; سنڌي شخصيتون: هري سنگهه ڊنگو مل

18 June, 2022

هري سنگهه ڊنگو مل

هري سنگهه ڊنگو مل

(سنڌي اشاعت جو باني)

مختيار ملاح



ان زماني ۾ ماستر هري سنگهه پهريون سنڌي پبلشر هو، جنهن اشاعتي ڪم شروع ڪري، ان کي اداري طور ڪاميابيءَ سان هلايو. کائنس اڳ ۾ ڪجهه پارسي ۽ ڪجهه سرڪاري اشاعتي ادارا هوندا هئا، سنڌ ۾ خانگي طور ڪتابن جي اشاعت جو سڀ کان اول رواج هري سنگهه وڌو. ماستر هري سنگهه ڊنگومل جو جنم سکر ۾ ٿيو. سندس باري ۾ پرسرام ويرومل لکي ٿو ته “وڏي همت، سمجهه ۽ بصيرت جو مالڪ ماستر هريسنگهه ولد ڊنگومل ۱۸۶۷ع ۾ پيدا ٿيو. شروعات ۾ سنڌي اسڪول جو هيڊ ماستر هو. آريه سماج جو پڪو پريمي ٿي رهيو، جنهن جو ڪيئي ورهيه صدر هو”. هن بنيادي تعليم سکر مان حاصل ڪري، سکر جي ورنيڪيولر اسڪول ۾ سنڌيءَ جو استاد مقرر ٿيو ۽ سندس شاگرد، نالي وارا عملدار بڻيا.


ماستر هري سنگهه ڊنگومل، جيئن ته اسڪول جو استاد هو، ان ڪري هن اشاعتي اداري کان اڳ شاگردن لاءِ گائيڊون ۽ مددي ڪتاب جوڙيا، ان کان پوءِ کيس خيال ٿيو ته ڇو نه اهو ڪاروبار هو خود ڪري. هن خاص طور تي مختلف ڪلاسن لاءِ گائيڊون جوڙيون، جن ۾ لفظن جون معنائون، خلاصه ۽ سوالن جا جواب هوندا هئا. ان سلسلي ۾ سندس ڪتابن جو تعداد ۶۰ کان به مٿي آهي. ماستر هري سنگهه ڊنگومل، پنهنجو اشاعتي ڪم ڪڏهن شروع ڪيو، ان لاءِ عالمن ۾ اختلاف آهن، حڪيم محمد يعقوب قادريءَ پنهنجي مضمون “سنڌي ۾ طبي تاريخ جو ذخيرو” (الرحيم سماهي ۱۹۷۶ع، ص ۷۱) ۾ هري سنگهه جي ڪتابن جو ڪاروبار ۱۸۶۷ع کان ٻڌايو آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي ڪتاب “سنڌي نثر جي تاريخ” ۾ اهو سال ۱۸۸۶ع ڄاڻايو آهي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ اهو سال ۱۸۸۶ع ئي ڄاڻايو آهي، پر ڊاڪٽر الهه رکيي ٻٽ، پنهنجي پي. ايڇ. ڊي واري ٿيسز ۾ اهو سال ۱۸۸۳ع لکيو آهي، جيڪو صحيح معلوم ٿئي ٿو.

هريسنگهه پنهنجي اشاعت گهر جي پليٽ فارم تان سون جي تعداد ۾درسي ڪتاب، ناول، ڊراما، قصا، مذهبي ڪتاب، شاعريءَ جا وغيره نه صرف شايع ڪيا مگر خود به ترجمو ۽ ترتيب ڏنا. هو اڻويهين ۽ ويهين صديءَ جو وڏو پبلشر هو. هن پهريون ڪتاب “سنڌي انگريزي جدول” لکيو، جيڪو شاگردن ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو. هري سنگهه جي ذاتي ڪتابن ۾ “سنڌي الف بي” (۱۸۸۶)، آغاز فارسي لفظن جي سنڌي معنيٰ” (۱۸۸۶)، “هندستان جي تواريخ” (۱۸۸۸)، “پوٿي جپ صاحب” (۱۸۸۸)، “سلوڪ سواميءَ جا” (۱۸۸۹)، “ملا دو پيازو” (آکاڻيون ۱۸۸۹)، “عشق تماچا” (ناول ۱۸۸۹)، “اندر سڀا” (ناٽڪ ۱۸۹۰)، “خدا دوست” (ناٽڪ ۱۸۹۰)، “سنڌي انشاءَ” (۱۸۹۰) اهم آهن. هن سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ تعلقن جون جاگرافيون سوالن ۽ جوابن ۾لکيون. ان کان علاوه “ٽي جلدي جهان جي جاگرافي” (۱۸۸۸ع)، “ٻه کنڊي جاگرافي يعني ايشيا ۽ يورپ جو مختصر نروار” (۱۸۸۴)، “آفريقا ۽ آمريڪا جي مختصر جاگرافي” (۱۸۸۴ع)، “انگلينڊ ۽ آمريڪا جي مختصر جاگرافي” (۱۸۸۴ع)، “هندستان جي مختصر جاگرافي” (۱۸۸۶ع) ۽ ٻيا ڪتاب لکيائين. ۱۸۸۶ع ۾ روايتي طبي ڪتاب “گلدسته حڪمت” جي نالي سان آخوند محمد بچل سان گڏ لکيائين. هري سنگهه ڪيتريون گائيڊون / ڪتاب تاريخ تي به لکيا، جيڪي مختصر، مگر شاگردن جي ڏانءَ وٽان هوندا هئا. هن هڪ ڪتاب “سنڌ جي مختصر تواريخ” (۱۸۸۶ع) پڻ لکيو. ٻين ڪتابن ۾ “ٽيون ڪتاب” (اهنجن لفظن جي معنيٰ)، ۱۸۸۸ع ۾ شايع ٿيو، “ٽه جلدي علم طبعي” جو موضوع “دنيا جي جاگرافي “۽ “علم طبعي” آهي، ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شامل آهن.

“هن صاحب ۽ سندس پوين پنجن سون کان وڌيڪ ڪتاب ڇپايا هوندا، جن ۾ ناول ناٽڪ، آکاڻيون، قصا، مذهبي ۽ ڌرمي ڪتاب ۽ اسڪولي ڪتاب وغيره اچي وڃن ٿا. قصن جي اشاعت جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ لکي ٿو ته سن ۱۸۸۶ع ۾ ماستر هري سنگهه سکر مان ڪتاب ڇپائڻ جو سلسلو شروع ڪيو. هن گهڻو ڪري اردو تان داستان ۽ قصا ترجمو ڪري پيش ڪيا، جيڪي هندستان ۾ اڳي ئي ڇپجي چڪا هئا. انهيءَ کان سواءِ ٻيون به طبعزاد ڪهاڻيون، عشقيه ۽ مزاحيه قصا جي هئا “کچڻي ماني”، “ڪوئا ٻلي”، “سس نونهن” ۽ “ٽوپي پڳ”. انهن قصن سان گڏ ڪيترائي عشقيه ۽ نيم تاريخي قصا به لکيا ويا، جهڙوڪه “عمر مارئي”، “دودو چنيسر”، “سهڻي ميهار”، “مومل مينڌرو”، وغيره. ان کان علاوه ڪيترائي ازغيبي ۽ ڪرامتي قصا ۽ ڪهاڻيون به هن دؤر جي سنڌي ادب جي پيداوار آهن، جن ۾ انساني عشق بازيءَ سان گڏو گڏ جن، ڀوت، ديو، پريون ڪردار طور پيش ڪيل هئا. سندس شايع ٿيل قصن ۽ ڪهاڻين ۾ “قصو سيف الملوڪ”، “قصو يوسف زليخا”، “بيربل نامو”، “ليلا مجنون وڏو”، “ليلا مجنون نظم ۾”، “منو چڪر شهزاد، “بانڪو بهرام”، “شاه بهرام” (نظم ۾)، “قصو مومل مينڌرو”، “قصو سهڻي ميهار”، “قصو شيرين فرهاد”، “ڪرشنا ڪماري”، “الف ليلا باتصوير”، “امير حمزو”، حاتم طائي”، “ستار ساز (باتصوير)، ٻيا ڪيترا ئي. ناٽڪ جي ڪتابن ۾ “گل بڪاولي”، “ليلا مجنون”، “پت ورتا”، “بلبل بيمار”، “لعل گوهر”، “علي بابا”، “گلاب چنبيلي”، “گوپي چند”، “انڌير نگري” ۽ ٻيا شامل آهن. اهڙِيءَ طرح ناول، درسي ڪتاب، خط نويسي ۽ مذهبي ڪتاب شامل هئا.

سکر ۾ هري سنگهه پنهنجي ڪتب خاني ۽ ڇاپخاني مان سوين جاسوسي ناول ڇپرايا هئا. سندس ڇپايل جاسوسي ناولن جي هڪ فهرست ۾ آرسين لوپن ڊاڪو ۽ بلئڪ جاسوس جا ڪجهه ناول هيٺ ڄاڻائجن ٿا: آرسين لوپن ڊاڪو جا ناول: “نوجوان جاسوس”، “غيبي خزانو”، “چورن مٿان مور”، “جهاز ۾ ڊاڪو”، “جاسوس ۽ ڊاڪو”، “ڪرامتي نيلم”، “ولايتي ڊاڪو”، “شريف ڊاڪو”، “فرينچ ڊاڪو”، “امير ڊاڪو”، “جنٽلمئن ڊاڪو”، “ڪنيا جو قاتل”، “ريشمي رومال”، “عجيب شادي”، “خون بيگناهه”، “خوني ڄار”، “عجيب خوني”، “طلسمي دلپاڪ”، “زهري خنجر”، “عجيب چوري”، “ٻهروپي ڊاڪو” ۽ ٻيا شامل آهن. هري سنگهه، شاعريءَ جا به ڪيترائي ڪتاب شايع ڪيا. هري سنگهه شاهه لطيف تي به ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا. هن مرزا قليچ بيگ جا به ڪيترائي ناٽڪ، ناول ۽ ٻيا ڪتاب شايع ڪيا. سنڌيءَ ۾ جيڪو پهريون ناٽڪ شايع ٿي سگهيو، اهو مرزا قليچ بيگ جو لکيل ’ ليليٰ مجنون‘ هو ۽ سکر واري ماستر هري سنگهه شايع ڪرائي پڌرو ڪيو. سنڌيءَ ۾ پهريون اصلوڪو ناٽڪ مرزا قليچ بيگ جو لکيل ’گل بڪاولي‘ هو، جيڪو ۱۸۹۴ع ۾ ماستر هري سنگهه سکر مان شايع ڪيو.

هري سنگهه، پبلشر ۽ استاد کان علاوه، سماجي خدمتگار، ۽ آريا سماج جو سرگرم ڪارڪن هو. ماستر هري سنگهه سکر جو ميونسپل ميمبر چونڊيو. ماستر هري سنگهه آريا سماج جو به سرگرم ڪارڪن هو. آريا سماج جو باني ديانند سرسوتي هو، جو ۱۸۲۴ع ۾ ڪاٺياواڙ ۾ ڄائو. سندس آريا سماج جي تحريڪ زور وٺندي ويئي. ۱۸۸۸ع ۾ ماستر هري سنگهه سکر ۾ آريا سماج جو دفتر کوليو، هو سکر ۾ آريا سماج جو صدر به رهيو.

هري سنگهه سکر واري ۽ پوڪرداس شڪارپور واري جو ڪتابن جي اشاعت جي سلسلي ۾ وڏو مقابلو هوندو هو. ڊاڪٽر الهه رکيي ٻٽ مطابق “هري سنگهه ڪو شوقيه پبلشر نه هو، پر هڪ ماهر ۽ مالدار پبلشر هو، جنهن پنهنجو ڌنڌو قديم قاعدن ۽ قانونن مطابق وڌايو ۽ سڌاريو. هن اسڪولي ڪتابن تي سيڙپ ڪئي، جنهن لاءِ کيس اها ڄاڻ هئي ته نصابي ڪتابن جي تمام گهڻي گهرج موجود هئي، جنهن جي ڇپائي ۽ اشاعت مان چڱو ناڻو حاصل ٿي سگهي ٿو. هري سنگهه بعد ۾ هر موضوع تي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا. سندس دڪان سکر جي شاهي بازار ۾ هو. هن سٺ ورهين جي ڄمار ۾ ۱۹۱۷ع ۾ ديهانت ڪيو. هن پنهنجي پوين لاءِ دڪان ۽ ڪاروبار کان علاوه به وڏي جائداد ڇڏي. هن جي جهان ڇڏڻ کان پوءِ سندس پٽ ڪاروبار کي قائم رکندا آيا. هنن پنهنجي پيءُ جي نالي پويان ڪاروبار پئي هلايو ۽ ايستائين اهو سلسلو هليو، جيستائين ۱۹۴۷ع ۾ پاڪستان قائم ٿيو. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ هندن جي لڏپلاڻ سبب اهو ادارو به اختتام کي پهتو.

 

(سنڌ ھسٽاريڪل ۽ لٽرري سوسائٽي جي فيسبڪ پيج تان ۳۱ مئي ۲۰۲۲ع تي کنيل)

(وڌيڪ پڙھڻ لاءِ ھيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪيو)

No comments:

راءِ ڏيندا