; سنڌي شخصيتون: سيد آفتاب شاھ

24 June, 2022

سيد آفتاب شاھ

سيد آفتاب شاھ

ماڻهو مڻيادار

ڪامران سھتو



اُهي شخصيتون هميشه اُن وقت ياد گهڻيون اينديون آهن، جڏهن اُهي موڪلاڻي ڪري حقيقي خالق سان وڃي ملن ٿيون، زندگي جي سفر ۾ هو توڻي جو گڏ به هوندا آهن پر کين اُهو مان يا مرتبو ناهي ملندو، جيڪو سندن وڇوڙي کانپوءِ ڏنو ويندو آهي. يعني اسين ايترا ته بيحس ۽ لاچار ٿي ويا آهيون جو پنهنجن ليجنڊز جو جيئري ته قدر نٿا ڪريو پر جڏهن هو هلڻ واري ڪَن ٿا پوءِ هاءِ گهوڙا سميت ڪيترائي جملا ۽ تعزيتن سان لفظن جي ڀرمار ڪري کين مختلف طريقن سان ڏيکاءَ واريون ڀيٽائون پيش ڪريون ٿا، جيڪي حال حيات ۾ ڪرڻ گهرجن، پر خبر ناهي اهڙو وطيرو اسان جي زندگي ۾ الائي به ڇو شامل ٿي ويو آهي، جنهن تي ڪافي صدمو رسندو آهي ته ڇو بيوس بڻجي ويا آهيون. پنهنجن عظيم ڪردارن کي جيئري ڇو نٿا اوترو مان ڏيون جن جا هو حقدار آهن، اهڙن موٽ نه مليل ڪردارن مان ڪنڊيارو جي سياسي شخصيت سيد آفتاب علي شاهه به هڪ آهي، هو پنهنجي زندگي ۾ هميشه اصول پرست، حق سچ چوڻ سميت ماڻهن جو ڀرجهلو رهيو ۽ آخري وقت تائين پنهنجي اصولن واري سياست کي نه ڇڏيو ۽ هن دنيا مان هميشه لاءِ موڪلائي ويو، سندس وڇوڙي تي گهرِي ڏک جو اظهار ڪجي ٿو، ڇا ته شخص هو.


پيپلز پارٽي کان پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ڪندڙ ڪنڊيارو واسي اڳوڻو ايم پي اي سيد آفتاب علي شاهه گمبٽ جي اسپتال ۾مختلف بيمارين سان جهيڙيندي هميشه لاءِ وڇڙي ويو. سيد آفتاب علي شاهه جي سياسي سفر ۾ ڪيترائي لاها چاڙها آيا پر هُن ڪڏهن به پنهنجي اصول واري سياست کان منهن نه موڙيو ۽ آخري دم تائين قائم رهيو، هو ڪنڊيارو شهر واسين لاءِ قابل احترام آهي، شروعاتي دور پ پ سان گذاريندڙ سيد آفتاب شاهه ايم آر ڊي دور ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ نتيجي طور کيس قيد برداشت  ڪرڻو پيو. 91ع واري دور ۾ پارٽي سان اختلافن سبب هن گڏيل اتحاد جي پليٽ فارم سان چونڊون وڙهيون ۽ ڪاميابي ماڻي اُن وقت جي وڏي وزير ڄام صادق جي ڪابينا ۾ شامل ٿي ڪچي آبادي جو وزير بڻيو. هن پنهنجي دور ۾ يا وري ايئن کڻي چئجي ته کيس جڏهن به ڪو موقعو مليو يا سندس وس هليو ته هُن شهر لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري ڏيکاريو. هو پنهنجي والد سيد عابد علي شاهه جي نقش قدم تي هليو ۽ شهر واسين کي اسپتالن، ڪاليجن، اسڪولن سميت ڪيتريون ئي عمارتون تحفي طور ڏنيون، جيڪي اڄ به موجود آهن.

سيد آفتاب شاهه جي زندگي جا گهڻائي پاسا آهن، هو هڪ وقت سياسي ماڻهو هو ته ٻئي پاسي وري ماڻهن سان ڀوڳ، چرچا ۽ مذاق ڪرڻ جو به کيس وڏو ڏانءُ هو. سندس ڪچهرين جا موضوع هميشه سمجهاڻين تي مشتمل رهيا ۽ خاص ڪري نوجوانن لاءِ هو وڏو اتساهه جو سبب بڻيل هو. ڪورونا بيماري سميت ٻيا ڪيترائي فلاحي ڪم هجن اُنهن ۾ سندس وڏو حصو رهيو ۽ گڏوگڏ شهر جي اجتماعي مسئلن تي به سندس آواز بلند رهيو، بجلي جي لوڊشيڊنگ هجي يا وري روڊ رستا تباهه هجن، اُن حوالي سان سندس عوامي طاقت سان ميدان ۾ لهڻ هڪ وڏي سچائي ثابت ڪري ڏيکاري هئي. هُن منسٽري واري دور ۾ نه رڳو پنهنجن ووٽرن پر ٻين پارٽين توڙي شهر کان ٻاهر واسطو رکندڙ بيروزگار ماڻهن کي ڳولي ڳولي روزگار سان لڳايو.

سيد آفتاب شاهه سان منهنجون ڪيترائي ڀيرو ڪچهريون ٿيون، ڪجهه سال اڳ هڪ مقامي اخبار جي سلسلي ۾ شهر جي صورتحال تي ساڻس گفتگو پئي ڪئي ته هُن هڪ سوال تي مون کي اهڙو ته موهي وڌو، جو اڄ ڏينهن تائين ناهي وسريو. سوال جي جواب ۾ ڪا طنز نه هئي، پر اُها حقيقت پڻ هئي، منهنجو سوال اِهو هو ته سائين“ چون ٿا ته ڪنڊيارو شهر پئرس ٿي ويو آهي، ڇا اهو صحيح آهي؟” جنهن تي آفتاب شاهه جواب ڏيندي چيو ته “ميان ڪامران” جيڪڏهن ڪنڊيارو شهر “پئرس” بڻجي ويو آهي ته پوءِ ڇو نه پئرس وارن کي پنهنجي شهر جو نالو بدلائي “ڪنڊيارو” رکڻ گهرجي!. تنهن تي مون چيو ته اوهان جنهن پاسي اشارو ڪري رهيا آهيو، ڇا اُهي تباهيءَ جا ذميوار آهن؟ جنهن تي چيو ها لکي ڇڏيو، آئون ته هُنن اڳيان به ايئن چوندو آهيان، اِن ۾ لڪائڻ جي ته ڪا ڳالهه ڪونهي، مون وري کيس چيو ته قبلا! هو ته ٽي وي تي ويهي چون ٿا “شهر ته اپ ٽو ڊيٽ” آهي. جنهن تي وري چيائين: ها اپ ٽو ڊيٽ آهي، گندگي ۾،روڊ رستا تباهه ٿيڻ ۾، اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ ۾، ٽائون ۾ ماڻهن جي غير قانوني ڀرتين ۾، بلڪل اپ ٽو ڊيٽ آهي، جنهن تي مونکي چيو ته شهر جي ڪهڙن ڪهڙن مسئلن تي ڳالهائيندئو، ڇا ايترو اوهان جي اخبار ۾ مواد هلندو، جيڪڏهن هلائڻ چاهيو ته سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيان، نه ته مختصر صحيح آهي. سو هُن جي واتان اهڙي گفتگو ڪافي ٻڌل اٿم، دل ته چوندي آهي ته بار بار وڃي شهر جي “اپ ڊيٽ” بابت کائنس معلومات وٺجي، پر هاڻي ته هو هميشه لاءِ موڪلائي ويو پر ڪيترا سوال مون لاءِ ڇڏي ويو آهي. هُن جو سياسي حريف موجودا ايم پي اي سيد سرفراز شاهه رهيو، جنهن سان هُن آخري اليڪشن ۾ به مهاڏو اٽڪايو هو.

سائين آفتاب علي شاهه بابت اڪثر چيو ويندو هو ته طبيعت ۾ تمام گهڻو سخت آهي، پر هو ته بلڪل به ايئن نه هو، پر ها هو سراپا سچ هو، اُهو سچ جيڪو ڪنهن کان برداشت ناهي ٿيندو، منهن تي چئي ڏيڻ ئي سندس وڏي خوبي ۽ خاصيت هئي، جيڪا ڪنهن کان برداشت نه ٿي ۽ پوءِ چيو هو ته هن جو لهجو سخت آهي. آفتاب شاهه جي اهڙي رويي ۽ انداز تي نوجوانن ۾ وڏي هاڪ هئي، هو نوجوانن جو آئيڊيل شخص هو ۽ ۲۰۱۸ع جي اليڪشن دوران اوچتو “شير” کڻي شهر ۾ لٿو ته سڄي شهر جو سياسي وايو منڊل تبديل ٿي ويو ۽ ڄڻ محسوس پئي ٿيو ته هاڻي شهر جي ڀلائي لاءِ ڪو وري ميدان مچي رهيو آهي، پر اڳيان جڏهن ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ لاءِ منڊيون لڳي ويون ته پوءِ اُتي سچ جا هوڪا ڏيندڙ ڪٿي ٿو ميدان ماري سگهي، بهرحال هو پنهنجي زندگي ۾ هڪ وڏو مدبر ۽ معتبر شخصيت هو...

سائين آفتاب علي شاهه هاڻي هن فاني دنيا ۾ ناهي رهيو، پر ڌڻي تعاليٰ کان دعا آهي ته هو جنت الفردوس ۾پنهنجي آخرت وارا حسين پَل گذاريندو، آفتاب شاهه جي وڇوڙي تي ڏکويل خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪجي ٿو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۴ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا