; سنڌي شخصيتون: مخدوم فضل الله شاهه سيوهاڻي پاٽائي

16 June, 2022

مخدوم فضل الله شاهه سيوهاڻي پاٽائي

مخدوم فضل الله شاهه سيوهاڻي پاٽائي

(۱۸۰۹ع: ۱۸۸۴ع - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير



سنڌ جو نامور عالم محدث، فقيہ، صوفي ۽ شاعر مخدوم فضل الله صديقي، سيوهاڻي، پاٽائي، مخدوم عبدالواسع جي گهر، قاضي محلا سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيو. کيس سيوهاڻي ان ڪري سڏيو ٿو وڃي جو سندس جنم سيوهڻ ۾ ٿيو آهي. ۽ پاٽائي ان ڪري سڏيو ٿو وڃي جو سندس وفات پاٽ ۾ ٿي؛ مدفن به اتي آهي.

مخدوم صاحب ابتدائي تعليم پنهنجي خاندان جي بزرگن کان حاصل ڪئي. جيئن ته سندس چاچو مخدوم محمد عارف سيوهاڻي ان دؤر ۾ علمي لحاظ کان وڏي فضيلت جو صاحب نظر اچي ٿو. جنهن کان پاڻ ابتدائي سبق پرايو. (صديقي، ۲۰۰۹: ۸)


سندن مرشد کنياري شريف (نواب شاهه) محمد يوسف نقشبندي هو. ان کان ئي طريقت ۾ بعيت ورتائين. سيوهڻ مان لڏي ۱۸۴۳ع ۾ پاٽ شريف وڃي ويٺو. مخدوم سليم الله صديقي لکي ٿو ته”سيوهڻ مان پاٽ لڏي اچڻ کان پوءِ کين نه رڳو پنهنجي قبيلي بلڪه ان علائقي جي ماڻهن ۾ مٿيري حيثيت حاصل ٿي. سندس عزيز ميان صاحب حافظ و عالم احمدي ڪبير ميرن طرفان پاٽ جي پسگردائي جي علائقي جو فتوائون ۽ مسئلا وٽس حل لاءِ ايندا هئا. ۱۸۴۳ع ۾ ميان صاحب احمدي جي وفات کان پوءِ اهو خال مخدوم فضل الله ڀريو (صديقي، ۲۰۰۹: ۱۳)

تصنيفون

مخدوم صاحب ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا لکيا. ۽ ڪي ترجمو پڻ ڪيا. پاڻ سنڌي سان گڏ فارسي جو وڏو شاعر پڻ هو، قاضي القضاءِ جي عهدي تي به فائض هو. سندس سنڌي شعر جو انداز ان وقت مروج مقبول عام الف اشباع تي ٻڌل هو. يا کڻي ائين چئي سگهجي ٿو سندس پسند لکڻ جي الف اشباع واري هئي. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي لکي ٿو ته. مخدوم فضل الله هڪ وڏو فقيه ۽ محرر پڻ هو. جنهن لاءِ ڪيئي قديم فقهي تحريرون ثبوت طور موجود آهن. (قاسمي، ۲۰۱۲: ۲۳۲)سندس ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.

اصلاح المصلح والمنتاح:

هي ڪتاب نماز جي باري ۾ لکيل آهي. هيءَ تصنيف اصل ۾ مخدوم فتح محمد جي آهي، جيڪا فارسي زبان ۾ لکيل هئي. ان جو پهريون سنڌي ترجمو انور لورائي ڪيو پر اهو ناقص سمجهيو ٿي ويو. ڪتاب جي باري مخدوم فضل الله پاڻ لکي ٿو ته:

“اترين ڀاڱي جو ويٺل هڪ شخص شرافت نصاب مروت ماب ميان غلام حيدر جو حرمين شريفين جي سفر سانگي ۽ داڻي جي ڇڪ سبب پاٽ جي شهر ۾ آيو. ۽ هن فقير زاده ‘فضل الله’ جي سجاده نشين ميان نظام الدين وٽ علم جي تحصيل ڪرڻ لڳو، تنهن کي اتفاقاّ جڏهن هڪ ڪتاب (سنڌي مصلح المفتاح) جي خبر پئي ته ان جي مطالعي ڏانهن راغب ٿيو. مگر سنڌي زبان جي ڏکيائي سندس ذوق جي راءِ ۾ مانع هئي. انهيءَ ڪري احقر فضل الله هن ڪتاب جي حجاب کي هٽائڻ خاطر ان کي وري فارسي زبان ۾ ترجمو ڪيو ته ڏکيائي، آسانيءَ ۾ تبديل ٿئي. ۽ ان فارسي ترجمي جو نالو (اصلاح المصلح والمفتاح رکيو ويو. “(فضل الله، ۲۰۰۹: ۲۱)

وحدت نامو:

مخدوم فضل الله شاهه پاٽائي جو هي اهم رسالو پنهنجي مريد ‘عرس احمد’ جي عرض ڪرڻ تي ۱۲۶۴هه سنڌيءَ ۾ تصنيف ڪيو. هن رسالي ۾ مخدوم صاحب توحيد، رب سبحان تعاليٰ، پاڻ ڪريم صه جن جي تعريف، بزرگان دين جا مذڪور حديثون ۽ قرآن مجيد جي آيتن جو ترجمو ڊگهن بيتن ۾ ڪيو آهي.

حمد جُڳاءِ حَميد کي مُبديءُ پاڻ مُعيدُ

مُبديءُ مَعَادُ ڪُلَ جو موليٰ آهه مجيد

قل ڪل من عند الله شاهدُ وَاههَ سهيدُ

اليه يرجع الامر ڪلَه سڀن راهه شديد

اولَ آخر ڪُل جو وَاحدُ آهه وحيد

ظاهر باطن هر زمان باري بِلا نديدُ

الاعيان ماشمت راتحهة الوجود اها رمز رشيد

مرايا مخلوق ٿيا سندا عين عَديدُ

جلوي جمالَ جميل جي ڪيا رنگ جديد

اينما تولوا فثم وجهﮣ الله آهه احيد

المؤمن مراة المؤمن فهم رکج فهميدُ

پاڻ آئينو ٻانهن جو وحد منجهه محيد

اَحَدَ احمد وچ ۾ آهي ميم مديد

ميم مرائهﮣ ڄاڻ تون جنهن ۾ پاڻ پَديدُ

من راني فقد راءِ الحق درس ڪيائين ديد

عوارض آڏا ٿيا اصل ناهه حديد

ڪثرت وَحَدتَ وچ ۾ ناهي بون بعيد

اتي مقالن موج کي پر رکج سمجهه سعيد

فضل الله فَضَلَ سين تون ڪر هيءَ تمهيد

نسخي مُن نروار ٿئي. عالم ڪاڻ عيد

عرس احمد عرض ڪيهه شائق شوق شديد

وحدت نامو وصل جو جوڙيم منجهه جميد

چوهٺ ٻارهن سو ۾ چند ڪڍي ڪيم چيد

سن عمر چهل سال هو تخميني تعديد

نسخي ننڍڙي ۾ جڙيم جوهر جنگ جديد

هيءُ نخل باسقات جو آهي طَلع نضيد

اُشجارن ارشاد جو حاصل حب حميد

جيئن مطعومن ۾ مرتبي آهي نرس تريدُ

تيئن هيءَ قُوت قلوبَ جو فرصت ناڪ فريد

سمجهي سُرُ ان جو ڪو دانهﮣ دل دريد

ڪري هن کي ڪو ڏسون خرد مندُ خريد

سانڍي تنهن کي ساهه ۾ ويڙهي، حبل وريدُ

نقدُ الوقت نگاهه ۾ تنهن کي ٿئي توحيد

جو ڪڍي دوئيءَ کي دل مون ترڪ ڏيئي ترديد

حبيباڻي هنڌ جو بيشڪ آهه بريَدُ

ترت ڪري تاڪيد، ڪاهي ٿو ڪيچ ڏي.

(فضل الله، ۲۰۰۹: ۴۶، ۴۶)

زيور نامو (۱۲۷۸هه)

مخدوم فضل الله صاحب هيءَ تصنيف زنانن زيورن بابت آهي. هر هڪ زيور جي اخلاقي پهلو افاديت تي ڳالهايو سمجهايو ويو آهي هي اسان کي سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ڪتاب نظر اچي ٿو. جنهن ۾ نٿ، بولي، موتي، لال، مانگهه، ڇلن، چوٽيءَ ڦل، جهالر، جهومڪن، پنڙن، چنگلن، سنڪلين، بڪلن، دهڙي چندن هار، لاڪيٽ ڍولڻ، ڪنڊيءَ، تائٿن، بازو بندن، جهاٻن، چوڙين، ڪڙين، منگلين، ڪنگڻ، دستين، مورين، واڍولن منڊين، ويڙهه، چپڪلي، لڪڙي، پازيبن، گهنگهرن، بندڙن ۽ ٻين زيورن بابت شعر چيا آهن. ٽوٽل ۲۹ زنانن زيورن بابت ذڪرڪيو ويوآهي. انهن ۾ ڪي زيور هن وقت استعمال نه ٿا ٿين، ليڪن اهو معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ان وقت ڪهڙا زيور عام هئا ميرن ۾ زيور گهڻا پائڻ جو رواج پڻ هو. اسان کي ان شاعري مان ثقافت، تهذيب، سماج جي رهڻي ڪهڻي جي خبر پئي ٿي.

مخدوم فضل الله جا هي بيت مثنوي مثل آهن جن ۾ زيورن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

(دهري)

دهري دهري ڳنڍ ڏي ڳچيءَ ۾ ڳوڙهي

ڳالهه ڳالهائج اوتري جيڪا ضروري.

(فضل الله، ۲۰۰۹: ۲۳۶)

(بازو بندن)

بازو بند ٻانهن ۾ آهن بند بجاءِ

منع ڪن ٿا مورَ ۾ ٻانهن نه ٻهر ڪجاءِ

(فضل الله، ۲۰۰۹: ۲۳۷)

(ڪنگڻ)

ڪنگڻ ڪرائي کي سوگهو ڪيو ثابوت

متان پرائي چيز مون ڪرين پنهنجو قوت

(فضل الله، ۲۰۰۹: ۲۳۹)

(پنڙا)

پنڙا پن رَک پانهنجي ڪن تون پڻ مَلاهه

پنڙاه پنهنجي پن ۾ ته پرور رکيئي پناهه

(فضل الله، ۲۰۰۹: ۲۳۲)

ترتيب الصلواة:

زيور نامو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. ڪل ۳۲ صفحا اٿس ٻيو حصو ترتيب الصلواة تي ٻڌل آهي. هن رسالي ۾ نماز جي مسئلن بابت “الف اشباع” ڪافيي واري شعر ۾ چيل آهي. فرض، واجب، ۽ سنت جو بيان ڪيو ويو آهي.

نڪاح نامو:

هن رسالي ۾ شعر جو مضمون نڪاح ڪرڻ جي ضروت ڪهڙين عورتن سان نڪاح ڪري سگهجي ٿو. ڪهڙين عورتن کان نڪاح نه ٿو ڪري سگهجي، هي ڪتاب نڪاح جي مسئلن بابت آهي.

چاليهه حديثون:

هن رسالي ۾ چاليهن حديثن جو سنڌي ترجمو ۽ متن ڏنو ويو آهي. شعر ڏوهيڙن جي نموني تي آهي. مٿان حديث ۽ هيٺان ان جي منظوم سنڌي ترجمو ڏنو ويو آهي.

الدين النصيحهﺒ (حديث مشڪواة شريف)

آهي دين نبيءَ جو صه خير گهرڻ ڪل ڏانهن

چڱي چوڻ ڪل کي مدائي منعاه

ڏسي ڪم ثواب جا جهلي کان گناهه

جو اِها چال نه چلي تنهن درس دين نه آهي

ڇهين حديث هن کي ڄاڻج پنهنجي ڄاڻ

(فضل الله ۲۰۰۹: ۱۷۶)

مومن تيسن نه ٿئي. جيسن سرت سبحان

سوئي گهري ٻئي لئي جو ئي پنهنجي ڪاڻ

بڇڙائي ڪنهن باب ۾ ڪنهن سبب ڪري ڪانه

سا ٻئي سين نه ڪري جا وڻيس نه پاڻ

جنهن جي عادت نه اها تنهن ناقص ٿيو نقصان

(فضل الله، ۲۰۰۹: ۱۷۴).

مجاز نامو:

هن رسالي ۾ هڪ عجيب شعر جي شرح ۽ المجاز قنطره الحقيقته جي مقولي جي معنيٰ الف اشباع جي ڪافيي واري شعر ۾ ڪئي وئي آهي.

تصوف نامو:

سنڌ جي شاعرن جو تصوف بنيادي مرڪز رهيو آهي، شاهه لطيف سچل سرمست، روحل فقير، محمد زمان لنواري وارو، بيدل، بيڪس، حمل لغاري، ۽ بين شاعرن تصوف جا شاعر رهيا آهن. هن رسالي ۾ مخدوم فضل الله تصوف جا باريڪ نڪتا نهايت سليس نموني شاعري ۾ عام انداز ۾ سمجهايا آهن.

معجزو:

هن رسالي ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جو معجزو بيان ڪيو ويو آهي. هن معجزي جو شعر الف اشباع واري ڪافيي ۾ آهي.

(۱۰)سامونڊي سوداگر:

هي رسالو حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي بيت سوداگر سمونڊ جا “راڄو لالوٽيح” جو منظوم تشريح ڪئي وئي. ڀٽائي جي بيت جون ڏهه سٽون آهن هر هڪ سٽ جي جدا جدا تشريح منظوم ڪئي وئي آهي. لطيف جي سٽ:

اڇا والا عاج چڱا چٽائيج

منظوم تشريح

آڇون نيتون آجيون ڪنا رنگ رياءَ

چٽيون سي چوکيون هجن محڪم متا بعتاءَ

جيڪا نيت جهڙي اهڙو ٿئي عملا

پختيون هووَن تڪيون سڦريون ۽ صافاءَ

انمالا مرئي مانويٰ هئين سين هڻجاه

اهڙا اولا عاج جا دل کي درس ڏجاء

(فضل الله، ۲۰۰۹: ۲۶۲)

لڙ ۾ ڪين لڏيج ته ستڙ سامونڊي ٿئين (شاهه)

تشريح:

لڙ چئجي تنهن کي جو پاڻي صاف وچان

جي دين ۾ دنيا جي اچي غرض پيا

جي نماز روزي ۾ هوئي مقصد ڪمايا.

يا ڏهار کي ڏيهه لئي سُڪائي ڪايا.

يا ڪي مسئلن رکي ٿو رايا

يا شادي غمي شيطان کي ڪري ٿو ڀايا

ته نانو منهنجو وڏو ٿئي اجهي جاڳ آيا.

لُڙ لوڏا ان ۾ جنهن ماڻهو منجهايا.

سودو ڪر ستڙ ٿيا پرور پهرايا.

ڪاهي مٿي ڪا پوي ٿئي ميرايا

ته لُڙ ۾ لڏڻ آئيو ٻُڏن چون پيا.

جان (يا) ذڪر فڪر ۾ هوئي ورثو وڏا وڌايا

يا جر سڪوت ڌانو ڪري وڃائي وايا

يا مشائخ ٿي ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا.

يا ميڙن ملاکڙن کي ڪري پرڀايا

يا ڪمڙا دين جا جي دنيا وڄايا

جي لڌن نه لمن ان ۾ سامونڊي آيا.

باري بچايا برڪت ڪلمي پاڪ جي.

(فضل الله، ۲۰۰۹: ۲۶۰)

مٿيئن بيت ۾ سچل سرمست جي شاعري جو اثر نظر اچي ٿو.

مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،

شيخي پيري بزرگي بيحد ڀلايا.

ڪي نوڙي پڙهن نمازون، ڪن مندر وسايا،

اوڏانهن ڪين آيا. عقل وارا عشق جي. (سچل سرمست)

(۱۱)بياض فضل الله شاهه پاٽائي.

بياض فضل الله ۾ سندس ئي فتوائون آهن. ڪجهه رسالن جا نالا ملن ٿا زڪواة نامو، ڪتاب الطهارة، الحق الا اظهار، المعقه في اسباب اخر الظهر، غزليات، ڪشف مبهم المشڪلات، مسائل نماز، تحرير ناما، باب القراويح، ڪتاب البخ، باب الاذان، هي رسالا بياض الله ۾ شامل آهن.

ڊاڪٽر محمد روشن صديقيءَ، ’حضرت مخدوم فضل الله صديقي ۽ ان جي علمي فقهي خدمتن جو تنقيدي جائزو‘ جي عنوان سان Ph. d جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي مان ۱۹۹۸ع ۾ حاصل ڪئي آهي.

نتيجو.

مخدوم فضل الله صديقي سيوهاڻي پاٽائي هڪ محدث فقهي، دينوي مشهور عالم هو. پاڻ عالم فاضل سان گڏ بهترين شاعر هو. سندس گهڻو شعر ان وقت جي مروج طريقي الف اشباع تي ملي ٿو.

سندس تحرير جو مقصد تعليم ۽ تلقين هو.

زيور نامو، عورتن جي زيورن بابت هي پهريون ڪتاب آهي جنهن ۾ زيورن جي ساراهه ڪئي وئي ٻئي پاسي اصلاح به ڪئي وئي. اهو معلوم ٿي ٿو ته ان دور ڪهڙ ن زيورن جو استعمال ٿيندو هو. ان حوالي سان ثقافتي تهذيب جو مخدوم صاحب جو ڪردار واکاڻ وارو آهي.

مخدوم صاحب هڪ پختو شاعر هو. سندس شاعري ۾ تشبيهون، اشعارا، ڪنايا، بهترين نموني استعمال ٿيل آهن پاڻ علم بلاغت علم بيان علم حديث، علم تشريح جو عالم هو. قاضي القضا تي فائز هو ۽ مشهور ديني عالم هو.

حوالا

صديقي، سليم الله، مخدوم، ۲۰۰۹: مرتب، مخدوم فضل الله جو ڪلام، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

صديقي، سليم الله، مخدوم، ۲۰۰۹: مرتب، مخدوم فضل الله جو ڪلام، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

قاسمي غلام مصطفيٰ، علامه ۲۰۱۲: چونڊ سوانحي خاڪا، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو.

فضل الله، صديقي، مخدوم، ۲۰۱۲: مخدوم فضل الله جو ڪلام، مرتب، مخدوم سليم الله صديقي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

فضل الله، صديقي، مخدوم، ۲۰۰۹: مخدوم فصل الله جو ڪلام، مرتب، مخدوم سليم الله صديقي، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.

فضل الله، صديقي، مخدوم، ۲۰۰۹: مخدوم فضل الله جو ڪلام، مرتب، مخدوم سليم الله صديقي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

فضل الله، صديقي، مخدوم، ۲۰۰۹: مخدوم فضل الله جو ڪلام، مرتب، مخدوم سليم الله صديقي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

فضل الله، صديقي، مخدوم، ۲۰۰۹: مخدوم فضل الله جو ڪلام، مرتب، مخدوم سليم الله صديقي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

فضل الله، صديقي، مخدوم، ۲۰۰۹: مخدوم فضل الله جو ڪلام، مرتب، مخدوم سليم الله صديقي، سنڌي ادبي بپرڊ ڄام شورو.

(۱۰)فضل الله، صديقي، مخدوم، ۲۰۰۹: مخدوم فضل الله جو ڪلام، مرت، مخدوم سليم الله صديقي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

(۱۱) فضل الله، صديقي، مخدوم، ۲۰۰۹: مخدوم فضل الله جو ڪلام، مرتب، مخدوم سليم الله صديقي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

No comments:

راءِ ڏيندا