; سنڌي شخصيتون: مفتي محمد عبدالله نعيمي شهيدؒ

21 June, 2022

مفتي محمد عبدالله نعيمي شهيدؒ

مفتي محمد عبدالله نعيمي شهيدؒ

عبدالفتاح عباسي



سنڌ اها ڀاڳن واري ۽ خوش نصيب سرزمين آهي، جتي هر دور ۾ هڪ کان هڪ وليءِ ڪامل، بزرگ هستي جو جنم ٿيندو رهيو آهي، سنڌ جي اولياءَ الله جي روحاني فيوض و برڪات جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، انهن باڪمال شخصيتن جي فيضانِ اثر سبب سنڌ جي اندر صوفياءِ ڪرام جو پيغام عام ٿيندو رهيوآهي، جنهن ڪري ئي ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ اهو واحد صوبو آهي جتي مذهبي رواداري، صوفياڻي مزاج، سبب هي خطو پوري دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو، سنڌ جو ڪلچر جنونيت پرستي، انتها پسندي، غير مهذب پڻي خلاف رهيو آهي، سنڌ جا اولياءَ الله هميشه کان وٺي الله، ان جي پياري حبيب حضرت محمد مصطفيٰ ڪريم صلي الله عليه وسلم، اهلبيت پاڪ، صحابه ڪرام، اولياءَ ڪاملين سان عشق و محبت جو درس ڏيندا رهيا آهن، اهڙن باڪمال بزرگان دين هستين ۾ يقينن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه، حضرت محمد عثمان مروندي المعروف لعل شهباز قلندر رحمت الله عليه، حضرت سچل سرمست رحمت الله عليه، کان سواءِ استاد العلماءَ مفتي اعظم سنڌ حضرت مفتي عبدالله نعيمي رحمت الله عليه ۽ ٻيا ڪامل ولي بزرگ پنهنجي ڪوششين سان راڄن کي رنگ لائي ويا، باب الاسلام سنڌ هر دور ۾ علم ۽ عرفان جو مرڪز رهي آهي. سرزمينِ سنڌ جي عالمن ۽ اوليائن پنهنجي فيض سان امت مسلمه کي مستفيض ڪيو آهي. انهن عالمن ۽ اوليائن ۾ مفتي اعظم شمس الفقهاء مفتي محمد عبدالله نعيمي شهيد رحمة الله عليه به شامل آهن.


مفتي محمد عبدالله نعيمي بن محمد رمضان رحمهما الله عليه ايران جي صوبي سيستان جي ضلعي دشتياري ۾ ۱۳۴۸هه بمطابق ۱۹۲۹ع ۾ جنم ورتو. سندن والد گرامي صوفي محمد رمضان جدگال بلوچ پنهنجي مائٽن سان گڏ ايران کان هجرت ڪري ميمڻ ڳوٺ (ملير ڪراچي) ۾ اچي رهيا. مفتي صاحب رحمت الله عليه ناظره قرآن مجيد پنهنجي والد ماجد وٽ پڙهيا ۽ جڏهن ٻارنهن سالن جا ٿيا ته سندن والد گرامي کين ملير ميمڻ ڳوٺ جي مشهور عالم دين مولانا الحاج حڪيم الله بخش سنڌي جي مدرسي ۾ داخل ڪرايو، جتي پاڻ فارسي ۽ ڪافيه تائين ڪتاب پڙهيا، پاڻ منطق، فلسفه، مشڪوات، جلالين شريف ۽ اصول جا ڪتاب ملير ڪينٽ ۾ حضرت مولانا حافظ محمد بخش جهلمي وٽ، حضرت مولانا الحاج محمد عثمان مڪراني کان علمِ ميراث جي تعليم ۽ تاج العلماء مفتي محمد عمر نعيمي رحمت الله عليه وٽ پاڻ دورِ حديث مڪمل ڪري سَـنَـد فراغت ۽ دستار فضيلت حاصل ڪئي.

پاڻ تعليم حاصل ڪرڻ جي دوران ۱۹۵۵ع ۾ صاحبداد ڳوٺ ملير جي مسجد ۾ تعليم القرآن جي نالي سان مدرسي جو آغاز ڪيو. ۱۹۶۱ع ۾ انهيءَ مدرسي کي دارالعلوم مجدديه نعيميه جو نالي ڏئي عالمِ اسلام جي ٻن عظيم شخصيتن يعني امام رباني مجدد الف ثاني ۽ صدرالافاضل مفتي نعيم الدين مراد آبادي رحمت الله عليه جي طرف منسوب ڪيائون. پاڻ دارالعلوم جي تعميراتي ڪم ۾ مزدورن سان گڏجي ڪم ڪيائون. انهيءَ مان سندن تقوٰي ۽ اخلاص جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ڇو ته جنهن عمارت جو بنياد تقوٰي هجي ته اها هميشه بلند ئي رهندي آهي.

پاڻ سلسله عاليه قادريه ۾ حضرت الحاج سيد عبدالخالق شاهه مڪراني رح کان دست بيعت هئا ۽ سلسله عاليه نقشبنديه ۾ حضرت پير طريقت الحاج محمد عبدالله سولنگي سنڌي رح وٽان دست بيعت هئا ۽ پوءِ خلافت پڻ حاصل ڪيائون. سندن عاجزي جي انتها اها هئي جو پاڻ ڪنهن کي به پاڻ وٽ بيعت نه ڪندا هئا پر عمر جي آخري حصي ۾ چند شخصيتن کي پاڻ وٽ بيعت ڪرڻ فرمايائون جن ۾ شيخ الحديث مفتي قاضي محمد احمد نعيمي ۽ ٻيا چند علماء ۽ فقير شامل آهن.

پاڻ دين متين جي تبليغ ۽ درس و تدريس کان سواءِ فتويٰ نويسي جي ذريعي وڏي خدمت ڪئي. بيشڪ پاڻ سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام لاءِ مرجع فتويٰ هئا. پاڻ تحريڪ ختم نبوت ۽ تحريڪ نظام مصطفيٰ ﷺ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائون. مفتي صاحب کي درس ۽ تدريس ۽ دارالعلوم جي تعمير ۽ ترقي جي ڪري وقت نه ملي سگهيو پر ان جي باوجود ڪجهه رسالا لکيائون. انهن ۾ فتاويٰ مجدديه نعيميه جِلد اول جنهن کي محقق اهلسنت مفتي محمد جان نعيمي مرتب ڪري منظر تي آندو. (۲) تحفة الاخوان في جواز صلواة والسلام قبل الاذان (۳) تفسير وما اهل به لغيرالله (۴) دعاءِ ان الله و ملائکته يصلون علي النبي درود پن ھئا (۵) پيغام حق (فارسي) (۶) تعويذ گنڊا جائز هي (۷) نورانيت مصطفيٰ.

حج بيت الله: ۱۹۷۱ع ۾ کين زيارت حرمين شريفين جي سعادت حاصل ٿي، انهيءَ سال حج اڪبر ٿيو ان ۾ به کين مفتي اعظم هند ۽ شهزاده اعليٰ حضرت جي رفاقت حاصل ٿي، ڪيئي ڀيرا عمري ۽ حج جي سعادت حاصل ڪيائون.

پاڻ غربت جي وقت ۾ به ڪيترائي ڪتاب خريد ڪري جمع ڪيا جن پوءِ لائبريري جي شڪل اختيار ڪئي. مفتي صاحب رحمت الله عليه ڪتابن جا وڏا عاشق هئا، سنڌ جي قديمي ڪتب خانن مان وڏي محنت ۽ مشقت ڪري سنڌ جي جليل القدر علمائن جا نادر ۽ ناياب قلمي نسخا حاصل ڪري پنهنجي لائبريري ۾ محفوظ ڪيائون. ۱۰ شوال المڪرم ۱۴۰۲هه جمعي جي ڏينهن طالبن کي نصيحت ڪيائون ۽ هڪ شاگرد کي چيائون ته گهران منهنجي لاءِ هڪ ڪڙتو کڻي اچ، سفر ۾ ضرورت پوندي ته استعمال ڪندس. پاڻ وڳي بدران صرف هڪ ڪڙتو گڏ کنيائون ۽ ڪار ۾ سيوهڻ شريف روانا ٿيا. سندن وڏو صاحبزادو مفتي غلام محمد نعيمي ڪار هلائي رهيو هو. مفتي محمد احمد نعيمي، فقير محمد بلوچ ۽ حاجي دوست محمد ساڻن گڏ هئا، جڏهن آخري اسٽاپ آمري تي پهتا ته ڪار جو دروازو اوچتو کليو ۽ هلندڙ گاڏي مان مفتي صاحب روڊ تي ڪريا ۽ شديد زخمي ٿي پيا، سندن ڪڙتو ڦاٽي پيو پوءِ کين گڏ کنيل ڪڙتو پارايو ويو، مفتي صاحب کي سيوهڻ کان حيدرآباد نيو ويو پر لڳاتار رت وهڻ جي ڪري گهڻي ڪمزوري ٿي وئي. الغرض ۱۰ شوال المڪرم ۱۴۰۲هه تي هي علم ۽ حڪمت جو نوراني سج پنهنجي نوراني ڪِرڻن سان غروب ٿي ويو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۱ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا