بڻيون. حُر جماعت سان تعلق رکندڙ بهاري خان وساڻ جو ھيءُ پُٽ ان دؤر ۾ به ڪراچي يونيورسٽي ۾ فلسفو وڃي پڙھيو، جڏھن اڃا ڪيترن ئي معتبر بڻيل ڏات ڌڻين کي ان وقت فلسفي لفظ جي معنيٰ ۽ مطلب جي به خبر نه ھئي! خبر ته خير گھڻن کي ڊارون جي نظرئي ۽ ماحوليات جي به گھڻو پوءِ پئي، جن موضوعن تي حسن وساڻ تمام گھڻو اڳ ڳالھائيندو ھو ۽ ان بابت ماڻهن کي ٻڌائيندو ھو.


۱۹۸۰ع ۾ جڏھن اسان سانگھڙ ڪاليج ۾ داخلا ورتي ته حسن صاحب جونEvolution and Revolution کان ويندي ماحوليات بابت خبرون ٻڌي، ھن تمام وڏي ۽ پڙھيل لکيل ماڻھو جو پرپُٺ مذاق اڏائڻ سان گڏ سندس نظرين ۽ ڳالهين تي پيا کلندا ھئاسين. (ھاڻ انھن ڳالھين تي پنھنجو پاڻ تي پيا کلندا آھيون.) ايئن ماحوليات، جيڪو اڄ سڄي دنيا جو مسئلو بڻجي چڪو آھي، پر عوام جي اڪثريت اڄ به ان مسئلي جي سنگيني بابت سنجيده ناھي، ان تي حسن صاحب کي اسان ان وقت به سنجيده ۽ فڪرمند ڏٺو ھو! حسن صاحب وٽ زندگي ۽ ان سان لاڳاپيل ھر شيءِ کي ڏسڻ جو ٻين کان الڳ ڏانءُ ھو. جيئن ڪجھ ماڻھن سان گڏ تفريحي ماڳن تي وڃڻ جو، ڪن سان ڪچھري ڪرڻ جو، ڪن سان علمي ادبي گفتگو ڪرڻ جو، ڪن جي تقرير ٻڌڻ ۽ ڪن سان گڏ موسيقي ٻڌڻ جو پنھنجو ھڪ مزو ۽ اھميت ھوندي آھي، ايئن ئي حسن صاحب سان گڏ فلم ڏسڻ جو به وري پنهنجو مزو ھوندو ھو. جن اھو مزو ماڻيو ھوندو، سي ان کي ڪڏھن به وساري نه سگھندا. کائنس گڏ فلم ڏسڻ بعد خبر پوندي ھئي ته فلم ۾ ڇا ڇا ۽ اھو ڪيئن ڪيئن ڏسبو آھي. جڏھن رموٽ ھٿ ۾ ڪري حسن فلم ھلائيندو ھو ته چڱا ڀلا پاڻ به ڪنھن فلمي ڪردار جھڙا محسوس ٿي، ماٺ ڪري کيس ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ئي عافيت سمجھندا ھئا. سنڌي ادب کي “جنون جي اڌ صدي” جهڙو پنھنجي آتم ڪٿا جو ڪتاب ۽ دنيا جي ۱۰۰ اھم ۽ ڪلاسيڪل فلمن بابت ڪتاب (جيڪو مڪمل، پر اڻ ڇپيل) ڏيندڙ حسن وساڻ صاحب اھم فلمن جي حوالي سان به مختلف اخبارن ۾ تمام گھڻا مضمون لکيا. جن ۾ ھن فلمن جي ڪهاڻي، ڊاريڪشن، موسيقي ۽ ايڪٽنگ تائين جنھن مھارت ۽ باريڪ بيني سان لکيو، انهن کي پڙھي به فلم جي فن جي حوالي سان سکڻ لاءِ گھڻو ڪجھه مواد موجود آھي. ھو ٻين ليکڪن جي سُٺي لکڻي تي سطحي ليکڪن وانگر “کامڻ، پچڻ ۽ پڄرڻ” ۽ انھن جون ٽنگون ڇڪڻ بجاءِ فون ذريعي يا ملاقات ٿيڻ تي سندن حوصلا افزائي ڪرڻ سان گڏ مزيدار نموني اصلاح به ڪندو ھو. حسن وساڻ جي سڃاڻپ بلڪل ئي الڳ ۽ منفرد رھي. سنڌ ۾ زندگي جي مختلف ميدانن ۽ سبجيڪٽس جي لحاظ سان ملڪي سطح جي دانشورن ۽ ماھرن جو تعداد يا ته صفا محدود آھي، يا پوءِ انھن کي مناسب موقعو نه ملڻ سبب اھي ملڪي سطح تي مٿي اُڀري نه سگھيا آھن، پر حسن وساڻ ڪلاسيڪل فلمن جي لحاظ سان پنھنجي ڄاڻ ۽ معلومات سبب ۽ انھن تي لکڻ جي حوالي سان گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ ميدان ۾ کوٽ کي ضرور پورو ڪيو. جيڪڏهن حسن صاحب روائتي اين جي او واري پاسي وڃڻ بدران فلمن واري فيلڊ کي وڌيڪ وقت ڏئي ها ته وڌيڪ ڀلو ٿي پئي ھا.

جيتوڻيڪ آرٽ، فلمن ۽ موسيقي سان دلي چاھه رکندڙ سڄي سنڌ جا ساڃاھه وند کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندا ھئا ۽ ساڻس ملڻ جي موقعي جو انتظار ڪندا ھئا، پر ھن جو پنھنجن ۽ پنھنجي شهر جي ماڻھن اھو قدر نه ڪيو، جيترو ڪرڻ گھربو ھو. حَسن صاحب جيئن ته ٺھه پھه بغير رک رکاءَ جي منھن تي چوڻ وارو ماڻھو ھو، ان ڪري نه ته سندس ڪا لابي ھئي ۽ نه ئي گروپ. ان ئي سبب ھو وڏو قد ڪاٺ ھجڻ باوجود جائز مقام ماڻي نه سگھيو!

ھن يگاني انسان ۽ ليکڪ تي خانداني ورھاست ۽ ڪجھ سماجي مسئلن جي دٻاءُ سبب هن مهيني جي پهرين تاريخ تي صبح جو ۴ وڳي ڌاري دماغي فالج جو اٽيڪ ٿيو. کيس سانگھڙ مان نوابشاھه ۽ اُتان آغا خان ڪراچي نيو ويو، پرڏيھه مان موٽي آيل سندس فرزندن محبوب، آزاد، سندس ڌيئرن ۽ ادي امام زادي سان گڏ شاھه الزمان وساڻ معجزي جي انتظار ۾ ئي ويٺل رھيا، پر حسن صاحب ۲۵ نومبر تي وڃي ٻئي جھان جا وڻ وسايا.


حسن وساڻ

سانگهڙ ناول جهڙو

نذير سومرو

حسن وساڻ کي تيرنهين نومبر رات جو اٽڪل ساڍي ٽين وڳي لائيٽ هارٽ اٽيڪ سان برين هيمريج ٿيو. اوچتو، اهو به رات جو وقت مٽن مائٽن کيس مقامي سول ڪوس گهر ۾ داخل ڪرايو جتي علم طب جي ڊگريءَ جي غرور ۾ سرشار ڪاسائيءَ کيس نشي جي سئي هنئي. ڪجھ دير کانپوءِ جڏهن کيس سمجھ ۾ آيو ته مون غلط ڪيو آهي ته هن کين صلاح ڏني ته هن مريض جي علاج لاءِ مخصوص ڪاسائي ڀر واري شهر جي اسپتال ۾ هوندو آهي اوهان بنا ڪنهن دير جي کيس اتي پهچايو. مائٽن کيس اتي پهچايو پر اهو ٻڌي انهن جا ٺپ ٺري ويا ته اهو ڪاسائي پنهنجي مخصوص وقت تي ايندو اوهان انتظار ڪريو. انتظار ڪيو ويو، هو آيو ۽ مريض کي ڏسي چيائين ته هي ڪيس مون کان مٿي آهي اوهان کيس روشنين جي شهر جي المشهور ڪوس گهر ۾ داخل ڪرايو پر دير نه ڪريو.

حسن کي وري اتي پهچايو ويو. دروازي کان داخل ٿيڻ کان پوءِ مائٽن کي حڪم ٿيو ته اوهان سڀ کان پهريائين ته ٽي لک جمع ڪرايو پوءِ ڏسون ٿا.

اڌ رات جي ٽائيم تي ايمرجنسيءَ ۾ گهران نڪتل، مختلف ڪوس گهرن کان ٿيندا وارث پريشان ضرور ٿيا پر مڙسي ڪري انهن ٽي لک جمع ڪرائي وڌا. ان کان پوءِ اذيتن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿيو..... ٽيسٽون وري ٽيسٽون، ايسيتائين مريض بنا ڪنهن علاج جي پنجويھ ڪلاڪ پيو رهيو.

ايڪيهين صديءَ ۾ پنجويھ ڪلاڪ!! علاج شروع ٿيا پر ڪجھ ڪونه وريو نيٺ ڇويھ تاريخ ڏينهن جو ساڍي يارهين وڳي مڪيش جي آواز جهڙو درديلو حسن اسان کان کسجي ويو.

روڄ راڙو متو، اوڇنگاريون، روئڻ پٽڻ شروع ٿيو..... ڪجھ ئي دير ۾ سانگهڙ جي مٽيءَ جو آواز آيو منهنجو حسن مونکي موٽائي ڏيو. اوڇنگارين ۾ آواز ٻڌو اڻ ٻڌو رهيو پر مٽيءَ جو سڀ کان سگهارو آواز به اڻ ٻڌو رهيو آهي ڪڏهن؟ مٽن مائٽن وري اوڏانهن جو سفر شروع ڪيو جيئن کنيل خمير اتي پهچائي سگهجي. ايمبولنس آئي، ڊرائيور فرمايو، مان ته هلڻ لاءِ تيار آهيان پر شهر جا سڀ رستا دين کي بچائڻ لاءِ بند ٿيل آهن ۽ فيصلو اهو ٿيو آهي ته ملڪي مفاد ۾ انهن کي اکر ناهي چوڻو.... ائين ئي ساڍي يارهين وڳي سانگهڙ جي قبرستان جو سڏ ورنائي اسان کان کسيل حسن ساڍي اٺين وڳي پنهنجي آخري ڄڃ سان روانو ٿيو.

اسان جي ڪنن جنهن پهرئين تقرير ٻڌڻ جو عذاب سٺو هو اهو آواز هو فيلڊ مارشل ايوب خان جو. جنهن کان پوءِ وري راتيون رنگين ڪري ملڪ بچائيندڙ آغا محمد يحيى خان آيو. ان کان پوءِ باباءِ جمهوريت، جيڪو پوءِ شهيد جمهوريت بڻيو، ان کان پوءِ اميرالمومنين جنرل ضياءُ الحق جيڪو ملڪ تان نثار ٿي ويو، ان کان پوءِ مارئي ملير جي جيڪا پوءِ شهيد راڻي بڻي، پوءِ نوازشريف جيڪو جسماني نه ته روحاني طور ڪيترا دفعا شهيد ڪيو ويو آهي انهن سڀني جي آواز اسان جي ڪنن کي ڪيترا ئي دفعا زخمي ڪيو آهي. هاڻي وري هڪ ننڍڙو آواز اسان جي ڪنن کي پگهاريل ڇيهو وجهي رهيو آهي. انهن سڀني آوازن اسان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هي ملڪ هٿن مان ويو پئي پر مون بچائي ورتو..... جيڪو بچيو آهي اهو اسان اوهان جي سامهون آهي..... جهان ڀي گئي داستان ڇوڙ آئي، جتي هٿ لڳو اتي انا لله و انا اليہ راجعون.

زندگي پنهنجي سڀني عذابن هوندي به وڻندڙ هجي ٿي وري جڏهن فنون لطيفه جي خوشبوءَ ان ۾ شامل هجي ته زندگي عذابن مان ڪجھ گهڙيون ڪڍي ڏکڻ جي هوا جي هڪ جهوٽي وانگر سيني سان لڳي عذابن جا سڀئي پگهر سڪائي ڇڏي ٿي... سَوَن ورهين جا ڏکڙا هڪ لحظي منجھ لاهي ڇڏي ٿي.

حسن به پنهنجو رشتو ان خوشبوء سان جوڙيو هو پر ڇا خوب جوڙيو هو. گهر جو هڪ وڏو حال فلمن، ڊرامن ۽ ڊاڪيومينٽريز سان ڀريل هو. پراڻي کان پراڻا شروعاتي رڪارڊ وري هڪ ڪنڊ ۾ پيل هڪ ڪٻٺ ۾. سيڊيز جو زمانو آيو ته وري انهن لاءِ ڪٻٺ عليحده. ڪو فلم اهڙو ڪونه، ڪو رڪارڊ اهڙو ڪونه جيڪو هن وٽ ڪونه هجي. اخباري ڪٽنگس جو وري هڪ ڌار خزانو.

پنهنجي اولاد جا نالا به فلمي دنيا جي فنڪارن مان کنيل. محبوب (مشهور فلم مدر انڊيا جو هدايتڪار) نوشاد (بريصغير جو موسيقار اعظم). اٿندي ويهندي اهو ئي ذڪر، اخبارن ۾ ڪالم لکيائين تڏهن به موضوع ساڳيو. مون کيس سنڌيا رسالي ۾ لکڻ لاءِ چيو ته قبول ڪري اتي به ان ئي موضوع تي لکيائين.

لنڊن وڃي، جرمنيء وڃي يا فرانس اتي به سيڊيز جي تلاش. هڪ دفعو فون ڪيائين، لنڊن مان پنجاه پائونڊ ۾ ايناڪرنينا آندي اٿم اچ ته گڏجي ڏسون. مون کيس چيو بئنڪ ۾ ڀرتي ٿيل آهيان موڪل جو نالو کڻڻ وڏو ڏوھ آهي سي ڊي ٺاهي موڪل. چيائين ڪوڊ لڳل اٿس، ڪاپي نه ٿيندي، چيومانس اسان ڪاپيءَ جا ماهر آهيون، ايف سورنهن به ٺاهي وينداسين، تون صرف ڪنهن ايڪسپرٽ سان مل.

ڪجھ ڏينهن کان پوءِ فون ڪيائين، ڪاپي ٿي ويئي، اٺ سيديز ۾ موڪليانءَ ٿو ڏسي پوءِ فون ضرور ڪج.

پنهنجي زندگيء تي ڪتاب لکيائين، جنون جي اڌ صدي، چيائين مواد موڪليان ٿو، پروف به چيڪ ڪر، ٻه اکر به لک. مون سندس حڪم مڃيو.

ڪچهري ڪندي هڪ ڏينهن چيومانس ته تنهنجي فيلڊ آهي فلمي دنيا، ميوزڪ جي دنيا، منهنجو عرض مڃ، هڪ ڪتاب لک “هنڊريڊ گريٽ موويز”. نوانوي تون پاڻ لک، هڪ فلم پاڪيزه تي مان لکندس جيڪو به تنهنجي ڪتاب جو حصو هوندو. صلاح ڏاڍي وڻيس، شروع ڪيائين، آخري فون تي جڏهن مون هميشه وانگر کانئس پڇيو ته مون وارو ڪم ڪٿي پهتو ته جواب ۾ ٻڌايائين ته ٽيھ پنجٽيھ فلمون لکيون اٿم، شروعات بندنيء کان ڪئي آهي باقي به لکندس پر ڪجھ ٽائيم لڳندو، ڪي گهريلو مسئلا آهن انهن مان جان ڇڏايان.

پنهنجي آپ بيتي جو ٻيو حصو به لکيو هئائين، جنهن لاءِ به سندس حڪم هو ته پروف چيڪ ڪر، ٻه اکر به لک ۽ وري کڻي به اچ ته پليجي صاحب سان ملون، کيس به لکڻ لاءِ عرض ڪريون.

وصيت ڪئي هئائين ته منهنجي مرڻ تي منهنجو لاش قبرستان تيسين نه کڻجو جيسين هي هي (ڪجھ رڪارڊ/گانا) نه وڄايو... اهي سڀ لتا جا ڳائيل آهن..... خبر ناهي وارثن ان تي عمل ڪيو يا ڪونه؟

حسن سان دوستيء جي شروعات هڪ ننڍڙي جهيڙي سان ٿي هئي. هي جاڳو اخبار ۾ ڪالم لکندو هو جيڪي مان شوق سان پڙهندوهوس هڪ ڏينهن جاڳو معرفت کيس خط لکيم جنهن ۾ سندس ڪالمن جي تعريف سان گڏ ڪجھ تجويزون به موڪليم. جواب ڪونه ڏنائين جنهنڪري کيس ڪاوڙ ۾ لکيم ته ڇا سٺ پنجهٺ سالن جي عمر مان ڪجھ منٽن تي به منهنجو حق ڪونهي؟ اهو جملو کيس ڏاڍو وڻيو ۽ معذرت واري انداز ۾ جواب ڏنائين........ اتفاق ڏسو دوستيءَ جي شروعات به جهيڙي سان ته پڄاڻي به جهيڙي سان ڇوته مان کائنس ڪاوڙيل آهيان ته ائين بنا موڪلائڻ جي اهڙي دنيا ۾ ڇو ويو جتي......... پر يارن سان ڪهڙا ليکا.

No comments:

راءِ ڏيندا