; سنڌي شخصيتون: ساجده جبين

23 June, 2022

ساجده جبين

ساجده جبين

(۲۷ مارچ ۱۹۷۸ع - ناموره ڪهاڻيڪاره ۽ شاعره - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير



سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪاره، شاعر نثر نويس، ساجده جبين جو اصل نالو ساجده آهي ۽ ادبي نالو ساجده جبين اٿس سندس جنم تعلقي سيوهڻ جي قديم ڳوٺ باجارا ۾ سيد غلام سرور شاھ لڪياري جي گهر ۾ ٿيو. پرائمري تعليم باجارا، ميٽرڪ گرلس هاءِ اسڪول سيوهڻ، انٽر ڊگري ڪاليج سيوهڻ مان حاصل ڪئي. بي ايڊ، ايم ايڊ ڪاليج سائيڊ سنڌ يونيورسٽي، مان حاصل ڪيائين. ۱۲ نومبر ۲۰۰۲ع تي پنهنجي قلمڪار ساٿي مشتاق بخاري سان شادي ٿيس. ۲۰ ڊسمبر ۲۰۰۲ع ۾ پيغمبري پيشي استاد سان لاڳاپجي وئي.


ساجده جبين لکڻ جي شروعات شرجيل جي ڪتاب (پن ڇڻ کان پوءِ) کان متاثر ٿي، ۱۹۹۳ع کان ڪئي. سندس ڪهاڻيون ۽ شاعري سنڌ جي مختلف اخبارن، رسالن ۾ ڇپجندي رهي. سندس ڪهاڻين ۾ گهرو مسئلن، عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍايون ڇوڪرين جي تعليم، ڇوڪرين جون زوريءَ شاديون ۽ سندن حق نه ملڻ تي سماج جي عڪاسي، احساس، جذبا، نظر اچن ٿا.

(۱) جذبن جهوريو جيءُ (ڪهاڻيون) ۲۰۰۳ع

ساجده جبين جي ڪهاڻين جو هيءُ پهريون مجموعو آهي، جيڪو ۲۰۰۳ع ڌاري ڇپجي نروار ٿيو. پهرئين ڇاپي ۾ ۱۱ ڪهاڻيون ٻئي ڇاپي ۲۰۱۹ع ۾ هڪ ڪهاڻي جي واڌاري سان ۱۲ ڪهاڻيون شامل آهن. مجموعي ۾ بي نانء، پيڙا، پڇتاءُ، چاهتن جو قتل، جيون رڻ ۾، آس اجهايل ديپ، مهراڻ، هڪ آس جيئاريندي، جذبن جهوريو جيءُ، سور دنيا ساري، جيون پلُ صراط آهي ۽ ايئن به ٿيندو آهي ڇوڙو شامل آهن. حميد سنڌي لکي ٿو ت: “جذبن جهوريو جيءُ” ۾ يقينن اهڙين ڪهاڻين کي جنم وٺڻو پوي ٿو، جيڪي سماج جي صورتحال ۽ ان ۾ ڀڄ ڊاھ جا اهم نشان آهن. ان کي هي ڪهاڻيون وائکو ڪن ٿيون. هي سنڌ جو سماج صدين کان ريتن رسمن، جي دائري جي اندر ڪيئي اوڻايون، خرابيون سٺايون ۽ دل پذير گهڙين جو اظهار ٿين ٿيون ساجده جبين جو ڪافي ڪهاڻيون آهن جيڪي واقعي ئي انساني جذبن کي جهوريو وجهن. هنن ڪهاڻين ۾ “بي نانءٌ” پيڙا واقعي سندس اندر جي پيڙا کي ظاهر ڪري ٿي مون کي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ڄڻ ته سندس پنهنجون ڪهاڻيون لڳن ٿيون (سنڌي، ۲۰۱۹: ۸)

ساجده جبين جي ڪهاڻين ۾ ڪا مصنوعيت نه آهي. هن جي ڪهاڻين جو رنگ، ڍنگ، سڀاءُ پنهنجو آهي. سندس ڪهاڻين ۾ پلاٽ، مڪالما، ڪردار مقصد، ۽ پڄاڻي، بهترين نموني سان نڀاءَ تي پهچي ٿو، سندس ڪهاڻيون پڙهڻ سان ڪابوريت يا مايوسي نه ٿي ٿئي. هن جي ڪهاڻين جي فڪر جو جولان کيرٿر جو آبشارن جيان لهندا رهن ٿا. ڪهاڻين جي ٻولي نئنگ، ڪائي ۽ پڳوڙ ٽوڙي جي چشمن جيان صاف آهي. “سندس ڪهاڻين جا ڪردار پڙهندڙ کي پاڻ ئي پنهنجي طرف متوجھ ڪن ٿا. سندس سوچ ايڏي ته سگهاري ۽ سندس شعور ايڏو ته پختو جو هن لکڻي اهڙي نه لکي آهي. جنهن لاءِ چئجي ته اها بناوتي آهي. وڌاءُ آهي. يا حقيقت کان پري آهي. سندس ڪهاڻيون پڙهندي ڪٿي به بوريت جون احساس نه ٿو ٿئي سندس ڪهاڻيون پڙهي محسوس ٿو ٿئي ته هوءَ ڪهاڻي شروع ڪرڻ کان ختم ڪرڻ تائين پنهنجي ڪهاڻين جي ڪردارن جو ڏک ڀوڳيندي رهي آهي. (سنڌي، ۲۰۱۹: ۲۶)

ادل سومرو لکي ٿو ته”ساجده جبين هڪ باشعور ۽ حساس ليکڪا آهي. سندس ڪهاڻيون سماجي حقيقت نگاريءَ جو هڪ سٺو نمونو آهن هن سنڌي سماج جي اندروني تضادن، گهريلو مسئلن ۽عورت جي محرومين ۽ احساسن کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ نهايت فنائتي ۽ ڀرپور انداز ۾ چئبو آهي. (سومرو، ۲۰۰۳: ۲۸)

مشتاق بخاري سندس ڪهاڻيءَ جذبن جهوريو جيءُ بابت لکي ٿو ته:

هن ڪهاڻي ۾ ساجده جبين سنڌي سماج جي ان پهلوءَ جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو اسان جي سماج ۾ هڪ ناسور جي حيثيت رکي ٿو. اهو آهي نياڻين کي تعليم کان محروم رکڻ. ڪهاڻيءَ جو مکيه ڪردار سڪينه آهي. جيڪا پڙهڻ چاهي ٿي پر پيءُ جي مرتئي کان پوءِ سندس ڀاءُ پڙهڻ جي مخالفت ڪري ٿو ۽ کيس امتحان ۾ ويهڻ نه ٿو ڏئي ڀاءُ کي ڏاڍو ايلاز ڪري ٿي . امتحان ۾ نه ويهڻ جو ڏک هن کي زندگيءَ جو اهم ڏک محسوس ٿو ٿئي. هن جا آدرش هن جي آرمانن جي سوليءَ تي ٽنگجي ٿا وڃن. هن جا خواب لڙڪن جي سنڌو نديءَ ۾ ٻڏي ٿا وهجن (بخاري، ۲۰۰۳: ۱۹)

ساجد جبين، استاد بخاريءَ جي شاعري جهڙي سليس سادي ۽ سٻاجهي ڪهاڻيڪار آهي. حساس طبيعت ۽ منفرد شخصيت رکندڙ هن ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻين جا موضوع سماجي ۽ احساساتي آهن. (ٻرڙو، ۲۰۱۹:)

 ساجده جبين جي ڪهاڻين جي ٻولي سادي سودي ٻهراڙي جو حسن رکندڙ آهي. هن جو ڪهاڻيون ڪي طويل ڊگهيو ناهن نه ئي نينو آهن هن جون ڪهاڻيون مختصر هوندي به جامع آهن جن ۾ فڪر سمايل آهي. سور به آهن ڏک به آهن ڳوڙها به آهن ته خوشي به آهي. هيءَ ڪنهن جي تقليد نه ٿي ڪري هن جو رستو، ماڳ، اسلوب پنهنجو آهي. هن جي ڊڪشن جا پنهنجا رنگ آهن. هوءَ رڳو ڪهاڻيڪاره ناهي هوءَ خوبصورت نثر نگار به آهي. ته شاعره به آهي.

پري هڪ گهڙي ٻي صدي ٿي لڳي،

صفا بي مزي زندگي ٿي لڳي.

هتي مون کي پنهنجا پراوا لڳن،

پرائي سڄڻ هر سکي ٿي لڳي.

ٻسو گهر ۽ پنهنجو شهر ٿو لڳي،

۽ ويران هرڪا گهٽي ٿي لڳي.

اچي ڪاش! ڀر ۾ سدائين رهين،

اها آرزو هڪ سٺي ٿي لڳي.

خوشيءِ مان ٿو قاصد کنيو اچ اچي،

اهو خط يا تنهنجي چٺي ٿي لڳي.

(جبين)

مشتاق بخاري سڀ تي ڀاري. (مرتب) ۲۰۱۸ع

ساجده جبين هن ڪتاب ۾ سندس گهر واري مشتاق بخاري جي سوانح ۽ ادبي خدمتن جو جائزو پيش ڪيو آهي. هي ڪتاب محترمه سيهڙيو آهي.

ياد گيرن جا سيلاب (ياد گيريون ۲۰۱۹ع)

هي ڪتاب ساجده جبين پنهنجي يادگيرين بابت لکيو آهي دنيا جي اڪثر ليکڪن پنهنجي يادگيرين جا ڪتاب لکيا آهن جنهن کي آتم ڪٿا چيو وڃي ٿو. هن ڪتاب ۾ پنهنجي ننڍپڻ، کان وٺي جواني تائين يادگيريون لکيون ويون آهن. ليکڪا جي زندگي ۾ جو گذريو پروڙيو پرکيو آهي، ڏک ۽ خوشيون آيون آهن انهن جو سربستو احوال لکيو ويو آهي.

مشتاق جي پارت ٿوَ (مرتب) ۲۰۱۹ع

سجاده جبين هي ڪتاب مرتب ڪيو آهي. مشتاق بخاري تي مختلف شخصيتن لکيو آهي. اُهي هن ڪتاب ۾ مضمون ڏنا ويا آهن. مضمون لکندڙن ۾ سلطان، بخاري، خالد چانديو، نجيب چانديو، غلام علي سانگي، عبدالستار جتوئي، شاهين سنڌي، عامر انصاري لطف علي چانڊيو، مبين اڄن، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، ڊاڪٽر عابد مظهر ۽ گوهر دائود پوٽو شامل آهي.

حوالا:

سنڌي، حميد، ۲۰۱۹: جذبن جهوريو جيءُ، ساجده جبين، ڇاپو ٻيو، سنڌ راڻي پبليڪشن حيدرآباد.

سنڌي، شبانه ۲۰۱۹: جذبن جهوريو جيءُ، ساجده جبين، ڇاپو ٻيو، سنڌ راڻي پبليڪشن حيدرآباد.

سومرو، ادل، ۲۰۰۳: جذبن جهوريو جيءُ، ساجده جبين، نيو ٿنڪرس فورم حيدرآباد.

بخاري، مشتاق، ۲۰۰۳ جذبن جهوريو جيءُ، ساجده جبين ڇاپو پهريون، نيو ٿنڪرس فورم حيدرآباد.

ٻرڙو، ڪوثر، ۲۰۱۹: جذبن جهوريو جيءُ، ساجده جبين، ڇاپو ٻيو، سنڌ راڻي پبلڪيشن حيدرآباد.

 

(مير حاجن مير جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۷ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)



ساجده جبين جو تعارفي خاڪو

 

نالو: ساجده شاهه

پيءُ جو نالو: سيد غلام سرور شاهه لڪياري

ادبي نالو: ساجده جبين

ادبي سڃاڻپ: ڪهاڻيڪار ۽ شاعره

جنم: ۲۷ مارچ ۱۹۷۸ع باجارا تعلقو سيوهڻ ضلعو دادو (هاڻ ڄامشورو)

تعليم: بي ايڊ، ايم ايڊ

لکڻ جي شروعات: ۱۹۹۳ع ۾ ماهوار ”بختاور“ ۾ ڇپي

پسند جا راڳي: عابده پروين، قمر سومرو، سرمد سنڌي، عاشق نظاماڻي، الطاف سمون، استاد عرس شيخ

 مشتاق بخاريءَ جو ”پيار جي موٽ ۾“

ازدواجي حيثيت: شادي شده

شاديءَ جي تاريخ: ۱۲ نومبر ۲۰۰۲ع تي مشتاق بخاري سان ٿي

ٽي ٻارڙا: معصومه بخاري، حسنين بخاري ۽ ڪونين بخاري

 (۱) جذبن جهوريو جيءُ (پهريون ڇاپو (۲۰۰۳ع)

 (۲) مشتاق بخاري سڀ تي ڀاري (مشتاق بخاري)

 جي ادبي خدمتن جو مختصر جائزو (۲۰۱۸)

 (۳) يادگيرين جا سيلاب (يادگيريون ۲۰۱۹ع)

ايندڙ ڪتاب: پريتم (ناول)

 لاحاصل محبتن جو درد (ڪهاڻيون)

 احساسن جي ارپنا (نثري نظم)

ائڊريس: ساجده جبين معرفت مشتاق بخاري ٽپال گهر ڊکڻ ضلعو شڪارپور.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۲۷ مارچ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)




ساجده جبين

باجارا کان لونگاڻيءَ تائين

خاور قبولائي

جيتوڻيڪ سندس تعلق سادات گھراڻي سان آھي پر پوء به پرائمري تعليم کان ويندي بي ايڊ ۽ ايم ايڊ تائين جي تعليمي سفر ۾ کيس ڪنھن به وک تي ٿڪاوٽ جو احساس محسوس ئي نه ٿيو، ھوءَ ايسيتائين ساجده شاھ ھئي جيسيتائين نامياري ليکڪ شرجيل جو لکيل ڪتاب ’پن ڇڻ کانپوءِ‘ پڙھي پورو ڪيائين، ھن ڪتاب پڙھڻ کانپوء ساجده شاھ جي اندر جي ڪا تخليقڪار جاڳي پئي ۽ اھا پوء ساجده جبين بڻجي ادب جي افق تي نسري نروار ٿي.

ھل با....!!! ڇا ته سندس قلم جي نوڪ مان نڪرندڙ لفظ ھئا، جڏھن علم عروض جي دنيا ۾ نمودار ٿيا ته دلفريب شعر ٿي بڻيا، جڏھن سندس لفظن معاشري ۾ موجود ڪنھن لڪل داستان جي اندروني احساسن کي ڇھيو ته ناياب ڪھاڻين جا ڪيترائي باب ٺھندا ٿي ويا، ائين سنڌي ادب ۾ نثر توڙي نظم جي ميدان ۾ ھڪ سيبتي ليکڪه جو اضافو ٿيو، منھنجي غائبانه شناسائي تڏھن کان ادي ساجده جي نانء سان ٿي، جڏھن ۹۰ واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ساھت گھر حيدرآباد پاران نڪرندڙ ھڪ رسالي ڪينجھر ۾ ھڪٻئي جون تخليقون پڙھڻ لڳا سين، ھن شاندار ماھوار رسالي ۾ تمام سٺا شاعر اديب لکندا ھئا، ادي ساجده جبين کان علاوه ان ئي دؤر ۾ ساڳئي رسالي ۾ رخسانه پريت چنڙ، حسينه ساند، روبينه ابڙو، فھميده شرف بلوچ کان علاوه شبانه سنڌي جون لکڻيون به پڙھڻ لاء ملنديون ھيون، ان ئي رسالي ۾ خطن واري ڀاڱي ۾ ھر خط جي آخر ۾ لکندڙ جي ائيڊريس لکيل ھوندي ھئي جنھن مان معلوم ٿيندو ھو ته ڪير ڪٿان جو يا ڪٿان جي آھي، ائين ادي شبانه سنڌي ۽ ادي ساجده جبين جي خبر پئي ته ھي ٻئي باجارا جون ليکڪائون آھن. جيتوڻيڪ ۱۹۹۳ کان ادي ساجده جبين جي ادبي سفر جو آغاز ٿئي ٿو پر ٿوري ئي عرصي ۾ ھن ڪيترائي ڪتاب به سنڌي ادب کي ارپڻ جو ڪارنامو انجام ڏنو، سندس پھرين تخليق ۱۹۹۳ ۾ ماھوار رسالي بختاور ۾ ڇپي ھئي تڏھن تمام گھڻي خوشي محسوس ڪندي اڳتي به ان ئي ھمت ۽ حوصلي کان ڪم وٺندي لکڻ پڙھڻ جو سلسلو مسلسل جاري رکيو.

ادي ساجده جبين جي ازدواجي زندگي جو باب تڏھن کليو جڏھن پاڻ ٻارھين نومبر ۲۰۰۲ع ۾ سنڌ جي خوبصورت شاعر مشتاق بخاري سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي.

شادي کان ته کيس ادبي سفر طيء ڪرڻ لاء اڃان به وڌيڪ ھٿي ملي جو پنھنجي پياري ور محترم مشتاق بخاري جي رھنمائي ۽ اصلاح سان ڪافي وکون اڳتي منزل طرف کنيائين. اڄ سندس جنم ڏڻ آھي، ھن موقعي تي کيس خراج پيش ڪندي خوشي محسوس ڪيان ٿو دعا اھائي ته ھوءَ پنھنجي پياري ور، محترم مشتاق بخاري ۽ پنھنجن پيارن ٻچڙن معصومه بخاري، حسنين بخاري ۽ ڪونين بخاري سميت شاد آباد ھجي آمين يا رب العالمين.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۲۷ مارچ ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا