; سنڌي شخصيتون: شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ

17 June, 2022

شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ

شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ

(ورسيءَ جي مناسبت سان)

راھب ڳاھو



ڪي شخصيتون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي پنهنجي بهتر ڪردار، عمل، ڏاهپ ۽ صلاحيت آهر سڃاتيون وينديون آهن، اهڙين شخصيتن جو ذڪر تاريخ جي ورقن ۾ زينت بڻيل هوندو آهي جيڪي پنهنجي محنت، جذبي ۽ عوام سان انسان دوستي واري ڪردار سميت ماڻهن جي ڏک سک ۽ سور ۾ شامل ٿي پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي ويندا آهن، پوءِ جڏهن اهڙين شخصيتن جو بي وقتائتو وڇوڙو ٿيندو آهي ته اهي پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏوگڏ اوڙي، پاڙي، ڏيهه، پرڏيهه ۾ رهندڙن پنهنجي پيارن لاءِ سڄي ڄمار جو صدمو ۽ ڏک جي لهر پيدا ڪري ويندا آهن، اهڙين شخصيتن جو خال ڀرڻ تمام ڏکيو آهي، غلام مرتضيٰ بلوچ به اهڙين ئي شخصيتن ۾ شامل هو، جنهن جي ڪردار کي اڄ به سنڌ واسي ساراهي رهيا آهن، شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ جو وڇوڙو ٻه سال اڳ ۰۲ جون ۲۰۲۰ تي ٿيو هو، هي محبتي ڪردار، هميشه دلين ۾ ياد رهندو ۽ تاريخ جو حصو بڻجي امر ٿي ويو.


خواب اکين مان ويا، ننڊ راتين جي وئي،

تون وئين ته ائين لڳو ڄڻ زندگي هٿن مان وئي.

شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ سان منهنجو تعلق گذريل ۳۶ سال پراڻو هيو ۽ سندس سياست سان گڏوگڏ هو نج عوامي سطح جي شخصيت هو، ڪراچي جي تاريخي درسگاهه اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ ۱۹۷۶ کان وٺي ۱۹۸۱ تائين اسين نه صرف ڪلاس فيلو هئاسين پر هو هڪ انسان دوست ۽ غريب پرور قسم جو درويش صفت انسان هو، هميشه سندس چهرو مسڪراهٽ ۽ محبت سان ڀريل هوندو هو، سندس ڳالهائڻ جو انداز اهڙو هو جو هر شخص اهو سمجهندو هو ته مرتضيٰ بلوچ فقط اسان جو ئي يار آهي، رب سائين مرتضيٰ بلوچ کي ڪيترن ئي خوبين سان نوازيو هيو ۽ کيس سندس محبت ۽ ڪردار بادشاهه بڻائي ڇڏيو هيو، سندس پيار ۽ پاٻوهه سان ملڻ مان اهيو اندازو لڳائي سگهبو هيو ته مرتضيٰ بلوچ ۽ سندس ڪٽنب هميشه محبت جا سفير آهن، سندس ڀائر، مٽ مائٽ به مرتضيٰ بلوچ جهڙيون خوبيون رکندڙ آهن، سندن اوطاق اڄ به مهمان نوازي ڪري مشهور آهي هر ڪنهن سان نياز ۽ نوڙت سان پيش ايندا آهن. مرتضيٰ بلوچ ڪراچي جي ٿر، گڏاپ ٽائون جو ٻه ڀيرا عوام جي ووٽ تي چونڊجي ناظم بڻيو ته هن ڪراچي جي ۶۶ سيڪڙو زميني آبادي جي بنيادي مسئلن کان وٺي شاندار ترقياتي منصوبا پايا تڪميل تي پهچايا، هن پهريون ڀيرو گڏاپ جي تاريخ ۾ رڪارڊ ترقياتي منصوبا جيڪي نج عوام جي سهولت لاءِ جوڙيا تن جو ثمر اڄ به گڏاپ جو عوام ماڻي رهيو آهي، هن پنهنجي قابليت اهليت آهر غريبن ۽ مظلوم ماڻهن کي جتي حق ڏيارايا اُتي سوين پٺتي پيل ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن ۾ بنيادي گهرجون ۽ سهولتون خاص طور تي گڏاپ جي ڏورانهن علائقن ۾ انسانن جي اولين ضروت پاڻيءَ کي پهچايو اهو چيلينج اڳ جي انتظاميا لاءِ هڪ وڏو مسئلو هو، سندس سياسي بصيرت ۽ عملي جدوجهد سبب هو اڄ به دلين ۾ زنده آهي، مرتضيٰ بلوچ گهڻين خوبين جو مالڪ هيو، هو ڪنهن سان به هڪ دفعو ملاقات ڪندو هو ته ان جو نالو ذهن نشين ڪري رکندو هو پوءِ ڀلي هو ورهين کانپوءِ به ملاقات ڪري کيس نالي سان سڏيندو هيو، هن پنهنجي سياسي سفر ۾ نون دوستن سان گڏوگڏ پارٽي ورڪرن کي پڻ عزت ۽ احترام واري نگاهه سان ڏٺو، سندس اهڙي ئي ڪردار سبب پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت ۲۰۱۶ع واري مڪاني چونڊن ۾ ضلع ڪائونسل ڪراچي ۽ ڊي ايم سي ملير جي چونڊن ۾ هن کي هڪ وڏي ذميواري سونپي ۽ هن ڪاميابي ماڻي، پارٽي هڪ دفعو ٻيهر ۲۰۱۸ ع جي عام چونڊن ۾ به ملير ضلعي جي ذميواري هن کي ڏني جيڪا هن انتهائي عوامي قوت سان ميدان ماريندي ملير جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان پيپلز پارٽي کي پنج صوبائي اسيمبلي ۽ ٻه قومي اسيمبلي جي سيٽن تي بيهاريل اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو. مرتضيٰ بلوچ ملير جي صوبائي تڪ پي ايس ۸۸ تان پاڻ به ڪاميابي ماڻي، هن تڪ واسين کي صوبائي حڪومت کان ترقياتي منصوبا ڏياريا، هن پورهئي، خصوصي ترقي واري وزارتن تي رهندي هڪ نئين تاريخ ٺاهي، انهن کاتن ۾ سڌار آندا، ملازمن توڙي وزارت هيٺ ايندڙ هر ڪاموري سان عوامي مفادن خاطر ڏينهن رات ڪم ڪيو ۽ جڏهن ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جو مرض پکڙيو ته سنڌ حڪومت فوري طور تي هنگامي قدم کڻندي سڄي سنڌ ۾ پنهنجو نيٽ ورڪ تيز ڪري ڇڏيو ۽ بهتر قدم کڻندي هن کي ملير ضلعي ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪيو، هن خطرناڪ بيماري کي منهن ڏيڻ لاءِ ملير جي انتظاميا سان گڏجي وڏا اُپاءَ ورتا ۽ ڪورنٽائين سينٽر قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ صحت کاتي کي متحرڪ رکيو، آخر ڪرونا وائرس سان جنگ وڙهندي هو پاڻ هن مهلڪ مرض جو شڪار ٿيو ۽ مختصر عرصي اندر هن مهلڪ جنگ سان وڙهندي ۲ جون ۲۰۲۰ تي جام شهادت پيتائين، سندس چاهيندڙ مرتضيٰ بلوچ جي وڇوڙي کي ڪنهن به صورت ۾ وساري نه سگهيا آهن، ڇو ته هو دلين جو بادشاهه هيو ۽ سندس محبت، عظمت قيامت تائين دلين ۾ رهندي.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۲ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ کي ڀيٽا

جميل چانڊيو

ڪي شخصيتون اهڙيون هونديون آهن جيڪي پنهنجي بهتر ڪردار، عمل، ڏاهپ ۽ صلاحيت آهر سڃاتيون وينديون آهن، جيڪي پنهنجي محنت، جذبي ۽ عوام سان انسان دوستي واري ڪردار سميت ماڻهن جي ڏک سک ۽ سور ۾ شامل ٿي پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکنديون آهن، پوءِ جڏهن اهڙن شخصيتن جو بي وقتائتو وڇڙو ٿيندو آهي ته اهي پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏوگڏ اوڙي، پاڙي، ڏيهه، پرڏيهه ۾ رهندڙن پنهنجي پيارن لاءِ سڄي ڄمار جو صدمو ۽ ڏک جي لهر پيدا ڪري ويندا آهن، اهڙين شخصيتن جو خال ڀرڻ تمام ڏکيو آهي، غلام مرتضيٰ بلوچ به اهڙين ئي شخصيتن ۾ شامل هو جنهن جي ڪردار کي اڄ به سنڌ واسي ساراهي رهيا آهن.

شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ جو وڇوڙو ٻه سال اڳ ۰۲ جون ۲۰۲۰ تي ٿيو، محبتي ڪردار هميشه دلين ۾ ياد رهندو ۽ تاريخ جو هو حصو بڻجي امر ٿي ويو.

شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ سان منهنجو تعلق ۳۶ سال پراڻو هيو ڪراچي جي تاريخي درسگاهه اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ ۱۹۷۶ کان وٺي ۱۹۸۱ تائين اسين نه صرف ڪلاس فيلو هئاسين پر هو هڪ انسان دوست ۽ غريب هڏ ڏوکي پرور قسم جو درويش صفت انسان هو، هميشه سندس چهرو مسڪراهٽ ۽ محبت سان ڀريل هوندو هو سندس ڳالهائڻ جو انداز اهڙو هو جو هر شخص اهو سمجهندو هو ته مرتضيٰ بلوچ فقط سندس ئي يار آهي، رب سائين مرتضيٰ بلوچ کي ڪيترن ئي خوبين کان نوازيو هيو ۽ سندس محبت ۽ ڪردار بادشاهه بڻائي ڇڏيو هيو، سندس پيار ۽ پاٻوهه ملڻ مان اهو اندازو لڳائي سگهبو هيو ته مرتضيٰ بلوچ ۽ سندس ڪٽنب هميشه محبت جا سفير آهن، سندس ڀائر، مٽ مائٽ به مرتضيٰ بلوچ جهڙيون خوبيون رکندڙ آهن سندن اوطاق اڄ به مهمان نوازي سان مشهور آهي هر ڪنهن سان نياز ۽ نوڙت سان پيش ايندو هو.

مرتضيٰ بلوچ جڏهن ڪراچي جي ٿر گڏاپ ٽائون جو ٻه ڀيرا عوام جي ووٽ تي چونڊجي ناظم بڻيو ته هن ڪراچي جي ۶۶ سيڪڙو زميني آبادي جي بنيادي مسئلن کان وٺي شاندار ترقياتي منصوبا پايا تڪميل تي پهچايا. پهريون ڀيرو گڏاپ جي تاريخ ۾ رڪارڊ ترقياتي منصوبا جيڪي نج عوام جي سهولت لاءِ جوڙيا تن جو ثمر اڄ به گڏاپ جي عوام ماڻي رهيو آهي، پنهنجي قابليت اهليت آهر غريبن ۽ مظلوم ماڻهن کي جتي حق ڏيارايا اُتي سندن سوين پٺتي پيل ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ بنيادي گهرجون ۽ سهولتون خاص طور تي گڏاپ جي ڏورانهن علائقن ۾ انسانن جي اولين ضروت پاڻي کي پهچايو اهو معاملو اڳ جي انتظاميا لاءِ هڪ وڏو چيلينج هو.

مرتضيٰ بلوچ گهڻين خوبين جو مالڪ هيو، هو ڪنهن سان به هڪ دفعو ملاقات ڪندو هو ته ان جو نالو ذهن نشين ڪري رکندو هو پوءِ ڀلي هو ورهين کانپوءِ به ملاقات ڪري کيس نالي سان سڏيندو هيو، هن پنهنجي سياسي سفر ۾ هن نون دوستن سان گڏوگڏ پارٽي ورڪرن کي پڻ عزت ۽ احترام واري نظر ڏسندو هو سندس اهڙي ئي ڪردار سبب پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت ۲۰۱۶ واري مڪاني چونڊن ۾ ضلع ڪائونسل ڪراچي ۽ ڊي ايم سي ملير جي چونڊن ۾ هڪ وڏي ذميواري سونپي ۽ هن ڪاميابي ماڻي، پارٽيءَ ٻيهر ۲۰۱۸ وارين عام چونڊن ۾ به کيس ملير ضلعي جي ذميواري ڏني جيڪا هن انتهائي عوامي قوت سان ميدان ماريندي ملير جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان پيپلز پارٽي کي پنج صوبائي اسيمبلي ۽ ٻه قومي اسيمبلي جي سيٽن تي بيهاريل اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو، مرتضيٰ بلوچ پنهنجي بهترين سياسي ليڊر هجڻ جو ثبوت ڏنو.

مرتضيٰ بلوچ ملير جي صوبائي تڪ پي ايس ۸۸ تان پاڻ به ڪاميابي ماڻي، سندس تڪ واسين سان هر ڏک سک ۽ سياسي جدوجهد ۽ صوبائي حڪومت کان ترقياتي منصوبا ڏياريا، جنهن سان گڏوگڏ نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪئي، سنڌ اسيمبلي اندر ملير توڙي سنڌ جي انيڪ مسئلن تي ايوان ۾ گونجيو، پورهئي، خصوصي ترقي واري وزارتن تي رهندي هڪ نئين تاريخ ٺاهي، سندس کاتن ۾ سڌار آندا، ملازمن توڙي وزارت هيٺ ايندڙ هر ڪاموري سان عوامي مفادن خاطر ڏينهن رات ڪم ڪيو.

جڏهن ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جو مرض پکڙيو ته سنڌ حڪومت فوري طور تي هنگامي قدم کڻندي سڄي سنڌ ۾ پنهنجو نيٽ ورڪ تيز ڪري ڇڏيو ۽ بهتر قدم کڻندي ملير ضلعي ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪيو، هن خطرناڪ بيماري کي منهن ڏيڻ لاءِ ملير جي انتظاميا سان گڏجي وڏا اُپاءَ ورتا ۽ ڪورنٽائين سينٽر قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ صحت کاتي کي متحرڪ رکيو، سندس گهڻو وقت مريضن جي ترت صحتيابي لاءِ صبح شام اسپتالن جا دورا ڪرڻ ۾ گذريو ۽ عوام کي ڪورونا وائرس جي بيماري بابت آگاهي مهم ڏني، سندس جذبي مان ائين لڳندو هيو ته مرتضيٰ بلوچ کي ملير جي عوام سان بي پناهه پيار آهي ۽ هو ڪنهن به مصيبت جي گهڙي ۾ ماڻهن کي اڪيلو نٿو ڇڏي سگهي، آخر ڪرونا وائرس سان جنگ وڙهندي هو پاڻ هن مهلڪ مرض جو شڪار ٿيو ۽ مختصر عرصي اندر هن مهلڪ جنگ سان وڙهندي ۲ جون ۲۰۲۰ تي شهادت جو لقب ماڻيو، سندس چاهيندڙ مرتضيٰ بلوچ جي وڇوڙي کي ڪنهن به صورت ۾ وساري نه سگهيا آهن، ڇو ته هو دلين جو بادشاهه هيو ۽ سندس محبت، عظمت قيامت تائين دلين ۾ رهندي، اڄ مرتضيٰ بلوچ اسان جي وچ ۾ نه آهي پر هو تاريخ جي ورقن ۾ زنده رهندو.

سندس خالي ٿيل سيٽ پي ايس ۸۸ ملير تان پاڪستان پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم ذريعي سندس فرزند محمد يوسف بلوچ کي ملير واسين وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو جيڪو اڄ به پنهنجي والد صاحب جي نقش قدم تي هلندي سنڌ اسيمبلي ۾ نوجوانن جي ترجماني سان گڏوگڏ ملير جي ترقي لاءِ ڪوشان آهي ۽ هو پنهنجي والد شهيد مرتضيٰ بلوچ جي عوام سان محبت جي ڪردار جيان ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪري ويو آهي، هي نوجوان ملير واسين لاءِ هڪ نئون مسيحا ثابت ٿيو آهي، شهيد جو وڏو ڀاءُ انور بلوچ ۽ سندس خاندان اڄ به ملير واسين لاءِ هڪ اميد آهن، شهيد جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ سندس فرزند اڄ به ميدان راهه آهي.

شهيد مرتضيٰ بلوچ جي ٻئي ورسي جي موقعي تي ملير واسي سندس خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ سندس اباڻي فقير محمد ڳوٺ گڏاپ ملير ڪراچي ۾ ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت شهيد مرتضيٰ بلوچ کي پنهنجي عوامي خدمت عيوض اڄ به خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ

موکي جي حُسناڪين واري ماڳ جو ماڻهو – چاليھي جي نسبت سان لکيل

حمزو پنهور

ماڻهون ته روز مرن ۽ روز ڄمن ٿا پر زندگي ۾ ڪن پيارن جا اهڙا  المناڪ وڇوڙا هوندا آهن، جن جي وڇوڙي جو درد جئ جهوري وجهندو آهي، بهارن جي حُسناڪي واري مُند ۾ اهڙو المناڪ وڇوڙي جو واءُ وريو جنهن اسان کان موکي جي ماڳ جو مور حاجي غلام مرتضيٰ بلوچ کسي ورتو.

هو نه رڳو عام روايتي ايم پي اي يا وزير هو پر گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو، جنهن سان ملير جا ماڻهو ائين محبت ۽ پيار ڪندا هئا، جيئن ساوڻ جي مُند ۾ گڏاپ جي پهاڙي علائقن جي حسين وادين ۾ رهندڙ ڌرتي جا ڌنار پنهنجي ماڳن سان محبت ڪندا آهن، هي شخص ملير واسين جي اُميدن جو اهڃاڻ هو، سندس هئ ويل وڃڻ جي نه هئي، بهارن جي آمد کان اڳ سندس اوچتو وڇوڙو اميدن جا ڏيئا گُل ڪري دردن جي يادن جا المناڪ منظر ڇڏي ڪنهن اڻڏٺل منزل ڏانهن راهي ٿي ويو.

گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهنڙا،

ڪڏهن منجه ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ جا

مرتضيٰ بلوچ جي ڏاڏي جونجهار بلوچ جو تعلق لياري جي علائقي نوان لين سان هو جڏهن ته سندس ناناڻا گڏاپ ۾ رهندا هئا، حاجي غلام مرتضيٰ بلوچ جو جنم ۱۹۶۴ع ۾ سندس ناني جي نالي سان قائم ٿيل گڏاپ جي ڳوٺ فقير محمد بلوچ ۾ ٿيو، موکي جي ماڳ جو هي ڳوٺ گڏاپ جي ٽڪرين ۽ پهاڙن جي اڻکٺ سلسلن جي حسِين وادين جو سنگم آهي، انهن حسِين وادين تي جڏهن ساوڻ جي مُند ۾ ڪڪر ڪارونڀار ڪري وسندا آهن ته مارو ماڻهو پرهه ڦٽي جو چوپايو مال ڪاهي نڪرندا آهن ۽ ڌنارن جي زبان تي هي گيت گونجندا رهندا آهن ته

بوند برهه جي بهار لڳي،

درد وندي جو ديس وسي پيو

بهار جي ان موسم ۾ اهي جابلو واديون ۽ علائقي جا انڊلٺي منظر، حُسناڪي ۽ رومانس جو جذباتي ڏيک ڏيندا آهن، اڄ جڏهن محبوب جي پهرين مرڪ جهڙي پرين کانسواءِ ساوڻ اڪيلو آيو آهي ته بهارن جون سموريون رنگينيون منڪر موسم وانگر ماتم ڪندي نظر اچن ٿيون ۽ موکي جي هن ماڳ جون سموريون حُسناڪيون پنهنجو رومانس وڃائي ويٺيون آهن ۽ هي حسين واديون ۽ ماڳ ڪاريهر جي قهر وانگر ڏنگڻ ٿا اچن.

ڇا لاءِ اڄ بهارن ۾ گوڙ کوڻ نه آ،

هر مکڙي ڪومايل آ، هر گُل ۾ زخم آ

شهيد حاجي غلام مرتضيٰ بلوچ جي جنم ڀومي ۾ اهڙن ڪيترن ئي املهه انسانن جنم ورتو آهي جن علم، ادب، تاريخ تي نه رڳو عظيم ڪارنامه سرانجام ڏنا آهن پر ڌرتي، ٻولي ۽ سماجي خدمتن تي وڏي مڃتا ماڻي آهي، انهن ۾ سنڌ جو ناميارو محقق ۽ اديب گل حسن ڪلمتي، شهيد مرتضيٰ بلوچ جو ڀاءُ انور بلوچ، مرحوم فقير پانڌي جوکيو، مرحوم فيض محمد گبول، “ڪات منهنجي ڪنڌ تي آئون نچندو اچان، جيئي سنڌ جيئي سنڌ چوندو اچان” جهڙي ڌرتي سان محبت ڪندڙ گيت جو تخليقڪار انور ٻروچ، نامياري شاعر امر گُل، عبدالحڪيم جوکيو، رمضان جوکيو، ظفر حميد، علي ڪلمتي، منظور بلوچ ۽ ٻيا ڪيترائي املهه انسان شامل آهن. جيڪي شهيد جي ساٿ جا ساٿاري رهيا آهن.

شهيد مرتضيٰ بلوچ گڏاپ جي ان پهاڙي وادين واري ڌرتي جي مٽي سان محبت رکندڙ دوستن ۽ سندس ساٿين گل حسن ڪلمتي، منظور بلوچ ۽ ٻين سان ٻالڪ پڻ کان وٺي ڦوهه جواني جي وهي تائين پٿريلي پٽن ۾ پيار جا پنڌ ڪيا ۽ مختلف علائقن جي سفر جا ساٿي رهيا آهن پر هو اڄ انهي ولر کان وڇڙي ويو آهي، هي اهو وقت هو جڏهن قومي تحريڪ جي رومانس جو زمانو هو، مون به قومي سفر جي ساٿين سان گڏجي ملير جي ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين جا پنڌ ڪيا، شهيد مرتضيٰ بلوچ جي وڏي ڀاءُ انور بلوچ جو ملير جي قومي تحريڪ ۾ سرواڻي وارو ڪردار هوندو هو، شهيد مرتضيٰ بلوچ پنهنجي سياسي سفر جي شروعات قومي تحريڪ ۾ شموليت سان ڪئي ۽ ڪجهه سال قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر جي اڳواڻي ۾ قومي تحريڪ جو ميمبر پڻ رهيو بعد ۾ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو، منهنجي ساڻس سڃاڻپ قومي تحريڪ واري وقت کان وٺي هئي پر ساڻس ويجهڙائپ گڏاپ ٽائون جي ناظمي واري دور کان شروع ٿي، شهيد مرتضيٰ بلوچ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ ٻه ڀيرا گڏاپ ٽائون جو ناظم چونڊيو ويو، گڏاپ ٽائون جي ناظمي وارن دورن ۾ شهيد مرتضيٰ بلوچ گڏاپ جي جابلو ٽڪرين وارن ڪوهستاني علائقن ۾ صدين کان پاڻي لاءِ اُڃايل ۽ پريشان مارو ماڻهن لاءِ ۲۸ ننڍا ڊيم ٺهرائي سموري علائقي کي سرسبز وادين ۽ خوشحالي ۾ تبديل ڪيو ۽ سمورن علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي ماڻهن جا بنيادي مسئلا حل ڪيا سندس عوامي خدمت واري انهي شاندار ڪارڪردگي کي ڏسندي پيپلز پارٽي کيس ايم ڪيو ايم جي ڳڙهه واري صوبائي اسيمبلي پي ايس ۱۲۷ واري تڪ تي اميدوار بيهارو اها سيٽ کٽڻ نه رڳو مشڪل پر شهيد مرتضيٰ بلوچ لاءِ هڪ وڏو امتحان هو. هن کان اڳ شهيد عبدالله مراد ايم ڪيو ايم جي عروج واري دور ۾ ان ساڳئي تڪ تان ڪاميابي ماڻي رڪارڊ قائم ڪيو، شهيد مرتضيٰ بلوچ به ان ڏکئي تڪ کي چيلينج سمجهي نه رڳو قبول ڪيو پر شاندار ڪاميابي ماڻي پاڻ ملهايو، اهڙي طرح ٻيو ڀيرو صوبائي اسيمبلي جي تڪ ۸۸ تان مخالفن کي شڪست ڏئي ڪامياب ٿيو، انهن عوامي خدمتن ۽ مسلسل ڪاميابين جي ڪري کيس نه رڳو ملير ضلعي جي صدارت پر وزارت به ڏني وئي.

شهيد مرتضيٰ بلوچ سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي ڪري سڀني سان محبت ڪندڙ نفيس شخص هو، جيتوڻڪ منهنجو سندس سياسي وابستگي سان ڪوبه واسطو نه هو پر شروعاتي ڏينهن ۾ قومي تحريڪ جي سفر واري ساٿ کان وٺي سندس وڇوڙي تائين ساڻس روح جو رشتو رهيو.

سڄڻ يادون تنهنجون آگم ڪيو ٿيون اچن

رويو ٿيون روئن اکيون اوهيرا ڪري.

شهيد مرتضيٰ بلوچ بنيادي طور تي عوامي ۽ قومي سوچ رکندڙ ماڻهو هو جنهن روايتي وڏيرڪي سياست واري جمود کي ٽوڙي عوامي ڀلائي واري ڪمن ۽ عوامي خدمت جا بنياد رکيا، صبح جو پرهه ڦٽي کان وٺي راتين جي اوجاڳن تائين ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين ۾ عوام جي دردن ۽ ڏکن ۾ شامل هوندو هو، جنهن ڪري سدائين غريب عوام جي دلين ۾ ڌڙڪندو هو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ عوام جو محبوب اڳواڻ بڻجي انهن جي دلين تي راڄ ڪرڻ لڳو، ۲ جون ۲۰۲۰ع جي سُرمائي شام جو جڏهن سج موکي جي ماڳ گڏاپ جي جابلو ٽڪرين تان لهي رهيو هو ۽ موکي جي ماڳ جون حُسناڪيون ڪاري جادر ويڙهي ماتم جهڙو ڀيانڪ منظر پيش ڪري رهيون هيون، ان اڀاڳي ويل مرتضيٰ بلوچ جي وڇوڙي جي خبر ملير جي ماڳن تي وڄ بڻجي ڪڙڪي پئي.

جڏهن شام

پاڇن کي ويڙهي ڇڏي

جڏهن درد يادون سيڙهي ڇڏي

تڏهن

چنڊ کي تون نياپو ڪجا

اڃا

حسرتن جا ڏئيا ٻرن ٿا

اندر کي آسرا

اڃا ٿا رهن

اسان وقت جي چيچ ناهي ڇڏي

هلي آءُ

زندگي ايڏي ناهي وڏي

جيتوڻڪ اڄ بهارن جي رنگين موسم موٽي آئي آهي پر بهارن جي موسم جهڙو پرين اسان وٽ اڄ موجود نه آهي، ساڻس زندگي جون گهاريل گهڙيون ۽ يادون دل تي هٿوڙا بڻجي سندس المناڪ وڇوڙي جو احساس ڏيارين ٿيون، هو اسان وٽ موجود نه آهي پر سندس رهنمائي ۽ ڌرتي جي ماڻهن لاءِ سندس ڪيل خدمتون اسان لاءِ هميشه مشعل راهه بڻجي اسان جي رهنمائي ڪنديون رهنديون.

ويو پٻ پئي کيرون کاهوڙين جون،

آئون تن ڏوٿين جو پُڇان پير پئي

رڃن ۾ رات رهي ڏونگر جنين ڏوريا. “شاهه سائين”

 

(حمزو پنهور جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۷ جون ۲۰۲۲ع تي کنيل)


No comments:

راءِ ڏيندا