; سنڌي شخصيتون: سَنڀُو مل هميراڻِي

27 June, 2022

سَنڀُو مل هميراڻِي

سَنڀُو مل هميراڻِي

جنهن ڪڏهن سمهي سک نه ماڻيو

ڀارومل امراڻي سوٽهڙ



ٿر جي ڌرتي تي اڃا سِجُ ٽامِڻي هَڻِي رهيو هو، اڃا ڪَتِي جي ڪاڙهن سان هر گس ۽ گهيڙ تي رِڻَ جهڙِي ريت ڇانيل هُئي. اڃان انسانيت جي عظمت جو جهنڊو بلند ڪري هلندڙ قافلو پنهنجي منزل تي پهتو ئي نه هو ته هي ڇا ٿيو....!! ڇپر ۽ ڇانوري جهڙو شخص، قافلي جو روحُ روان، موت جدا ڪري ڇڏيو. هن جي جدا ٿيڻ سان حياتي جي حوصلي جا ڦُول وِکرِي ويا. روشنيءَ جو باب اڌ ۾ رُڪجي ويو.


نوجوان شاعر حاجي ساند جي لفظن ۾ ته “هُو شخص ڀِي ته ڇا هيو” صُوفي هُيو، سامِي هُيو. تنبُوري جِي تنوار هُيو مُرلِيءَ جي لِهر هُيو، ڪبير جي ڪوتا جي خُوشبوءِ هُيو، موهن جي دڙي جي دانهن جو پڙاڏو هُيو، ديبل جي دڙي جو عڪَس هُيو، اَروڙ جي آھ هُيو، پاري نگر جي پرِيت جو اُهڃاڻ هُيو، گڍ اَمراڻ (عمرڪوٽ) جي خودمخيتاري جو ساکِي هيو. پر هُو شخص به ته ڇا شخص هو.

“اي ٿر! اُنهيءَ جي وڇوڙي جو خال ڀري سگهين ٿو؟ انهي شخص، اُنهيءَ مهان ڪردار جو نالو سَنڀُو هميراڻِي هيو. لفظ سَنڀُو سنسڪرت ٻولِيءَ جي لفظ سمڀو مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي شينهن. لوڪ ساگر جي ڪنهن ڪوي چيو آهي ته:

شينهن ڪِي کاڏو نهِين، نهين چنڊن ڪا باغ،

سورمون ڪي سينا نهِين، نهين سَپوتون ڪا راج

(شينهن ٻيلي ۾ ولرن جي صُورت ۾ ناهي هوندو، نه ئي چندن جو باغ هُوندو آهي، بهادرن جو لشڪر ناهي ٿيندو، چوڻ جو مطلب ته سڄو لشڪر بهادر ناهي هُوندو اهڙي طرح سڄو راڄ سَپُوٽ ناهي ٿيندو.)

اِئين سَنڀُو به هڪ هُيو، تاج جويي جي لفظن ۾:

سَنڀو هڪ هُيو، سَنڀو ٿيندو ڪينڪِي ٻيو،

آئو ڍاڻِي همير جي، مون سان گڏجِي رو،

منهنجو ساجن تو، لِڪايو ڪئين لوڪ کان.

سنڀُو مل هميراڻي ۵ فيبروري ۱۹۴۸ع ڌاري اسلام ڪوٽ کان پريان گوڙِي جي تاريخي مندر کان ڪُجھ ميلن جي فاصلي تي ڳوٺ ڳوڙهيار ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو گورڌن داس هو، ظاهر زماني جي ذات جي حوالي سان سندس ذات ميگهواڙ هُئِي. جنهن کي ڪڏهن ميگهوال، ڪڏهن “رِکيو” ته ڪڏهن “هريجن” جي نالن سان سڏيو ويو آهي.

سنڀُو مل هميراڻِي جو خاندان اَدبِي، سياسِي ۽ سماجي شَعُور وارو پس منظر رکندڙ رهيو آهي، سَنڀُو مل جو والد پرائمري اُستاد ۽ اڳُوڻي ضلعي ٿرپارڪر (ايٽ ميرپورخاص) جي ضلعي اسيمبلي جو ميمبر رهيو. سندس چاچي پُنهُون مل هميراڻِي، ننڍي کنڊ جي تحريڪِ آزادي ۾ حصو ورتو. پنهون مل ضلعي ٿرپارڪر جي اهم اڳواڻن مان هو. ڀيم راءِ امبيڊڪر جي اَڇُوت آدر واري نعري تي هن هتي پڻ اهڙِي تحريڪ کي چُرپر ۾ آندو، پوءِ سُتَتَ ئِي سڀ ۾ پرين پسندي سماجِي خدمت جي ڪم ڪار ۾ جُنبِي ويو. هِن سوامي ڪرشنا نند، فاطمه جناح ۽ ٻين کان مدد وٺي ٿر ۾ اسڪول کولرايا. مسڪين جهان خان کوسي، عالم چند ڪولهي ۽ گهمن سنگھ ڀيل سان سدائين دوستي جي ڌاڳي ۾ سلهاڙيل رهيو ۽ اُنهن جو ٻانهن ٻيلي هو.

سَنڀُو مل هميراڻِي اهڙن والدين جي تربيت ۽ پرتووي کي پاڻ ۾ سمائيندي ديس ڀڳِتي، سماجِي خدمت ۽ ادبِي ساڃاھ جي سورج جو پُوڄاري ٿي پيو.

هن جو سَڄي ڄمار اِهو خُواب رهيو ته”مُرڪن ساريون ماريُون ڪِرن سارا ڪوٽ” هِن جي هر تحرير توڙي تقرير، وک توڙي ويچار انهيءَ سپني جي ساڀيا لاءِ جدوجهد ئِي شامل هئي. هن ڪڏهن به طلب جي تنوار نه ڪئي. وقت جي هر اختيار ڌڻي انعامن اڪرامن ۽ سير سفر جي موقعن آڇڻ وسيلي سچن کي ڪچا ڪرڻ جُون ڪوششُون ڪيون ۽ ڪيئي لال لکن جا ٽڪن ۾ وِڪجِي ويا. پر سَنڀُو ڪڏهن به لوڻوُ ڦيري نه ڏِٺو. بازارن مان هن کي به سڏ ٿيا پر هن ٻُڌو اَڻ ٻُڌو ڪري انسانيت ۽ انصاف جي حمايت ڪَئِي. ڪڏهن حيدر بخش جتوئي ته ڪڏهن غلام محمد لغاري ته ڪڏهن سيد جي آشياني ۾ اڳئي کان به اڳڀرو ٿيو. سَنڀُو پنهنجي آدرشن کي پنهنجي ڀرڀُور قُوت سان حاصل ڪرڻ جي عزم ۾ رهيو. پُوري لگن سان پنهنجي آدرشن جي پرورش ڪئي.

لوٺيون سهن لوڪ جا، وِهاڻي ٿِيون ويڻ،

جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا

سرتيون جي مون وَسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ

جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا!

سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان قومي تشخصُ ۽ ٻوليءَ جي بقا لاءِ هليل، هر تحريڪ ۾ سنڀُو سدائين گڏ رهيو. اياز ۽ اُستاد سنڌ کي ڪُنڀڪرڻ واري ننڊ مان جاڳائي صدين جا آرس لاهڻ لاءِ گيت لِکِي رهيا هُئا ته سَنڀُو اُن وقت به سڏ ۾ سڏ ڏيندي لکيو هو؛

“ٿر بر ڪينجھر ڪارُونجھر،

بيت ڀٽائِي گونجَنَ گھر گھر،

مارُو جيئندا زنده رهندا!

مجيد ڪيريي جي جويو ڀائرن کان وٺي سنڌ جي ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ ڪارڪُنن آزمائِشن جا ڏينهن سنڀو جي گھر ڳوڙهيار ۾ گُذاريا. جتي انهن کي نه صرف پناھ گاھ مِلي پر فِطرِي حُسناڪِي جي ڀاڪر ۾ ڏات کي پروان چاڙهڻ جو موقعو به مليو.

موري جي سائين راشد مورائي پنهنجو مشهور گيت”دِل جي ويراڻ رڻ تي ڪڪر بانورا ٿورڙو ئِي وَسِين ها ته ڇا ٿي ٿيو” ڳوڙهيار جي ڀِٽن تي ويهي ئي لِکيو هو.

سَنڀُو مل هميراڻي لکڻ جي شروعات ۱۹۶۳ع کان ڪَئِي، ۱۹۶۷ع واري مارئي ميلي ۾ پيرين پنڌ وَڃَي مِير برادران سان گڏجِي ميلي جو رضاڪار ڪارڪُن ٿي بيٺو، اُتي هن مقالو پڻ پڙهيو، جيڪو ٻڌي ڪانفرنس جي صدارت ڪندڙ هاڪاري عالم غلام محمد گِرامي ڳڙاٽڙي پاتِي ۽ پوءِ پنهنجي صدارتي خطاب ۾ سَنڀُو جي مقالي جي تسلسل کي جاري رکيو. اِهڙي حوصلا افزائي ۽ ملندڙ موٽ کي ڏِسِي، پوءِ سَنڀُو اُنهيءَ وقت کان وٺي باقاعدي لکندو رهيو، هن جي لِکڻِي ۾ ادبِي ۽ صحافتي رنگ ٻئِي گڏيل هُوندا هُئا”Emperior” ۽ The Amprem” جي ليکڪ پوشنسڪي جي لفظن ۾ “لکڻ معنيٰ سڀ ڪجھه داءُ تي لڳائڻ” واري ماحول ۾ لکيو. هن ٿر جو سُڪار ڏٺو ته ڏُڪار به ڏٺو، امن ۽ شانتي جي ماحول ۾ مارُن جي موج ڏٺي ته جنگن جي ور چڙهيل حالتن کي به پسيو. هن جي لکڻين جو مُحرڪ اهي ئي حالتون رهيون. صحافي جي پيشي سان لاڳاپجي هن غلام محمد لغاري جي “بيداري” ۽ “سچائي” اخبارن ۽ هاري تحريڪ جي “هاري حقدار” رسالي جو نمائندو ۽ سب ايڊيٽر رهيو. مٺي ضلعي ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو مٺي مان نڪرندڙ”ٿر مئگزين” جو اعزازي ٻانهن ٻيلي به رهيو. ميرپورخاص ۾ صحافت جي دوران مسڪين جھان خان جي بيانن ۽ لکڻين کي سنواريندو ۽ سُڌاريندو هو.

مٺي جو مشهور وڪيل ڀُورو مل ڪولهي ننڍپڻ کان وٺي هِن جو ڪِلاسي هو، پڙهائيءَ واري دور کان وٺي ٻئِي ڄڻا گڏجي ذات پات ۽ طبقاتي نظام جي خلاف وڙهندا رهيا. هن ذات پات ڇُوت ڇات واري الميي تي هڪڙو ڪتاب پڻ لکيو، جيڪو اڻ ڇپيل آهي.

حيدر بخش جتوئي سان دِلِي عقيدت هئي، هن جي “هاري حقدار” واري پيغام کي ٿر جي ڀِٽن ۾ پُهچايو. جتوئِي سان جيئري هن ملاقاتون ڪيون، پر هن جي مرڻ کانپوءِ به سندس سار ۾ ٿيل هر پروگرام ۾ ضرور شرڪت ڪندو هو.

هارِي تحريڪ کان وٺي ڪميونسٽ پارٽي تائين سنڌ جي خوشحالي ۽ عوام جي آجپي واري نُقطي تي ٿيندڙ ميڙاڪي، سيمينار ۽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو هو، هن جي هر لِکڻِي، اُٿڻي ۽ ڳالهائڻ ۾ مٽي جو رشتو ۽ عوامِي رنگ نمايان هوندو هو، هن جي سوچ، خيال، خواب، مُحبت نفرت جو مکيه مرڪز سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو هئا. دل جو سچو ۽ مخلص ماڻهو، جنهن سان پِريتَ جا پيچ اڙيا، تنهن سان ويندي جندڙي تائين نڀايائين. ڄام ساقي جي”ترم ياترا” دوران گھڻا ڀلا همراھ ڄام سان واسطي جا لاتعلق ٿِي بيٺا، پر هِي همراھ پنهنجي انهي رشتي تي قائِم رهيو. سچل جنجھي ۽ مينهن ٻائِي سان گڏجِي ڪڏهن سکر ته ڪڏهن ملتان جي بندي خاني ملڻ ويندو هو. ڄام ساقي کي سدائين چوندو هو ته”ڪنڌ نه جھڪائڻ ڪڏهن، توکي ڄڻيو پورهيت ماءُ. سَنڀُو هميراڻِي ڏي. ڄام ساقي جي زندان مان لکيل خطن کان وٺي غلام محمد لغاري، تاج جويي، خاڪي جويي، راشد مورائي جا خط تاريخ جا ورق آهن (سنڌي ادب جي گھڻگھَرن کي گھُرجي ته اُهي خط ڇپرائي پڌرا ڪن).

سَنڀُو جي شاعرِي سادِي آهي، اُنهيءَ ۾ فنِي غلطيون پڻ ملن ٿيون، پر انهي جي خاص خصوصيت اها آهي ته اُن ۾ هاري نارِي، مزدُور جي خوُشحالِي ۽ آجپي جي خواب، سجاڳي جي سڏ، بي ضمير کي للڪارون ۽ مارُن جي مُحبت جو اظهار سمايل آهي.

سَنڀُو کي ڪتابن سان خاص اُنس هُيو، شهر ۾ اَچي پاڙي جي پئسن مان ڪتاب وَٺي ورِي ڪنهن دوست جي مدد سان واپس وڃي ڳوٺ پُهچندو هو. هن پنهنجي وڏي لائبريرِي ٺاهِي جنهن ۾ ڪتابن جو خاصو ذخيرو ميڙيائين.

سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب ۽ نقاد تاج جويي سان حيدر آباد ۾ تدريِسي تربيت دوران دوستيءَ جو ڌاڳو ٻڌاڻو ته پوءِ گھر جي ڀاتي ٿي ويو. سنڀيو هميراڻي سندس سئوٽ سترام دس هميراڻِي، راشد مورائي ۽ ڪجھ ٻيا دوست تاج کي بيروزگاري جي ڏهاڙن ۾ ماهوار مدد ڪندا هئا. تاج جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو سيڪريٽري ٿيو، تڏهن سَنڀُو “انسائِڪلوپيڊيا سنڌيانا” جي پروجيڪٽ لاءِ ٿرپارڪر ضلعي جو رهبر مقرر ٿيو. هن پنهنجي ساٿين راقم الحروف ۽ ٻين سان گڏجي انهي پروجيڪٽ لاءِ باقاعده ڪم ڪيو ۽ ڪيترو ئي مواد اٿارٽي حوالي ڪيو.

هن ڪيترا ئي تحقيقي مقالا لکيا، تن ۾ “ڀٽائي: ٿر جي جاگرافي جو ماهر” ٿر جا استاد” تعليمي نظام”، “ميگھواڙن جا لوڪ گيت”، “سنڌ جي اڏاوت ۾ ميگھواڙ قبيلي جو ڪردار” مارئي جو ملڪ ۽ ذات”قابل ذڪر آهن. مارُئي متعلق مقالو عبدالقادر جوڻيجي جي هڪڙي ليکڪ جي جواب ۾ لکيو ويو.

سَنڀُو پيشي جي لحاظ کان “پرائمري ماستر” هو، هُو هڪ سچو ۽ آدرشي استاد رهيو، هن سچل(جنجھي) جي تسلسل کي زنده رکيو، وفات کان ڪجھه ڏينهن اڳ ۾ هن رٽائرمينٽ” لاءِ درخواست ڏِنِي. هن کي اُن وقت وڏو ڏُک ٿيندو هو جڏهن پڙهائڻ باوجود ڪو هلڪو ڇوڪراٽ بيٽ آفيسر اِمتحاني وقت ۾ لفافو گھُرندو هو، پ ٽ. الف جو سرگرم ڪارڪن ۽ عهديدار رهيو، هن جي پئنل جو نالو”مسڪين جھان خان کوسو پينل” هو، هن پنهنجي ساٿين سرور ڪوٽڙيي، هوتچند کيماڻِي سوٽهڙ سان گڏجي ماسترن جي مسئلن جي حل لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي، خاص طور لفافي ڪلچر جي خاتمي لاءِ دليراڻه انداز سان وڙهيو.

هن ادبِي، سياسي، سماجي ۽ تعليمي طور تي ٽن نسلن سان گڏجي ڪم ڪيو. هن سان ڪچهري راءِ سهرس ۽ ڄام نطام الدين کان شروعات ٿيندي هُئِي پوءِ هُو دودي دريا خان، هوشُو، هيمُون، پير صاحب پاڳاري، چوئٿرام گِدواڻي، آچاريه ڪرپلاڻِي، حيدر بخش جتوئي، غلام محمد لغاري ۽ مسڪين جھان خان کان ٿيندو پارڪر جي عالم چند ڪولِهي ۽ گھمن سنگھ ڀيل تائين دنگ ڪندو هو.

هن جي اکين ۾ ڀٽائي جي فڪر جي جوت ائين جَلندِي محسُوس ٿيندِي هُئِي، جيئن ڪنهن ڪنواري جي اکين ۾ جواني جُون ريکائوُن هُونديون آهن. هن جي اندر ۾ گهِڙي گھِڙي جي تانگھه هُئي، تات هُئي، سڄو جيون انهيءَ اُڻَ تُڻَ ۾ گذاري ڇڏيائين.

آئو نه ڀڳي پَريَن کي، تون ٿو لهين سِج

آئون نه ڀڳي پرين کي، هي پڻ ڏينهن ويو.

شيخ اياز جي وائي، “ائين نه ٽاڻو ٽار، متان چنڊ لهي وڃي” تي روئي پوندو هو. ڀٽائيءَ جي اها سٽ”مڻيو وجھان مَچ ۾، هائي هڻان هارا” هن جِي جذباتي ڪشمڪش جِي آرسي رَهِي. ڏُڪارن جي ڏهڪايل عام ٿرين جيان کيس به ٽي بي جو عارضو ٿي پيو. جنهن سبب ۲ جولاءِ ۲۰۰۳ع تي پساھ پُورا ٿي پيا. آخري سفر دوران وڏڦڙو وسي پيو. لُڙڪن ۽ پلر جي پالوٽ سان وهنجاريندي دفنايو ويو. ٿر جي لوڪن ۾ روايت آهي ته ڪنهن جي آخر سفر دوران مينهن وسي ته معنيٰ آسمان روئِي پيو آهي. پر:

تن سُڪن ڪهڙِي سار، ڪه اُٺا مينهن ملير تي.


سنڀُو مل هميراڻِي

جاکوڙي ڪردار

جي آر جوڻيجو

ڪي شخصيتون اهڙيون هونديون آھن جيڪي سڀني لاءِ ھڪ روشن راھه بنجي پونديون آھن جيڪي پاڻ ڪيتريون ئي سختيون سهي ٻين کي ستابو رکڻ جو جستجو ڪندا آھن تاريخ انهن کي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيندي آھن سنڌ جي سرزمين اهڙن مهان ماڻھن کي جنميو جنهن ساھ ڏئي ويساه بحال رکيو آھي انهن جي لسٽ ۾ 5 فيبروري ۱۹۴۸ع ڌاري اسلام ڪوٽ کان پريان گوڙِي جي تاريخي مندر کان ڪُجهه ميلن جي فاصلي تي ڳوٺ ڳوڙهيار ۾ جنم وٺندڙ سنڀو مل هميراڻي به آھي.جنهن ادبي توڙي سماجي دنيا ۾ پنهنجو الڳ مقام ٺاهيو آھي ٿر جي چند اصلوڪن خاندانن مان سنڀو مل جو خاندان اَدبِي، سياسِي ۽ سماجي شَعُور طور سجاڳ رهيو سَنڀُو مل جو والد پرائمري اُستاد ۽ اڳُوڻي ضلعي ٿرپارڪر (ايٽ ميرپورخاص) جِي ضلعي اسيمبلي جو ميمبر رهيو

سندس چاچو پُنهُون مل هميراڻِي، ٻاپُو جِي لُوڻ تحريڪ جو اڳواڻ هو. تحريڪِ آزادي ۾ هن حصو ورتو. ڀيم راءِ امبيڊڪر جي اَڇُوت آدر واري نعري تي هن پڻ ھتي انهي تحريڪ کي چرپر ۾ آندو پر پوءِ جلد ئي انسانيت جي پوجا جي مندر ۾ گهڙي انهي جو ديوانو ٿي ويو جنهن وٽ ڪنهن به ذات پات يا مذھب جي لڪير نه هوندي هئي هن ٿر جي ماڻھن جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ ڀرپور ڪوششون وٺندي هن ٿري ٻارن جي پڙھائي جو اونو رکندي مختلف اسڪول پڻ کولرايا ۽ انهن ۾ بهتر تعليم لاءِ ڪوششون پڻ ورتيون هي ٿر جي تاريخ جي مهان ماڻھو مسڪين جهان خان کوسي، عالم چند ڪولهي ۽ گهمن سنگهه ڀيل سان سدائين دوستي جي ڌاڳي ۾ سلهاڙيل رهيو ۽ اُنهن جو ٻانهن ٻيلي رهيو سندن هر سڏ ۾ سڏ ڏيندو هو اهو ئي سبب هو جو هي هڪ متحرڪ سماجي ڪارڪن بنيو جنهن ۾ سندس خانداني شعور ۽ دوستن جي صحبت تمام گهرو اثر ڇڏيو ھو تنهن ڪري هن به هن سماج جي خدمت ڪندڙ قافلن ۾ شامل ٿيو هن جي هر لکڻي ماروئڙن جو درد لڇندو هو هو هر ٿري سهاڳڻ جي لوئي لڄ جو محافظ ھيو هن جي دل هميشه ٿري ميرانجهڙي هٿن واري مارو لاءِ ڌڙڪندي هئي سَنڀُو مل هميراڻي لکڻ جي شروعات ۱۹۶۳ع کان ڪئي ۽ هن پنهنجي قلم سان خوب نڀاه ڪندي هر انهي مظلوم ماڻھو لاءِ پنهنجي قلم ۽ پاڻ کي جنبش ۾ رکيو جنهن جو ڪو سهارو نه هوندو هو هن سدائين مظلوم سان گڏ بيهي انصاف لاءِ پاڻ پتوڙيو ا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کان ويندي غلام محمد لغاري تائين هو غريبن جي ساٿارين جو ساٿاري رهيو ۽ ھو پنهنجي عزم تي هميشه قائم رهيو هن ڪڏھن به پنهنجي لکڻي کي قصيدي طور پيش نه ڪيو هن جو قلم ڪڏھن به نه وڪاڻو ڇو ته هن جو جنم انهي ديس جي پاڪ پويتر ڌرتي تي ٿيو جتان جي مارئي پنهنجي لوئي جي رکوالي ڪندي سڄي عالم انسانيت لاءِ فخر ٿي بنجي جتان جو روپلو ڪولهي هٿن تي ڏيئا سهي به پنهنجي وطن جي ماڻھن جي ويساھ کي قائم رکي ٿو ها جتان جو جهان خان کوسو حقن لاءِ جستجو خاطر نوڪري کي ٺڪرائي ٿو هن پنهنجي ماروئن جي حقن لاءِ جدوجهد سان گڏ سنڌي ٻولي جي بقا لاءِ ان وقت هلايل جدوجهد ۾ حصو وٺي سنڌي  ادبي سنگت جو ساٿ ڏنو هو سنڌي ٻولي سان به ائين محبت ڪئي جيئن پاري ننگر جو ڪولهي ڪارونجهر سان ڪري ٿو اهو ئي سبب هيو جو سنڌ جا اديب پنهنجي ڏکين لمحن ۾ سنڀو وٽ ايندا هئا جن هو پنهنجي وس آھر ڀرپور خدمت ڪندو هو جتي هنن کي پناه سان گڏ ڏات کي سهيڙڻ جو موقعو به ميسر ٿيندو هو

سَنڀُو پيشي جي لحاظ کان ”پرائمري ٽيچر“ هيو،هن پنهنجي ڏات سان گڏ پنهنجي پيشي سان سچائي قائم رکي ڇو ته هي مستقبل جي معمارن کي خوشحال ڏسڻ جو خواهشمند هو جيڪا تعليم ذريعي ئي ٿي سگهي ٿي ۽ ھن انهي تسل کي جاري رکي تعليم بلڪل سچائي سان ونڊ ڪئي ۽ ھن ڪڏھن به انهي ۾ لالچ يا خيانت نه ڪئي انهي سان گڏو سنڀو هميراڻي ماسترن جي تنظيم پ ٽ الف ۾ سرگرم رهيو ۽ هن استادن جي حقن لاءِ به خوب پتوڙيو هن آفيسرشاهي جي رشوت ڪلچر کي خوب نديو جنهن تحت ماسترن کان امتحانن توڙي ٻين ڪمن جي آڙ ۾ رشوت اوڳاڙي ويندي هئي هن جي سچائي کي برداشت نه ڪندڙ هن کان پري ٿي ويا پر هن ڪڏھن به سچائي جو دامن نه ڇڏيو هن بنا ڪنهن پرواه جي بنا ڪنهن لالچ جي پنهنجي پاڻ ۽ پنهنجي ڪم سان سچائي ڏيکاري ۽ تاريخ ان کي پنهنجي ورقن ۾ سونهن بخشي آھي اڄ به ڪيترن ئي وقت جي وڏن کي ڪير ياد ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي اتي سنڀو مل هميراڻي هر ساڃاه وند دل ۾ زنده آھي پنهنجي جدوجهد جي تاريخ جي صورت ۾ پنهنجي لکڻين جي صورت ۾ سچ ته جنهن به پنهنجي مفادن کي ڇڏي اجتماعي مفادن لاءِ سوچيو انهي کي تاريخ سرخرو ڪيو ٻيو ته تاريخ ڪنهن جو پورهيو رائيگان ٿيڻ نه ڏيندي سو سنڀو مل هميراڻي جو پورهيو تاريخ جو هڪ باب آھي جيڪو هميشه قائم رهڻو آھي هي اياز جي سچ مچائي مچ واري سٽ جو تسلسل هيو جيڪو هر هاري مزدور ۽ مظلوم جي هر اٿندڙ آواز ۾ سنڀو ياد رهندو

 

(جي آر جوڻيجو جي فيسبڪ ٽائئم وال تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا