عرفان علي اعواڻ
سنڌي سنگيت جي دنيا جو
مڌر آواز - نالي واري راڳي برڪت ڀٽ جو شاگرد - فن ۽ شخصيت
مير چند اوڏ
موسيقي روح جي غذا
تصور ڪئي وڃي ٿي. سنڌي سنگيت جي دنيا ۾ کوڙ سارا نالا آهن جن پنهنجي جن پنهنجي فن
جا جوهر ڏيکاري وڏو نالو ڪمايو ۽ سنڌي موسيقيءَ جي روپ ۾ ديس جي ماڻهن جا احساس جاڳايا.
اهڙن ئي نالن ۾ ڪنڌڪوٽ سان تعلق رکندڙ نوجوان راڳي عرفان علي اعواڻ پڻ پنهنجي جستجو
ڏيکاريندي نظر اچي ٿو.
عرفان علي اعواڻ ۷ اپريل ۱۹۸۰ع تي ڪنڌڪوٽ ۾ غلام ياسين اعواڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس پرائمري تعليم ڪنڌڪوٽ
مان حاصل ڪئي. ايم اي سنڌي، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ۽ ايسوسيئيٽ اليڪٽريڪل
انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما جي ڊگري جيڪب آباد مان حاصل ڪئي.
هن نوجوان راڳي
عرفان علي اعواڻ کي موسيقيءَ جو شوق پرائمري اسڪول جي ڏهاڙن ۾ ٻئين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران
مختلف گيت جهونگارڻ جي صورت ۾ رهيو. ۱۹۹۱ ۾ ڀٽائي هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ ۾ ڇهين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران ۱۴ آگسٽ تي جشن آزادي جي موقعي تي پهريون ڀيرو
اسٽيج تي سازن تي ملي نغمو “منهنجا پاڪ وطن اي پيارا، سهڻا سائي جهنڊي وارا دنيا تو
کي ڏسي ٿي سلام ڪري” ڳايو جنهن جو شاعر استاد عبدالڪريم عارباڻي هو، جيڪو هاءِ اسڪول
ڪنڌڪوٽ ۾ ان وقت اسلاميات جو استاد هو، جيڪو هاڻ رٽائرڊ استاد آهي. ان ملي نغمي کي
تمام گهڻو پسند ڪيو ويو ۽ چڱي مقبوليت پڻ ماڻيائين. ان کان پوءِ اسڪول طرفان ٿيندڙ
پروگرامن ۾ ڳائڻ جو سلسلو ھلندو رهيو ۽ ڳائڻ جو شوق پروان چڙهندو رهيو.
شروعات ۾ سکيا ۽
ڳاني جي رسم مرحوم استاد واجد علي لاشاري کان ٿي، استاد مرحوم انور علي مٺياڻي جي
صحبت ۾ رهندي ردم، لئه - تار ۽ ڍولڪ جي سکيا پڻ ورتي. بعد ۾ ڪنڌڪوٽ سان تعلق رکندڙ
استاد غلام محمد ملڪ کان ڇھ سال سکيا ورتي ۽ سندس وفات کان پوءِ هاڻي تقريبن ٽن سالن
کان سنڌي سنگيت جي دنيا جي نالي واري راڳي استاد برڪت علي ڀٽ کان سکيا جو عمل جاري
آهي.
۱۹۹۷-۱۹۹۸ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون البم رليز ٿيو. هن مهل تائين سندس مارڪيٽ ۾ ۱۷ البم لوڪ فنڪار پروڊڪشن پاران ناز پروڊڪشن جي تعاون سان جنهن ۾ هڪ بلوچي البم
اچي چڪا آهن. جنهن ۾ سنڌي، اردو، سرائڪي، بلوچي ۽ پنجابي ٻوليءَ ۾ ڪيترا ئي اسم ڳايا
آهن، جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن شاعرن ۾ استاد بخاري، وحيد هڪڙو، ذوالفقار شاھ، ذوالفقار
منگي، ساگر شاھ، غلام قادر گھايل، بشير بڪيجو، سراج شاھ، ديدار ڪلوڙ، سبحان سميجو،
سڄڻ سومرو، اشرف اعواڻ، ساجد علي چنا، حليم ملڪ، نسيم ملڪ، ڪمال چنا، سيد ڪاشف علي
جيلاني، زوار شيخ، نياز احمد چنا، مير چند اوڏ ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري
ڳائي. سندس ڪمپوز ٿيل گيت ڪي ٽي اين تي پڻ هلندا رهن ٿا.
هن راڳي جي پاڪستان
ٽيليويزن تي پهريون ڀيرو ۲۰۰۲ ۾ انٽري ٿي. جنهن کانپوءِ مسلسل ڪيترن ئي پروگرامن سنڌ
سنگيت، سڀ رنگ، ڪچهري ۽ پرک ۾ لائيو ڳائي سنگيت جو جلوو ڏيکاري چڪو آهي. مختلف ٽي وي
چينلن تي ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي ۽ آواز ٽي وي تي پڻ لائيو پروگرامن ۾ پڻ پرفارمنس ڪئي
آهي. پاڪستان ٽيليويزن تي ۲۰۱۸ ۾ لائيو پروگرام ڀليڪار ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو
آهي. پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرام سنڌ سنگيت ۾ ڳايو. جنهن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ناليوارن
راڳين ممتاز لاشاري، شمن علي ميرالي، ديبا سحر، زاھد شيخ، احمد مغل وغيره شامل هئا.
ان کان علاوه سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٽنڊوالهيار ۽ شھدادپور ۾ ڪي ٽي اين جي لائيو محفل
پروگرام ۾ پرفارمنس ڪرڻ جو موقعو مليو. ان کان سواءِ بابا غلام فريد، بابا بلي شاھ،
انور سائين، موٽڻ سائين، ميرا سائين، سائين شهنشاھ، ودي شاھ، حضورڻ سائين ۽ جمن
شاھ ۽ ٻين ڪيترن ئي درگاھن تي ڳائي صوفياڻي پيغام کي عام ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي آهي.
ڳائڪي جي مان سندس
مڃتا ايوارڊن ۾ مانجھي اڪيڊمي ڪنڌڪوٽ طرفان مانجھي مڃتا ايوارڊ ۽ فيسٽيول منقعد ڪرائڻ
تي ڊپٽي ڪمشنر ڪنڌڪوٽ طرفان چار ڀيرا ڪارڪردگي ايوارڊ ملي چڪا آهن.
عرفان علي اعواڻ جي
پسنديده فنڪارن ۾ سرن جي ديوي لتا منگيشڪر، مھدي حسن، غلام علي، پرويز مھدي حسن، شمن
علي ميرالي، منظور علي سخيراڻي، ڪلاسيڪل راڳي حسين بخش گلو ۽ برڪت علي ڀٽ شامل آهن.
هن ۶ ڊسمبر ۲۰۰۹ تي پسند جي شادي ڪئي. سندس اولاد ۾ پنج نياڻيون منصه نو سال، آسنات اٺ سال،
آئزه فاطمه ست سال، زھره فاطمه چار سال، مائره فاطمه ٻه سال عمر آهن.
هن وقت ورڪس ائنڊ
سروس بلڊنگس ڊپارٽمينٽ ۾ بطور سب انجنيئر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
سندس سماجي خدمتن ۾ (آسا) آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسيئيشن ضلعي ڪشمور - ڪنڌڪوٽ جو صدر
۽ (سيوا) سب انجنيئرس ورڪر ايسوسيئيشن ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جو پڻ صدر آهي.
سنگيت جي دنيا ۾
اچڻ وارن نوجوانن لاءِ چوڻ آهي ته موسيقيءَ جون ڪيتريون ئي صنفون آهن جيئن ڪلاسيڪل،
نيم ڪلاسيڪل، فوڪ، يڪتاري چپڙي واري صوفياڻي موسيقي وغيره شامل آهن. جنهن کي جهڙي
موسيقيءَ سان لڳاءُ هجي ته اهو نوجوان ان موسيقيءَ سان واسطي رکندڙ استاد کان سکيا
ورتي وڃي، ڇو ته جيڪو نوجوان يڪتاري چپڙي جي سکيا وٺندو اهو غزل يا ڪلاسيڪل يا نيم
ڪلاسيڪل استاد سکيا نه ڏئي سگهندو. جيڪو نوجوان جنهن موسيقيءَ جي صنف سان لڳاءُ
رکي اهو ان قسم جي موسيقي واري استاد کان سکيا وٺي پنهنجي فيلڊ ۾ الڳ مقام حاصل ڪري
سگهن.
(روزاني جيجل اخبار
۾ تاريخ (۱۸-۶-۲۰۲۰) تي ڇپيل – ليکڪ جي ف ب ٽاييم وال تان کنيل. )
عرفان علي اعواڻ
خوبصورت آواز وسيلي سحر
طاري ڪندڙ راڳي - (۷ اپريل جنم ڏينهن جي مناسبت سان)
مير چند اوڏ
سُر، سنگيت ۽ آلاپ
جو نهايت گهرو رشتو هوندو آهي. جيڪڏهن انهن جو پاڻ ۾ سنگم جڙي وڃي ته پوءِ سون تي سهاڳي
مثل ليکبو آهي. محبت ئي اهڙي ڇِڪ آهي جنهن ذريعي سِڪ پيدا ٿيندي آهي. دلين ۾ موجود
نازڪ ۽ نفيس احساسن کي جڏهن ڪو راڳي پنهنجي آواز جو روپ ڏيندو آهي ته لونءَ لونءَ ڪانڊارجي
ويندي آهي . پنهنجي آواز وسيلي من جي احساسن کي جاڳائيندڙ خوبصورت ۽ هردلعزيز نوجوان
راڳي عرفان علي اعواڻ به پنهنجو مثال پاڻ آهي.
عرفان علي اعواڻ ۷ اپريل ۱۹۸۰ع تي ڪنڌڪوٽ ۾ غلام ياسين اعواڻ جي گهر ۾
جنم ورتو. سندس پرائمري تعليم نيُو مرزاپور پرائمري اسڪول ڪنڌڪوٽ ۾ ٿي، مئٽرڪ ڀٽائي
هائي اسڪول ڪنڌڪوٽ، ايسوسيئيٽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج جيڪب
آباد مان، ايم اي سنڌي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان، جڏهن ته بي ٽيڪ
جي ڊگري مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين.
عرفان علي اعواڻ ۱۹۹۱ع ۾ ڀٽائي هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ ۾ ڇهين ڪلاس ۾
پڙهڻ دوران ۱۴ آگسٽ تي جشن آزادي جي موقعي تي پهريون ڀيرو اسٽيج تي سازن تي ملي نغمو ڳايو،
جنهن کانپوءِ باقاعده موسيقيءَ جي دنيا ۾ اچڻ جو شوق پيدا ٿيو.
راڳداريء جي شروعاتي
سکيا مرحوم استاد واجد علي لاشاريء کان ورتائين، جنهن کيس ڳانو پڻ ٻڌو. استاد واجد
عليءَ کانپوء استاد مرحوم انور علي مٺياڻي جن جي صحبت ۾ رهندي ردم، لئي - تار ۽ ڍولڪ
جي سکيا پڻ ورتائين. بعد ۾ ڪنڌڪوٽ سان تعلق رکندڙ استاد غلام محمد ملڪ کان ڇھ سال
موسيقيءَ جي سکيا ورتائين. استاد انور عليءَ جي وفات کان پوءِ ڪجھ سالن کان وٺي سنڌي
سنگيت جي وڏي نالي واري راڳي استاد برڪت علي ڀٽ کان سکيا جو عمل جاري و ساري رکيو
پيو اچي.
عرفان علي اعواڻ جا
هن مهل تائين ۱۷ البم لوڪ فنڪار پروڊڪشن ۽ ناز پروڊڪشن پاران مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن . جن ۾
هڪ بلوچي ٻوليءَ جو البم به شامل آهي . انهن البمن ۾ سنڌي، اردو، سرائڪي، بلوچي ۽
پنجابي ٻوليءَ ۾گيت شامل آهن. هيءَ سُريلو راڳي سنڌ جي ناليوارن شاعرن ۾ لطيف سرڪار،
شيخ اياز، استاد بخاري، سرمد چانڊيو، وسيم سومرو، غلام قادر گھايل، ساگر شاھ، وحيد
هڪڙو، مير چند اوڏ کان علاوه سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي نئين ٽهي جي شاعرن جي شاعري پڻ ڳائي
چڪو آهي. ان کان سواءِ بابا غلام فريد، بابا بلي شاھ، انور سائين، موٽڻ سائين، ميرا
سائين، سائين شهنشاھ، ودي شاھ، حضورڻ سائين ۽ جمن شاھ ۽ ٻين ڪيترن ئي صوفي بزرگن
جي درگاھن تي صوفياڻو ڪلام پيش ڪري داد حاصل ڪري چڪو آهي.
هن راڳيءَ پاڪستان ٽيليويزن
تي پهريون ڀيرو ۱۹۹۹ع ۾ پير پاتو. جنهن کانپوءِ مسلسل ڪيترن ئي پروگرامن سنڌ سنگيت، سڀ رنگ، ڪچهري،
پرک ۽ ڀليڪار پروگرام ۾ براهِ راست فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. ان کان علاوه مختلف نجي
ٽي وي چينلن ڪي ٽي اين جي پروگرامن تال، ڪلاڪار، گڊ مارننگ شو ۽ رنگن ڀري شام ۾ ٻه
ڀيرا، سنڌ ٽي وي جي پروگرام سلام سنڌ ۾ ٽي ڀيرا ۽ آواز ٽي وي تي ٻه ڀيرا لائيو پروگرامن
۾ پڻ پرفارم ڪيو اٿائين.
عرفان علي اعواڻ سنڌ
جي مختلف شهرن ۾ ٽنڊوالهيار ۽ شھدادپور ۾ ڪي ٽي اين جي براهِ راست پروگرام محفل ۾
پرفارم ڪرڻ جو موقعو مليو. ڪي ٽي اين جي شروعاتي وقت ۾سندس ڪجه ويڊيو گيت به رڪارڊ
ٿيا.
مسلسل محنت ۽ جاکوڙ
سبب راڳ جي حوالي سان ڪيترائي مڃتاايوارڊ ماڻي چڪو آهي . انهن ايوارڊن ۾ مانجھي اڪيڊمي
ڪنڌڪوٽ طرفان مانجھي مڃتا ايوارڊ ۽ فيسٽيول منقعد ڪرائڻ تي ڊپٽي ڪمشنر ڪنڌڪوٽ
طرفان چار ڀيرا بهترين ڪارڪردگي ايوارڊ ملي چڪا آهن.
عرفان علي اعواڻ (آسا)
آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسيئيشن ضلعي ڪشمور - ڪنڌڪوٽ جو صدر ۽ (سيوا) سب انجنيئرس ورڪر
ايسوسيئيشن ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جو پڻ صدر ۽ ان کان سواءِ ضلع ڪشمور - ڪنڌڪوٽ جي آرٽس
ڪائونسل جو بانيڪار ۽ صدر پڻ رهي چڪو آهي.
سندس چوڻ آهي ته راڳ
جي دنيا ۾ باذوق ئي پير پائي سگهي ٿو، جيڪو باقاعده سکيا وٺندڙ نرم مزاج رکندڙ هوندو.
موسيقيءَ کي گوناگون فيلڊ سمجهندڙ هن ڪلاڪار جي بقول ته موسيقي سمجهڻ لاء ذهين ۽
ماهر ماڻهوءَ جي ضرورت هوندي آهي. جيڪو سنجيدگيءَ سان محنت ڪري ۽ اڳتي وڌي. موسيقيءَ
کي سنجيده فيلڊ سمجهندڙ عرفان علي اعواڻ جو خيال آهي ته لئي، سُر ۽ تال کي سمجهڻ هر
شخص جي وس جي ڳالھ بلڪل ناهي.
پنهنجي خوبصورت
آواز جي بدولت دلين تي سحر طاري ڪندڙ عرفان علي اعواڻ جي جنم جي تاريخ ۷ اپريل آهي. سندس جنم ڏينهن تي واڌايون ڏيندي
دعا ڪجي ٿي، ته هيءَ سريلو راڳي پنهنجي فن ۽ آواز ذريعي خوب ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون
ماڻي.
(ڏھاڙي روزاني آجيان شڪارپور ۾ ۷ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا