; سنڌي شخصيتون: عبدالحميد “حميد” جسڪاڻي

19 June, 2022

عبدالحميد “حميد” جسڪاڻي

عبدالحميد “حميد” جسڪاڻي

ساڻس پهرين ملاقات.. .

مٺل جسڪاڻي



عبدالحميد “حميد” جسڪاڻي سان پرپٺ واسطو، موبائيل رابطو، ته شايد هاڻي هڪ سال جي عمر جيترو ٿي ويو هوندو، پر ساڻس روبرو ملاقات ۽ ڪچهري ڪجهه ڏينهن اڳ ٿي آهي. ان دوران، حميد ٻڌايو ته هن ميهڙ (ضلع دادو) شهر کان اولهه طرف فريد آباد، شاهه گودڙيو روڊ تي، اٽڪل اٺن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي، ساڄي طرف قديم ڳوٺ ٻاڙيا پنهور ۾ جنم ورتو. سندس پاڙيسري ڳوٺ ڪمانگر ۾ ٽي درجا پڙهڻ کانپوءِ تعليم جاري نه رکي سگهيو هو. ڪجهه عرصي بعد کيس وري به پڙهڻ جو شوق ٿيو، ته خانگي (پرائيويٽ) شاگرد جي حيثيت ۾ ۱۹۸۸ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين.


سندس ساروڻيون ساريندي هن ٻڌايو ته ننڍپڻ ۾ هو ٻڪرار هو. ٻڪرين سان سندس ڏاڍو پيار هو. جڏهن مائٽن ٻڪريون وڪڻي ڇڏيون، ته کيس تمام گهڻو صدمو رسيو ۽ مائٽن سان رُسي پيو، جنهن ڪري کيس وري به ٻڪرين جو ڌڻ وٺي ڏنو ويو.

حميد ڳالهين ڳالهين ۾ ٻڌايو ته ٻڪريون چاريندي، تعليم پرائيندي ۽ وري ٻڪريون چاريندي، هن جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جا پروگرام ٻڌڻ شروع ڪيا، ته مير محمد لنجار، محمد قاسم ماڪا ۽ عبدالغفور کوسو جي پروگرامن ۾ حصو وٺڻ لاءِ شعر شاعري شروع ڪيائين. هن اها شاعري ريڊيو جي مختلف پروگرامن ڏانهن موڪلي، ته نشر ٿيڻ لڳي. ريڊيو تي “وساريان نه وسرن”، “هڪ شعر هڪ نغمو”، “جمهور جو آواز”، “ڪڙو منجهه ڪڙي”، سندس پسنديده پروگرام رهيا.

سندس چوڻ موجب هن شروعات ۾ لفظ ملائي شاعري ڪئي، پوءِ ترنم جي آڌار تي شاعري شروع ڪيائين، هن کي جيڪو به ۽ جهڙو به ڪاغذ مليو، ان حد تائين جو سگريٽن جي پاڪيٽ وارن کوکن تي به شاعري لکي پاڻ وٽ رکندو به هو ته ريڊيو ڏانهن به موڪليندو هيو. ان دوران سندس دعا سلام ميهڙ جي مشهور شاعر امان الله “ناظم منگي” سان ٿي. ويجهاڙي وڌڻ سبب حميد ميهڙ شهر ۾ هر هفتي بزم لطيف جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي. سندس چوڻ موجب علم عروض، بحر ۽ وزن “ناظم منگي” وٽان سکيائين.

حميد ٻڌايو ته ۱۹۹۰ع کان مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ به سندس شاعري شايع ٿيڻ شروع ٿي. ان هوندي به، سندس خاندان وانگر حميد پاڻ به ديني درس تدريس ۾ گهڻي دلچسپي ورتي. اڄڪلهه ڳوٺ جي مسجد ۾ پيش امام به آهي ۽ ٻارڙن کي درس به ڏئي ٿو. ان بعد روزمرهه جي زندگي ۽ گهر ٻار جي خرچ پٺي کي منهن ڏيڻ لاءِ، پنهنجي زمين پاڻ آباد ڪندو آهي. سندس گذر سفر جو ذريعو سندس ۳ جريب زرعي زمين آهي، جنهن ۾ هو سارين بعد ڪڻڪ ۽ ڪڻڪ بعد ساريون پوکيندو آهي. هن ڳالهين ڳالهين ۾ ٻڌايو، ته مهانگائي گهڻي آهي، ان ڪري پاڻ ۳ جريب ٻيا هارپي طور به پوکي ٿو.

شعر ۽ شاعري ۾ ايتري دلچسپي رکي ٿو، جو ميهڙ ۽ ڀرپاسي ۾ جڏهن به مشاعرو يا ڪو وڏو ادبي ميڙاڪو ٿيندو آهي، ته دعوت ملڻ سبب ڪوشش ڪري شريڪ ٿيندو آهي ۽ گهڻو ڪري کانئس ترنم ۾ شاعري ٻڌائڻ جي فرمائش ڪئي ويندي آهي.

پاڻ نيڪ نمازي آهي، نڪاح ۽ جنازي نماز لاءِ آسپاس جي ڳوٺن کي سهوليت ميسر ڪري ٿو. جنهن ڪري سندس ڳوٺ جي چئو طرف ۸- ۱۰ ڪلوميٽرن جي دائري ۾، کيس اڪثر ماڻهو سڃاڻن ٿا.

حميد جسڪاڻي ساڳئي وقت شعر ۽ شاعري ۾، توڙي مذهب ۾ به دلچسپي رکي ٿو، ته روايتي سياست ۾ به حصو وٺندو رهي ٿو. پيپلز پارٽي ۾ تعلقه ميهڙ جو رابطه سيڪريٽري جي عهدي تي رهيو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو سندس وڻندڙ ليڊر رهيا، ان ڪري انهن کي شاعري وسيلي ڀيٽا ڏني آهي.

حميد جسڪاڻي حمد ۽ نعت جي حوالي سان مذهبي تقريبن ۽ عام معاشي، سماجي، مجازي شاعري جي نسبت سان، ادبي گڏجاڻين ۽ مشاعرن وسيلي، علائقي ۾ چڱي سڃاڻپ ۽ ٻڌندڙن جو حلقو رکي ٿو. هاري، مزدور ۽ کيتي ٻاڙي به سندس شاعري جو موضوع رهيا آهن. هن ڪيترا ئي زرعي گيت ۽ غزل به لکيا آهن، جيڪي پڻ وقت به وقت شايع ٿيندا رهيا آهن.

حميد گهڻيون نعمتون لکيون آهن. صنف جي لحاظ کان هن ڪافي تمام گهڻي لکي آهي. غزل، وائي، گيت ۽ چئوسٽا به لکيا آهن. لطيف سائين، استاد بخاري، ناظم منگي، محبوب علي “محبوب” ڏيپر، حاجي غلام نبي مهيسر، جوهر بروهي سندس پسنديده شاعر آهن. جديد دور جي نسبت سان ادل سومرو ۽ راشد مورائي جي شاعري، سيد حيات علي شاهه بخاري، مٺل جسڪاڻي، ميراعظم ٽالپر، عاجز جمالي، واحد پارس هيسباڻي جو نثر شوق سان پڙهڻ جو ٻڌايائين. فنڪارن، گلوڪارن ۾ استاد محمد يوسف، وحيد علي ۽ انور حسين وسطڙو لاءِ ٻڌايائين ته انهن کي گهڻو ٻڌندو رهيو آهي. محمد ابراهيم، عبدالله ڪڇي، زيب النساءَ جو ڳائڻ به کيس وڻي ٿو. هن اهو به ٻڌايو ته حاجي غلام نبي مهيسر، عبدالحق خاصخيلي، ليمون فقير ۽ جانڻ فقير، جڏهن جوڙ ۾ ملي، هم آواز ٿي، ترنم سان نعت ۽ حمد پڙهن ٿا، ته کيس تمام گهڻا وڻن ٿا.

۲۰۱۰ع واري قيامت خيز ٻوڏ ۾، دربدري دوران ڪراچي ۾، ڳوٺ جي جدائي ۾، سندس لکيل هي مرثيو، پاڻ جڏهن به ترنم ۾ ڪنهن کي ٻڌائي ٿو، ته سندس توڙي ٻڌندڙ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو آهي. اهو ساڳيو مرثيو اوهان به پڙهو:

ڪري ياد وطن، منهنجا نيڻ ڀنا،

تقدير ڪيئي پنهنجا جوڙ ڇنا.

سڀ سوار هئا هڪ ٻيڙي ۾،

ڏاڍو قرب هيو پنهنجي ميڙي ۾،

رهيو ڪوبه نه آ سڄي ويڙهي ۾،

مون سان گڏجي منهنجا ارمان رُنا.

ڀلا ڪير ڪُڇي تقدير اڳيان،

وڏا منظر آيا فقير اڳيان،

رڳو اک پيو ڇنڀيان سوين نير اڳيان،

سري ڪونه مٺا پنهنجي ديس بنا.

شل الله ڪنهن کان به وطن نه کسي،

پيو مينهن “حميد، اکين مان وسي،

شل خير سان هر ڪو وطن کي رسي،

منهنجو ملڪ جيئي ڀل ٿيان مان فنا.

 

(هفتيوار صفحو “سندر”، انچارج: حيات علي شاهہ بخاري، روزاني عبرت حيدرآباد، اڱارو ۲۷ مئي ۲۰۱۴ع)

No comments:

راءِ ڏيندا