; سنڌي شخصيتون: رسول بخش پليجو - ۲

11 June, 2020

رسول بخش پليجو - ۲


رسول بخش پليجو
سنڌ جي عظيم ڏاهي جو وڇوڙو!
ارشاد ڪاغذي
سنڌ جو ڏاهو رسول بخش پليجو، سنڌ جي هارين جو استاد ۽ اڳواڻ، ڪارل مارڪس، فريڊرڪ اينگلز، ولاديمير لينن ۽ مائوزي تنگ، هوچي منهه، چي گويرا، ڪاسترو جو تسلسل ۽ عالمي ڪميونسٽ تحريڪ جو سرگرم ليڊر، سوشل سائنسدان، سنڌي عوامي تحريڪ جو باني، شاهه لطيف جو شارح، اديب، شاعر، مصنف، نقاد، مشهور وڪيل، فيلسوف، نظرئي دان ۽ جديد ترقي پسند تحريڪ جو سرواڻ ڪالهه ۸۸ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
رسول بخش پليجو ٺٽي ضلعي جي جنگشاهي جي ڳوٺ منگر پليجو ۾ ۱۹۳۰ع ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم اتي حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌ مدرسي ڪراچي مان سيڪنڊري تعليم ۽ وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي.


رسول بخش پليجو گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. پليجي صاحب جي زندگي جي سڀني پهلوئن جي مطالعي، مشاهدي، فن، فڪر، فلسفي، سياست، پورهئي کي سمجهڻ ۽ پُرجهڻ لاءِ سائنسي، عالمي ۽ وسيع تناظر ۾ کوجنا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هر هڪ علم جي شاخ، جنهن منجهان هن جي فڪر ۽ فلسفي جا گل- ڦل گونچ، مکڙيون ۽ پن ڦٽي نڪتا آهن، تن جي اڀياس ڪرڻ سان پتو پوندو ته هو ڪيڏو مهان، قابل ۽ صلاحيت جي اعليٰ پد تي پهتل هو! ڳوڙهي مطالعي ۽ مشاهدي جي ڪري سندس لفظ ۽ جملا ڏاهپ جي ڏات سان جرڪندا ۽ مرڪندا نظر اچن ٿا. گھري، گھاٽي، منجهيل ۽ پيچيده فلسفي، خيال ۽ ويچارن کي ۽ ڏکي ۽ مشڪل مفهوم ۽ مقصد کي نهايت سادي، سولي ۽ عام فهم ٻولي ۽ لکت ۾ عام آڏو آڇي مڃتا ماڻي. ڳوڙهي حڪمت، حجت، دليل ۽ بحث کي دل کولي، دلفريب، دلربا ۽ دلپذير پيرائيي ۾ بيان ڪرڻ ۾ مَشاق هو. علم، عقل، ڄاڻ، دانش، ادراڪ جا موتي پڙهيل ۽ گھٽ پڙهيل ماڻهن ۽ ڪارڪنن جي آڏو پيش ڪيا ۽ عام ماڻهو سندن طرزِ تحرير آسانيءَ سان پڙهي ۽ سمجهي سگھي ٿو. شهري توڙي ڳوٺاڻا ان جي بيان ۽ لکڻين کي سهنجائيءَ سان سمجهي، آگاهه ٿي ذهن نشين ڪري وٺن ٿا ۽ پليجي صاحب جي پيغام، متن، روح، تت ۽ جوهر تائين جلدي پهچي پون ٿا ۽ ان کي عمل جي ڪسوٽي سان پرکي پنهنجي فرض ۽ قرض جي پوئيواري ڪندي سنڌ جي سينڌ سنوارن ٿا.
رسول بخش پليجو هڪ اهڙو علمي، عملي ۽ ادبي چشمو آهي، جنهن جي وهڪ ۽ تاثير، تکي ۽ تيز آهي پر جيڪو سندس پالوٽ سان پرُ ٿيو، اهو هميشه فيضياب ٿيو. هو فڪر جو ڀنڊار هو ۽ سندس من ۽ اندر ۾ انيڪ موتي، هيرا ۽ جواهر دفن ٿيل هئا، جن کي ڳولي ڦولي شاهوڪار ٿي وڃبو هو. هر هڪ ماڻهو جي پنهنجي پنهنجي محنت، ڪشٽ تي منحصر آهي ته هو ڪيترو مال ميڙي ٿو. هن جي اُجهاڳ، اٿاهه ۽ بي ڪنار موجن جي رواني مان اڄاڻ به ڄاڻو بنجي پوندا هئا ۽ پنهنجي علمي ۽ ادبي تاسَ ۽ ٻاڙَ اُجهائيندا هئا.
”سي پوڄارا پُر ٿيا سمنڊ سيوئو جن.“ (شاهه لطيف)
جتي هن جي لفظن، تحرير ۽ تقرير ۾ علم، آگاهي ۽ معلومات جو خزانو آهي ۽ ساڻ ساڻ نمرتا آهي اُتي اڪثر تُز، ٺوس ڳالهين سان گڏ تُرش، تيز سڌو سنئون حملو پڻ آهي. اهڙي تيز ۽ تکي تلوار وانگر، جنهن جي هڪ ضرب سان ڪو بچي نٿو سگھي. اڪثر ماڻهو ۽ دوست پليجو صاحب جي ان رويي تي ناراض ٿيندا هئا، پر هن وٽ نمائشي مصلحت نه هئي. هو انهن انسانن جي سلسلي جو ڳانڍاپو هو، جن ڪڏهن به مصلحت، ڪوڙ ۽ منافقي کان واهر نه ورتي. ان طريقي جا شخص پنهنجي قول، فعل، ڪردار، ادائگي، اٿڻي ويهڻي، زبان ڪلام، علم، عمل ۽ سوچ لوچ ۽ لکت پڙهت سان ڪڏهن به ڪوڙي ڪمپرومائيز ڪين ڪندا آهن.
پليجي صاحب جهڙن انسانن جي ميخاني تان جيڪا وهه جي وٽي ملندي هئي، اها اصل ۾ ماکي جهڙي مٺي هئي، جنهن سان اندر اجاري سگھبو هو، انسان بنجي، انسانيت جي خدمت جو درس ملندو هو، هڪ انسان جو روپ ڌاري سگھبو هو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ۽ سنڌي عوام سنڌ جي حقن لاءِ جيڪي جدوجهدون هلايون، پليجي صاحب انهن تحريڪن ۾ سرواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. آمرن، جابرن، رجعت پسندن خلاف علمي، ادبي ۽ سياسي ويڙهه وڙهي. ون يونٽ جي دور ۾ آپيشاهي ۽ ظالم حڪمرانن ۽ وڏيرن سان مهاڏو اٽڪايو. هارين جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو. ايوب شاهي خلاف، اينٽي ون يونٽ تحريڪ، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو تحريڪ، مشرقي پاڪستان ۾ فوجي جنتا جي آپريشن جي خلاف، ذوالفقار علي ڀٽو جي غير جمهوري ۽ آپيشاهي راڄ جي خلاف جيل ۾ واڙيو ويو. بلوچستان ۾ فوجي چڙهائي جي خلاف، ضياءُالحق جي آمرانه ۽ جابرانه ڊگهي مارشلا جي خلاف جدوجهد ۽ ان دور ۾ لڳاتار جيل ۾ بند ڪيو ويو ۽ کيس ايمنسٽي انٽرنيشنل ”ضمير جو قيدي“ قرار ڏنو. ان کان علاوه ڪالا باغ ڊيم ۽ سنڌ جي ٻين حقن جي لاءِ مسلسل جدوجهد ۾ رهيو، لانگ مارچ، جلسا، جلوس، بک هڙتالون وغيره ۽ ٻين سرگرمين ۾ سنڌين ۽ سموري جهان جي مظلوم ۽ محڪوم عوام لاءِ احتجاج بلند ڪندو رهيو.
رسول بخش پليجو هڪ سوشل سائنسدان هئڻ جي ناتي هڪ اهڙو سائنسي ادراڪ ۽ علم رکندڙ شخص هو، جيڪو وقت کان اڳ ۾ ملڪ جي حالتن، حڪمرانن جي حرڪتن ۽ طريقن کي اڳواٽ پڙهي، پروڙي ۽ سمجهي ويندو هو. هو خداداد صلاحيتن جو مالڪ هو ۽ خاص ڪري سياسي ڦيري ۽ چرخي کي پهريان سمجهي ويندو هو ۽ ان بابت پنهنجي ڏاهپ سان حڪمت عملي ۽ بچاءَ لاءِ ٽوڙ ٺاهي رکندو هو. ايم آر ڊي تحريڪ آمر جنرل ضياءَ جي خلاف جمهوري تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو پر ڪنهن سبب جي ڪري اها تحريڪ دير سان شروع ٿي پر پليجي صاحب پاڻ ۽ پنهنجي پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ۽ سنڌي عوام کي هوشيار ۽ خبردار ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي حرڪت ۾ اچي ويو هو. ڪوٽ لکپت جي جيل ۾ اسيري دوران پليجي صاحب هڪ هدايت نامو پارٽي ورڪرن ۽ عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ واسطي ”جمهوري جدوجهد لاءِ تيار ٿيو!“ جي سري هيٺ لکيو هو. هي مضمون رسول بخش پليجي ۱۹۸۱ع ۾ ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد دوران ضيائي مارشل لا خلاف جمهوري جدوجهد ۾ مڙسيءَ سان شريڪ ٿيڻ ۽ ان کي ثابت قدميءَ سان توڙ تائين پهچائڻ لاءِ سنڌي ماڻهن ۽ خاص ڪري عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن کي تيز ڪرڻ خاطر سندن رهنمائيءَ لاءِ لکيو هو. پليجي صاحب جهڙي سنڌي، ملڪي، علائقائي ۽ عالمي سياست جي وهڪرن جي رخ کي اڳواٽ ئي سمجهي وڃڻ ۾ ڪمال جو ادراڪ ۽ مهارت رکندڙ مدبر نٿي چاهيو ته اڳين ملڪي جدوجهدن جي موقعن وانگر هن دفعي به سنڌي ماڻهو ملڪ گير جمهوري جدوجهدن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، اوچتو فيصلي جي گھڙين ۾ جهڪا ٿي پون ۽ جدوجهد جون حاصلاتون ٻيا کائي وڃن.
رسول بخش پليجي جو بنيادي فلسفو ٽن اصولن تي آڌاريل هو. ۱. مارڪسزم ۲. حب الوطني ۳. شاهه لطيف جي شاعري ۽ پيغام. انهن ٽنهي عنصرن ملي، هڪ اهڙو جينئس پيدا ڪيو، جنهن سنڌ جي سياسي ميدان ۾ هڪ اهڙو طوفان برپا ڪيو، جيڪو اڳ ۾ نظر نٿو اچي. مارڪسزم، ليننزم، مائو ازم شاهه لطيف جي شاعري ۽ پيغام جي جملي خصوصيتن کي، ان جي ست، عرق ۽ جوهر کي سنڌ جي حالتن سان ڳنڍي هڪ اهڙي تحريڪ کي جنم ڏنو، جنهن جي ڪري سنڌ ۾ نئين جديد، ترقي پسند سوچ، فڪر ۽ فلسفي جي آبياري ٿي. هارين، مزورن عورتن ۽ هيٺين ڪلاس (پرولتاريه) جي مفادن جي تحفظ ۽ حقن لاءِ هلچل هلائي ۽ ڪارڪنن کي جديد ۽ سائنسي علم سان روشناس ڪرايو ۽ تربيت ڏيئي پراڻي، مدي خارج ۽ اڏوهي کاڌل نظام سان ثابت قدم رهي لڳاتار ڊگھي ويڙهه وڙهڻ جو حوصلو ۽ همت ڏني. پليجو صاحب، سندس پارٽي هاري ۽ هيـٺين طبقي جا روشن خيال ڪيڊر مڙسي ۽ بهادري واري جدوجهد ڪري فرسوده ريتن رسمن، جاگيردارن، وڏيرن ۽ سيٺين سان حوصلي سان جنگ جوٽيندا رهيا.
رسول بخش پليجو انهن مٿين ٽن عنصرن جي ڪري سنڌ جي خوشحالي، آزادي ۽ برابري جي لاءِ سموري عمر سرگرميءَ سان وڙهندو رهيو. لطيف جي پيغام مطابق سنڌ وطن ۽ سنڌي قوم کي نئين جهان جي اڏاوت لاءِ تيار ڪندو رهيو. جيل، سور، سختين ۽ ٽارچر جي باوجود وڏي همت سان مقابلو ڪندو رهيو ۽ سندس فڪر ۽ نظرئي سان سلهاڙيل عوامي تحريڪ جا جوڌا جهيڙيندا رهيا. مرد توڙي عورتن گوليون، ڦٽڪا، جيل ۽ گرفتاريون ڏيئي پاڻ ملهايو ۽ سموري جڳ ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌين جو نالو روشن ڪيو.

رسول بخش پليجو
سنڌ جو ڏاهو
ارشاد ڪاغذي
سنڌ جو ڏاهو رسول بخش پليجو، سنڌ جي هارين جو استاد ۽ اڳواڻ، ڪارل مارڪس، فريڊرڪ اينگلز، ولاديمير لينن ۽ مائوزي تنگ، هوچي منهه، چي گويرا، ڪاسترو جو تسلسل ۽ عالمي ڪميونسٽ تحريڪ جو سرگرم ليڊر، سوشل سائنسدان، سنڌي عوامي تحريڪ جو باني، شاهه لطيف جو شارح، اديب، شاعر، مصنف، نقاد، مشهور وڪيل، فيلسوف، نظرئي دان ۽ جديد ترقي پسند تحريڪ جو سرواڻ آهي.
رسول بخش پليجو ٺٽي ضلعي جي جنگشاهي جي ڳوٺ منگر پليجو ۾ ۱93۰ع ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم اتي حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌ مدرسي ڪراچي مان سيڪنڊري تعليم ۽ وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي.
رسول بخش پليجو گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ آهي. پليجي صاحب جي زندگي جي سڀني پهلوئن جي مطالعي، مشاهدي، فن، فڪر، فلسفي، سياست، پورهئي کي سمجهڻ ۽ پُرجهڻ لاءِ سائنسي، عالمي ۽ وسيع تناظر ۾ کوجنا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هر هڪ علم جي شاخ، جنهن منجهان هن جي فڪر ۽ فلسفي جا گل- ڦل، گونچ، مکڙيون ۽ پن ڦٽي نڪتا آهن، تن جي اڀياس ڪرڻ سان پتو پوندو ته هو ڪيڏو مهان، قابل ۽ صلاحيت جي اعليٰ پد تي پهتل آهي! ڳوڙهي مطالعي ۽ مشاهدي جي ڪري سندس لفظ ۽ جملا ڏاهپ جي ڏات سان جرڪندا ۽ مرڪندا نظر اچن ٿا. گھري، گھاٽي، منجهيل ۽ پيچيده فلسفي، خيال ۽ ويچارن کي ۽ ڏکي ۽ مشڪل مفهوم ۽ مقصد کي نهايت سادي، سولي، ۽ عام فهم ٻولي ۽ لکت ۾ عام آڏو آڇي مڃتا ماڻي آهي. ڳوڙهي حڪمت، حجت، دليل ۽ بحث کي دل کولي، دلفريب، دلربا ۽ دلپذير پيرائيي ۾ بيان ڪرڻ ۾ مَشاق آهي. علم، عقل، ڄاڻ، دانش، ادراڪ جا موتي پڙهيل ۽ گھٽ پڙهيل ماڻهن ۽ ڪارڪنن جي آڏو پيش ڪري ٿو ۽ عام ماڻهو سندن طرزِ تحرير آسانيءَ سان پڙهي ۽ سمجهي سگھي ٿو. شهري توڙي ڳوٺاڻا ان جي بيان ۽ لکڻين کي سهنجائي سان سمجهي، آگاهه ٿي ذهن نشين ڪري وٺن ٿا ۽ پليجي صاحب جي پيغام، متن، روح، تت ۽ جوهر تائين جلدي پهچي پون ٿا ۽ ان کي عمل جي ڪسوٽي سان پرکي پنهنجي فرض ۽ قرض جي پوئيواري ڪندي سنڌ جي سينڌ سنوارن ٿا.
رسول بخش پليجو هڪ اهڙو علمي، عملي ۽ ادبي چشمو آهي، جنهن جي وهڪ ۽ تاثير، تکي ۽ تيز آهي پر جيڪو سندس پالوٽ سان پرُ ٿئي ٿو، اهو هميشه فيضياب ٿيو وڃي. هو فڪر جو ڀنڊار آهي ۽ سندس من ۽ اندر ۾ انيڪ موتي، هيرا ۽ جواهر دفن ٿيل آهن، جن کي ڳولي ڦولي شاهوڪار ٿجي ٿو. هر هڪ ماڻهو جي پنهنجي پنهنجي محنت، ڪشٽ تي منحصر آهي ته هو ڪيترو مال ميڙي ٿو. هن جي اُجهاڳ، اٿاهه ۽ بي ڪنار موجن جي رواني مان اڄاڻ به ڄاڻو بنجيو پوي ۽ پنهنجي علمي ۽ ادبي تاسَ ۽ ٻاڙَ اُجهائي ٿو.
”سي پوڄارا پُر ٿيا سمنڊ سيوئو جن.“ (شاهه لطيف)
جتي هن جي لفظن، تحرير ۽ تقرير ۾ علم، آگاهي ۽ معلومات جو خزانو هوندو آهي ۽ ساڻ ساڻ نمرتا هوندي آهي ته اڪثر تُز، ٺوس ڳالهين سان گڏ تُرش، تيز سڌو سنئون حملو پڻ ڪندو آهي. اهڙي تيز ۽ تکي تلوار وانگر، جنهن جي هڪ ضرب سان ڪو بچي نٿو سگھي. اڪثر ماڻهو ۽ دوست پليجو صاحب جي ان رويي تي ناراض ٿيندا آهن، پر هن وٽ نمائشي مصلحت ناهي هوندي. هو انهن انسانن جي سلسلي جو ڳانڍاپو آهي، جن ڪڏهن به مصلحت، ڪوڙ ۽ منافقي کان واهر نه ورتي آهي. ان طريقي جا شخص پنهنجي قول، فعل، ڪردار، ادائگي، اٿڻي ويهڻي، زبان ڪلام، علم، عمل ۽ سوچ لوچ ۽ لکت پڙهت سان ڪڏهن به ڪوڙي ڪمپرومائيز ڪين ڪندا آهن.
پليجي صاحب جهڙن انسانن جي ميخاني تان جيڪا وهه جي وٽي ملي ٿي، اها اصل ۾ ماکي جهڙي مٺي آهي، جنهن سان اندر اجاري سگھجي ٿو، انسان بنجي، انسانيت جي خدمت جو درس ملي ٿو، هڪ انسان جو روپ ڌاري سگھجي ٿو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ۽ سنڌي عوام سنڌ جي حقن لاءِ جيڪي جدوجهدون هلايون، پليجي صاحب انهن تحريڪن ۾ سرواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. آمرن، جابرن، رجعت پسندن خلاف علمي، ادبي ۽ سياسي ويڙهه وڙهي. ون يونٽ جي دور ۾ آپيشاهي ۽ ظالم حڪمرانن ۽ وڏيرن سان مهاڏو اٽڪايو. هارين جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو. ايوب شاهي خلاف، اينٽي ون يونٽ تحريڪ، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو تحريڪ، مشرقي پاڪستان ۾ فوجي جنتا جي آپريشن جي خلاف، ذوالفقار علي ڀٽو جي غير جمهوري ۽ آپيشاهي راڄ جي خلاف جيل ۾ واڙيو ويو. بلوچستان ۾ فوجي چڙهائي جي خلاف، ضياءُالحق جي آمرانه ۽ جابرانه ڊگهي مارشلا جي خلاف جدوجهد ۽ ان دور ۾ لڳاتار جيل ۾ بند ڪيو ويو ۽ کيس ايمنسٽي انٽرنيشنل ”ضمير جو قيدي“ قرار ڏنو. ان کان علاوه ڪالا باغ ڊيم ۽ سنڌ جي ٻين حقن جي لاءِ مسلسل جدوجهد ۾ رهيو، لانگ مارچون، جلسا، جلوس، بک هڙتالون وغيره ۽ ٻين سرگرمين ۾ سنڌين ۽ سموري جهان جي مظلوم ۽ محڪوم عوام لاءِ احتجاج بلند ڪندو رهيو.
رسول بخش پليجو هڪ سوشل سائنسدان هئڻ جي ناتي ۾ هڪ اهڙو سائنسي ادراڪ ۽ علم رکندڙ شخص آهي، جيڪو وقت کان اڳ ۾ ملڪ جي حالتن، حڪمرانن جي حرڪتن ۽ طريقن کي اڳواٽ پڙهي، پروڙي ۽ سمجهي ويندو آهي. هو خداداد صلاحيتن جو مالڪ آهي ۽ خاص ڪري سياسي ڦيري ۽ چرخي کي پهريان سمجهي ويندو آهي ۽ ان بابت پنهنجي ڏاهپ سان حڪمت عملي ۽ بچاءَ لاءِ ٽوڙ ٺاهي رکندو آهي. ايم آر ڊي تحريڪ آمر جنرل ضياءَ جي خلاف جمهوري تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو پر ڪنهن سبب جي ڪري اها تحريڪ دير سان شروع ٿي پر پليجي صاحب پاڻ ۽ پنهنجي پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪن ۽ سنڌي عوام کي هوشيار ۽ خبردار ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي حرڪت ۾ اچي ويو هو. ڪوٽ لکپت جي جيل ۾ اسيري دوران پليجي صاحب هڪ هدايت نامو پارٽي ورڪرن ۽ عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ واسطي ”جمهوري جدوجهد لاءِ تيار ٿيو!“ جي سري هيٺ لکيو هو. هي مضمون محترم رسول بخش پليجي ۱9۸۱ع ۾ ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد دوران ضيائي مارشل لا خلاف جمهوري جدوجهد ۾ مڙسيءَ سان شريڪ ٿيڻ ۽ ان کي ثابت قدميءَ سان توڙ تائين پهچائڻ لاءِ سنڌي ماڻهن ۽ خاص ڪري عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن کي تيز ڪرڻ خاطر سندن رهنمائيءَ لاءِ لکيو هو. پليجي صاحب جهڙي سنڌي، ملڪي، علائقائي ۽ عالمي سياست جي وهڪرن جي رخ کي اڳواٽ ئي سمجهي وڃڻ ۾ ڪمال جو ادراڪ ۽ مهارت رکندڙ مدبر نٿي چاهيو ته اڳين ملڪي جدوجهدن جي موقعن وانگر هن دفعي به سنڌي ماڻهو ملڪ گير جمهوري جدوجهدن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، اوچتو فيصلي جي گھڙين ۾ جهڪا ٿي پون ۽ جدوجهد جون حاصلاتون ٻيا کائي وڃن.
رسول بخش پليجي جو بنيادي فلسفو ٽن اصولن تي آڌاريل آهي. ۱. مارڪسزم ۲. حب الوطني 3. شاهه لطيف جي شاعري ۽ پيغام. انهن ٽنهي عنصرن ملي، هڪ اهڙو جينئس پيدا ڪيو، جنهن سنڌ جي سياسي ميدان ۾ هڪ اهڙو طوفان برپا ڪيو، جيڪو اڳ ۾ نظر نٿو اچي. مارڪسزم، ليننزم، مائو ازم شاهه لطيف جي شاعري ۽ پيغام جي جملي خصوصيتن کي، ان جي ست، عرق ۽ جوهر کي سنڌ جي حالتن سان ڳنڍي هڪ اهڙي تحريڪ کي جنم ڏنو، جنهن جي ڪري سنڌ ۾ نئين جديد، ترقي پسند سوچ، فڪر ۽ فلسفي جي آبياري ٿي. هارين، مزورن عورتن ۽ هيٺين ڪلاس (پرولتاريه) جي مفادن جي تحفظ ۽ حقن لاءِ هلچل هلائي ۽ ڪارڪنن کي جديد ۽ سائنسي علم سان روشناس ڪرايو ۽ تربيت ڏيئي پراڻي، مدي خارج ۽ اڏوهي کاڌل نظام سان ثابت قدم رهي لڳاتار ڊگھي ويڙهه وڙهڻ جو حوصلو ۽ همت ڏني. پليجو صاحب، سندس پارٽي هاري ۽ هيـٺين طبقي جا روشن خيال ڪيڊر مڙسي ۽ بهادري واري جدوجهد ڪري فرسوده ريتن رسمن، جاگيردارن، وڏيرن ۽ سيٺين سان حوصلي سان جنگ جوٽيندا رهيا آهن.
رسول بخش پليجو انهن مٿين ٽن عنصرن جي ڪري سنڌ جي خوشحالي، آزادي ۽ برابري جي لاءِ سموري عمر سرگرميءَ سان وڙهندو رهيو آهي. لطيف جي پيغام مطابق سنڌ وطن ۽ سنڌي قوم کي نئين جهان جي اڏاوت لاءِ تيار ڪندو رهيو آهي. جيل، سور، سختين ۽ ٽارچر جي باوجود وڏي همت سان مقابلو ڪندو رهيو ۽ سندس فڪر ۽ نظرئي سان سلهاڙيل عوامي تحريڪ جا جوڌا جهيڙيندا رهيا آهن. مرد توڙي عورتن گوليون، ڦٽڪا، جيل ۽ گرفتاريون ڏيئي پاڻ ملهايو ۽ سموري جڳ ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌين جو نالو روشن ڪيو. عورتن ۾ سياسي جاڳرتا ۽ تنظيم ڪاري جي ڪري سنڌ جي سياسي ماحول ۾ هڪ اهڙي نواڻ پيدا ٿي آهي، جنهن سنڌين جي روح کي گرمائي ڇڏيو آهي پر تنهن جي باوجود اسان جا ڪيترائي ڏسڻا وائسڻا ماڻهو عورتن جي سياست ۾ حصو وٺڻ ۽ اسٽيج تي تقرير ڪرڻ ۽ گيت ڳائڻ کي معيوب سمجهن ٿا، پر رسول بخش جي ذهانت ۽ پڪي پختي ارادي ۽ ثابت قدمي جي ڪري سنڌِياڻيون انقلاب ۽ روشن خيالي جي جذبي سان اڳ کان اڳريون آهن. جلسن توڙي احتجاجن ۾ عورتون پنهنجي فرض جي ادائگي ۾ ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي، سنڌ ڌرتي کي غاصبن جي تسلط کان آزاد ڪرائڻ ۾ پيش پيش آهن.
سنڌ جي ڏاهي رسول بخش پليجي جي جنم ڏينهن جي موقعي تي شاندار طريقي سان ڀيٽا پيش ڪري، سندس ڪم، عمل ۽ فڪر جي لازوال ۽ شاندار ڪارنامن کي واکاڻيندي، هن بهادر ڏاهي انسان کي سلام پيش ڪجي ٿو!

رسول بخش پليجو
سنڌ جو ڏاهو سياستدان
ارشاد ڪاغذي
علم، ادب، شاعري، صحافت، فلسفو، سائنس، سماجي علوم، سوشلزم، ڪميونزم، قومپرستي، وطن پرستي، عشق، ڄاڻ، سمجهه، فهم فراست، ادراڪ، آگاهي، نظريو، تاريخ، جاگرافي، ذاتي ۽ گڏيل سماجي سڌارو ۽ جڳ جهان جي ٻي علم ۽ ڄاڻ خزاني جي کاڻ رسول بخش پليجو جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ سندس ايتري اٿاهه علم جي سرچشمن ۾ ٽٻي هڻڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي يگاني ۽ انقلابي اڳواڻ جي اوکَ ڊوکَ ڪرڻ لاءِ وس آهر هتي مختصر تعارف پيش ڪجي ٿو. سنڌ جي مردم خيز سرزمين جي اوائلي سياسي، ثقافتي، اقتصادي ۽ علمي مرڪز ٺٽي ضلعي ۾ جنم وٺندڙ شخصيت جنهن جو جنم هڪڙي غريب ڪهول، راڄ، ڳوٺ ۽ گھر ۾ ٿيو. رسول بخش پليجو ۱۹۳۰ع ڌاري نئي وات لڳ جنگشاهي تعلقي ۽ ضلعي ٺٽي ۾ تولد ٿيو. هن پرائمري جا ٽي درجا پنهنجي اڻ پڙهيل ڏاڏي منگر خان پليجو جي قائم ڪرايل ميان طيب جي ملان مڪتب ۾ پڙهيا. پوءِ چوٿون درجو جنگشاهي جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهيو ۽ انگريزي جا ٽي درجا ٺٽي جي مڊل اسڪول ۾ پڙهيا. پڙهائي ۾ گھٽ دلچسپي ۽ ٻين غير نصابي ڪمن ۾ وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ڪري اسڪالرشپ جي امتحان ۾ فيل ٿيو، ان ڪري گھر وارا  ناراض ٿيس ۽ سندس امڙ ڪاوڙ ڪندي ۱۰ روپيا ڏيندي کيس چيو ته ”وري ڳوٺ نه اچج، وڃي ٽنڊي باگي جي مدرسي ۾ پڙهه“ پر هو ڪراچي وڃي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي سان مليو، ان اتي امتحان وٺي ۱۲ روپيا مهينو اسڪالرشپ ڏني، جنهن جي ڪري هو سنڌ مدرسته الاسلام ۾ داخل ٿيو. پهرين سال سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگھيو، پر ٻئي سال سڀني سبجيڪٽس ۾ پهريون نمبر آيو، ان سٺي ڪارڪردگي جي ڪري سنڌ مدرسي جي لائبريري ۾ لائبريرين مقرر ٿيو ۽ پنج رپيا ماهوار الائونس ملڻ لڳس. سنڌ مدرسي ۾ رهندي هن قابل استادن جي زيرنگراني انگريزي، عربي، فارسي ۽ ٻين مضمونن ۾ عبور حاصل ڪيو ۽ انگريزي ڳالهائڻ جي ڪري انگريزي جلدي سکي ويو. لائبريرين رهندي هن سڀ ڪتاب پڙهيا ۽ علم ادب، سائنس ۽ ڌارين ٻولين جي لٽريچر مان فيض ياب ٿيو. ڪتابن سان دوستي جي ڪري سمجهه سرت ۽ ڏاهپ ۾ اضافو ٿيس. اتان کان ئي هن سماجي ۽ سياسي سرگرمين جو آغاز ڪيو. مسلمانن، هندن ۽ انگريزن جي ڪردار جو اڀياس ڪيو. سندس جستجو، کوجنا ۽ جاچ جوچ جي ڪري هن ۾ قابليت ۽ خداداد صلاحيت پيدا ٿي. انگريزي، بنگالي، هندي ۽ ٻين ٻولين مان سنڌي ۾ ترجمو ٿيل ناول ۽ ڪتاب پڙهيا، انهن کيس سنڌ جي گھٽيل ۽ ٻوساٽيل ماحول مان ڪڍي هندوستان جي وسيع سماجي جهان جو سير ڪرايو. انگريزي علم و ادب جي ڪتابن جي مطالعي جي ڪري هن ۾ اعليٰ حوصلو ۽ ڊسپلين پيدا ٿيو. ان باري ۾ سندس چوڻ آهي ته:
”انگريزن جي فطرت ۾ وقت ۽ واعدي جي پابندي، قول جي پختائي، وڏي ڳالهه کي ننڍي ڪري ڏيکارڻ، سخت خاموش، محنت، اونهين ۽ ڊگھي رٿابندي ۽ توڙ تائين عمل، اعليٰ حوصلو، پاڻ کي حالتن سان ٺهڪائڻ، گھڻن ماڻهن جو گڏجي ٺهي هلڻ، ڊسيپلين، ڳالهائڻ جي فضيلت، مطلب جي اظهار جي لاءِ تيز لفظن جي چونڊ، اندر ۽ غصي يا خطري جو آڙاهه هجي پر گفتگو عمل ۾ برف جهڙو ٺريل ۽ پرسڪون هجڻ، آزمائش مهل اندر جو فولاد هجڻ، ڳالهه ۾ انصاف پسندي، توازن، ڪهڙين به ڏکين سکين حالتن ۾ هلڪڙو نه ٿيڻ، آپي کان ٻاهر نه نڪرڻ، باوقار ۽ شانائتو رهڻ وغيره ڳالهيون منهنجي دل ۾ گھر ڪري ويهي رهيون، انهن ڳالهين منهنجي ڪردار ٺاهڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو.“
رسول بخش پليجو سنڌ مدرسي ڪراچي جي دور ۾ ڪجهه وقت مسلم ليگ جي مسلم نيشنل گارڊ ۽ مسلم ليگ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ رهيو. سنڌي ادبي سنگت، سنڌ هاري ڪميٽي جي ورڪنگ ڪميٽي جو ميمبر ۽ مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪيو. بزمِ صوفياڻي سنڌ جنهن جو صدر سائين جي ايم سيد هو، تنهن جو سيڪريٽري، ايوب، ڀٽي صاحب ۽ ضيا جي دور۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي مختلف جيلن ۾ قيد رهيو ۽ ضياءَ جي مارشل لائي دور ۾ لڳ ڀڳ ۱۰ سال مسلسل جيل ۾ بند رهيو.
سنڌ تي جڏهن نظر ڦيرائجي ٿي ته اسان کي هڪ اهڙو انقلابي اڳواڻ نظر اچي ٿو، جنهن عوام جي حقن جي سياست جي ميدان ۾ پنهنجا اڻ مٽ نقش ڇڏيا آهن ۽ پوري حياتي انقلابي جدوجهد ۾ گذاري آهي، هو نه فقط سنڌ تائين محدود آهي، پر سموري دنيا تائين هن جو نالو ڦهليل آهي ۽ هن جي دانائي جو دنگ به عالمي سطح جو آهي. رسول بخش پليجو سنڌ ڄائو جيڪو علم، ادب، سياست جو شهسوار ۽ هڪ سماجي سائنسدان آهي. اڄ پليجي صاحب جو جنم ڏڻ آهي، ان موقعي جي مناسبت سان کيس ڀيٽا پيش ڪجي ٿي.
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا،
گھايل ڌرتيءَ جي سيني جي،
اهڙي گھري چيخ ٿين ٿا،
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي،
جا دنيا کي بدلائي ٿي. (شيخ اياز)
رسول بخش پليجو به سنڌ ڌرتي جو اهڙو سياسي سرواڻ آهي، جنهن پاڻ کي سنڌ ڌرتيءَ لاءِ ارپي ڇڏيو آهي ۽ هڪ اهڙي سگھاري ۽ انقلابي تنظيم جوڙي آهي، جنهن هتي پورهيت پنهوارن جي حقن جي حاصلات لاءِ صحيح طريقي سان جدوجهد ڪئي آهي ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وٺي لڳاتار جدوجهد ۾ جنبيل آهي ۽ سنڌ جي حقن لاءِ لازوال قربانيون ڏنيو ن آهن ۽ سنڌ دشمن آمرن، وڏيرن، حاڪمن ۽ غدارن کي سخت چئلينج ڏنو آهي. سنڌ جي پاڻيءَ جي ڪيس کي عوامي سطح تي هڪ وڏو اشو بڻائڻ ۾ رسول بخش پليجي جو بنيادي ڪردار رهيو آهي. اها ڳالهه ته سندس مخالف به مڃيندا. سنڌ جي سياسي اتهاس ۾ ڪيترا ئي سياسي اڳواڻ آيا ۽ ويا، پر رسول بخش پليجو پنهنجي قول ۽ فعل ۾ هڪ مڪمل انقلابي رهيو آهي، پنهنجي ذاتي توڙي سياسي عمل ۾ ڪو فرق نه رکيو آهي، جهڙو اندر تهڙو ٻاهر رهيو آهي. ڪڏهن بـ مصلحت پسندي ۽ منافقت کان ڪم ڪونه ورتو آهي ۽ مخالفن تي سخت تنقيد ڪرڻ جي ڪري ڪنهن کي وڻندو ناهي، پر هن ڪڏهن به سوديبازي نـ ڪئي آهي، پنهنجي جوهر ۾ هڪ اهڙو يگانو انقلابي رهيو آهي جنهن جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي.
سنڌ جو ڏاهو ۽ انقلابي سياست جي حڪمت عملي ۽ رمزن جو ماهر رسول بخش پليجو پنهنجي سياست ۽ نظرئي کي سنڌ ۾ ڦهلائي انقلاب لاءِ جدوجهد ۾ مصروف آهي. مارڪسي نظرئي کي سنڌ ۾ عام ڪرڻ لاءِ هن تمام سادي، سولي ۽ عام فهم زبان جو استعمال ڪيو آهي. هتان جي حالتن مطابق پنهنجي خيالن جي پرچار ڪئي آهي، جيڪا مارڪسي فلسفي تي آڌاريل آهي، رسول بخش پليجي سنڌ ۾ پنهنجي فڪر ۽ فلسفي جو نچوڙ ڪجهه هن ريت ظاهر ڪيو آهي ۽ ان لاءِ بنياد فراهم ڪيو آهي، جنهن کي قومي، عوامي، جمهوري انقلاب جو نالو ڏنو آهي، سندس فلسفي ۽ فڪر جو تت پاڻ پنهنجي زباني بيان ڪيو اٿس، اهو هيٺ پيش ڪجي ٿو.
”عوامي جمهوري انقلاب مان مراد اهڙو سماجي انقلاب ۽ بنيادي اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي ڦيرو آهي، جنهن مان ساڳئي وقت قومي غلامي جي پاڙ پٽجي ۽ هڪڙو اهڙو نئون جمهوري نظام قائم ٿئي، جنهن ۾ جاگيردار طبقو اقتدار ۾ نه اچي ۽ عوامي مان مراد آهي ته نه رڳو قومي غلامي ختم ٿئي پر جاگيردار توڙي سرمائيدار طبقن جي قوم سان ناجائز بالادستي به ختم ٿئي. قوم جو اقتدار اعليٰ وري به ڪنهن قوم جي ويري ۽ عوام جي دشمن جي هٿ ۾ نه اچي، تنهن جي صحيح انقلاب لاءِ ٽي شرط پورا ٿيڻ کپن، اهو انقلاب قومي حقن جي حاصلات لاءِ هجي، اهو جمهوريت يعني جاگيردار دشمن هجي ۽ اهو ساڳئي وقت عوامي هجي يعني اقتدار ۾ ايندڙ ڌر سرمائيدار طبقو نه هجي، پر هيٺيون طبقو هجي، هاري، مزدور، هيٺين وچين طبقي وارا ماڻهو ۽ مڊل ڪلاس جو اهو حصو جيڪو جمهوريت دوست آهي، سامراج دشمن آهي ۽ عوام ڏانهن لاڙو رکي ٿو، نه ڪي سامراج ڏانهن ۽ عوام دشمن قوتن ڏانهن، جيڪا تبديلي اچي سا عوام جي حق ۾ هجي، قوم جي حق ۾ هجي ۽ پڻ سرمائيدارن جي به ان ۾ بالادستي نه هجي. ٻين لفظن ۾ انقلاب جي نتيجي ۾ اهڙن طبقن جو راڄ قائم ٿئي، جيڪي هارين، مزدورن کي ويجها هجن ۽ جيڪي انهن جي ڏکن، دردن جو علاج جمهوري ۽ عوامي طريقي سان ڪن، اها آهي قومي ۽ عوامي جمهوري انقلاب مان مراد.“


پليجي صاحب جون ساروڻيون - ۱
ڪجهه اهم واقعا
جي اين مغل
پليجو صاحب سنڌ جو هڪ لاثاني سياستدان هو، جنهن هر وقت سنڌ جي ترت ۽ صحيح ترجماني ڪئي، پليجي صاحب جي انتقال جو ٻڌي، مون کي شديد صدمو پهتو، مون فوري طور تي پليجي صاحب تي ڪالم لکڻ چاهيو پئي، پر همٿ نه ڪري سگهيس، ان جا ٻه سبب هئا، هڪ ته هنن ڏينهن دوران طبعيت صحيح نه رهي آهي، ٻيو ته پليجي صاحب تي لکڻ وقت هٿ ته ڪم نه پيا ڪن پر ذهن به ڪم نه پيو ڪري، بهرحال همٿ ٻڌي هي ڪالم لکي رهيو آهيان.
آئون پنهنجي محترم دوست ۽ سينئر وڪيل جناب يوسف لغاري سان مڪمل اتفاق ڪريان ٿو ته جناب رسول بخش پليجو نه صرف پوري سنڌ پر سڄي ننڍي کنڊ جو پنهنجي وقت جو وڏو سياسي رهنما ۽ مدبر هو، آئون پليجي صاحب جي زندگيءَ ۾ به پنهنجن دوستن سان ڪچهري دوران پليجي صاحب جو ذڪر نڪرڻ تي کيس ننڍي کنڊ جو وڏو سياستدان قرار ڏيندو هيس، ڇا ائين نه هو؟ ڇا سندس دور ۾ سڄي ننڍي کنڊ ۾ پليجي صاحب جي پائي جو ڪو سياسي قائد اڀريو؟ جيڪڏهن هو ته ان جو نالو کنيو وڃي، آئون ته انهيءَ قطعي راءِ جو رهيو آهيان ته پليجو صاحب ننڍي کنڊ ۾ عوامي سياست جو تمام وڏو سياستدان ته هو پر هو وڏو مدبر ۽ پوليٽيڪل فلاسافر به هو، ان کان سواءِ هو نه فقط لاثاني مقرر پر انتهائي بهادر سياستدان به هو، هن وقت به آئون مٿي ذڪر ڪيل عنوان هيٺ ڪالم لکڻ جي همٿ نه پيو ساري سگهان، تنهن ڪري في الحال آئون پنهنجو هي ڪالم پليجي صاحب جي يادگيرن سان مخصوص ڪريان ٿو،
آئون عوامي تحريڪ جو ميمبر نه رهيو آهيان، ڪڏهن به ڪنهن سياسي جماعت جو حصو به رهيو آهيان، ها اهو ضرور آهي ته ڪن سياسي جماعتن سان همدردي ته ڪن سان دوري رهي آهي، مون هيستائين سڄي زندگي هڪ صحافي جي حيثيت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، پر مون کي اهو اعزاز ضرور حاصل رهيو آهي ته ڪافي عرصو جڏهن آئون حيدرآباد ۾ انگريز اخبار فرنٽيئر پوسٽ جو سنڌ جو بيورو چيف هيس ته مون کي پليجي صاحب جو قرب حاصل ٿيو، اسان اڪثر سندس رهائشگاهه تي ڪچهري ڪندا هئاسين ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئاسين، مون چيو ته پليجو صاحب تمام وڏو مقرر هيو، پر پليجو صاحب اهڙو مقرر هيو، جو سنڌ جي مفادن جي وڪالت ڪندو هو ۽ سنڌ کي نئون رخ ڏيندو هو، ان سلسلي ۾ آئون هڪ ننڍڙو واقعو بيان ڪريان ٿو.انهن ڏينهن ۾ سنڌ لا ڪاليج ۾ شام جو شاهه لطيف جي باري ۾ تقريب ٿي، جنهن جي صدارت اي ڪي بروهي ڪئي هئي، ان کان سواءِ ٻيا ڪيترائي اهم سياستدان ۽ دانشور به ان تقريب ۾ شريڪ ٿيا، منهنجي ڄاڻ مطابق انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي ڪجهه سڄاڻ ڌرين ۾ اها پريشاني هئي ته سنڌي ٻولي جنهن جهڙي شاهوڪار ٻولي دنيا ۾ مشڪل هوندي، تنهن ۾ هڪ کوٽ آهي، اها کوٽ اها آهي ته جڏهن به مقرر تقرير ڪندا آهن ته حاضرين کي انگريزي ۾ خطاب ڪرڻ وقت (ليڊيز اينڊ جينٽل مين) چئي مخاطب ٿيندا آهن ۽ جڏهن ڪو اردو ۾ تقرير ڪرڻ ايندو هو ته هو حاضرين کي مخاطب ٿيڻ وقت (خواتين اور حضرات) چئي مخاطب ٿيندو هو، ان وقت سنڌ جي ڪجهه حلقن ۾ اها پريشاني هئي ته سنڌي ۾ ان جو متبادل نه اچي سگهيو آهي، اهو مسئلو ان وقت حل ٿي ويو، جڏهن پليجي صاحب کي تقرير لاءِ دعوت ڏني وئي، پليجو صاحب تقرير لاءِ اسٽيج تي بيهڻ کان پوءِ ۲ منٽ خاموشي سان هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو رهيو ۽ حاضرين حيران هئا ته پليجو صاحب تقرير شروع ڇو نٿو ڪري، ٻن منٽن کان پوءِ پليجي صاحب تقرير شروع ڪئي ۽ حاضرين کي جڏهن اهو چئي مخاطب ٿيو ته ڀائرو ۽ ڀينرو ته سڄو هال تاڙين سان گونججي ويو ۽ ڪيترائي حاضرين اٿي بيهي تاڙيون وڄائڻ لڳا، آئون سمجهان ٿو ته اهو پليجي صاحب جو ننڍو ڪارنامو نه هو، هن پهريون ڀيرو ان اشوءَ کي هڪڙو رخ ڏنو،
هن مرحلي تي آئون هڪ ٻي به ڳالهه هتي بيان ڪندو هلان ته ان وقت اسان جا اڪثر سنڌي راڳي ۽ ڳائڻا گل و بلبل جهڙن موضوعن تي شاعري به ڪندا هئا ۽ اسان جا فنڪار اڪثر ان موضوع تي غزل ڳائيندا هئا. پليجي صاحب وڪالت جو پيشو اختيار ڪيو هو، جڏهن هو حيدرآباد آيو ته هو اڪثر شام جو وقت ريڊيو پاڪستان ۾ گذاريندو هو، جتي هو سنڌي شاعرن ۽ فنڪارن سان ويهي انهن کي قائل ڪندو هو ته شعر و شاعري به سنڌ تي ڪئي وڃي ۽ راڳ به سنڌ جي باري ۾ ڳايا وڃن، ان وقت هن جي ريڊيو پاڪستان تي ان وقت جي ممتاز فنڪارا جيجي زرينه بلوچ سان ويجهڙائي ٿي، پليجي صاحب جي انهيءَ ڳالهه تي سڀ کان پهرين جيجي زرينه بلوچ قائل ٿي ۽ هن سنڌ تي چيل شعر ۽ شاعري ريڊيو ۽ اسٽيج تان ڳائڻ شروع ڪئي، ان کان پوءِ سنڌ جي ٻين فنڪارن به اها ريت اختيار ڪئي، آئون سمجهان ٿو ته سنڌ جي فن ۽ شاعري کي اهو رخ ڏيڻ جو اعزاز به پليجي صاحب کي حاصل آهي.
هاڻي آئون پنهنجي يادگيرين مان هڪ اهم قصو هتي بيان ڪندس، انهن ڏينهن ۾ پاڪستان جي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو هئي ۽ قانون وارو وزير اقبال حيدر هو، انهن ڏينهن ۾ جنيوا ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ٿيڻ جو اعلان ٿيو، جنهن ۾ ايشيائي ملڪن جي انهن تنظيمن جي نمائندن کي شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي، جن کي پنهنجي ملڪ جي وس وارن کان ڪي جائز شڪايتون هيون، ان مرحلي تي ايم ڪيو ايم به جنيوا ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ هڪ طاقتور وفد هوڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو، اها ڳالهه سنڌ جي هر ماڻهو سمجهي پئي ته ايم ڪيو ايم ان ڪانفرنس ۾ ڪهڙو اشو اٿاريندي ۽ هنن جو ٽارگيٽ ڪير هوندا، ان وقت مون ۽ چند ٻين صحافين مشورو ڪيو ته انهيءَ ڪانفرنس ۾ سنڌ مان پليجي صاحب جي شرڪت تمام ضروري آهي، سو مون ۽ هڪ ٻئي صحافي دوست، ان سلسلي ۾ محترمه بينظير ڀٽو سان رابطا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر رابطا نه پئي ٿي سگهيا، بهرحال پ پ جي ڪجهه سينيئر اڳواڻن سان ملاقات ٿي، جن جي اڳيان مون اها تجويز رکي، جن مهرباني ڪري اهو پيغام محترمه شهيد بينظير ڀٽو تائين پهچايو، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پ پ جي انهن مرڪزي اڳواڻن مون سان ملاقات ڪري مون کي شهيد بينظير ڀٽو جو پيغام ڏنو ته اسين ان ڳالهه سان سهمت آهيون ته سنڌ جو پليجي صاحب جهڙو دانشور انهيءَ ڪانفرنس ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪري، ان کان پوءِ محترمه سان ڪجهه وڌيڪ رابطا ٿيا ۽ محترمه يقين ڏياريو ته جيڪڏهن پليجو صاحب ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته سندس سڄو خرچ حڪومت ڀريندي، ان کان پوءِ اسان پليجي صاحب سان رابطو ڪيو ۽ ٻن ٽن گڏجاڻين ۾ پليجو صاحب قائل ٿيو، بعد ۾ جڏهن جنيوا ڪانفرنس شروع ٿي ته پليجو صاحب به اتي پهتو، ڪانفرنس ختم ٿيڻ کان پوءِ ان وقت جي قانون واري وفاقي وزير اقبال حيدر مون سان ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي ۽ مون کي انهيءَ ڪانفرنس ۾ پليجي صاحب جي ڪارنامن جو ذڪر ڪري حيران ڪري ڇڏيو.
هن ٻڌايو ته جيئن ته پليجو صاحب هن ڪانفرنس ۾ مدعو ڪيل ڊيليگيٽ نه هو، تنهن ڪري هن کي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ جي اجازت ته ڏني وئي، پر کيس مقررين جي فهرست ۾ شامل نه ڪيو ويو، ڪانفرنس هال ٻاهران هڪ وڏي ڪشادي ريسٽورينٽ هئي، جنهن ۾ ڪيترائي ڪانفرنس جا ڊيليگيٽ ڪانفرنس مان اچي چانهن ڪافي پيئڻ لڳا ٿي يا ٿڌو پيئندا يا ماني کائيندا هئا، پليجو صاحب به سڄي صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ڪانفرنس هال کان ٻاهر نڪتو ۽ ريسٽورينٽ جي وچ تي بيهي وڏي آواز سان اتي موجود مدوبين کي مخاطب ٿيڻ لڳو سڀ کان پهرين پنهنجو تعارف ڪرايائين ته هو پاڪستان مان آيو آهي ۽ سندس تعلق سنڌ صوبي سان آهي، ان کان پوءِ ڪانفرنس ۾ ايم ڪيو ايم وارن سنڌ تي جيڪي اجايا الزام مڙهيا هئا ۽ الرون ڪيون هيون، انهن جا تفصيل سان جواب ڏيڻ لڳو، پليجي صاحب جي تقرير ۾ ايتري ڪشش هئي جو جيڪي ڊيليگيٽس ڪينٽين ۾ ويٺا هئا، سي واپس ڪانفرنس هال ۾ وڃڻ بدران توجهه سان پليجي صاحب جي تقرير ٻڌڻ لڳا، پليجي صاحب اها تقرير انگريزي ۾ ڪري رهيو هو.
پليجو صاحب نه فقط سنڌي، اردو پر انگريزي جو پڻ تمام وڏو مقرر هو، بعد ۾ جڏهن ڪينٽين ۾ ويٺل ڊيليگيٽس ڪانفرنس هال ۾ واپس وڃڻ کان پوءِ اتي ويٺل ڊيليگيٽس کي اهڙي حال احوال کان واقف ڪيو ته ڪيترائي ڊيليگيٽس ڪانفرنس هال مان اٿي ٻاهر آيا، ڪينٽين ۾ پيل سڀ ڪرسيون ڊيليگيٽس سان ڀرجي ويون ۽ چئني طرفن کان ڊيليگيٽس بيٺل نظر آيا، ان خبر جو اطلاع جڏهن ڪانفرنس جي منتظمين کي مليو ته انهن مان ڪجهه نمائندا ٻاهر آيا ۽ پليجي صاحب سان گڏ بيهي کيس گذارش ڪيائون ته ڪانفرنس هال ۾ هلو، توهان کي تقرير لاءِ مدعو ڪيون ٿا ۽ اتي توهان تقرير ڪيو، منتظمين پليجي صاحب کي وٺي ڪانفرنس هال ۾ آيا ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ پليجي صاحب کي تقرير ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي. اقبال حيدر مون کي ٻڌايو ته پليجي صاحب جي اها تقرير معرڪت اعليٰ تقرير هئي ۽ پليجي صاحب ايم ڪيو ايم جي دليلن جو ٽوڙ ڪندي جيڪي دليل ڏنا، تنهن کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي سڄي ڪيس مان هوا نڪري وئي، هن ٻڌايو ته پليجو صاحب هڪ ڪلاڪ تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن سنڌ جي حوالي سان دليل ڏنا ۽ پاڪستان جي جائز موقف جي حق ۾ پڻ دليل ڏنا.
هڪ ٻي يادگيري
منهنجي تجويز تي فرنٽيئر پوسٽ جي انتظاميا لاهور ۾ بهاري اشوءَ تي ڪانفرنس منعقد ڪئي، ان ۾ سنڌ مان جن کي دعوت ڏئي وٺي وياسين انهن ۾ جناب رسول بخش پليجو، عبدالحفيظ پيرزادو ۽ ڄام ساقي صاحب شامل هئا، آئون ان وقت ڪانفرنس جي ڪارروائي هلائي رهيو هيس ۽ اسٽيج تي ويٺو هيس، اها سڄي ڪانفرنس پليجو صاحب اڏائي ويو، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته عبدالحفيظ پيرزادي سٺي تقرير ڪئي ۽ سنڌ جي حق ۾ دليل ڏنا، پر پليجي صاحب ڪانفرنس ۾ جيڪا تقرير ڪئي ۽ جنهن نموني سنڌ جي وڪالت ڪئي، آئون ان جا صرف ۲ مثال پيش ڪريان ٿو، ان ڪانفرنس ۾ اسان آءِ ايس آءِ جي رٽائرڊ سربراهه رٽائرڊ حميد گل کي به مدعو ڪيو ويو هو ته پنجاب جي هڪ وڏي دانشور اقبال احمد خان کي به مدعو ڪيو ويو هو، جڏهن حميد گل تقرير ڪرڻ آيو ته ان دعويٰ ڪئي ته روسي فوجين کي اسان افغانستان مان ڀڄائي ڪڍيو، جڏهن پليجو صاحب تقرير ڪرڻ آيو ته هن حميد گل جي انهيءَ جملي جو سخت نوٽيس وٺندي انتهائي ڪاوڙ ۾ حميد گل کي مخاطب ٿيندي چيو ته روسي فوجين کي اوهان افغانستان مان ڀڄائي ڪڍيو هو؟ جڏهن ته اهي آمريڪي فوج جا جٿا هئا، جن روسي فوج سان ٽڪر کاڌو، ان موقعي تي حميد گل کي مخاطب ٿيندي پليجي صاحب چيو ته اوهين اهڙي دعويٰ ڪيئن ٿا ڪري سگهو، اوهين ته ان وقت آمريڪي فوج جا بوٽ چٽي رهيا هئا، آئون ان وقت ڏاڍو حيران ٿيس، جڏهن انهيءَ جملي تي سڄي هال ته تاڙيون وڄايون پر جنرل حميد گل جا ٻه ٽي پوئلڳ جيڪي هن سان گڏ ان ڪانفرنس ۾ آيا هئا، اهي به تاڙيون وڄائڻ لڳا،
انهيءَ ڪانفرنس ۾ پليجي صاحب جو آخري معرڪو ، اقبال احمد خان سان ٿيو، اقبال احمد خان عالمي پائي جو دانشور سڏيو ويندو هو، پليجي صاحب بهارين جي مخالفت ۾ انتهائي گهڻا ۽ طاقتور دليل ڏنا، ان کان پوءِ جڏهن اقبال احمد تقرير لاءِ اٿيو ته هو پليجو صاحب جي تقرير تي شديد تنقيد ڪرڻ لڳو، اهو به عجيب مرحلو هو، اسٽيج تي هڪڙي ڊائيس تي پليجو صاحب بيٺو هو ۽ ٻي ڊائيس تي اقبال احمد خان بيٺو هو، هاڻ هنن ٻنهي جي هڪٻئي سان جملي بازي شروع ٿي وئي، هڪ مرحلي تي اقبال احمد خان گڏيل قومن جي چارٽر جي هڪ شق پڙهي چيو ته گڏيل قومن جي ان چارٽر تحت اوهين بهارين کي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ کان نٿا روڪي سگهو، ان مرحلي تي پليجي صاحب جيڪو جواب ڏنو، تنهن کان پوءِ اقبال احمد ڪڇي نه پيو سگهي، پليجي صاحب، اقبال احمد سان مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌ ۾ ڪنهن جي آباد ڪرڻ جو حق گڏيل قومن جي اداري يا ٻئي ڪنهن کي به ناهي، اسان سنڌي اهو حق تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون، پليجي صاحب چيو ته اهو حق فقط اسان سنڌين جو آهي ته اهو فيصلو ڪريون ته ڪهڙو ماڻهو سنڌ ۾ آباد ٿي سگهي ٿو ۽ ڪهڙو نٿو ٿي سگهي، ان دليل کان پوءِ سڄو بحث ٽٽي چڪو هو، ان مرحلي تي هال ۾ ويٺل حاضرين اٿي بيهي تاڙيون وڄايون، اهڙي طرح ڪانفرنس جو اختتام ٿيو. (اڻ پوريون ساروڻيون)

رسول بخش پليجي جون ساروڻيون-۲
جي اين مغل
مون گذريل ڪالم ۾ جناب رسول بخش پليجي بابت پنهنجيون ڪجهه ساروڻيون پيش ڪيون هيون، پر اڃا ڪافي ساروڻيون رهن ٿيون، جن مان ڪجهه آئون هن ڪالم ۾ پيش ڪري رهيو آهيان.
يحيٰ خان جو دور هو ۽ عام چونڊن جو اعلان ڪيو ويو هو، ووٽر فهرستون ٺهڻ واريون هيون، ان وقت سنڌ جي ممتاز سياسي رهنما ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ڪجهه ٻين سياستدانن جن ۾ شايد قاضي فيض محمد به شامل هو، جن سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس جي ٻاهران انهيءَ مطالبي تي بک هڙتال شروع ڪئي ته ووٽر لسٽون سنڌي ۾ شايع ڪرايون وڃن، حڪومت اهو مطالبو نه پئي مڃيو، سنڌ جا هي ساٿي ٻه ٽي ڏينهن لڳاتار انهيءَ هنڌ بک هڙتال تي ويٺا رهيا، نيٺ هڪ رات پوليس انهن کي گرفتار ڪري وئي، ٻئي ڏينهن جڏهن شهر ۾ انهن جي گرفتاري جي خبر پکڙي ته حيدرآباد ۾ گهري مايوسي ڇانئجي وئي، ان مرحلي تي جناب رسول بخش پليجي هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو، هو ان وقت سول اسپتال ڄامشورو ۾ زير علاج هو، هو انهيءَ حالت ۾ بستري تان اٿيو ۽ گهر پهچي هن پنهنجي گهرواري جيجي زرينه بلوچ کي اعتماد ۾ ورتو ته هن مرحلي تي سنڌ کي اسان جي شديد ضرورت آهي، اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، آئون چاهيان ٿو ته اختر بلوچ کي وٺي پاڻ ڊپٽي ڪمشنر هائوس ٻاهران انهيءَ مطالبي جي حمايت ۾ بک هڙتال ڪيون، جيجي زرينه به پليجي صاحب سان اتفاق ڪيو ۽ ٻئي ڄڻا ادي اختر بلوچ کي وٺي ڊپٽي ڪمشنر هائوس ٻاهران پهتا، اتي هنن کي چادر وڇائي ڏنائون، جتي هن انهيءَ مطالبي جي حمايت ۾ بک هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته ووٽر فهرستون سنڌي ۾ شايع ڪيون وڃن، اهو شام جو ٽائيم هو اها خبر تمام تيزي سان حيدرآباد ۾ پکڙجي وئي، سڄي حيدرآباد جا سنڌي نوجوان، ڊپٽي ڪمشنر هائوس ٻاهران پهچي ويا، انهن ۾ آئون به شامل هيس، ڪي جوان ايترا جذباتي ٿي ويا جو اتي جو اتي ٻي چادر وڇائي بک هڙتال تي ويهي رهيا ۽ دوستن کي چيائون ته اسان جي گهروارن کي وڃي اطلاع ڪيو، جنهن کان پوءِ ٻيا نوجوان فوري طور تي گهرن ڏي ويا ۽ اتي پنهنجي گهروارن کي ٻڌائي ڪپڙا تبديل ڪري سامان کڻي اچي بک هڙتال تي ويٺا،
مون کان اهو ڏينهن نٿو وسري سنڌي نوجوانن جو عجيب جذبو هيو، غالبن پهريان ۳ ڏينهن کانپوءِ ادي اختر ۽ ٻين بک هڙتال تي ويٺل نوجوانن کي گرفتار ڪيو ويو، پوءِ اها تحريڪ نه رڪي، روزانو ڪيترا ئي نوجوان اچي ڊپٽي ڪمشنر هائوس ٻاهران بک هڙتال تي ويهندا هئا، ڪجهه نوجوانن ۾ ان ڳالهه تي بحث ٿيندو هو ته اڄ آئون ٿو بک هڙتال تي ويهان توهان بعد ۾ ويهو، بک هڙتال تيزيءَ سان جاري رهي ۽ ان تحريڪ جو سڄي سنڌ تي اثر پيو، حڪومت سنڌي نوجوانن جي جذبي کان گهٻرائجي وئي ۽ ووٽر فهرستون سنڌي ۾ شايع ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ان کان پوءِ اها تحريڪ ختم ٿي وئي.
هڪ مرحلي تي پاڪستان جي ننڍن صوبن جهڙوڪ سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي قومپرست رهنمائن گڏجي نئون اتحاد وجود ۾ آندو، جنهن جو نالو پونم هو، انهيءَ پليٽ فارم تان ڪيترو وقت ننڍن صوبن جي مفادن جي ڳالهه ٿيندي رهي، پونم ۾ بلوچستان مان خاص طور سردار عطاءَ الله مينگل ۽ محمود خان اچڪزئي ۽ اهڙي طرح ڪي پي ڪي مان ان وقت جو مشهور کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ رهنما شامل ٿيو، سنڌ مان ان وقت ممتاز ڀٽو، عبدالحفيظ پيرزادو جيڪي ان وقت پ پ کان ڌار ٿي چڪا هئا، اهي ان جو حصو بڻيا، هڪ ڀيري پونم جو اهم اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيڻو هو، عوامي تحريڪ طرفان پليجو صاحب ۽ ابرار قاضي شرڪت ڪرڻ لاءِ تياري ڪري رهيا هئا، منهنجو انهن ڏينهن ۾ اڪثر پليجو هائوس تي وڃڻ ٿيندو هو ۽ پليجي صاحب سان ڪچهري ٿيندي هئي، پليجي صاحب مون مٿان زور ڀريو ته تون به اسان سان گڏ هل، پليجي صاحب جي زور ڀرڻ تي آئون به ان سان گڏ اسلام آباد ويس، مون پونم جي اجلاس ۾ هڪ مبصر جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي ۽ سڄي ڪارروائي ٻڌندو رهيس،  ابرار قاضي جيڪو پڻ چڱي تياري ڪري هليو هو، تنهن به عوامي تحريڪ جي موقف سان مختلف اشوز تي سنڌ جو ڪيس رکيو پئي، پر پليجي صاحب هميشه وانگر سنڌ ۽ پاڪستان جي اشوز تي نج، چٽو ۽ سخت موقف رکيو، جيئن ته سردار عطاءَ الله مينگل لنڊن ۾ هو ۽ ان اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو، پر محمود خان اچڪزئي انهيءَ اجلاس ۾ موجود هو، هڪ مرحلي تي محمود خان اچڪزئي پونم جي هن اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي جو چوڻ هو ته مون کي سردار عطاءَ الله مينگل توهان جي لاءِ هي پيغام ڏنو آهي ته هن جون ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين سان ڳالهيون ٿيون آهن ۽ الطاف حسين پونم جو ميمبر ٿيڻ لاءِ تيار آهي، اچڪزئي چيو ته سردار مينگل چيو آهي ته هن اجلاس ۾ الطاف حسين کي پونم جو ميمبر ڪيو وڃي، اهو ٻڌڻ تي پليجي صاحب جو ردعمل انتهائي شديد هو ۽ محمود خان اچڪزئي کي مخاطب ٿيندي چيائين ته ڇا سردار عطاءَ الله مينگل پاڻ کي پونم جو وائسرا سمجهي ٿو، هن سخت لهجي ۾ چيوته آئون ان تجويز کي انتهائي سختيءَ سان رد ڪريان ٿو ۽ مطالبو ٿو ڪريان ته اها تجويز واپس ورتي وڃي، موٽ ۾ اچڪزئي جو موقف به ڏاڍو سخت هو، انهيءَ مرحلي تي پليجي صاحب ۽ اچڪزئي جي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، آخر پليجو صاحب اٿي بيٺو ۽ چيائين ته اسان ڪنهن به صورت ۾ ايم ڪيو ايم کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون، جيڪڏهن توهان اهي ڊڪٽيٽ ڪرائيندو ته آئون ۽ منهنجي تنظيم پونم کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪريان ٿو، انهيءَ کان پوءِ پليجو صاحب، ابرار قاضي، سندس ٻيو ساٿي ۽ آئون اجلاس مان ٻاهر نڪري آياسين.
هڪ مرحلي تي عوامي تحريڪ کي به اي اين پي ۾ ضم ڪيو ويو ۽ پليجي صاحب کي اي اين پي جو نائب صدر بنايو ويو، ان وقت ڪيترين ئي اهم ڪانفرنس ۾ به اي اين پي جي نمائندگي پليجي صاحب ڪئي، پر ان ۾ به هڪ مرحلي تي غالبن ايم ڪيو ايم جو ئي اشو ٿيو ۽ پليجي صاحب هتي به اها ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي پارٽي کي اي اين پي کان ڌار ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ ۾ هاري تحريڪ جو پهريون رهنما ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هو، جنهن هارين جي حقن لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي، پر هاري تحريڪ کي نئون رخ پليجي صاحب ۽ عوامي تحريڪ جي هڪٻئي اڳوڻ فاضل راهو ڏنو، آئون جيڪڏهن غلط ناهيان ته غالبن جنرل ضياءَ جو دور هو، جڏهن عوامي تحريڪ بدين ۾ هارين جو هڪ وڏو اجتماع گهرايو، جنهن ۾ هارين جا ڪئين مطالبا رکيا ويا، انهيءَ هاري ڪانفرنس جو سنڌ ۾ ڪافي ذڪر هو، پر جلد ئي پليجي صاحب ۽ فاضل راهو کي گرفتار ڪيو ويو ۽ هو ڪافي عرصو جيل ۾ رهيا، پليجي صاحب ۽ فاضل راهوءَ  هاري تحريڪ کي ڪهڙو رخ ڏنو، ان جو هڪ مثال سنڌ ۾ صحافين جي تحريڪ آهي، اها تحريڪ جيئن شروع ٿي ته پي ايف يو جي سربراهه منهاج برنا محسوس ڪيو ته هيءَ تحريڪ گهڻو وقت هلي جيئن ته گرفتار ڏيندڙ صحافين جو تعداد ايترو گهڻو نه هو ۽ گمان هئو ته گمان هئو ته ڪٿان اها تحريڪ ناڪام نه ٿي وڃي، تنهن ڪري هن ڪراچي ۾ ڪجهه مزدور رهنمائن سان ڳالهايو، جن هڪڙي تنظيم ٺاهي ۽ پليجي صاحب جي گذارش تي طئي ڪيو ويو ته روزانو جيڪي صحافي گرفتار ٿيندا، انهن سان گڏ سندن تنظيم مان به هڪڙو مزدور گرفتاري ڏيندو، ان وقت پليجو صاحب جيل ۾ هو، پر فاضل راهو ٻاهر هو، فاضل صاحب کي جڏهن اها خبر پئي ته هن برنا صاحب سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته اسان به توهان سان گڏ ڪلهوڪلهي ۾ ملائي گڏجي هلڻ  چاهيون ٿا، فاضل صاحب چيو ته روزانو هڪ مزدور ۽ هڪ هاري توهان جي ساٿين سان گڏ گرفتاري ڏيندو، اهي گرفتاريون شروع ٿي ويون، جڏهن ته مزدور تنظيمن جا مزدور مشڪل سان هڪ يا ٻه ڏينهن انهن گرفتارين ۾ شريڪ ٿيا، باقي عوامي تحريڪ جو روز هڪ هاري ۽ مزدور صحافين سان گڏ ڪراچي ۾ گرفتاري پيش ڪندو هو، گرفتاريون شروع ٿي چڪيون هيون، ملڪ مان آيل صحافين سان گڏ سنڌ جا هي مزدور ۽ هاري به گرفتاريون ڏيندا رهيا، انهيءَ تحريڪ ۾ آئون به گرفتار ٿيس، آئون پهريان ڪراچي سينٽرل جيل ۾ هيس، مون سان پنهنجن ساٿين سان گڏ عوامي تحريڪ جا هاري ۽ مزدور به گڏ هئا، رات جو روزانو سياسي مذاڪرو ٿيندو هو، اسان صحافين سان اسلام آباد مان آيل ٻه انتهائي سينئر صحافي به گڏ هئا، هڪڙي ڏينهن اهي ٻئي صحافي مون کي الڳ وٺي ويا ۽ چيو ته هي هاري آهن يا دانشور آهن، بحث ۾ انتهائي فضيلت ۽ شوق سان ڪارائيتون ڳالهيون ڪن ٿا، مون انهن کي ٻڌايو ته پليجي صاحب جڏهن کان عوامي تحريڪ ٺاهي آهي، تڏهن پنهنجن ڪارڪنن کي تربيت لاءِ ڪلاسن جو بندوبست ڪندو رهيو آهي، هي انهيءَ تربيت جو نتيجو آهي.
هتي آئون سنڌياڻي تحريڪ جو ذڪر ڪندي نٿو رهي سگهان، پليجي صاحب سنڌ جي عورتن کي انتهائي سائنسي اصولن تي تربيت ڏئي تيار ڪيو ۽ انهن تي مشتمل سنڌياڻي تحريڪ وجود ۾ آئي، سنڌياڻي تحريڪ جهڙي سنڌ ڇا پاڪستان ۾ عورتن جي تنظيم نه ٺهي سگهي آهي.
انهن جو هڪ سبب هو ته هڪ ته عوامي تحريڪ جي سياست ۾ پليجو صاحب، فاضل راهو ۽ ٻين رهنمائن جي خاندانن جا مرد، فرزند سرگرم هوندا هئا، پر هي پهريون ڀيرو هو، جو انهن رهنمائن پنهنجن خاندانن جي عورتن کي به سرگرم ڪيو، جيڪي جلسن ۾ انتهائي سرگرم هونديون هيون ته جلوسن ۾ به شامل هونديون هيون، انهيءَ جو پهريون مثال پليجي صاحب ڏنو، جنهن پنهنجين ڀينرن ۽ پنهنجي گهروارين ۽ ڌيئرن کي انهن جلسن ۽ جلوسن ۾ سرگرم ڪيو، اهڙي طرح فاضل راهو جي گهر جون عورتون عوامي تحريڪ جي جلسن ۾ تقريرون ڪنديون هيون،
انهن کان سواءِ ٻين رهنمائن جا خاندان جا خاندان عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان سنڌ جي اشوز تي ٻاهر نڪتا، بلڪه هن وقت خاص طور تي ڏاڏو سليمان ڏاهري ياد اچي ٿو، جنهن جي ڀاڄائي به جلسي لاءِ سنڌياڻي تحريڪ جي سربراهه هئي، هن مرحلي تي آئون خاص طور تي ادي ممتاز نظاماڻي جو ذڪر ڪرڻ کان رهي نٿو سگهان، آئون نٿو سمجهان ته سنڌ ته ڇا پر سڄي پاڪستان ۾ ڪنهن سياسي پارٽي وٽ اهڙي متحرڪ ۽ قرباني ڏيندڙ ڪا خاتون رهنما يا ورڪر هئي،
مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيري عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جو لانگ مارچ حيدرآباد کان ڪراچي آيو، جنهن ۾ سنڌياڻيون به وڏي تعداد ۾ شامل هيون، ان وقت ان جي قيادت ادي ممتاز نظاماڻي ڪري رهي هئي، آئون ان وقت ڪراچي ۾ هيس، مون کي عوامي تحريڪ جي رهنما ڊاڪٽر گلزار جماڻي جو ٽيليفون آيو ته آئون ڪراچي آيل آهيان عوامي تحريڪ جي جلوس سان گڏ آهيان، تون جي هلين ته کڻي وڃانءِ، مون هاڪار ڪئي، هو مون کي گاڏي ۾ کڻي جلوس سان گڏ هلندو رهيو،
جماڻي ٻڌايو ته کيس پليجي صاحب سخت هدايتون جاري ڪيون هيون ته ممتاز نظاماڻي شديد بيمار آهي ۽ مون طرفان سخت هدايتون ڪرڻ جي باوجود هوءَ نه رهي ۽ مارچ ۾ شامل آهي، هاڻي تنهنجي ذميواري آهي ته جتي به اهو مارچ ڪنهن هنڌ تي بيهي ته تون گاڏي مان هلي ممتاز نظاماڻيءَ کي وٺي گاڏيءَ ۾ ويهار ۽ ان جو چيڪ اپ ڪر! منهنجي هوندي جماڻي ٻه ڀيرا ائين ڪيو ۽ ممتاز نظاماڻي جو چيڪ اپ ڪرڻ کان پوءِ ان کي پليجي صاحب جو نياپو ڏنو ته تنهنجي طبيعت ٺيڪ ناهي تون مارچ کي ڇڏ، پر ادي ممتاز نظاماڻي اها ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ هوءَ آخري وقت تائين مارچ سان گڏ هلي، پر هوءَ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ لاڏاڻو ڪري وئي.


رسول بخش پليجو
مايوسيءَ سان مزاحمت ڪندڙ گهڙيون
جامي چانڊيو
فرد سماج جو نهايت اهم حصو آهي. انساني سماج هيءَ جيڪا هيڏي ساري اٿاهه ترقي ڪئي آهي، ان ۾ عوام جي گڏيل پورهيي سان گڏوگڏ تاريخ جي انهن غير معمولي “فردن” جو به نهايت اهم ڪردار آهي، جن پنهنجي پنهنجي غيرمعمولي سُرت، ڏاهپ، سورهيائيءَ، تخليقي سگهه ۽ لازوال جدوجهدن سان زندگيءَ جي ترقيءَ جي ڦيٿي کي نه رڳو اڳتي وڌايو آهي پر ان لاءِ ڪيئي مُنجهيل سُٽ سُلجهايا ۽ راهون روشن ڪيون آهن.
رسول بخش پليجو به اڄوڪي سنڌ جو هڪ اهڙو ئي باضمير، اڻ ورچ ۽ غير معمولي ڪردار آهي. اسان جي هڪ اجتماعي بدقسمتي اها به آهي ته اسان وٽ زندگي، سماج ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين معاملن متعلق ڪي گڏيل، وڏا، عقلي ۽ سائنسي معيار نه آهن. ان ڪري اسان ڪنهن سان به انصاف نه ڪري سگهيا آهيون. مثلاً لطيف سنڌ جي قومي تاريخ جو جيڏو عظيم ۽ سگهارو ڪردار آهي، اسان ان سان رتيءَ برابر به انصاف ڪيو آهي؟ اسان هن کي هڪ عالم، مفڪر، ڏاهي ۽ عظيم فنڪار طور پرکڻ بدران هڪ روحاني مرشد ۽ پير ڪري پوڄيو آهي. اهو ته لطيف جي عظمت سان سنگين مذاق چئبو. ان ڪري اسان يا ته شين کي رڳو پوڄيو آهي يا ڌِڪاريو آهي. ان ڪري رسول بخش پليجو هجي يا شيخ اياز، محمد ابراهيم جويو هجي يا محمد عثمان ڏيپلائي، ذوالفقار علي ڀُٽو هجي يا جي. ايم سيد، انهن سڀني متعلق تڏهن انصاف ڀري، ايماندارانه ۽ جائز راءِ ڏئي سگهبي، جڏهن انهن سماجي ۽ نفسياتي بيمارين ۾ ورتل جاگيرداري سوچ جي رجعت پسند ۽ منفي قدرن کان پاڻ بچائبو. جڏهن انهن جي پرک شخصيت پرستي، مبالغه آرائي، تعصب  ۽ اهڙين ٻين اڪيچار منفي روين کان مٿانهون ٿي سندن اصل ڪردار ۽ ڪارج جي بنياد تي ڪبي.
آءٌ پاڻ کي ان معنيٰ ۾ سچ پچ خوش نصيب سمجهندو آهيان جو مون کي هڪ اهڙي اعليٰ پايي جي مفڪر ۽ ڏاهي ماڻهوءَ سان زندگيءَ جو ڳَچ عرصو گڏ گذارڻ، ساڻس بي شمار علمي، ادبي ۽ سياسي ڪچهريون ۽ بحث ڪرڻ، کانئس سکڻ ۽ سندس گونا گون تجربن ۽ مشاهدن مان پرائڻ ۽ کيس سمجهڻ ۽ پرکڻ جو موقعو مليو آهي. ان تجربي ۽ مشاهدي جي آڌار تي آءٌ اهو چوڻ ۽ اظهار ڪرڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نٿو ڪريان ته رسول بخش پليجو اڄوڪي سنڌ جو هڪ اهڙو غير معمولي، باضمير، اڻ ورچ ۽ سگهارو ڪردار آهي، جنهن سنڌي سماج کي بقا جي جدوجهد ۽ ترقيءَ جا نوان ڍنگ، گس ۽ پيچرا ڏَسيا آهن. رسول بخش پليجو جيڪو پنهنجي غير معمولي علمي بصيرت، سرت، ڏاهپ، زندگيءَ جي لطيف مشاهدي، گِهري ۽ گهڻ-طرفي مطالعي سبب سنڌ، سنڌي ماڻهن، سنڌ جي آزادي، بقا ۽ اوسر جي جدوجهد جو منفرد تصور رکي ٿو. هن جا اهي منفرد تصور سندس ادبي زندگيءَ کان اڄوڪي سياسي سفر تائين زندگيءَ جي هر موڙ تي نهايت صاف ۽ چِٽا ٿي نظر ايندا. اهو ئي سبب آهي جو ادب جي لطيف دنيا کان سياست جي بي رحم پيچرن تائين جبل جهاڳيندي به هن پنهنجي انفراديت نه ڇڏي آهي. هو ڪنهن به لمحي وقت جي وحشي قوتن ۽ سندن قدرن آڏو جهُڪيو، وِڪيو ۽ رُڪيو ناهي. سندس زندگيءَ جي پل پل جي جدوجهد سندس اورچائيءَ کي وڌيڪ اجاگر ڪيو آهي.
پليجي صاحب جي هڪ وڏي خوبي آهي ئي اها ته هو همه گير شخصيت جو مالڪ آهي. ڪو ماڻهو ساڳي وقت ادب، سياست، آرٽ، سائنس، فلسفي، معاشيات، سماجيات، تاريخ ۽ جنگي سائنس متعلق ايڏي گهري ڄاڻ رکندو هجي. ان جي جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪا عملي تصوير آهي ته ان جو نالو رسول بخش پليجو آهي. هو پنهنجي ذات، خيالن ۽ روين ۾ انفراديت ڪري سنڌ جي ادبي توڙي سياسي حلقن ۾ تمام گهڻو تڪراري به رهيو آهي پر بقول اياز ۽ سراج جي ان ڪري سندس اهميت ۽ عظمت ڪڏهن به گهٽجي نه ٿي سگهي. هي زندگي ۽ سماج ايڏا ته ڳنڀير، گهڻ طرفا، پيچيده  ۽ متضاد آهن، جنهن ۾ فڪر ۽ عمل جون ڪيئي ڌارائون وهن ٿيون. سوچن ۽ خيالن جو گڏجڻ ۽ ٽڪرائجڻ فطرت جو حصو آهي. انگريزيءَ ۾ چوندا آهن:  Friend of all is friend of none” (سڀني جو دوست، ڪنهن جو به دوست ناهي هوندو). ان لحاظ کان جي پليجي صاحب جي شخصيت ۽ ڪردار کي پرکبو ته هو هميشه سچ، سونهن ۽ عوام جي پاسي نظر ايندو. نه رڳو ان پاسي پر ان راهه تي جدوجهد ڪندڙ اڳين صفن ۾ نظر ايندو. هن هميشه پاڻ کي سچ، سونهن ۽ عوام جي وسيع تر مفادن ۽ ان خاطر ٿيندڙ جدوجهد ۽ جاکوڙ سان سلهاڙيو آهي. ادب کان ويندي سياست تائين هو پنهنجي سموري فڪر ۽ عملي جوهر ۾ عوام سان واڳيل نظر ايندو. ادب توڙي سياست ۾ هو سنڌ ۾ نيون، ترقي پسند، عوام دوست، سگهاريون ۽ سائنسي روايتون اڏيندڙ ۽ انهن جا بنياد تخليق ڪندڙ شخص آهي. ادب کي خيال پرستي، سطحيت ۽ مُدي خارج خيالن کان ڪڍي عوام دوست، ترقي پسند، سائنسي، فني ۽ فڪري معيارن سان سلهاڙي ان کي عوام جي روحاني ۽ مادي ترقيءَ جو سرچشمو بنائڻ ۽ سياست کي وڏيرا شاهي جي روايتي، جاگيرداري ۽ بدبودار عوام دشمن مفادن ۽ قدرن جي طبقاتي ڪُن مان ڪڍي عوام جي آزادي ۽ ترقيءَ جي جدوجهد ۾ تبديل ڪرڻ ۾ هن جو وڏو رهنما ڪردار رهيو آهي. اهڙي ساک شيخ اياز، محمد ابراهيم جويو، سراج، رشيد ڀٽي ۽ ڪيترا ئي عالم ۽ اديب به ڏئي چڪا آهن.
بنيادي طرح پليجو صاحب آهي به هڪ اديب ۽ نقاد. سندس ٻيون سڀ حيثيتون پوءِ جون آهن. سندس “جيل جي ڊائري” (ڪوٽ لکپت جو قيدي) هن جي لکيل ڪتابن ۾ هڪ اهم ترين تخليق آهي. مون کي ڪتابن ۾ ٻه شيون ڏاڍيون وڻنديون آهن. هڪ ماڻهن جي پنهنجي لکيل سوانح عمري ۽ ٻيون اهڙين حالتن ۾ لکيل سندن لکڻيون، جيڪي بيوسيءَ جي حالت ۾ لکيون ويون هجن. جيل جي ڊائري به انهن مان هڪ آهي. ڇو ته ان سان ماڻهوءَ جي ذات ۽ شخصيت جي ڪيترن لڪل ۽ ڳُجهن پاسن جي خبر پوي ٿي. سنڌ ۾ جيل جون ڊائريون ڪافي سُٺيون لکيون ويون آهن. شيخ اياز، اختر بلوچ، طارق اشرف، بدر ابڙي ۽ مولا بخش چانڊيي جون ڊائريون خاص طور تي ذڪر جوڳيون آهن. جن سنڌي ادب ۾ سٺي جاءِ والاري آهي. پليجي صاحب جي هيءَ ڊائري انهن کان گهڻو مختلف نظر ايندي. رسول بخش پليجو جنهن سڄي ڄمار بُک، بدحاليءَ، جهالت، غلط ريتن رسمن، قدرن ۽ منفي ادبي توڙي سياسي رجحانن ۽ وقت جي هر ظلم، جبر، ڏاڍ، ڦرلٽ ۽ برائيءَ سان سچ، سونهن ۽ عوام جي سوڀ خاطر مهاڏو پئي اٽڪايو آهي، اهو بيماريءَ جي حالت ۾ ڪوٽ لکپت جي ڪال ڪوٺڙين ۾ ڪيئن سوچي ٿو؟ ڪهڙا آدرش رکي ٿو ۽ بيوسيءَ جي حالت ۾ ڪيئن انهن لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو؟ انهن جي هڪ جهلڪ هن ڊائريءَ ۾ نظر ايندي.
نورالهديٰ شاهه هن کي سنڌ جو “جينيس” ڪوٺيو آهي. هو سچ پچ به هڪ جينيس آهي. پر هو مختلف ڪيفيتن ۽ حالتن ۾ ڪيئن سوچي ٿو؟ هن جا زندگيءَ جي مختلف معاملن متعلق ڪهڙا رويا آهن؟ هن جو فلسفه حيات ڪهڙو آهي؟ هو جنگشاهيءَ جي پسمانده علائقي ۽ گهراڻي جي روايتي ماحول ۾ پليل ٻار مان هڪ جينيس ماڻهو ڪيئن بڻجي ٿو؟ هن جي انفراديت ۽ همه گيريت جو راز ڪهڙو آهي؟ اهي سڀ جهلڪيون هن ڪتاب ۾ سندس ڪيل ڳالهين ۽ حالتن، زندگي ۽ ان جي ڏکن، سکن، خوشين، ارمانن، حادثن، ڪاميابين، ناڪامين، محرومين ۾ حاصلات ڏانهن سندس منفرد روين مان پسي سگهجن ٿيون. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ جيترو سادو ۽ ڳنڀير، عام ۽ خاص، رواجي ۽ منفرد نظر ايندو آهي. هن ڊائريءَ ۾ هو ان جي هوبهو سچي پچي تصوير آهي، جنهن ۾ ڪابه مصنوعيت، ڏيکاءُ، خود پسندي، اجائي ۽ ڪوڙي انا، تنگ نظري مبالغه آرائي ناهي. سندس هن ڊائريءَ جو لفظ لفظ ان وقت جي حالتن ۽ سندس تخليقي سوچن جون لڳاتار تصويرون آهن، جنهن کي ماهتاب محبوب ڪتاب جي مهاڳ ۾ (Running Commentary) ڪوٺيو آهي. اها جيل جي ڊائري پڙهڻ وقت ائين محسوس ٿيندو ڄڻ هن، ان وقت جي حالتن ۽ انهن حالتن ۾ سندس ذهن ۾ سرجندڙ خيالن کي تصور جي ميوزِم ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو هجي، پر ائين چوڻ به انصاف نه ٿيندو. ڇو ته سندس خيال، جذبا ۽ آدرش اڄ به پڙهڻ وقت بي جان، پراڻا ۽ پاروٿا نٿا لڳن. اهي اڄ به معصوم ۽ ٻهڪندڙ گلن جيان تازا ۽ سُندر لڳن ٿا. جن ۾ سچ، سونهن ۽ لطافت جي سرهاڻ اڄ به موجود آهي. ڪوٽ لکپت جي ڪال ڪوٺڙين ۾ وطن کان پري بيماريون، تنهايون ۽ قيد جون سختيون سهندڙ رسول بخش پليجو هن ڊائريءَ ۾ هڪڙي به لمحي مايوس، خوش فهم، فراريت جو شڪار، بيزار ۽ ذهني طرح ٿڪل ۽ ٽُٽل نٿو لڳي، پر هو ان جي اُبتڙ هر وقت نيون سوچون، خيال ۽ آدرش تخليق ڪندڙ، زندگيءَ جي سمورن پاسن جو مطالعو ڪندڙ، پنهنجي قوم، عوام ۽ ڌرتيءَ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جا خواب ڏسندڙ ۽ ان لاءِ عملي تدبيرون جوڙيندڙ بهادر، بردبار، ارڏو ۽ اڻ ورچ مفڪر ۽ ڏاهو مسيحا ٿو لڳي. “ڪوٽ لکپت جو قيدي” ۾ رسول بخش پليجو رڳو سياستدان ئي نٿو لڳي، پر هو اُتي پنهنجي سموري همه گيريت ۽ حسابيت سان موجود نظر اچي ٿو. هو ڪٿي عالمي سياست کان ويندي ملڪ ۽ سنڌ جي حالتن جو ڇيد ڪندڙ سياستدان ٿو لڳي ته ڪٿي رومي، لطيف، بابا فريد، بلهي شاهه، امرتا پريتم ۽ اياز جي فن ۽ فڪر جي اپٽار ڪندڙ نقاد، ڪٿي ٽائيگر، موتي ۽ ديانڪا جا جذبا محسوس ڪندڙ انتهائي حساس انسان ٿو لڳي ته ڪٿي گلن، ٻوٽن، خوشبو ڀنل هوائن، معصوم ٻارن ۽ فطرت سان پيار ڪندڙ لطيف شاعر، ڪٿي ڪاسمولاجي، جدليات فلسفي ۽ تاريخ جي تشريح ڪندي هو هڪ عالم ٿو لڳي ته ڪٿي نظرياتي پيچيدگين ۽ سنڌ ۽ ملڪ جي سماجي ۽ سياسي حالتن ۽ مسئلن جو سائنسي تجزيو ڪندڙ مفڪر ۽ ڏاهو. مطلب ته هن جي گونا گون شخصيت جي مختلف پاسن جا اڪيچار عڪس هن ڊائريءَ ۾ ملي سگهندا.
هن ڊائريءَ ۾ به هو نه رڳو سنڌ ۽ سنڌي عوام جو نمائندو نظر ايندو پر هو هڪ اهڙو قومي مدبر نظر ايندو جيڪو سنڌي قوم کي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اڳتي آڻڻ، هر اعليٰ ۽ بهتر مقصد ۽ قدر سان سلهاڙڻ ۽ جديد سائنسي دؤر جي گهرجن ۽ تقاضائن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ تدبيرون ٺاهيندي نظر اچي ٿو. سياست کان ادب تائين، ادب کان آرٽ ويندي فلم انڊسٽري ۽ ٽيڪنالاجيءَ تائين هو سنڌي عوام کي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اڳتي آڻڻ جو خواهشمند آهي.
“سنڌيو! جاگيردار، غلاميءَ جي سوچ ۽ سندن رجعت پرست علم ۽ عمل جون زنجيرون ۽ ديوارون ٽوڙي اڳتي وڌو.” ڪيڏا نه سهڻا، بامقصد ۽ وسيع آدرش آهن پنهنجيءَ قوم جي باري ۾! اهي ڪي رڳو ڪنهن روايتي سياستدان جا خيال ناهن پر اهي ان همه گير عالم، اديب، مفڪر ۽ ڏاهي سياستدان رسول بخش پليجي جا خيال ۽ آدرش آهن، جيڪو دنيا جي هر سٺي، صحتمند، عوام دوست ۽ ترقي پسند سائنسي نظريي، عمل ۽ قدر سان پنهنجيءَ قوم، عوام ۽ ڌرتيءَ کي سلهاڙڻ جي نه رڳو زبردست خواهش رکي ٿو، پر ان لاءِ عملي طور پاڻ پتوڙي ٿو. ان جو مون کي ذاتي تجربو آهي. جڏهن به پليجي صاحب سان ملبو آهي، پهريون سوال اهو ئي ڪندو، “ڇا پيا پڙهو؟ ڇا پيا لکو؟” هو هميشه زور ڏيندو آهي ته گهڻا علم پڙهو، سخت محنت ڪريو، وسيع ۽ گهڻ طرفو مطالعو ڪريو. روايتي چاڪيءَ جا ڏاند نه پر غير معمولي ٿيو، شين کي جيئن جو تيئن قبول نه ڪريو، انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪريو. انهن جي منفي پاسن کي رد ڪريو ۽ انهن جي بهترين جوهر سان پاڻ کي سلهاڙيو.
سندس اهي منفرد رويا کيس يگانو ۽ غير معمولي بڻائن ٿا. هن جون خواهشون به هن جي شخصيت وانگر لطيف، خوبصورت، معنيٰ خيز، همه گير ۽ منفرد هونديون آهن. اها سندس مزاج ۽ فطرت جي نرالي خوبي آهي. ظلم، جبر، ڏاڍ، نفرتن، ڏڪار، مصنوعيت، ڏيکاءَ، تنگ نظريءَ، تعصب ۽ روحاني طرح زخمي ۽ بيمار ماحول ۾ به هن جون خواهشون ۽ خيال ڪيڏا نه تازا، وڻندڙ، صحتمند، معصوم، خوبصورت ۽ وڏا آهن! ڦاسي گهاٽ جي سامهون ڪوٽ لکپت جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ هو ڪهڙيون نه عجيب خواهشون ٿو رکي! “ههڙي بهترين ڏينهن تي ڇا ڪجي؟ يا ته پنهنجي ڳوٺ نيئوات جي اُلهندي پاسي گرون (گرائونڊ ڏي) ڏانهن نڪري وڃجي، ڳيچ ۽ نوان انقلابي مولود، مداحون، ڪافيون ۽ ڪلام ٻُڌجن ۽ يٽ شٽ هڻجن يا لطيف آباد ۽ الهندي پاسي سنڌو درياهه جي ڪناري تي يارن سان گڏ ويهي ستن آسمانن ۽ ستن زمينن جي ڳالهين بابت ڊاڙ ٺڪاءَ هڻجن يا اياز لطيف سان گڏجي پٺاڻ ڪالونيءَ جي الهندي واري ميدان ۾ چڪر هڻجن. اياز جون خبرون ٻُڌجن يا جنگشاهيءَ ۾ ٻارن جي ڇانگ وٺي الهندي ٽڪر تي ويهجي ۽ ٻارن جون پاڻ ۾ رانديون ۽ ويڙهيون ڏسجن، سندن دانهون ٻُڌجن ۽ سندن فيصلا ڪجن، يا وري لطيف آباد جي گيٽ وٽ ڪرسيون وجهي نجم عباسيءَ سان ادبي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪجي ۽ سندس اونهي آڏي پڇا جا جواب سوچجن يا جويي صاحب کي ڳولهي هٿ ڪجي ۽ ساڻس تخليقي رهاڻ ڪجي يا فاضل (راهو) کي وٺي سنڌالاجي هليو وڃجي، هڪ هڪ ڪتاب ڪڍرائي ڏسجي، ڪجهه هٿ لائي ڪجهه پڙهي ڏسجن، نوٽ وٺجن، لسٽون ٺاهجن ۽ دانشور، پروفيسر ٽائيپ مخلوق جي خيالن جي دنيا سان آشنائي ڪجي يا جي ڪٿان منشي اچي نڪري ته کانئس سندس يا لطيف جو ڪلام ٻُڌجي. نه ته پوءِ گهر ويهي زرينه، ٻِڪي ۽ منيءَ کان لوڪ گيت ۽ قومي نغما ٻُڌجن... ..”
سنڌ توڙي سڄي ملڪ ۾ اهو سهرو به پليجي صاحب کي ئي وڃي ٿو ته هن ادب جي ڪارج تي ايترو واضح، چٽو ۽ سائنسي انداز ۾ لکيو آهي. “پورهيت ترقي پسند انقلابي ادب” جي ڳالهه هن کان اڳ ان وسيع معنيٰ ۽ مفهوم ۾ ٻيو ڪنهن نه ڪئي هئي. اهڙي ساک سنڌي ٻوليءَ جو برک عالم محمد ابراهيم جويو به ان ئي ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڏئي چڪو آهي. ادب ۾ نام نهاد “غير جانبداري”، “جديديت” ۽ خالص توڙي واويلائي ادب جهڙن خيالن، تصورن  ۽ رجحانن جي هن ئي پهريون ڀيرو ڀرپور ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي.
سنڌ ۽ انقلاب هن جي رَڳَ رَڳَ تحت الشعور ۾ سمايل آهن. هو جيل ۾ به جڏهن ڪا سٺي ڳالهه پڙهي، ٻُڌي ۽ ڏسي ٿو ته اها خواهش هر وقت سندس تحت الشعور مان بوڙيا ڪريو نڪري اچي ته جيڪر سنڌ ايئن هجي سنڌي ماڻهو به ايئن هجن! تبديلي ۽ انقلاب جي ڳالهه هر وقت هن جي شعور ۽ لاشعور تي ڇانيل نظر اچي ٿي. جيل ۾ لتا کي ٻُڌندي به هو ڪيڏي نه لطيف، سهڻي ۽ وڏي ڳالهه سوچي ۽ بيان ڪري ٿو:
سويرا جهان پر، بسيرا وهين هو،
جهان پر بسيرا، سويرا وهين هو.
“(جتي سج هجي، جهوپڙي اتي هجي. جتي جهوپڙي هجي صبح اتي ئي آهي) ها مائي لتا! پر جتي پنهنجي جهوپڙي هجي اتي اوندهه ئي اوندهه هجي ته پوءِ؟ صبح جو نالو نشان ئي نه هجي ته پوءِ؟ جتي مفت خور، ڦورو ۽ ظالم نه هجڻ گناهه هجي، منافق، مڪار ۽ ڪوڙو نه هجڻ گناهه هجي، وطن فروش، قوم فروش ۽ ضمير جو سوداگر نه هجڻ گناهه هجي، انسانذات جي قاتل دشمنن جو دلال، سياسي ڀاڙ کائيندڙ ۽ شڪاري ڪتو نه ٿيڻ گناهه هجي، جتي مائي لتا! تنهنجي ذات، عورت ٿيڻ گناهه هجي، حق پرست، باغيرت ۽ سرفروش، انسان دوست ۽ انقلابي ٿيڻ گناهه هجي! ته پوءِ اتي ڇا ڪجي؟ لتا ته پوءِ منهنجي صلاح آهي ته هڪڙو ڪم اهو ڪجي ته سُرَ جي ستن سمنڊن مان پنهنجي آواز جي جادوءَ سان هماليه جبل جيڏا غصي جا شعلا ڀڙڪائي اهڙي نظام کي جلائي رک ڪرڻ ۾ مدد ڏجي، جنهن ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ لازم ۽ اڻٽر آهي. پوءِ هڪڙي ڏينهن نيٺ جتي صبح هوندو، پنهنجون جهوپڙيون به اتي هونديون ۽ جتي پنهنجون جهوپڙيون هونديون صبح به اتي هوندو!... ..”
سماج جي ڪيڏي نه جاندار عڪاسي ۽ ان کي تبديل ڪرڻ جي تدبير آهي انهن لفظن ۾! ائين ڊائريءَ ۾ هر هنڌ پليجي صاحب جو بي چين روح سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ واڪا ڪندي نظر ايندو. عوام سان اٿاهه ڪمٽمينٽ وسيع مطالعو ۽ مشاهدو، غير معمولي علمي بصيرت ۽ ڏاهپ کيس ڪنهن به لمحي چين سان ويهڻ نٿا ڏين. هن جا زندگيءَ ڏانهن رويا ئي پنهنجا آهن. خود فريبي اسان جي اهم ترين سماجي ۽ نفسياتي بيمارين مان هڪ آهي، جنهن جا جراثيم ڏسڻن وائسڻن ماڻهن کي حقيقت جي دنيا کان ٻاهر ڪڍي، مصلحت ڏيکاءَ ۽ اجائي خود پسندي ۽ ڪوڙي انا جي ڪُن ۾ ڪيرايو ڇڏين. پر مون ذاتي طرح پليجي صاحب جو پلئه ان بيماريءَ کان آجو ڏٺو آهي. ڪڏهن به خيالي، هوائي ۽ بي بنياد ڳالهه نه ڪندو. نه پاڻ ڪندو نه ٻئي جي برداشت ڪندو. هر وقت نئين کان نئين، سٺي کان بهتر، بهتر کان وڌيڪ بهتر جي ڳولا جاري رکندو. هو هڪ وڏو استاد هئڻ جي باوجود پاڻ کي هميشه هڪ شاگرد تصور ڪندو آهي. سندس شخصيت جي اها ئي جهلڪ هن ڊائريءَ ۾ به نظر ايندي. هو چئي ٿو:
“منهنجو خيال آهي ته صحيح باضمير انسان اهو آهي، جنهن کي جيڪڏهن مرڻ کان هڪ منٽ اڳ پتو پوي ته هن سموري زندگيءَ ۾ جيڪي سوچون ۽ عقيدا رکيا سي  غلط هئا ۽ سندس سموري زندگي رائگان ۽ فضول گذري وئي ته هو ان ڳالهه جو اعلان ڪري پوءِ دم ڏئي ته: “مون سموري زندگي جيڪي سوچيو ۽ ڪيو سو غلط هو!” فقط هن رويي تي سختيءَ سان قائم رهڻ سان ئي ماڻهو حقيقتن جي ڳولا ۽ عمل جي سچائيءَ تي ثابت قدم رهي سگهندو، هونئن ته- آءٌ پاڻ کي ذهني طرح هميشه ان موت کان هزارين دفعا وڌيڪ خوفناڪ گهڙيءَ لاءِ تيار ڪندو رهندو آهيان. جڏهن ماڻهوءَ کي اوچتو معلوم ٿي وڃي ته منهنجا پياري ۾ پيارا خيال، ويساهه ۽ عقيدا غلط ۽ بي بنياد هئا، منهنجا جوش۽ ولولا گمراهين تي ٻڌل هئا ۽ منهنجا عظيم ڪارناما فضول ۽ واهيات هئا. جيڪڏهن اهڙي ڀيانڪ گهڙي خدانخواسته  آئي ته مون کي يقين جهڙي اُميد آهي ته آءٌ هزارين موتن کان بدتر انهيءَ موت کان منهن نه موڙيندس ۽ پنهنجو فرض پوريءَ همت سان ادا ڪندي، حقيقت جو نه رڳو اعتراف بلڪه اعلان ڪري سگهندس.”
ايڏي زندهه دلي ۽ حقيقت پسندي هن جي شخصيت جي پاڪيزدگي ۽ وڏائيءَ جو کُليل ثبوت آهي. اها ڳالهه هو عملاً ثابت به ڪري ٿو. خود هن ڊائريءَ ۾ ڪيترين جاين تي هو پنهنجين جن ڳالهين کي بهتر نٿو سمجهي، هو نه رڳو انهن کي نندي ٿو پر ان جو کُليل اظهار به ڪري ٿو. جيئن مون اڳ چيو، هن جا زندگيءَ ڏانهن رويا ۽ ان متعلق معيار ئي پنهنجا آهن. جيڪو رسول بخش پليجو انسانذات ته ٺهيو پر ٽائيگر (جيل ۾ پاليل ٻلونگڙو)، ديانڪا (اياز لطيف پليجي جي پاليل ڇيلڙي) ۽ موتيءَ سان به اٿاهه پيار ڪري ٿو، انهن ۾ سونهن، سچائيءَ ۽ جذبن جي پاڪيزدگي ڳولي ٿو ۽ انهن جا احساس محسوس ڪري ٿو، انهن جي پيڙائن کي ڀوڳي ٿو، اهو ساڳيو رسول بخش پليجو جيڪو محبت، پيار ۽ پاٻوهه جو مجسمو آهي، جڏهن زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جي سامهون اچي ٿو، جڏهن سچ، سونهن، امن، انصاف ۽ پيار جي ويري قوتن سان مهاڏو اٽڪائي ٿو، جڏهن تاريخ جي جابر ۽ وحشي قوتن ۽ مفادن سان اٿاهه نفرت ۽ ويڙهه ڪري ٿو، تڏهن ڪيڏو نه اڏول، هٺيلو ۽ هماليه جيان مضبوط لڳي ٿو! اهو سندس شخصيت جو عجيب رنگ آهي، زندگيءَ جون سموريون پيچيدگيون، ڏک، بيماريون، عذاب ۽ پيڙائون هن جي آس کي نراس ۾ تبديل نٿيون ڪن؛ هو انهن اهنجن، پيڙائن ۽ عذابن کان ڪڏهن به مايوس ۽ فراريت جو شڪار نٿو ٿئي پر ان جي اُبتڙ هو انهن سمورين تڪليفن ۽ پيڙائن تي حاوي نظر اچي ٿو ۽ انهن کي طاقت ۾ تبديل ڪري ٿو. لطيف جو پارکو ۽ فڪري شاگرد هئڻ جي ناتي هو ڪڏهن به “ورچي” نٿو ويهي، آڻ نٿو مڃي. خوش فهم، مايوس ۽ نراس نٿو ٿئي. اهو ئي سندس روحاني تازگيءَ جو راز آهي.
پليجو صاحب ڪوٽ لکپت جي جهروڪن ۾ به پنهنجي نقاد هئڻ واري منفرد حيثيت ۽ ڏات جو دامن نٿو ڇڏي. هو هر وقت سنڌي ادب متعلق پنهنجا ويچار پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي ڇنڊ ڇاڻ به ڪندو رهي ٿو. شيخ اياز جديد سنڌي شاعريءَ جي بنياد وجهندڙن مان آهي. اياز هن دؤر جو تمام وڏو قدآور شاعر، مفڪر ۽ فنڪار آهي، جنهن پنهنجي بي مثال فن ۽ فڪر، ڏات ۽ ڏانوَ سان سنڌي ادب کي نت نيون توانايون، خوبصورتيون، روشنيون ۽ بلنديون عطا ڪيون آهن. هر جينيس وانگر اياز به پنهنجي سموريءَ ڄمار ۾ متنازعه رهيو آهي پر اها به سندس ذات جي يگانگيت جو مظهر آهي. سنڌ ۾ محمد ابراهيم جويي صاحب کان پوءِ پليجو صاحب ئي آهي جنهن اياز تي سڀ کان وڌيڪ لکيو آهي. هن اياز جي بچاءُ ۾ “انڌا اونڌا ويڄ” جي صورت ۾ سرڪاري ۽ ڀاڙيتو رجعت پسند اديبن تي زبردست وار ڪيو، جنهن تي خود اياز اڄ تائين فخر ڪندو رهيو آهي. اياز سان به سنڌ ۾ عجيب ويڌن ٿيندي رهي آهي. اياز کي به يا ته “مافوق الفطرت” سمجهي انڌو پوڄيو ويو آهي يا وري کيس ڌڪاريو ۽ مٿس الزامن جا تير اُڇلايا ويا آهن. پر سندس حقيقي پرک ۽ ڇنڊ ڇاڻ گهٽ ٿي آهي. جويي صاحب کان پوءِ پليجو صاحب سنڌ جو شايد اهو واحد ليکڪ ۽ نقاد آهي، جنهن هڪ هم عصر نقاد طور اياز جي نه رڳو اٿاهه تخليقي ۽ شاعراڻي فني ۽ فڪري سگهه کي اجاگر ڪيو آهي، سندس عظمت جي مڃتا ڪئي آهي پر هن جي شخصيت توڙي فڪر جي ڪمزور ۽ کُٽل پاسن تي به بي باڪيءَ، جرئت ۽ ايمانداريءَ سان لکيو آهي. هن جي انڌي پوڄا يا هن تي ڇوهه ڇنڊڻ بدران عالمي، ادبي، فني ۽ فڪري معيارن تي کيس پرکيو آهي ۽ سندس شخصيت توڙي شاعريءَ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي. خاص طور تي هن ڊائريءَ ۾ هن اياز متعلق جيڪي ويچار پيش ڪيا آهن ۽ جنهن انداز سان سندس شخصيت ۾ شاعريءَ جو جائزو ورتو آهي، ان مان ثابت ٿو ٿئي ته رسول بخش پليجي کي دنيا جي ڪابه طاقت توڙي مصلحت سچ بيان ڪرڻ کان روڪي نٿي سگهي. هو اياز متعلق لکندي سمورين مصلحتن ۽ رشتن کان بي نياز هڪ نقاد ٿو لڳي، جيڪو اياز جي شاعراڻي عظمت جو قائل ۽ معترف به آهي ۽ هن جي ڪمزور پاسن تي کُليل تنقيد به ڪري ٿو.
پليجي صاحب جو زندگيءَ ڏانهن رويو نه رڳو عجيب ۽ منفرد پر ڏاڍو اُميد پسند پڻ آهي. ماڻهو عام طرح پنهنجي معمولي محنت ۽ خسيس قربانين جو کٽيو سڄي ڄمار پيا کائيندا آهن. هو پنهنجي بي لوث محنت ۽ جدوجهد تي فخر ضرور ڪري ٿو پر ڪڏهن به ان کي پنهنجيءَ عظمت لاءِ جواز طور نٿو پيش ڪري. اهو تاثر نٿو ڏئي ته ڪو هن قربانيون ڏنيون ۽ جدوجهدن جي نتيجي ۾ سخت پيڙائون ڀوڳيون آهن، يا قوم تي ڪي احسان ڪيا آهن. هو ڪڏهن به پنهنجين قربانين ۽ جدوجهدن جا احسان نٿو جتائي. هو جيل ۾ گهاريل گهڙين ۽ ڀوڳيل سختين کي به عذاب بدران پنهنجي زندگيءَ لاءِ هڪ وڏو ۽ اهم تجربو ٿو سمجهي. هو لکي ٿو: “رات مون کي هتي آئي پندرهن مهينا پورا ٿيا. زندگيءَ ۾ مختلف ۽ گونا گون با مقصد تجربا ٿيڻ کپن. هن تجربي بنا به منهنجي زندگيءَ ۾ وڏو خال رهجي وڃي ها. جيڪڏهن مقصد عظيم آهي ۽ پويان ڪا ڳالهه منظم موجود آهي ته زندگيءَ جو ڪڙي ۾ ڪڙو تجربو پس و پيش ماکيءَ کان مٺا نتيجا ڪڍي سگهي ٿو. مون هيستائين مجموعي طرح ٺيڪ وقت گذاريو آهي. انهيءَ جو هڪڙو سبب اهو آهي ته مون اها ڳالهه پوريءَ طرح سمجهي قبول ڪئي آهي ته عوام سان ڏيکاءُ، نمائش ۽ دوکي واري نه پر حقيقي توڙ تائين ۽ کير ڌوتي وفاداريءَ جي جنهن قسم جي سياست اسين ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ ڪريون پيا تنهن ۾ هي ته رڳو شروعاتي ۽ معمولي منزلون آهن. ان ڪري مون قيد ۽ ان جي ڪيترين مجبورين، محرومين، سختين، بي واجبين ۽ عذابن کي زندگيءَ جون دستوري ۽ قدرتي شيون ڪري تسليم پئي ڪيو آهي ۽ انهن کي معموليءَ کان وڌيڪ اهميت ڪانه پئي ڏني آهي.
مون اجائي ڏک، خود قياسيءَ، پڇتاءُ، محروميءَ ۽ مجبوريءَ جي حد کان وڌيڪ احساسن کي عوام دشمن زهر سمجهي ان کان سختيءَ سان پرهيز پئي ڪئي آهي. مون سدائين چيتن جي پڃرن ۾ بند سورهيه ويٽنامي قيدين، نازي لوڙهن ۾ قيد سورهيه روسين ۽ ٻين قيدين ۽ اسرائيل ۽ ڏکڻ آفريڪا جي قيد ۾ بند سورهيه آفريڪي، فلسطيني قيدين جو عظيم تصور پنهنجي اڳيان رکيو آهي. مون هميشه انهن کي ڌيان ۾ رکيو آهي، جيڪي نازي ٽينڪن هيٺان چيڀاٽجي جان جا نذرانه پيش ڪري انقلاب کي زندهه ڪري ويا، جيڪي ويٽنام ۾ آمريڪي هيلي ڪاپٽرن هيٺ اُڇلايا ويا ۽ جن جا جگر جيئري وڍي ڪڍي پچائي کاڌا ويا! جن کي سُيون هڻي ماري سندن کلن مان نازي ڪڃرين لاءِ پرس ٺاهيا ويا. مون انهن بابت به هميشه پئي سوچيو آهي، جيڪي گذريل اونداهين ۽ وحشي صدين ۾ جيئري غلاميءَ واري ۽ جاگيرداريءَ واري قبرن ۾ داخل هئا ۽ مري ويا. مون اڄ جي عوام بابت به پئي سوچيو آهي، جيڪو اڄ جبل جيڏي ڳري زندگيءَ جو بار کنيو پيو هلي. ٻار، عورتون، مرد ۽ پوڙها هر ماڻهوءَ جي دل خوف، ڳڻتيءَ ۽ دهشت جو هڪڙو ڪوٽ لکپت، هڪڙو شاهي قلعو، هڪڙو لال قلعو آهي.
انهن جي ڀيٽ ۾ اسين جن کي سمجهه به آهي، واٽ به آهي، تنظيم به آهي، ڌڻي ڌوڻي به آهن، وارث وسيلا به آهن تن کي ڪهڙي شيءِ جو ڊپ هئڻ گهرجي! اسان ماڻهن تي جي خدانخواسته موت به اچي ته به اسين هنن ٻين جي ڏک ۽ عذاب جي برابري نه ڪري سگهنداسون، ڇو ته هو اهي آهن جيڪي اونداهين واٽن تي پيا مرن يا مري ويا.
هم جو تاريڪ راهون مين ماري  گئي!
اسين ته روشنيءَ ۽ نور جي وچ ۾ پيا وڙهون! سڄي ڳالهه سمجهندي پيا وڙهون، روشن آئيندي جي خاطريءَ جا چنڊ چت ۾ رکي پيا وڙهون، اسان جهڙو خوش نصيب ڪو ٻيو!”
رسول بخش پليجو اڄ به زندگيءَ جي ميدانِ عمل ۾ هڪ عالم ۽ اديب طور، هڪ مفڪر ۽ ڏاهي طور، قومي بقا ۽ اوسر جي ويڙهه وڙهندڙ بي لوث سپاهي ۽ جدوجهد ڪندڙ هڪ سياستدان طور جدوجهد ڪري رهيو آهي. هو اڄ به ڌرتيءَ تي سچ، سونهن ۽ پيار جا نوان سلا پوکي رهيو آهي ته ساڳئي وقت، وقت جي وحشي، جابر ۽ ڦورو قوتن آڏو اڏول ٿيو بيٺو آهي. هو اڄ به سوچي ۽ لوچي ٿو، پڙهي ۽ لکي ٿو، جهجهن سان گڏ پنهنجي مقصد لاءِ پورهيا، ڪشالا ۽ ويڙهيون ڪري ٿو، اڄ به پيار ۽ نفرت ڪري ٿو، هو اڄ به گاهن، گلن، وڻن، ٻارن ۽ مائرن کي، سونهن ۽ پيار کي، پنهنجي ماروئڙن، جهانگيئڙن، ڏوٿين ۽ عظيم آدرشن کي دل ۽ روح جي گهراين سان اوترو ئي شديد پيار ڪري ٿو ۽ هو اڄ به بي رحم، ظالم، مفت خور، ڦورو، تعصبي، ديس دروهين، پنهنجي وطن، قوم ۽ عوام جي ويرين ۽ سڄيءَ دنيا جي سمورن وطنن، قومن ۽ سموري عوام جي ويرين سان اٿاهه نفرت ڪري ٿو، کين ڌڪاري ٿو ۽ ساڻن مهاڏو اٽڪائي ٿو. هن جو سچ، سونهن ۽ پيار جي سوڀ ۾ پختو يقين آهي. هن جي تصور جي اک هن ٻاٽ اوندهه جي پويان لڪل سحر کي ڏسي ورتو آهي. هن کي اهو پختو ويساهه آهي ته ظلم، جبر، ڏاڍ، محروميءَ ۽ مجبوريءَ جي رات ڪيڏي به طويل ڇو نه هجي پر ان جي ڪُک مان سچ، سونهن ۽ انصاف جي پاڪ ۽ معصوم پرهه ضرور اُڀرڻي آهي. جدوجهد جي راهن تي ٿڪجي، ترسي ۽ ڀٽڪي پوڻ وارا ماڻهو ڏاڍا اياڻا آهن. پاڻ کي پنهنجن سمورين صلاحيتن کي، پنهنجن سمورن آدرشن کي پنهنجي قوم، عوام ۽ مجموعي طرح سموري انسانيت جي روشن آئيندي لاءِ ارپڻ ئي زندگيءَ جو اصل معراج آهي. رسول بخش پليجي به پنهنجي ذات کي ان عظيم مقصد سان ارپي اهو معراج حاصل ڪري ورتو آهي ۽ اهو ئي سندس مهانتا جي مڃتا جو وڏو دليل آهي.


رسول بخش پليجو
سنڌ جو ڏاهو
غلام حسين خاصخيلي
سنڌ اها ڌرتي آهي جيڪا هزارين سالن جي تاريخ رکي ٿي. سنڌ ڌرتي جي املهه ماڻڪ مٽيءَ مان ڪئين املهه شخصيتون پيدا ٿيون آهن ۽ انهن شخصيتن پنهنجي وطن ۽ ڌرتي جي لاءِ جان جي به پرواهه نه ڪندي جيلن جون سختيون برداشت ڪرڻ کان وٺي روڊن تي نڪري حقن جي لاءِ جدوجهد ڪندي لٺيون کاڌيون آهن. وقت جي حڪمرانن انهن سچ جي پانڌيئڙن کي جيلن جي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪري کين جهڪائڻ جي هميشه ناڪام ڪوشش ڪئي آهي ۽ اهي ڌرتيءَ سان سچا رهندڙ اڳواڻ هميشه پنهنجي ڌرتيءَ جي لاءِ سڀ ڪجهه برداشت ڪندي قرباني ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار هوندا آهن. اهڙين شخصيتن ۾ رسول بخش پليجي جو نانءُ نمايان آهي. هُو شعور جي اهڙي شمع آهي، جنهن سان هزارين نوجوانن جا دماغ روشن ٿيا آهن. هُن سنڌ جي ماڻهن کي ڪتاب پڙهڻ ۽ ڪتابن سان دوستي ڪرڻ سيکاري. هُن سياست کي علم، ادب ۽ آرٽ ذريعي عام ڪيو. سندس صحبت ۾ جيڪي به رهيا آهن، انهن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ خوب نڀايو آهي.
رسول بخش پليجو سياسي ميدان ۾ ڪيترن ئي سياسي ڌرين سان اتحاد ذريعي جدوجهد ڪئي ۽ اها جدوجهد اڄ به جاري آهي. رسول بخش پليجو ادب جي ميدان ۾ جيڪا خدمت ڪئي آهي سا سونهري اکرن ۾ لکڻ جوڳي آهي. خاص ڪري ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن هر طرف کان شيخ اياز کي تنقيد جو نشانو بڻايو پئي ويو، تڏهن پاڻ اُنهن سڀني تنقيد ڪندڙن کي ’انڌا اونڌا ويڄ‘ جي نالي سان جواب ڏنو هو، جيڪو ادب دوستن ۾ اڄ به اوترو ئي مقبول آهي. پاڻ قانون جي ميدان ۾ به تمام وڏي جاکوڙ ڪئي اٿس. قانون جي ميدان ۾ عدالتن وسيلي ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ جي لاءِ به سندس خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. ڪو غريب سنڌ جي ڪنهن ڪنڊ مان هلي اچي رسول بخش پليجي وٽ پهچي کيس پنهنجي مسئلي بابت ڄاڻ ڏني اها ڄاڻ ٻڌڻ کان پوءِ رسول بخش پليجو بنا فيس وٺڻ جي عدالتن ۾ ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن جا مفت ۾ ڪيس وڙهيا ۽ انهن کي انصاف ڏياريا. رسول بخش پليجي سياسي ميدان ۾ هزارين نوجوانن جي تربيت ڪئي آهي. کانئس تربيت وٺندڙ ڪارڪن هميشه علم ۽ تعليم سان سينگاريل رهن ٿا. رسول بخش پليجو سنڌ جي عورتن جي حقن جي لاءِ به ڀرپور آواز بلند ڪندو رهيو آهي ۽ عورتن کي حق ڏيارڻ جي لاءِ سندس جدوجهد ڪنهن کان به ڳجهي ناهي. رسول بخش پليجو اهو سياستدان آهي جنهن ڪڏهن به اهو نه سوچيو ته ڪنهن مظاهري ۾ ڪو وڏو ميڙاڪو هجي، ڀلي ڪيترا به ماڻهو هجن پر رسول بخش پليجو ان جدوجهد يا مظاهري جي اڳواڻي ضرور ڪئي آهي. اهڙا مثال حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان منهنجا پڻ اکين ڏٺا آهن. سنڌ ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجهد هجي، يا ايم آر ڊي جي تحريڪ هجي يا سنڌ ۾ ٻين عوامي مسئلن جي لاءِ جدوجهد هجي ان ۾ پاڻ ڀرپور نموني سان سچائي سان نڀايو آهي.
رسول بخش پليجو سياستدان سان گڏ ڏاهو ۽ دانشور به آهي ادب جي ميدان ۾ سندس تمام وڏيون خدمتون موجود آهن. ادب جي واڌ ويجهه ۽ ٻوليءَ جي لاءِ سندس تاريخي جدوجهد تاريخ ۾ سونهري لفظن سان موجود آهي. سندس اهڙي جدوجهد ۽ سچائيءَ واري جذبي کي هر ماڻهو سلام پيش ڪري ٿو. جيڪي ماڻهو سندس سياسي نظريي سان اختلاف رکن ٿا اهي به رسول بخش پليجو جي ڏاهپ کان انڪار نٿا ڪن. سندس ڏاهپ جي هر ماڻهو واکاڻ ڪري ٿو. رسول بخش پليجو هن وقت بيماري سبب ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ داخل آهي، سندس صحتيابي جي لاءِ اسان سڀ دعا ڪريون ٿا ته الله تعاليٰ کيس صحتياب ڪري ۽ هو پنهنجي جذبي سان ادب ۽ سياست جي ميدان ۾ سنڌ جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندو رهي.



ایک آئینہ فروش کی یاد میں
وسعت اللہ خان
یہ ستمبر انیس سو تراسی کے شروع کی بات ہے۔ تین ہفتے سے جاری تحریکِ بحالی جمہوریت اندرونِ سندھ میں بالخصوص ہاتھ سے نکلی جا رہی تھی۔ کیونکہ کنگلے ہاری کے دل سے ریاست کا دبدبہ نکل گیا تھا۔ ہر شہر اور قصبے میں پیپلز پارٹی کے جتنے جیالے تھے ان میں سے بیشتر پہلے ہی اٹھا لیے گئے تھے، جو بچ گئے وہ زیرِ زمین تھے یا گھر بدل بدل کر کبھی یہاں کبھی وہاں نمودار و غائب ہو رہے تھے۔ جئے سندھ الگ تھلگ تھی، اے این پی گو مگو میں تھی۔ مگر پھر تحریک کیوں چل رہی تھی؟ جمعیت علمائے اسلام یقیناً مزاحمتی میدان میں تھی مگر اس کی جڑیں اتنی تو زیادہ پھیلی ہوئی نہیں تھیں۔ روزانہ خود کو گرفتار ہونے کے لیے پیش کرنے والے کون لوگ تھے۔
مارشل لا انتظامیہ کو یہ سمجھنے میں بہت دقت پیش آ رہی تھی کہ مزاحمتی گراف دن بدن اوپر ہی اوپر کیسے جا رہا تھا اور یہ عورتیں اور لڑکیاں کون ہیں جو روزانہ کسی نہ کسی ناکے یا سڑک پر نعرے لگاتی ہیں اور صف آرا محافظوں کی سمجھ میں نہیں آتا کہ انھیں گرفتار کرنا ہے کہ نہیں کرنا؟ ان سب کو منظم کون کر رہا ہے کیونکہ ہر قابلِ ذکر ضیا مخالف معروف قیادت اور کارکنان تو پہلے ہی قابو کیے جا چکے ہیں۔
پھر مخبروں کی رپورٹیں آنے لگیں کہ کوئی عوامی تحریک ہے جو یہ کارخانہ چلا رہی ہے؟ کراچی اور لاہور والوں کو تو بالکل ہی سمجھ میں نہ آیا کہ پیپلز پارٹی تو سمجھ میں آتی مگر عوامی تحریک کیسے سیاسی بلا بن سکتی ہے؟ پلیجو اور فاضل راہو تو برسوں سے جیل میں ہیں۔
ایم آر ڈی تحریک دراصل راہو پلیجو نظریاتی لیبارٹری میں تیار ہونے والی مزاحمتی پروڈکٹ کی پہلی فیلڈ ٹیسٹنگ تھی۔ مجھے برطانوی اخبار گارڈین میں شایع ہونے والا تجزیہ یاد ہے جس کا لبِ لباب تھا کہ ضیا رجیم کے لیے پیپلز پارٹی نہیں عوامی تحریک خطرہ ہے۔
سچی بات تو یہ ہے کہ مجھے رسول بخش پلیجو کے سیاسی سفر سے کوئی دلچسپی نہیں۔ حیدر بخش جتوئی کی ہاری تحریک سے لے کر ون یونٹ مخالف تحریک تک، مشرقی پاکستان و بلوچستان میں فوجی آپریشن کی مخالفت، تنگ نظر قوم پرستوں سے تعلیمی اداروں میں پنجہ آزمائی، بہاری نہ کھپن، محروم صوبوں کا سیاسی اتحاد، ولی خان اینڈ کمپنی سے معانقہ و علیحدگی، اینٹی کالا باغ ڈیم تحریک، وفاقی سیاست میں پنجاب کے دوہرے کردار پر انگشت نمائی، طبقاتی و قومی جدوجہد کی بین الاقوامی ترقی پسند جدوجہد کے ساتھ یکجائی کا تجربہ، محکوم عورتوں سے مفلوک بچوں تک سب کو سیاسی بیداری کے دائرے میں لانے کی کوشش، ہر سال کسی نہ کسی مسئلے پر لانگ مارچ۔ کیا پلیجو بس یہی تھا؟
اور جب پلیجو دنیا سے رخصت ہوا تو بس ایک خبر تھا؟ سینئیر سیاستداں؟ بزرگ سندھی سیاستداں، قوم پرست سیاستداں، مزاحمتی سیاستداں آج انتقال کر گئے۔ وہ فلاں کے والد تھے، انھوں نے کئی سیاسی تحریکوں میں حصہ لیا۔ پسماندگان میں ان ان کو چھوڑا۔ زید اور بکر نے دکھ بھرے ٹویٹ کر دیے ہیں۔ اللہ اللہ خیر صلا۔۔ ہاں بھئی یہ بتاؤ ریحام خان کی کتاب کے بارے میں تازہ مصالحہ کیا ہے؟
میری آخری ملاقات پلیجو صاحب سے قریباً دو ماہ پہلے کراچی میں ہوئی۔ نقاہت زیادہ تھی لہذا اپنے آپ سے سوال کرتے؟ کیا میں ناکام رہا؟ پھر خود ہی جواب دیتے کامیابی منزل پا لینا ہے یا سفر کے دوران تھک کے بیٹھ جانا؟ اگر کامیابی منزل پا لینا ہے تو شائد میں ناکام ہوں۔ اگر چلتے رہنا ہے تو پھر مجھ سے زیادہ کامیاب تو کوئی ہے ہی نہیں۔ مجھے یقین ہے کہ میرے پیچھے بھی کوئی نہ کوئی چل رہا ہوگا۔ ہو سکتا ہے وہ مجھ سے بہتر ہو۔ روح کہتی ہے ابھی نہیں جانا بہت کام باقی ہے، جسم کہتا ہے تجھے ایک لمبی نیند چاہیے۔ اب دیکھو ان میں سے کون جیتتا ہے؟ اور دو روز پہلے سات جون کو پلیجو کا جسم جیت گیا۔ روح اب کوئی اور جسم ڈھونڈھ رہی ہوگی۔
پلیجو صاحب سے پچھلے بیس برس میں کئی ملاقاتوں کے بعد جا کے کھلا کہ وہ کتنے زیرک آدمی ہیں۔ طالبِ علمانہ معصومیت سے گفتگو کا آغاز کرتے اور جب آپ کسی بھی سوال کا اپنی علمی اوقات کے حساب سے جواب دے کر نہتے ہوجاتے تو پھر پلیجو صاحب منطق در منطق تاریخ و فلسفے کا سیاست کے فرمے پر دھاگہ در دھاگہ، گانٹھ در گانٹھ جواب بنتے چلے جاتے اور ملاقات ختم ہوتے ہی مہمان علم و منطق کا یہ تھان اٹھائے گھر روانہ ہو جاتا۔
جس شخص کے ڈرائنگ روم میں قالین گھس گھس کے دری بن چکا ہو، دیواروں سے سفیدی ٹوٹ ٹوٹ کے گر رہی ہو۔ پورے کمرے میں بس ہوچی منہہ کی ایک تصویر اور کسی پرستار کی بنائی بہت ہی بور سی کوئی پینٹنگ لٹکی ہوئی ہو۔ مسہری اتنی کہنہ ہو کہ اس کی چوبی پٹیوں کے ریشے تک ہر آنے جانے والے کو ازبر ہو جائیں۔
مگر اس ماحول میں بھی گفتگو لطیف کے سرساموڈی کی تازہ باریکیوں، مارکسی جدلیاتی اصولوں کے لاطینی امریکا سے ایشیا تک اطلاق میں کامیابیوں اور ناکامیوں کی وجوہات سے ہوتی ہوئی اچانک ٹھٹھہ سے آنے والے کسی پریشان حال ہاری کے بیٹے کی ضمانت کا راستہ ڈھونڈنے کی جانب مڑ جائے اور پھر دریائے سندھ کے اوپری اور زیریں علاقوں کو کتنے ملین مکعب فٹ پانی کی درکاری کے چارٹ کی جانب رخ کرتے ہوئے اچانک تنگ نظر قوم پرستی کے تلخ تجربات، سن چالیس کی قرار داد کے پاکستان اور آج کے پاکستان کے موازنے کا موڑ کاٹ کر مقامی اشرافیہ کی سامراجی دلالی اور متوسط طبقے کی چھوٹی چھوٹی چالاکیوں پر منتج ہو کر چاول کی روٹی بنانے کی پانچ آسان ترکیبوں کے بیان پر ختم ہو جائے۔ ایسے شخص کے بارے میں کم از کم مجھے کوئی نہ سمجھائے کہ وہ کتنا بڑا یا چھوٹا آدمی ہے؟
پلیجو صاحب نے مجھے لطیف سمجھانے کی کئی بار ناکام کوشش کی۔ پھر انھیں ایک روز خود ہی احساس ہو گیا کہ یہ آدمی پیدل ہے اس پر توانائی لگانا بے کار ہے۔ مگر آج میں اعتراف کر سکتا ہوں کہ غالب اور بلھے شاہ کا کلام پڑھتے ہوئے جہاں جہاں اٹکتا تھا وہاں وہاں پلیجو ہاتھ بڑھا کر دلدل سے نکال لیتا تھا۔ کبھی کبھی تو شک ھی ہوتا کہ یہ تینوں کہیں کلاس فیلو تو نہیں رہے۔ مگر جب دوسرے ہی سانس میں پلیجو صاحب غالب سے نابلد اردو دان جنتا اور بلھے شاہ سے نابلد پنجابیوں کے بارے میں کہتے کہ ان کا زیورِ جہل سے مرصع طرزِ رعونت بتاتا ہے کہ لطافت اور شعری سمجھ چھو کے بھی نہیں گذری تو تینوں کے ہم جماعت ہونے کا شک دور ہو جاتا۔
بقولِ پلیجو جس طرح میں نے غالب اور بلھے شاہ کو پڑھا اگر پنجابی اور اردو کے ٹھیکیدار پڑھ لیتے تو انھیں بنگالی، بلوچ اور سندھی کی تکلیف بھی فوراً سمجھ میں آجاتی۔ بے وقوف رعایا ہونا اتنی خراب بات نہیں۔ مگر بے وقوف اشرافیہ ہونا دراصل وہ عذابِ علیم ہے کہ جس کی بشارت خدا نے دی ہے۔
میں پلیجو کو کسی ایک علمی، فکری، نظریاتی یا سیاسی خانے میں بند کرنے یا ڈیڑھ نمبر کی فکری عینک سے دیکھنے سے قاصر ہوں۔ میں اتنا بینا بالکل نہیں کہ پورا ہاتھی ایک نگاہ میں ناپ سکوں۔ میرا موہوم سا تصورِ پلیجو اگر ہے بھی تو بس اتنا کہ ایک شخص کہیں سے آیا اور آئینے بیچتا بیچتا شام ڈھلے بازار سے چلا گیا۔ کتنے آئینے بکے یا ٹوٹے؟ وہ جانے رب جانے۔
یہی سب کچھ تھا جس دم وہ یہاں تھا
چلے جانے پے اس کے جانے کیا نئیں (جون ایلیا)


رسول بخش پليجو
عظيم ڏاهو
نعيم ملڪ
ڪي ڪي ماڻهو اهڙا ته املهه ماڻڪ هوندا آهن جيڪي تاريخ ۾ اهڙا روشن مينار هوندا آهن جنهن جي روشني ۾ وقت جا دانشور پنهنجا پيچرا ٺاهيندا آهن، جن تي ڌرتي ناز ڪندي آهي، جن تي عوام فخر ڪندو آهي. انهن تاريخ ساز شخصيتن مان عظيم ڏاهو رسول بخش پليجو به آهي، جيڪو اڄ اسان وٽ ناهي رهيو،  رسول بخش پليجو تمام رخي شخصيت هئي، هو هڪ ئي وقت سٺو ڪهاڻيڪار، زبردست نقاد، نثرنگار، نثري نظم جو شاعر، سپريم ڪورٽ جو وڏو وڪيل، زبردست مقرر، اديب، بي مثال سياستدان، تاريخ جو ڄاڻو، سماجي پرک رکندڙ، حال تي مستقبل بابت پيشنگويون ڪندڙ، سماجي سائنس جو ڄاڻو، عورتن جي حقن جو علمبردار، قومپرست، جدلياتي علمن جو ڄاڻو سميت رسول بخش پليجو کي گهمندڙ ڦرندڙ انسائيڪلوپيڊيا سان گڏ کيس انيڪ حوالن سان سڃاتو وڃي ٿو. ڪنهن پئي ڄاتو ته جنگشاهي ويجهو ضلعي ٺٽي جي ڳوٺ منگر خان ۾ تاريخ ۲۰ جنوري ۱۹۳۰ع تي علي محمد پليجي جي گهر مان نڪتل هيءَ شمع سج جي روشني بڻجي آڪاش تي اهڙو نروار ٿيندو جو سڄي دنيا سندس علم، عقل، ادب، ڏاهپ ۽ تاريخ شناسي جا متعرف ٿيندي، رسول بخش پليجي قرآن شريف جي تعليم مقامي مدرسي مان حاصل ڪئي، ان کانپوءِ کيس ٺٽي هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتان هن جي علم جي اڃ اجهامي نه سگهي ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ هن کي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ٻين استادن سان گڏ محمد ابراهيم جويو، هن جو استاد هو، پليجو صاحب محمد ابراهيم جويو کان گهڻو متاثر هو، ۱۹۴۶ع ۾ محمد ابراهيم جويو سيو سنڌ، سيو ڪانٽينينٽ (سنڌ بچايو کنڊ بچايو) شايع ڪرايو ته سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ تڏ هوڪي تعليم جي وزير جڏهن محمد ابراهيم جويو جي سنڌ مدرسته الاسلام مان نوڪري ختم ڪئي ته رسول بخش پليجو پنهنجي محترم استاد ابراهيم جويو جي ويجهي ٿي ويو، استاد شاگرد وارو اهو رشتو پوءِ دوستي ۾ تبديل ٿي ويو، جيڪو محمد ابراهيم جويو جي وصال تائين جاري رهيو، هيڻائپ ۽ طبيعت جي ناسازي سبب به رسول بخش پليجو سڀ کان پهريان ابراهيم جويو جي تڏي تي پهتو ۽ سندس ڪفن دفن ۾ شامل رهيو. رسول بخش پليجو بهتر انگريزي دان هو، هو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ انگريزي ۾ وڏو عرصو مترجم طور ڪم ڪندو رهيو، هڪ ڀيري ناليوارو وڪيل ۽ شاعر شيخ اياز هن وٽ ڪجهه ڪيس ترجمو ڪرائڻ لاءِ کڻي آيو، شيخ اياز رسول بخش پليجي کان ايترو متاثر ٿيو جو پوءِ ٻئي ڄڻا جنم جنم جا ڄڻ ساٿي بڻجي ويا ۽ هر ادبي، سياسي ۽ سماجي تحريڪن ۾ گڏ گڏ رهيا. بعد ۾ رسول بخش پليجي سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان ايل ايل بي ڪري وڪيل ٿي ويو ۽ وڪالت جي شعبي ۾ اهڙو مشهور وڪيل ٿي ويو جو سندس مخالف به سندس دليل ٻڌي دنگ رهجي ويندا هئا. ادب سان چاهه سبب هي سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو رشيد ڀٽي، شيخ اياز، نجم عباسي، سوڀو گيانچنداڻي جي صحبت ۾ اچي هن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. هو تمام سٺو ڪهاڻيڪار هو، هن جي ڪهاڻين جو مجموعو ”پسي ڳاڙهاڳل“ شايع ٿيو. رسول بخش پليجو جو هڪ پاسو صحافت به هو، هن ۱۹۷۰ع ۾ ”تحريڪ“ رسالو جاري ڪيو جنهن جا ايڊيٽر قاسم پٿر ۽ عالم شاهه هئا، جيتوڻيڪ اهو رسالو هميشه سرڪاري عتاب هيٺ رهيو جتي روج رهاڻ ۽ ٻيا رسالا بند ٿي ويا ۽ هي رسالو بندشن کي منهن ڏيڻ باوجود جاري رهيو. سنڌي ادب ۾ هميشه کان وڏو خال تنقيدي ادب جو رهيو آهي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم ۽ خليل کانپوءِ سنڌي ادب ۾ وڏو ادبي نقاد رسول بخش پليجو رهيو، هن تنقيدي ادب کي ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۽ ”سندي ذات هجن“ جهڙا تنقيد جا ڪتاب ڏنا. ۱۹۹۴ع ۾ منهنجي حيدرآباد ۾ ڪرايل هڪ پروگرام ”استاد بخاري جي سالگرهه“ ۾ رسول بخش پليجو خاص مهمان هو، جڏهن ته صدارت حاڪم علي شاهه ڪئي هئي، جنهن ۾ هن استاد بخاري ۽ ويهين صدي جي ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ لاڳيتو سوين شعر بر زبان پڙهندو رهيو ۽ آخر ۾ چيائين ته استاد بخاري ئي ويهين صدي جو وڏو شاعر آهي، جيتوڻيڪ ان بعد مٿس تنقيد به ٿي پر هن جي دليلن اڳيان ڪير به بيهي نه سگهيو. هن ادبي تنقيد تحت سائين جي ايم سيد جي ٻن ڪتابن ”پيغام لطيف“ ۽ ”جيئن ڏٺو مون“ جيتوڻيڪ ادب ۾ سائين جي ايم سيد جا شاهڪار ڪتاب مڃيا وڃن ٿا، انهن تي به هن مثبت ادبي تنقيد ڪري تنقيدي ادب ۾ پاڻ ملهايو هو، تنقيدي ادب دراصل ڪنهن عالم جي ادبي اڏام کي پرکڻ جو هڪ ذريعو هوندو آهي. رسول بخش پليجو کي سنڌ گهڻو اڳ سڃاڻي چڪي هئي پر سندس اصل سڃاڻپ ۴ مارچ جي شاگردن جي مالڪي ۽ همت افزائي ڪرڻ هئي. هي سنڌ جي عوام جي دلين ۾ تڏهن گهر ڪري ويو هو جڏهن پاڻ ۽ پنهنجي ساٿين سان گڏجي اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ نمايان حصو ورتو، هن گهر گهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ وڃي ون يونٽ جي نقصانن بابت سنڌ جي عوام کي آگاهي ڏني، غلام محمد بئراج ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جون زمينون ڌارين کي ڏيڻ تي به هن سنڌ جي هر پليٽ فارم تان پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، توڙي جو سندس تحريڪ ۾ حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ غلام محمد، قاضي فيض محمد سميت سنڌ جا ڪيترائي اديب سندس حمايت ۾ اٿي بيٺا، جنهن ڪري ون يونٽ جو خاتمو پهرين جولاءِ ۱۹۷۰ع تي آيو، ۱۹۶۸ع ۾ جڏهن سائين جي ايم سيد ”نر ۾ صوفياءِ سنڌ“ قائم ڪئي ته سائين جي ايم سيد ان جو صدر ۽ رسول بخش پليجو سيڪريٽري هئا. انهيءَ تنظيم جو بنيادي مقصد سنڌي قوم جو جديد تصور پيش ڪرڻو هو، جيتوڻيڪ ان دور ۾ سائين جي ايم سيد سياست کان ڪناره ڪشي جو اعلان ڪري چڪو هو ۽ سياسي پارٽين کي به ايوبي آمريت ۾ هلڻ نه پئي ڏنو ويو، سنڌي عوام کي سياسي شعور ڏيڻ واري ان مهم شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويو سندن ٻانهن ٻيلي ۽ مددگار هئا. رسول پليجو ۽ سائين جي ايم سيد ڪيترن محاذن تي گڏ رهيا، ۱۹۶۹ع ۾ رسول بخش پليجي ۽ سائين جي ايم سيد گڏجي ”سنڌ متحده محاذ“ جو بنياد وڌو، جنهن جو بنيادي مقصد ون يونٽ خلاف تحريڪ کي زور وٺرائڻ هو، ان مقصد جي حاصلات لاءِ هالا ڪنوينشن ۾ شيخ مجيب الرحمان کي به گهرايو ويو، ان وقت سنڌ جي ماڻهن جي اينٽي ون يونٽ ۾ ڀرپور حصي ۽ عوامي نظرن ۾ ڪرڻ کان پاڻ بچائڻ لاءِ ون يونٽ جي ٻن حمايتي سياستدانن پير علي محمد راشدي ۽ ايوب کهڙو به اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ شامل ٿي ويا، جنهن تي رسول بخش پليجو چيو هو ته ايوب کهڙو ۽ علي محمد راشدي سنڌ دشمن ڪردار آهن، انهن کي اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي ۽ تحريڪ لاءِ نوجوانن ۽ نون ماڻهن کي اڳتي آڻڻ گهرجي، جڏهن ته سائين جي ايم سيد ايوب کهڙي ۽ پير علي محمد راشدي کي اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ شامل ڪرڻ تي بضد هو ته انهي سان اينٽي ون يونٽ تحريڪ سگهاري ٿيندي، انهن اختلافن سبب رسول بخش پليجو ۽ سائين جي ايم سيد سياسي طور الڳ ٿي ويا ۽ ڪجهه عرصي بعد ۱۹۷۰ع ۾ رسول بخش پليجي هڪ نئين سياسي پارٽي ”عوامي تحريڪ“ جو بنياد حيدرآباد ۾ وڌائين جنهن جو پهريون صدر چاچا حفيظ قريشي ۽ پهريون جنرل سيڪريٽري حفيظ قريشي هئا. جڏهن ته سندن ٻيا ساٿي فاضل راهو، رشيد ڀٽي، قاسم پٿر، شير خان لنڊ، قاضي غفار، سيد عالم شاهه، محمد خان مگسي، يوسف ڪيڙانو ۽ ٻيا هئا. ۱۹۷۰ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي کانپوءِ يحى خان اليڪشن جو اعلان ڪيو ته اوڀر پاڪستان ۾ بنگالين ووٽر لسٽ ۾ بنگالي ٻولي ۾ لکڻ لاءِ مظاهرا ڪرڻ شروع ڪيا ته سنڌ ۾ ووٽر لسٽون سنڌي ٻولي ۾ شايع ڪرائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا. انهي ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته رسول بخش پليجو حقيقي قومپرست هو، هو سنڌ تي آيل ڪنهن به ڏکي وقت سنڌ جي عوام سان گڏ رهيو پوءِ اها سنڌ مان بدامني جي خاتمي لاءِ هجي، ڪالا باغ ڊيم جي خاتمي، ٿل ڪئنال، چشما جهلم لنڪ ڪئنال لاءِ هجي يا سنڌ مان خانگي جيلن جي خاتمي، بانڊيڊ ليبر، سنڌ مان غير قانوني طور سرڪاري زمينن جي نيلامي هاري ڪانفرنسون ڪوٺائي هارين جي حقن لاءِ علم بلند ڪيو، هي عورتن جي حقن ۾ وڌيڪ آواز بلند ڪرڻ وارن ماڻهن مان هو، ان ڪري هن پنهنجي سياسي پليٽ فارم تان سنڌياڻي تحريڪ جي نالي تي هڪ ذيلي تنظيم قائم ڪري عورتن کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ همٿايو، هن جو چوڻ هو ته عورتن کي مرد جي ڀيٽ ۾ برابري جا حق ڏيئي صنفي متڀيد ختم ڪئي وڃي، عورتن کي ڪمزور سمجهي انهن سان ظلم بند ڪيو وڃي، هن جو چوڻ هو ته عورتن کي شرعي ۽ قانوني طور پسند جي پرڻي جو حق حاصل آهي ته پوءِ ڪاروڪاري جي ڪڌي رسم ڇو؟.هن جو اهو به چوڻ هو ته حڪومتن ۾ ۽ بيوروڪريسي ۾ عورتن کي اڳيان آندو وڃي ته بدامني ۽ ڪرپشن جو خاتمو اچي ويندو، هن ۱۹۸۶ع ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو بنياد وڌو، جنهن جي پهرين صدر شهناز راهوجو هئي. رسول بخش پليجو فڪري طور ڪارل مارڪس ۽ مائوزي تنگ جو حامي هو، ان ڪري هن جي سياست ۽ سوچ جو مهور کاٻي ڌر جو رهيو، هي انهن ماڻهن مان آهي، جيڪي مذهب ۽ سياست کي ٻن ڌار ڌار رخن ۾ ڏسن ٿا، هو انتهاپسندي جو هميشه کان ازلي دشمن رهيو آهي، هن هميشه امن، پيار ۽ حق جي ڳالهه ڪئي هئي. هن جو سڀ کان وڏو مخالف اهو سچ آهي جيڪو هن هر فورم ۽ هر وقت تي چيو هو، ان ڪري هو مصالحت پسندن جي اک ۾ ڪنڊي جيان رهيو هو. ۱۹۸۸ع ۾ سائين جي ايم سيد،، ”سنڌ قومي اتحاد“ جوڙيو، جنهن جي بنياد تي ۱۹۸۸ع ۾ چونڊون به وڙهيون هيون، تڏهن رسول بخش پليجو به سنڌ قومي اتحادجو حصو هو پر سچ ڳالهائڻ جي ڪري ٿوري ئي عرصي ۾ انهي کان ڌار ٿي ويو. کاٻي ڌر سان لاڳاپيل هئڻ ڪري هن پنهنجي ڪارڪنن ۾ پڻ اها سوچ پيدا ڪئي ۽ پنهنجي ڪارڪنن ۾ اسٽڊي سرڪل کي اهڙو مضبوط ڪيو جو سندس سياسي ڪارڪن، توڙي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اهڙا پڙهيل لکيل ۽ ڀڙ هوندا هئا جو وڏن وڏن علم جي اڪابرن ۽ ڏاهن سان به بحث کان نه ڪيٻائيندا هئا. هن پنهنجي سياسي پارٽي جي پليٽ فارم تان هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ هاري تحريڪ جو ۱۹۷۴ع ۾ بنياد وڌو، جنهن جو پهريون صدر شير خان لنڊ هو، هن ۱۹۷۷ع ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ (ايس ايس ٽي) ۱۹۷۸ع ۾ سنڌي مزدور تحريڪ، ۱۹۷۸ع ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ، ۱۹۸۸ع ۾ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ ۽ ۲۰۰۳ع ۾ هندو سجاڳ تحريڪ جو بنياد وجهي زندگي جي هر شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ سياسي اتهاس پيدا ڪرڻ لاءِ شعور پيدا ڪيو. رسول بخش پليجو ۱۹۷۴ع ڌاري عوامي نيشنل پارٽي ۾ شامل ٿيو، جنهن جو صدر شيرباز خان مزاري ۽ جنرل سيڪريٽري رسول بخش پليجو هو. ۱۹۷۸ع ۾ هن نوابزاده نصر الله خان، عابد حسين منٽو ۽ ملڪ قاسم سان گڏجي ”پاڪستان عوامي جمهوري اتحاد“ قائم ڪيو، جيڪو هڪ سال هليو ۽ پوءِ انهي کان ڌار ٿي ويو، ۱۹۷۹ع ۾ پروفيسر عزيز احمد، امتياز عالم ۽ ميجر (ر) اسحاق سان گڏجي ”پاڪستان عوامي تحريڪ“ نالي پارٽي قائم ڪيائين. رسول پليجو صاحب اينٽي ون يونٽ تحريڪ کان پوءِ ٻيو اهم ۽ ڳڻائڻ وارو ڪم جنرل ضياءَ الحق جي مارشل لا جي خاتمي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت آڻڻ واري ايم آر ڊي جي هلچل جيڪا ۱۹۸۳ع ۾ شروع ٿي ۽ اها هلچل ۱۹۸۶ع تائين جاري رهي، هو ايم آر ڊي جو ڪنوينر هو. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ بيگم نصرت ڀٽو، بينظير ڀٽو، عبدالولي خان، نوابزاده نصر الله خان، معراج محمد خان ۽ ٻيا شامل هئا، ايم آر ڊي جي راولپنڊي جي جلسي ۾ رسول بخش پليجي صوبائي خودمختياري واري اهم قرارداد پاس ڪرائي، جنهن تي پيپلز پارٽي ۲۰۰۸ع وارين چونڊن کانپوءِ جزوي طور عملدرآمد ڪرايو. سائين جي ايم سيد کانپوءِ سياستدانن مان واحد رسول بخش پليجو آهي جنهن جان ۱۵ ڪتاب، سوين ڪالم ۽ مقالا شايع ٿيل آهن، جن جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو (۱) انڌا اونڌا ويڄ، (۲) صبح ٿيندو، (۳) ڌراڙن جا ڌڪ، (۴) جن جهونا ڳڙهه جلايو، (۵) سنڌي ذات هنجن، (۶) پسي ڳاڙها ڳل، (۷) ويهڻ مون نه وڙاءُ، (۸) اوهان جي پڄاڻان، (۹) ڪوٽ لکپت جو قيدي، (۱۰) وڳ ڪيئن وسرياءَ (۱۱) سياسي ادب جلد پهريون، (۱۲) سياسي ادب جلد ٻيو ، (۱۳) سياسي ادب جلد ٽيون، (۱۴) جيڪي بنگال سان ٿيو، (۱۵) هرڻ هنيلا بيٺا سو چن وغيره آهن. سندس اولاد مان اياز لطيف پليجو به نقش قدم تي هلي رهيو آهي، هو شعلا بيان مقرر، سٺو وڪيل، ڀلوڙ سياستدان ۽ پنجن ڪتابن جو خالق آهي، جنهن ۾ (۱) ٽي مسافر ٽي شهر (۲) سارون، سپنا آزادي، (۳) دنيا پنهنجي ديس پرايا، (۴) باک جي ساک، (۵) قانون سڀني لاءِ. اڄڪلهه هو سنڌ ۾ سياسي اتحاد گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جو سيڪريٽري جنرل آهي، ۲۰۱۳ع ۾ سنڌ نيشنل الائينس جو ڪنوينر هو، سندس ڀاءُ غلام قادر پليجو سياستدان، صحافي ۽ ٺيڪيدار آهي، جڏهن ته سندس ڀائٽي ۽ زرينه بلوچ جي ڌيءَ اختر بلوچ ڪتاب ”قيدياڻي جي ڊائري“ جي خالق اختر بلوچ جي نياڻي سسئي پليجو ٻه ڀيرا ايم پي اي چونڊي وئي هاڻي سينيٽر آهي. سياسي طور پاڻ ملهائي رهي آهي، رسول بخش پليجو جي ذهانت سنڌ مان نڪري پاڪستان ۽ عالمي سطح تي مڃي وئي، ۲۰۱۳ع ۾ نواز شريف سندس نالو نگران وزيراعظم لاءِ چونڊيو هو پر سياستدانن طرفان هڪ پيج تي نه هئڻ ڪري اليڪشن ڪميشن پنهنجو الڳ فيصلو ڪيو. هن جي ڏاهپ کي مدنظر رکندي عالمي يونيورسٽين هن کان ڪيترائي ليڪچر ڪرايا، جن ۾ اسيڪس يونيورسٽي انگلينڊ، جواهر لال نهرو يونيورسٽي دهلي، شڪاگو يونيورسٽي آمريڪا، ڪنگسٽن يونيورسٽي سميت ٻيون ڪيتريون ئي يونيورسٽيون آهن. هن پنج شاديون ڪيون هيون، جن مان ٽي گهرواريون وڏيون ناليواريون عورتون آهن، جن مان جيجي زرينه بلوچ، استاد، قومي ۽ لوڪ گلوڪاره ۽ ڪهاڻيڪار آهي، زاهده شيخ سياستدان، پروفيسر ۽ ڪهاڻيڪار ۽ نسيم ٿيٻو آهن.رسول بخش پليجو هڪ محب وطن شخص سان گڏ عوام دوست ۽ سنڌ دوست ماڻهو هو، هو عوام سان هر هنڌ ۽ هر مورچي تي گڏ بيٺل هوندو هو، پوءِ اهو سنڌي عوام جو اتحاد هجي، سنڌ پاڻي ڪميٽي اتحاد هجي، گريٽر ٿل ڪئنال ايڪشن ڪميٽي هجي، پاڪستان ڪسان رابطا ڪائونسل هجي، ايشيا پيسفڪ فورم هجي يا عدليه بحالي تحريڪ هجي ان ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندو هو. هن چار ڀيرا مختلف اشوز تي لانگ مارچ ڪيا (۱) ۱۹۹۲ع ۾ سکر کان ڪراچي تائين، (۲) ۲۰۰۱ع ۾ ڀٽ شاهه کان ڪراچي تائين، (۳) ۲۰۰۵ع ۾ سکر کان ڪراچي تائين، (۴) ۲۰۰۹ع ۾ ڪنڌ ڪوٽ کان ڪراچي تائين لانگ مارچ آهي. اسان ۾ ڪير به اهو فيصلو ڪرڻ کان قاصر آهي ته هو وڏو اديب هو يا سياستدان هو وڏو سماجي اڳواڻ هو يا وڪيل هو لطيف جو پارکو هو شاعر شناس هو بلند پايه نقاد هو يا قومپرست اڳواڻ هو.

رسول بخش پليجو سان ڳالهه ٻولهه
جُهور عمر تائين عوامي انقلاب لاءِ جاکوڙيندڙ عوامي تحريڪ جو سربراهه
انٽرويو وٺندڙ: ڊاڪٽر جبار خٽڪ، زاهد ميراڻي، ذوالفقار واهوچو
عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي ڪجهه اڳ ڏينهن عوامي آواز ميڊيا گروپ جو دورو ڪيو ۽ عوامي آواز ٽي وي جي پينل سان هڪ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جيڪا عوامي آواز اخبار جي سنڊي ميگزين جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿي
سوال: دنيا ۾ ايندڙ تبديلن ۽ آمريڪا جي بين الاقوامي ڪردار متعلق اوهان ڪهڙو تبصرو ڪندا؟
جواب: دنيا ۾ ڪيئي تبديليون اچي رهيون آهن ۽ انهن تبديلين کي ڏسڻ گهرجي، مثال طور دنيا ۾ پهريون دفعو هڪ احوال “ يونيورس” نالي هڪ ڪتاب ۾ آيو، اهو ڪتاب آمريڪا ۾ چپيو آهي جنهن ۾ بين الاقواميت متعلق ڪيئي اهم ڳالهيون چيون ويون آهن جن جو انسانذات سان سڌو سنئون تعلق آهي، آمريڪا هڪ مزيدار ملڪ آهي، جنهن کي دنيا جي مذهبن سان تمام گهڻي دلچسپي آهي، هي پاڻ ته آمريڪي آهن ئي ڪونه اصل آمريڪين کي ماري هو هاڻي پاڻ ئي آمريڪي ٿي ويهي رهيا آهن.  هن وقت آمريڪا جي جوڙجڪ هي آهي ته آمريڪا ۾ هن وقت جيڪا معاشي قوت آهي، اها نه ئي آمريڪي آهي ۽ نه ئي يورپي آهي، اُها فورس يهودي آهي ۽ آمريڪا وري يورپ وارن دوستن کي پنهنجو ڪيو آهي ۽ وري آمريڪا جو ٻيو ڪمال اهو آهي ته آمريڪا وري پاڻ جهڙن گنهگار کي به ڦيرائي مسلمان ڪري ڇڏيو آهي. سعودي عرب ۾ ٿيندڙ تبديليون پڻ انهيءَ رُخ ۾ ڏسڻ گهرجن، هاڻي وري ايران ڏانهن ڦريا آهن. جاپان اڳ ڏاڍو سرگرم هو پر اڄ خاموش آهي، جرمني ۽ فرانس يورپ جي دل هوندا هُئا، اهي ڪجهه وقت اڳ چين سان ڪيئي ڪچهريون ۽ رهاڻيون ڪري آيا هُئا ته هاڻي اسان کي عالمي سطح تي سوچڻ جي ضرورت آهي، هاڻي اسان کي پنهنجن ملڪن ۽ يورپ کان وڌي اڳتي وڌي عالمي سطح تائين سوچڻ گهرجي. هاڻي اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا ملاقاتون پيا ڪن، آمريڪا ۽ روس جو صدر پڻ ملاقاتون ڪري رهيا آهن، جڏهن ته شام تي پڻ حملا ٿيندا رهن ٿا. هُن جواب ڏيندي وڌيڪ چيو ته دنيا سطح تي اهو هڪ انتهائي ڪرڀ جهڙو ۽ ڪاري منهن وارو  سرمائيڪاري وارو وهنوار هلي رهيو آهي، جپان چپ ڪيون ويٺو آهي، جپان جي چيف آف آرمي اسٽاف هڪ عورت هئي. آفريڪا به هلي پيو پر نالي ماتر، دنيا جو اڳتي وڌڻ ۽ هلڻ جو اهو هڪڙو تمام ڊگهو پروسيجر آهي.
سوال : دنيا جي ان سڄي پس منظر ۾ جتي اوهان سڄي دنيا جي ملڪن جا نالا کنيا ۽ صورتحال ٻڌائي، اسان کي ٻڌائيندا ته ان سڄي صورتحال ۾ پاڪستان ڪٿي بيٺل آهي؟
جواب : مان اوهان کي ٻڌائڻ چاهيندس ته مان هن سياست واري عمل ۾ ۱۴- سالن جي عمر کان آهيان ۽ سڄو جڳ جهان ڏسي چڪو آهيان، پاڪستان کي هڪ سياسي دڪان بڻائي ڇڏيو اٿن، منهنجي عمر هن وقت اٺاسي سال آهي پر هن وقت تائين مون کي ڪوبه هڪڙو اهڙو ماڻهو نه مليو آهي جنهن چيو هُجي ته هيءَ ڳالهه پاڪستان جي ڀلي ۾ آهي، مان ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ شاگرد هوس تنهن وقت محمد علي جناح سنڌ مدرسي آيو ۽ هڪ ليڪچر ڏنائين مون ان وقت سنڌي مسلم آرگنائيزيشن جوڙي هُئي جنهن جي پليٽ فارم تان مون سندس جو اهو ليڪچر اٽينڊ ڪيو هو، جناح پنهنجي ليڪچر ۾ شاندا ڳالهيون ڪيون هيون جيڪي مون غور سان ٻڌيون ۽ پوءِ هاسٽل تي اچي جيڪي دوست ننڊ پيا هُئا، انهن کي زبردستي جاڳائي اهي ڳالهيون ٻڌايم مون انهن کي چيو ته “ليڊر ههڙا”.
سوال : اوهان سنڌ مدرسي ۾ سنڌي مسلم اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ٺاهي؟، سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيشن ڇو” نه ٺاهي؟.
جواب : ان وقت اڃان اها منزل نه آئي هُئي جتي سنڌي هڪ ٿين ۽ گڏجن، سنڌي ماڻهو ان وقت به بي مثال هئا ۽ اڄ به بي مثال آهن، ان وقت هندو سڄي هندستان سان ڳنڍيل هُئا، سڄي هندستان جا وارث هئا، انهن وٽ سڀ فورسز هئا، مهاتما گاندي هو انهن وٽ جواهر لال نهرو هو پر هتي جا سنڌي مسلمان پٺتي پيل هئا.
سوال: اوهان سياسي حوالي سان ڪافي ڪندا رهيا آهيو، ڪافي ملڪن ۾ اوهان ليڪچر پن ڪيا آهن، ڪجهه پنهنجين انهن سرگرمين متعلق پڻ ٻڌايو؟
جواب: جي مان سڄي دنيا ۾ سياسي ليڪچر ڏيندو رهيو آهيان، ان سلسلي ۾ مان اوهان کي ڪجهه اهم ڳالهيون ٻڌائيندس، مان عوامي نيشنل پارٽيءَ جو سيڪريٽري جنرل هوس ۽ ولي خان صدر، ان وقت ۾ نجيب جي افغانستان ۾ حڪومت هئي ۽ طالبان نجيب حڪومت خلاف مسلسل جنگ ڪري رهيا هُئا، اسان افغانستان پيا ويندا هئاسين اتي چانهيون پيا پيئندا هياسين. مجيب هڪڙي دفعي مون کي چيو ته يار اسان جنگ مان بيزار ٿي پيا آهيو، اسان کي ڪو بهانو ڏي ته اسين ڀڄي جان ڇڏايون، مون چيومانس ڪهڙو بهانو ڏيون، چيائين، اسان کي بهانو ڏيو ته هي جمهوري ملڪ آهي، ان ۾ چونڊون ٿا ڪرايون، ملن کي چئو ته شريعت تي اچن ۽ چونڊن ۾ حصو وٺن چونڊن ۾ ملان طالبان کٽي ويندا ۽ اسان آهيون روسي ماڻهو اسان کي ماڻهو ووٽ ڪونه ڏيندا، ملڪ ملن کي ملي ويندو ۽ مان ان کانپوءِ ملڪ واپس آيس ولي خان سان ملاقات لاءِ ملڻ ويس. کيس اچي چيم ته هيءَ جنگ بند ڪرائڻي آهي تنهنڪري اسان سان ڳالهه ٻولهه ڪريو، ولي خان اسان کي يارنهن ڏينهن پاڻ وٽ رهايو پر اسان سان ڳالهيون نه پئي ڪيون، مون کيس يارنهين ڏينهن چيو ته اسان سان ڳالهايو ڇونه ٿا پر هو اسان سان ڳالهائڻ بجاءِ هڪ همراهه سان اڱڻ ۾ ڦرندو رهيو، مون دوستن کان پچيو ته اهو همراهه ڪير آهي، دوستن چيو ته اوهان ان کي نه ٿا سڃاڻون مون چيو نه مان ان کي نه پيو سڃاڻان، دوستن چيو ته اهو آمريڪي سفير آهي.
مجيب جي ڳالهه تي ولي خان ۽ سندس ساٿارين ڪابه توجهه نه ڏني لکين ماڻهو قتل ٿيندا رهيا ۽ آخر ڪار نجيب ۽ سندس ساٿين کي پڻ ڦاهي تي چاڙهي ڇڏيائون.
– ٻي ڳالهه ته  ون يونٽ جي دور ۾ منهنجي نياڻي اختر بلوچ سياست ۾ آئي ۽ ان جيل ڀوڳيا جڏهن آزاد ٿي ته کيس ماسڪو مان دعوت آئي هوءَ روس وئي ۽ پوءِ مون کي به ماسڪو دعوت ڏئي گهرايو ويو ۽ مون وڃي اتي ليڪچر ڏنو، اتي رهن دوران جڏهن روسين سان ڳالهيون ٿيون ته انهن پڻ ڪافي تڪليف مان چيو ته بابا اسان جنگ ڪرڻ نه ٿا چاهيون اوهان پنهنجي پاڪستان جي وزير اعظم کي يورپ جي ڪنهن به ننڍڙي ملڪ وٺي اچو ته اسين ويهي ڳالهيون ٻولهيون ڪري سگهون، اسان کي لڙائي نه گهرجي جو لڙائيءَ ۾ روز روز پنج پنج سو ماڻهو مرن ٿا، اوهان جيڪو چوندا اسان اهو لکي ڏينداسين، اهي ڳالهيون اچي هتي جي حمڪرانن کي ٻڌايون پر انهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو، هُن اسان جو ڳالهيون ٻڌيون به ڪونه.
۱۹۴۷ع بعد هندستان مان جيڪي آيا انهن مان هڪڙن هتي اچي ماڻهن جو قتل عام ڪيو، خاص ڪري حيدرآباد ۾ راڄ ماڻهن جي کي قتل ڪيون اصل انهن قتل عام شروع ڪري ڏنو ۽ انهن مان ٻين وري ڪميونسٽ پارٽيون ٺاهيون ۽ اسان کي سيکارڻ لڳا ته بابا ڪميونز هي آهي هن طرح سان ڦهلبو آهي. ون يونٽ خلاف اسان ۽ رڙيون ڪيون نيٺ فيصلو ٿيو ته اهڙي صورتحال متعلق پاڪستان جي ٻين صوبن کي به آگاهي ڏيڻ گهرجي، ان بعد مون کي بنگال موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ويو ۽ مان بنگال ويس،
– ايوب جي دور ۾ ون يونٽ جي سلسلي ۾ هڪ ڪانفرنس گهرائي وئي جنهن ۾ سڀني صوبن جي نمائندن کي گهرايو ويو پر سنڌ مان ڪنهن به نمائندي کي نه گهرايو ويو، تنهن تي جي ايم سيد مون کي چيو ته اوهان اتي وڃي گوڙ ڪريو ته سنڌ مان جي ايم سيد کي گهرائي وٺو، اسان اتي اجلاس ۾ شامل هياسين ته ته هڪ نوجوان مٿي اجلاس ۾ گهڙي آيو ۽ چيائين ته مان اوهان جي انهيءَ صوبن کي بحال ڪرڻ واري تحريڪ ۾ اوهان سان گڏ آهيان، اسان ان همراهه کي ميمبر ڪيو ۽ هو وري ٻئي
اجلاس ۾ آيو ته وري چيائين ته بابا چوي ٿو ته پاڪستان تڏهن قائم رهي سگهندو جڏهن صوبا قائم نه رهندا تنهنڪري ضروري آهي ته صوبا ختم ٿين، تنهن بعد هو استعفي ڏئي هليو ويو اهو نوجوان هو ذوالفقار علي ڀٽو.
– بنگلاديش جي معاملي تي  مجيب سان به ڪيئي ڳالهيون ٻولهيون ٿيون، مجيب چوندو هو ته جڏهن اليڪشن اچي ٿي تڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ٻانهن لوڏيندو بنگلاديش ايندو آهي ۽ منهنجي اليڪشن ۾ دست اندازي ڪري مون کي وزير اعظم جي عهدي تان هٽائي ٽڪي جو ڪري ڇڏيو اٿن، مجيب چوندو هو ته کيس سمجهايو اسان سندن خلاف ناهيون مهرباني ڪري اسان جي جان ڇڏين، پر هنن ان جي جان نه ڇڏي.
– مان پنهنجين اڪثر ڳالهين دوران هڪڙي ڳالهه جو ورجاءَ ضرور ڪندو آهيان پوءِ ڪنهن کي وڻي نه وڻي اها الڳ ڳالهه آهي، ماڻهن جو خيال هو ته جناح هيڏي ساري وڏي ملڪ برصغير کي ٽوڙي ٽڪي جو ملڪ ڪري ڇڏيو، مون اها ڳالهه ممبئيءَ م هڪ ليڪچر دوران ڪئي جنهن ۾ تمام وڏا ۽ اهم ماڻهو ويٺا هُئا، مون چيو ته گانڌي ۽ نهرو برصغير کي ٽوڙڻ وارن مان هئا، مون تقرير ختم ڪئي، جنهن جي ختم ٿيڻ تي تمام گهڻيون تاڙيون وڄايون ويون ۽ واپس پنهنجي ڪمري ۾ آيس ته منهنجي پويان هڪڙو ماڻهو به آيو، مون کان پڇيائين، اوهان رسول بخش پليجو آهيو؟، مون چيومانس ها مان آهيان، مون سمجهيو کيس ڪا ڳالهه نه وڻي هوندي سو ڪاوڙ لاهڻ آيو هوندو، مون کائنس پڇيو اوهان ڪير آهيو، چيائين مان فوجي آهيان ۽ ممبئي جو ريجمينٽل ڪمانڊر آهيان، چيائين مون اوهان جي تقرير ٻڌي آهي، اوهان بلڪل به صحيح ٿا چئو، پوءِ مان پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيس ته اتي اڳ ئي ڪيتريون مايون ويٺيون هيون، هيٺان فون آيو ته اوهان سان مهمان ملڻ آيا آهن، مون وٽ اڳ ۾ ئي ڪمري ۾ مهمان هيا مان هيٺ لهي وڃي انهن سان مليس، جج هيو سندس زال به گڏ هئي، هن چيو ته اوهان سان ورهائڻ واري جيڪا ڳالهه ڪئي مان ان سان متفق آهيان. جنهن منهنجي تقرير کي پسند ڪيو هو، ان مائيءَ مون کي چيو ته جيڪڏهن اوهان مسلمان نه هجو ها ته مان اوهان جي زال لاءِ تمام گهڻا تحفا ڏيان ها، مون ڇهيو مانس، مسلمانن جو ڏوهه، چيائين هن روءِ زمين جي پنهنجي ماءُ، ڀيڻ ۽ زال ڌيءَ جي جيڪي ماڻهو عزت نه ڪندا آهن  اهي مسلمان آهن.
سوال : اوهان پنهجي دورن جي ڪا اهم ۽ خاص ڳالهه ٻڌايو جنهن اوهان کي متاثر ڪيو هجي؟.
جواب: مان اڪثر ڪري نيون ۽ ماڻهن لاءِ اڻوڻدڙ ڳالهيون ڪندو رهندو آهيان، روءِ زمين تي جيڪي به منهنجا تجربا ٿيا آهن، انهن مطابق منهنجيون جيتريون اڻوڻندڙ ڳالهيون پنجابين برداشت ڪيون آهن، اها ڳالهه منهنجي لاءِحيرت جهڙي آهي، هن وقت مان پنجابين کان سخت متاثر ۽ جهڙوڪر سندن جو مريد ٿي ويو آهيان، مون پنجابين جهڙو ماڻهو ئي نه ڏٺو آهي، باقي پنجاب جي بالا دست طبقي سان اختلاف پنهنجي جاءِ تي آهن، هُن وڌيڪ چيو ته هڪ دفعي لاهور ۾ مون کي پنجابين دعوت ڏني ۽ مان وڃي پهتس، پر اتي جماعت اسلاميءَ جي ماڻهن اچي گوڙ ڪيو ۽ چيائيون ته، رسول بخش پليجو محمد بن قاسم جي شان ۾ تقرير نه ٿو ڪري تنهنڪري کيس ڦاهيءَ تي چاڙهيو،
جماعت اسلاميءَ جي اهڙين ڳالهين تي جيڪي منهنجا پنجابي ميزبان هُئا اهي سندن سامهون سينو سپر ڪري بيهي رهيا ۽ مون انهن کي ليڪچر ڪيو، مان بعد ۾ اهو ڦاهي گهاٽ به ڏسي آيس جيڪو جماعتين مون کي ڦاهي ڏيڻ لاءِ ٺاهيو هو.
لاهور ۾ جيڪي پنجابي هوندا هئا اهي منهنجي تقرير لاءِ هر بندوبست ڪندا هئا ايتري قدر جو اهي اسپتال لاءِ اسيمبولنس به تيار رکندا هئا ته متان ڪا ايمرجنسي نه ٿي پوي، هو چوندا هيا ته اسان ڪيئي گناهه ڪيا آهن اسين چاهيون ٿا ته انهن جي تلافي ٿئي... مان پنجاپين جي اهڙي عمل تي تمام گهڻو حيران ۽ پريشان هوس ته ڇا واقعي پنجابي اهڙا ٿي سگهن ٿا..... مون پنهنجي حياتيءَ ۾ پنجابين جهڙو ماڻهو ئي نه ڏٺو آهي.
– هڪڙو هندو، جرمنيءَ ۾ رهندو هو، ان جي زال کيس چيو ته تنهنجو استاد هتان برلن ۾ تقرير ڪري ويو آهي. کيس گهراءِ ته منهنجي ڳالهه ٻڌي مان ساڻس ڳالهائڻ چاهيان ٿي؟ ان هندوءَ مون سان رابطو ڪيو ۽ مان سندس مهمان ٿيس، سندس گهرواريءَ ڪچهريءَ دوران کيس ڪمري مان ٻاهر وڃڻ جو چيو ۽ مون سان جهڙوڪر رازداريءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هُن چيو ته هٽلر جي پڄاڻيءَ بعد، جرمنيءَ جيڪي جنگي اسڪول بند ڪيا هُئا، اهي بند نه ٿيا آهن، پر انهن کي هلائيندڙن هاڻي روپ مٽائي انهن کي جاري رکيو آهي. هُن چيو ته مان پنهنجي ملڪ جي خلاف ناهيان پر مون کي خبر آهي ته اسان کٽينداسين ڪو نه ۽ عام جرمن پڻ جنگ نه ٿو چاهي. تنهنڪري تون روس کي ۽ پنهنجي قيادت کي سمجهاءِ ته هو جنگ نه ڪن. انگلينڊ ۾ به صورتحال اهڙي هُئي.
سوال: هن مشڪل صورتحال ۾ هاڻي پاڪستان جو ڇا، ٿيندو؟.
جواب : پاڪستان جو ڪجهه نه ٿيندو، بس وڪجي ويندو، هنن ۾ ڪوبه شرم ۽ حياءُ ناهي رڳو هڪ ٻئي سان حوال پيا ڪن ته تو کي گهڻيون سيٽون مليون تون گهڻا ڪمايا، انهن ۾ ڪوبه هڪڙو به ماڻهو اهڙو ناهي جنهن ۾ شرم ۽ حيا هُجي پاڪستان ۾ هينئر منهنجي عمر اٺاسي سال ٿي آهي پر هن وقت تائين مون کي هڪڙو به اهڙو ماڻهو نه مليو آهي جنهن مون کي چيو هجي ته هي پاڪستان جي ڀلي جو ڪم آهي اهو گڏجي ڪرڻ گهرجي.
سوال : اوهان سي پيڪ کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب : پاڻ خوش ٿيا ويٺا آهيو، پر هِنن سي پيڪ جا ٽپڙ کائي چٽ ڪري ڇڏيا آهن، ڪرپشن ڪري چين خلاف زهر اوڳاڇيو آهي، سي پيڪ ترقيءَ جو منصوبو آهي، اسين سي پيڪ جي خلاف ناهيون پر هِنن سي پيڪ کي سنڌ لاءِ عذاب بنائي ڇڏيو آهي.
سوال : سي پيڪ جي حوالي سان ڪيل ڪرپشن متعلق چين کي آگاهي آهي؟،
جواب: بلڪل هوندي، پر سي پيڪ جي منصوبي ۾ اسان جي همراهن جي ڪرپشن چين جي مرضيءَ سان آهي يا نه اهو نه ٿو چئي سگهجي.
سوال : چين کي اوهان ڪڏهن انقلابي ملڪ سمجهيو هو، ڇا هاڻي به چين کي انقلابي ملڪ سمجهيو ٿا؟
جواب : جي بلڪل، آهي- چين هن وقت به انقلابي ملڪ آهي.
سوال : پر چين جڏهن انقلابي هو تڏهن اُن سرمائيداريءَ جي مخالفت ڪئي ۽ هاڻي پاڻ سرمائيداريءَ کي وڌائي رهيو آهي؟
جواب : نه بلڪل نه، چين سرمائيداريءَ جي حق ۾ نه آهي، چين انهن ڏينهن ۾ ئي سرمائيداريءَ کي اهڙي نموني ايڊجسٽ ڪيو هو جو ان جي حمايت جو سوال ئي پيدا نه پيو ٿئي، هي ڪو مذهب ناهي، جو هن ۾ ڪا شيءِ جائز هُجي يا ناجائز هجي، هاڻي چين سرمائيداريءَ کي اهڙي ڪم ۾ آندو آهي جو اها سماج کي تعمير ۽ ترقي ڏئي رهي آهي.
سوال : چين اڃا انقلابي آهي، يا انقلابي رستي تان هٽي ويو آهي؟
جواب: چين هڪ سوشلسٽ ملڪ آهي اهي مذهبي نه آهن ۽ نه ئي ملان آهن جو ڪا شيءِ تبديل نه ٿئي، سوشلسٽ نظرئي ۽ سماج ۾ ايڊجسٽمينٽ ٿينديون رهنديون آهن ۽ چين به ڪيون آهن، چين جو آمريڪا سان نظرئي جو تمام وڏو تڪرار آهي پر تنهن هوندي به چين آمريڪا سان ملڻ لاءِ تيار آهي، ڏکڻ ڪوريا سان مليا آهن، جپان ۽ ويٽنام سان  تعلقات ان سلسلي ۾  بهتر ٿي رهيا آهن. چين هن وقت ٺيڪ آهن، عالمي بهتريءَ لاءِ جيڪي معيار هجڻ گهرجن اهي مجموعي طور تي بحيثيت ملڪ چين ۾ ئي آهن.
سوال: سي پيڪ جي حوالي سان هتي هڪmyth  خوف آهي ته ڪٿي سي پيڪ به انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپني نه ٿي وڃي ۽ اسين هميشه لاءِ غلام نه ٿي وڃون؟
جواب: نه نه بلڪل به نه...... چيني به انسان آهن غلطي ڪري سگهن ٿا، پر اهڙي غلطي نه ٿا ڪري سگهن... چيني سهپ واري قوم ۽ ملڪ آهي، سي پيڪ جي حوالي سان اڄ جيڪا به صورتحال آهي اها هتي ويٺل آمريڪا جي غلامن جي پيدا ڪيل آهي، هو سمجهن پيا ته ڳالهه غلط آهي پر چين برداشت ڪري رهيو آهي، چين ائين ڪڏهن به نه ڪندو..ڇاڪاڻ ته چين جرمنيءَ ۽ جاپان سان به لاڳاپا پيو رکي، آمريڪا سان لاڳاپا قائم ڪرڻ پيو چاهي، هن وقت جيڪڏهن دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ برداشت آهي ته اها رڳو چين وٽ آهي.
سوال: چين جڏهن اسان وٽ سي پيڪ جي حوالي سان اچي رهيو آهي ته اهو فقط اسان وٽ صنعت نه پيو لڳائي پر هو اسان جي ملڪ ۾ پنهنجي ملڪ جا ٻه ڪروڙ ماڻهو به آڻي رهيو آهي، جيڪي مستقل طور تي رهندا؟
جواب: سي پيڪ ترقيءَ جو منصوبو آهي، اسين ترقيءَ جا دشمن يا مخالف نه آهيون، پر جيڪڏهن چين سي پيڪ منصوبي جي حوالي سان پنهنجا ٻه ڪروڙ ماڻهو به اسان جي ملڪ ۾ آڻيندو ته اها ڳالهه غلط آهي، اسان جي ماڻهن  ته چين کي خوار ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي ڪجهه چينين سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اهي هن سڄي سورتحال مان خوش ناهن.
سوال: اسٽبلشمينٽ چيو ويندو آهي ته پنجاب جي آهي، پنجابي آهي ۽ هاڻي نواز شريف اسٽبلشمينٽ جي خلاف ٿي بيهي رهيو آهي، نواز شريف چئي ٿو ته اسٽبلشمينٽ منهنجي خلاف آهي، اوهان اهڙي سموري سورتحال کي ڪيئن ٿا ڏسو؟.
جواب: ٻئي ڳالهيون صحي آهن....،
سوال : ته... پنجابي، پنجابيءَ سان وڙهي رهيو آهي؟
جواب: ٻئي ڳالهيون صحي آهن، هن وقت مون کان وڌيڪ ٻيو ڪو ماڻهو سڄي پاڪستان ۾ نه هوندو جيڪو اسٽبلشمينٽ يا پنجاب جو متاثر هُجي، مان اسٽبلشمينٽ جي ڳالهه ٿو ڪريان عام ماڻهن يا عام پنجابين جي نه، مان عام ۽ ساڃاهه وند پنجابين جو ته اصل مريد ٿي ويو آهيان، پر پنجابين جو ۽ اسٽبلشمينٽ جي هڪ تاريخ ۽ ڪارروايون ته آهن نه ۽ اڄ تائين انهن جون ڪارروايون جاري آهن، انهن کي روڪي سگهجي ٿو، اهو ڪو لاعلاج مرض ناهي مان چوان ٿو ته ڪجهه سنڌي گڏجن، ڪجهه پنجابي گڏجن ڪجهه ساڃاهه وند گڏجن ته ڪم ٿيندو، رڳو پنجابي..پنجابي- رڳو سنڌي..سنڌي..ڪبو ته ڳالهه نه ٺهندي..اسان کي اها خبر ناهي ته سنڌي سنڌ سان ڪهڙا ڪلور ڪري رهيا آهن. اسان پاڪستان جي پاليٽڪس کي تبديل ڪري سگهون ٿا....،
سوال: نواز شريف جي اسٽبلشمينٽ خلاف ويڙهه کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: نواز شريف اسٽبلشمينٽ خلاف نه آهي، نواز شريف به اهي ڪم ڪري رهيو آهي جيڪي ڪم پاڪستان جا ٻيا وزير ۽ وزير اعظم ڪندا رهندا آهن، ملڪ ٺيهو لٽيو ڦريو، نواز شريف پاڻي ۽ ٻيا وسيلا لٽي ڦري ننڍين قوم کي ڪمزور ۽ تباهه ڪري کڏيو آهي.
سوال: پنجاب وڏو صوبو آهي ۽ هاڻي ڏکڻ پنجاب محاذ قائم ٿيو آهي، اوهان ڇا ٿا سمجهو ته پنجاب جي تقسيم ٿيندي؟
جواب: گڙ ٻڙ تمام گهڻي ٿيندي پر مون کي نه ٿو لڳي ته پنجاب جي ورهاست ٿيندي يا پنجاب ۾ سرائڪي صوبو ٺهندو، اسان ان ڳالهه جي حق ۾ نه آهيون ته پاڪستان ٽڪرا ٽڪرا ٿئي، اسان کي پاڪستان معاشي طور تي هڪ مضبوط ملڪ گهرجي، جيڪو چين سان ٺهيل هُجي، هندستان به ٺهيل هُجي، دنيا هاڻي ننڍڙي ٿي پئي آهي،  اسان جي نظر سڄي جهان تي آهي، اسين نه ٿا چاهيون ته وري شام تي حملا ٿين، وري جرمني ۽ فرانس ۾ ڪجهه ٿئي.
سوال: سنڌ جي مستقبل کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: سنڌ جو مستقبل سٺو آهي، بهتر آهي اسان آهيون تنهنڪري، جي اسان نه هجون ها ته ڪجهه به نه ٿئي ها پر اسان اٿڻ شرط سنڌ جي بهتريءَ لاءَ سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ سڄي جهان جي ڳالهه ڪئي ۽ سڄي دنيا جي مفاد سامهون رکي سنڌ جي مفاد جي ڳالهه ڪبي. اسان خود آمريڪين سان ڳالهائڻ لاءِ تيارآهيون، اسان وٽ سنڌي، نان سنڌي ڄٽڪي ڳالهه آهي، سڄي دنيا جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي.
سوال: سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ هاري تحريڪون عروج تي هيون، هاڻي نه آهن ان جو ڇا؟ سبب آهي؟
جواب: جي سٺ ۽ ستري واري ڏهاڪي ۾ واقعي به هاري تحريڪون تيز هيون، جو ان وقت حيدر بخش جتوئي ۽ ٻيا سرگرم هيا، هاڻي انهن سرگرمين جون بقايائون موجود آهن جيڪي وري اڀري رهيون آهن.
سوال: اوهان عوامي آواز ٽي وي جي ڏسندڙن ۽ عوامي آواز اخبار پڙهندڙن کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندا؟
جواب: منهنجو ته چوڻ آهي ته پاڪستان پاڪستان ڪري مري نه پئو، اوهان سڄي جڳ جهان کي ڏسو، عالمي صورتحال تي نظر رکو، مذهبن ۾ جيڪي خاميون آهن انهن کي دور ڪريو، اوهان ۾ پاڻ ۾ جيڪي خاميون آهن انهن کي ڪسي ڪوري دور ڪريو، گلوبل ليول تي سوچيو ۽ اڃان به ان کان اڳتي ٿي سوچيو، يونيورسلزم واري وسيع تناظر ۾ سوچيو.


رسول بخش پليجو
سندس جدوجهد تي هڪ نظر
مدثر کهاوڙ
رسول بخش پليجو سياسي ميدان ۾ ڪيترن ئي سياسي ڌرين سان اتحاد ذريعي جدوجهد ڪئي ۽ اها جدوجهد اڄ به جاري آهي. رسول بخش پليجو ادب جي ميدان ۾ جيڪا خدمت ڪئي آهي سا سونهري اکرن ۾ لکڻ جوڳي آهي. خاص ڪري ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن هر طرف کان شيخ اياز کي تنقيد جو نشانو بڻايو پئي ويو، تڏهن پاڻ اُنهن سڀني تنقيد ڪندڙن کي ’انڌا اونڌا ويڄ‘ جي نالي سان جواب ڏنو هو، جيڪو ادب ۾ اڄ به اوترو ئي مقبول آهي. پاڻ قانون جي ميدان ۾ به تمام وڏي جاکوڙ ڪئي اٿس. قانون جي ميدان ۾ عدالتن وسيلي ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ جي لاءِ به سندس خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. ڪو غريب سنڌ جي ڪنهن ڪنڊ مان هلي اچي رسول بخش پليجي وٽ پهچي کيس پنهنجي مسئلي بابت ڄاڻ ڏني اها ڄاڻ ٻڌڻ کان پوءِ رسول بخش پليجو بنا فيس وٺڻ جي عدالتن ۾ ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن جا مفت ۾ ڪيس وڙهيا ۽ انهن کي انصاف ڏياريا. رسول بخش پليجي سياسي ميدان ۾ هزارين نوجوانن جي تربيت ڪئي آهي. کانئس تربيت وٺندڙ ڪارڪن هميشه علم ۽ تعليم سان سينگاريل رهن ٿا. رسول بخش پليجو سنڌ جي عورتن جي حقن جي لاءِ به ڀرپور آواز بلند ڪندو رهيو آهي ۽ عورتن کي حق ڏيارڻ جي لاءِ سندس جدوجهد ڪنهن کان به ڳجهي ناهي. رسول بخش پليجو اهو سياستدان هيو جنهن ڪڏهن به اهو نه سوچيو ته ڪنهن مظاهري ۾ ڪو وڏو ميڙاڪو هجي، ڀلي ڪيترا به ماڻهو هجن پر رسول بخش پليجو ان جدوجهد يا مظاهري جي اڳواڻي ضرور ڪئي آهي. سنڌ ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجهد هجي، يا ايم آر ڊي جي تحريڪ هجي يا سنڌ ۾ ٻين عوامي مسئلن جي لاءِ جدوجهد هجي ان ۾ پاڻ ڀرپور نموني سان سچائي سان نڀايو آهي. رسول بخش پليجو سنڌ ۽ پاڪستان جو جڳ مشهور ماهر قانوندان، اسڪالر، نقاد، محقق، اديب، دانشور ۽ بزرگ سياستدان هو ۽ ان سان گڏوگڏ سياست، تاريخ، دنيا جي عوامي انقلابي تحريڪن، سياسي فڪر جي تاريخ، جنگ جي علم، سماجي سائنس، فلسفي، لطيف شناسي جو هڪ وڏو ڄاڻو پڻ هو.
رسول بخش پليجي جو جنم ۲۰ جنوري ۱۹۳۰ع تي جنگشاهي لڳ ٺٽي ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم مقامي ملان مڪتب ۽ مدرسن ۾ حاصل ڪئي. ان کانپوءِ سيڪنڊري تعيلم سنڌ مدرسي ڪراچي جهڙي مشهور درسگاهه مان پرايائين. هن قانون ۾ ڊگري سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪئي،  پاڻ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جو نامور وڪيل رهيو. هن سياست جي شروعات ۱۹۵۳ع ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي کان ڪئي. نيشنل عوامي پارٽي ۾ ۱۹۶۴ع ۾ شامل ٿيو، پر اتي قومي مسئلي کي اهميت نه ڏيڻ تان اختلاف رکندي انهن کان عليهدگي اختيار ڪئي، جنهن بعد ڪجهه عرصو بزم صوفيا سنڌ جو جنرل سيڪريٽري پڻ هو، گڏوگڏ سنڌي ادبي سنگت ۾ سرگرم رهيو، ان کان علاوه سنڌ متحده محاذ سان پڻ لاڳاپيل رهيو، پر اتي اقتداري جوڙ توڙ ۽ بي اصولي محسوس ڪندي ان کان به علهدگي اختيار ڪيائين. ان دوران سنڌ جي ترقي پسند شاعرن ۽ اديبن جي خلاف مذهبي ۽ رجعت پرست ڌرين طرفان ڪيل قلمي حملي جي بچاءِ ۾ انڌا اونڌ ويڄ جهڙو ادبي شاهڪار ڪتاب لکي مذهبي ۽ رجعت پرست ڌرين کي لاجواب ڪري پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيائين. ون يونٽ خلاف سڄي ملڪ ۾ هلندڙ جدوجهد ۾ سرگرم رهڻ سان گڏ سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف موجود نفرت کي انتهائي سرگرمي سان منظم ڪري هڪ زبردست قومي قوت جي شڪل ڏيئي، هڪ تاريخي ٻڌي قائم ڪرائي ون يونٽ ختم ڪرائڻ ۾ مکيه ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيائين. ۴ مارچ واري جدوجهد ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪيائين. ۱۹۷۰ع جي چونڊن کان پهرين ووٽر لسٽون فقط اردو ۾ هونديون هيون ان خلاف زبردست هلچل هلائي ووٽر لسٽون سنڌي ۾ شايع ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ۵ مارچ ۱۹۷۰ع تي  ڪجهه هم خيال دوستن سان گڏجي عوامي تحريڪ جو بنياد وڌائين. ۱۴ مارچ ۱۹۷۰ع تي نيلا بند ڪريو تحريڪ هلرائي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن جو نيلام بند ڪرايائين. بنگال جي آپريشن خلاف جيڪي بنگال سان ٿيو ڪتاب لکي بنگالي عوام سان ٿيل ظلم جي داستان کي سڄي دنيا آڏو نروار ڪيائين. ۱۹۷۰ع جي شروعات ۾ سنڌي عوام کي عالمي انقلابي ادب سان گڏ قومي، طبقاتي ۽ سياسي شعور ڏيڻ لاءِ تحريڪ پبليڪيشن جاري ڪيائين ۽ سنڌي عوامي ڪتاب گهر جو بنياد وڌائين. ان ئي سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيو ان لاءِ زبردست جدوجهد هلايائين، ۱۹۷۵ع ۾ بلوچ ۽ پختون اڳواڻن خلاف حيدرآباد سازش ڪيس ۾ بلوچن ۽ پشتونن جي وڪالت ڪيائين ۽ سندن سياسي ۽ اخلاقي مدد ڪيائين. جنهن جي نتيجي ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت کيس گرفتار ڪري جيل ۾ قيد ڪيو. ان دوران ڀٽي خلاف پي اين اي جي تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي جنهن تي پليجي صاحب جيل مان ڇوٽڪاري نالي پمفليٽ لکي پي اين اي جي تحريڪ جي مخالفت ڪرڻ سان گڏ ڀٽي جي طرز حڪمراني تي تنقيد ۽ سنڌي عوام کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جو سڏ ڏنو. جڏهن جنرل ضياءِ ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري آمريت قائم ڪئي ته ضيائي مارشالا خلاف پليجو صاحب سڄي ملڪ جي کاٻي ڌر جي ترقي پسندن کي هڪڙي پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جي مهم شروع ڪيائين. جنهن جي نتيجي ۾ عوامي جمهوري اتحاد ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي نالي سان ٻه کاٻي ڌر جا اتحاد قائم ٿيا. جنرل ضياءِ جي دور ۾ جڏهن ميڊيا تي سخت سينسرشپ عائد هئي تڏهن پاڪستان جي ٻن وڏين صحافتي تنظيمن ايپنڪ ۽ پي ايف يو جي جدوجهد شروع ڪئي ته پليجي صاحب ۽ فاضل صاحب  صحافتي تنظيم جي مدد ڪئي. جنهن ۾  عوامي تحريڪ ۽ سنڌي هاري تحريڪ جي سوين ڪارڪنن ريگل چوڪ ڪراچي ته صحافين سان گڏ گرفتاريون ڏنيون. اها جدوجهد ضيائي مارشلا جي خلاف پاڻي ۾ اڇلايل پهريون پٿر ثابت ٿي. تاريخ ۹ آڪٽومبر ۱۹۷۹ تي ضيائي مارشلا دور ۾ شهيد فاضل راهو جي ڳوٺ راهوڪي ۾  لکين سنڌي هارين جو جلسو ڪيو، جنهن ضيائي مارشالا کي رد ڪيو.  ان جلسي کان پوءِ پليجي صاحب کي جنرل ضيائي حڪومت گرفتار ڪيو. ضيائي مارشالا خلاف ايم آر ڊي کي جوڙڻ لاءِ بي انتها ڪوشش ڪيائين، ايم آر ڊي ۾ پليجي صاحب ۽ ان جي پارٽي عوامي تحريڪ تاريخي ۽ شاندار ڪردار ادا ڪيو، عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جا سوين ڪارڪن جيلن ۾ قيد ٿيا ۽ ڪوڙا کاڌا. جمهوريت جي بحاليءِ لاءِ ٿيل جدوجهد جنهن ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي ٻهراڙين ڀرپور حصو ورتو، ان سموري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. نيٺ جنرل ضياءِ مجبور ٿي محمد خان جوڻيجو کي پاڪستان جو وزيراعظم مقرر ڪيو. عوامي حقن ۽ جمهوريت جي بحاليءَ جي لاءِ جدوجهد جي سبب ساڍا ڇهه سال لاڳاتار ڪوٽ لکپت ۽ ٻين جيلن ۾ رهڻ ڪري پليجي صاحب کي ايمنسٽي انٽرنيشل ضمير جو قيدي قرار ڏنو. تاريخ ۶ جولاءِ ۱۹۸۶ع تي ايم آر ڊي جي مرڪزي ڪنوينر طور پنجاب جو دورو ڪري ضيا جي آمريت ۽ جرنيل شاهي خلاف ڀرپور موقف رکيو ۽ ايم آر ڊي مان اها قرارداد پاس ڪرائي ته مرڪز وٽ فقط چار کاتا هوندا ۽ ٻيا اختيار صوبن کي ڏنا ويندا.


رسول بخش پليجو
اسان جو جينيئس
نور الهديٰ شاهه
قومن تي هڪڙو دور خاموشي، مايوسي ۽ بي حسيءَ جو به ايندو آهي. هر فرد الڳ الڳ زهر جو پيالو پي سمهي پوندو اهي، چسڪي چسڪي زهر پي ڦڙو ڦڙ، جيئڻ وارو عمل به اچي ڄڻ پڄاڻيءَ تي پهچندو آهي. شهر پنهنجي اندر ۾ ڄڻ قبرستان بنجي ويندا آهن ۽ اها آڪسيجن ڇڪيندڙ لاش، مايوسي ڀيانڪ حقيقت جيان اگهاڙي ٿي وچ چوڪ تي اچي بيهندي آهي ۽ اميد ڪنهن هڪ سوال جو روپ ڌاري سگهندي آهي. اهڙين حالتن ۾ ادب ان سوال جو جواب ڳولڻ وارو ڪم ڪندو آهي ۽ جواب ڳولڻ پنهنجي جاءِ تي هڪ نئون سفر آهي نئين صبح ڏانهن- بلڪل ائين جيئن آپگهات ڪري مرندڙ شخص کي جيارڻ جي آخري ڪوشش پوري سگهه سان ڪبي آهي. تاريخ ۾ جيڪڏهن خودڪشي ڪري مرندڙ يا قتل ٿيل قومن ٻيهر جيئڻ جو ساهس ماڻيو آهي ته ان جي پويان انهن جي ادب جو وڏو حصو رهيو آهي.
(اها ڳالهه ان بحث کانسواءِ آهي ته خود ادب جو هڪ قطعي ٻيو ڪردار ۽ استعمال جي نوعيت رهي آهي، جيڪا پڪ ته نيگيٽو آهي.) ساڳي وقت مٿين حالتن ۾ ادب سرجندڙ اديب جو ڪردار به بنهه حساس ۽ ان شخص جهڙو رهيو آهي، جيڪو ڍال آڏي ڍارڻ کانسواءِ ڀالا کڻي ڀاڪرئين وڙهي ٿو. ڪهڙا ڀاو هن کي سک چين تياڳي پنهنجو پاڻ اڀن ڪاون تي گهلڻ تي مجبور ڪن ٿا. ان سوال جو جواب تاريخ ۽ سماج جي پس منظر ۾ ڪيترو به پهاڙ جيڏو لڀندو هجي پر بنهه نازڪ ۽ احساساتي جواب اهو به آهي ته اهو ڏات ڌڻي ان سچائي جي هٿن ۾ بيوس ٿيو پوي، جيڪا پنهنجي اظهار لاءِ کيس چونڊي ٿي. هر دور جي هر سچ کي پنهنجي اظهار لاءِ ڪنهن شخص جي گهرجي هوندي آهي. شخص جنهن جي رڳ رڳ ۾ دل ڌڙڪندي هجي، سچ ان شخص کي ڳولي لهي ٿو ۽ ان کانپوءِ شخص ان سچ جي پويان سک چين تياڳي ان انت ويڙهه ۾ وڙهندو لڀندو، جيڪا تاريخ جي ڦهلاءُ ۾ اڃا پڄاڻي کي ناهي پهتي.
انهي پس منظر ۾ مون شاعري جا هي ترجما پڙهيا آهن، سوال جيڪو ترجما پڙهندي هر هر منهنجي ذهن ۾ اڀري ٿو ته اهي ڪهڙا ڪارڻ آهن، جيڪي هڪ حساس اديب کي سياست جي استيج تي آڻي بيهارين ٿا ۽ اهي ڪهڙا ڪارڻ آهن، جيڪي سياست جي اسٽيج تي بيٺل شخص کي هر هر ادب سان ڳنڍي رکڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا.
اهي اسان جا سماجي، سياسي ۽ ادبي تضاد آهن، جيڪو به جينيئس شخص انهن تضادن جي وچ ۾ ڊوڙي ٿو، وڙهي ٿو ۽ اڌ پنڌ ۾ مارجي ٿو وڃي اڪثر. اڌ پنڌ ۾ مارجي وڃڻ ايڏو ڇرڪائيندڙ ڪونهي نه ئي ايذائيندڙ آهي، جيڏو جينيئس شخص جو اهو احساس ته قوم کي اڃا هو بي حسي ۽ مايوسي جي موت جهڙي ننڊ مان جاڳائي نه سگهيو آهي يا قوم اک کولڻ لاءِ تيار ئي ناهي.
اهي ڏاڍايون پيڙا ڏيندڙ حالتون آهن، بنهه گهڻو ٿڪائيندڙ تڏهن به سنڌ جي متيءَ منجهه ڪجهه اهڙي سگهه سمايل آهي، جو سنڌ جو جينيئر ايترو جلد ٿڪجي نٿو. اڌ پنڌ ۾ آڻ مڃي نٿو. پوري سگهه سان سچ جو اظهار ڪري ٿو. جيترو ان جي سگهه کي ٽوڙڻ جا جتن ڪيا ٿا وڃن، ايتري شدت سان هو نوان رستا ڳولي ٿو. راهون سرجي ٿو. پراڻن بند رستن تان ڪنڊا ۽ ڪاوا ميڙي ٿو، سختي سان پڪڙيل در ۽ دريون کولڻ لاءِ ۽ ٻاهرين تازي هوا کي اندر آڻڻ لاءِ ۽ نئين سگهه سان نئون ساهه کڻڻ لاءِ ۽ ”اڃا اسين زندهه آهيون“ جو اعلان ڪرڻ لاءِ.
پليجي صاحب کي مون انهيءَ پس منظر ۾ پڙهيو، ڏٺو ۽ ٻڌو آهي. آئون جڏهن ترجمن کان پهرين پليجي صاحب جي شاعري پڙهان ٿي ته سچ پچ مون کي حيرت ٿئي ٿي. شاعري تي نه، اظهار جو وسيلو چونڊڻ تي. سگهه تي نه. سگهه جي جمالياتي اظهار تي. احتجاج تي نه. احتجاج جي نفاست تي. اها نواڻ ۽ سونهن سنڌ جي جينيئس لطيف کان ٿيندي اچي تڏهن به نئين ۽ ڇرڪائيندڙ آهي.
گورنمينٽ ڪاليج لاهور جي اسٽيج تي جڏهن مزاحمتي سنڌي ادب تي ليڪچر ڏئي لٿي هئس. تڏهن هال مان هڪڙي اسٽوڊنٽ اٿي بيهي مون کان پڇيو هو ته ”مزاحمتي ادب ڏانهن سنڌي اديبن جي لاڙي ڪري انهن مان جمالياتي حس ختم ڪا نه ٿي ويندي؟“
چيومانس ”ڇوڪري! تون جيڪڏهن سنڌي شاعري پڙهي سگهين ته تو تي اهو حيرت انگيز انڪشاف ٿيندو ته اسان جي مزاحمت ۾ به جماليات آهي.“
ساڳيو احساس مونکي پليجي صاحب جو نظم ”اوهان جي پڄاڻان” به پڙهندي ٿئي ٿو. ان کان هڪدم پوءِ جڏهن آئون ”چلڪڻا لانگ بوٽ“ پڙهان ٿي ته اهو احساس نه رڳي حيرت مان پر وڏي سگهه سان ماڻيان ٿي ته سچ هر سطح تي ڳالهائي سگهجي ٿو.
”هي اهي ڪاريگر زبانون آهن،
جيڪي ڪالهه
تو مون سان گڏ
جلسن ۽ جلوسن ۾ ٿاڻن ۾ بند وارڊن ۾
قوم ۽ ڌرتي دين ۽ مذهب
۽ جمهوريت ۽ سوشلزم جا
اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي
اقتدار جي ايوان کي ڏڪائينديون هيون
۽ جيڪي سڀاڻ وري به
اهي نعرا هني
پاڻ ۾ گهربل تاثير پيدا ڪري
پريئن وري اچي
رات پيٽ ۾
يا ڏينهن ڏٺي جو
هنن لانگ بوٽن کي چٽي ههڙو صاف ۽ چلڪندڙ رکڻ جي ڪاريگريءَ جي ڪرت ۾ جنبي وينديون.“
انهيءَ نظم جو حوالو ڪنهن حوالي طور مون نه کنيو آهي. ان جي اهميت نه رڳو خيال جي اظهار ڪارڻ ۽ فني لحاظ کان آهي پر اهميت ان شخصي ڪميٽمينٽ جي ڪري وڌي وڃي ٿي، جيڪا شاعر جي هڪ ليڊر جي حيثيت سان، ڌرتي ۽ ڌرتي واسين سان آهي. اها ڪميٽمينٽ حيران ڪندڙ ان لاءِ آهي ته اسين کڻن نعرن ۽ تقريرن تي پلجڻ واري قوم واعدا وچن ٻڌي ٻڌي نستا ٿي پيل سچ پنهنجي ڪنهن ليڊر جي واتان ٻڌندي ڄڻ آڪسيجن جي بوند ساهه جي نليءَ ۾ لهندي محسوس ڪندا آهيون.
مون مٿي جن تضادن جي ڳالهه ڪئي آهي جن کي ڪو جينيئس شخص پار ڪري سگهي ٿو. ساڳين تضادن ۾ اها قوم الجهي اٽڪي بي يقيني جي ڪيفيت ۾ ڦاسي پوندي آهي. ان ڪيفيت جي آخري نقطي تي قوم کي سچ پچ ته اٽي لٽي ۽ اهي کان وڌيڪ سچائي جي ضرورت هوندي آهي، جيڪا انفرادي طرح قوم جي هر فرد جي زبان کي ڇهي سگهي، ڄڻ فرد پاڻ ڳالهايو آهي.
سنڌي شاعري ۾ لطيف کان هيل تائين وک وک تي ان جا مثال لڀن ٿا پر سنڌي سياست ۾ نه.
ان کانپوءِ هن مجموعي ۾ شامل ترجما آهن، بظاهر ادب ۾ ترجمي جو ڪارڻ ان ٻولي ۾ سوچ ۽ فڪر جو واڌاو ۽ نون لاڙن ڏانهن ان ٻولي جو رخ موڙڻ هوندو آهي. جنهن ۾ ترجمو آندو پيو وڃي.
پر ان جا، ان کان به وڌيڪ گهرا ۽ احساساتي ڪارڻ هوندا آهن، ٻولي جنهن ۾ ترجمو آندو پيو وڃي، ان ۾ ايڏو ڦهلاءُ هجي. جنهن ۾ ٻاهرئين ادب جا لفظ سمائجي سگهن. ان ڌرتي جو سياسي، سماجي ۽ احساساتي مزاج اهڙو هجي، جيڪو نه رڳو ان ترجمي کي قبول ڪري پر ان کي پنهنجو اظهار سمجهي. نه ته ترجمو محض ترجمو آهي، جن سان بڪ اسٽال ۽ لائبريريون ڀريون پيون آهن.
هتي پليجي صاحب حافظ جا جيڪي شعر ترجما ڪيا آهن، انهن جي انتخاب ۾ مون کي اها ڳالهه خاص ڪري محسوس ٿي. اهو احسا ته حافظ جي اظهار ۽ احساس کي سنڌي ٻولي جو ويس پهرائيندي پليجو صاحب نه رڳو سنڌي ادب ۾ واڌارو آڻي ٿو پر اها سوچ، سگهه ۽ آواز ڏي ٿو جنهن کي هو پاڻ پنهنجي اندر مان اظهار ڏيڻ ٿو چاهي. مزاج جي هڪجهڙائي نه رڳو آواز۽ سوچ کي پر پيڙا محسوس ڪرڻ واري وارتا کي ٻن مختلف ٻولين سان لاڳاپو رکندڙن جي اندر مٽي ۽ پاڻي جيان جذب ٿي ڪري.
”شمع وانگر تنهنجي وصل جو پروانو ان کي ملندو
جيڪو تنهنجي تلوار جي هيٺان
هر گهڙي نئون نئون سر رکندو.“
يا
”جيڪو مايوسي جي غم کان ڊڄي ٿو
ان جو عشق حلال نه آهي.“
يا
جيتوڻيڪ کولي ٻڌايل ڳالهيون
دل ۽ دماع کي روشني بخشين ٿيون
پر جيڪا روشني بي زبان عشق ۾ آهي
سا دنيا جي ٻي ڪنهن ڳالهه ۾ نه اهي.
مون کي پليجي صاحب جي لفظن ۾ حافط جو خيال ۽ لهجو بنهه اوپرو نٿو لڳي، جڏهن آئون لطيف کي پڙهان ٿي. ان لاءِ آئون سر ڪلياڻ کان ڪيڏارو تائين سفر ڪريان ته شاهه جو رسالو سمورو عشق جي فلاسافيءَ جا حيرت ۾ ٻوڙيندڙ انڪشاف ڪندو ملندو، پر مزاج جي اها هڪجهڙائي پليجو صاحب ئي ڳولي سگهي ٿو. پنهنجي ٻولي ۽ ادب جون گهرجون محسوس ڪرڻ وري کولي ان کي ٻاهرين هوا ۾ ساهه کڻڻ ڄو ساهس ڏيئڻ جو عمل اهڙو ئي شخص ڪري سگهي ٿو جيڪو پنهنجي قوم کي ڪنهن بيلٽ باڪس تي تڳڻ لاءِ محدود ڪرڻ بدران ان کي ذهني طرح سان جيئرو ۽ سگهارو رکڻ چاهيندو هجي.
ان کانپوءِ ساڳي نوع ۾ جڏهن ويٽنامي نظم پڙهجن ٿا ته پنهنجي ئي ڌرتي تي پنهنجا پير محسوس ٿين ٿا. شعوري طرح سان انهن نظمن جو انتخاب به سنڌي قوم جي ذهني ارتقا لاءِ ڪيل ٿو ڏسجي. ان ۾ به مزاحمت ۽ جماليات جو احساس ائين ٿو ملي جيئن سنڌ جي مٽيءَ ۽ شاعري ۾ اڳهين سمايل آهي. اسان جا خواب اسان جون پيڙائون اسان جا آدرش ۽ احساس پنهنجي اندر ۾ ڪيڏي آفاقيت رکن ٿا، ڪيئن اهي باقي دنيا جي مظلوم قومن، انهن جي ويڙهه، انهن جي پيڙاهه جي سفر ۾ همسفر بڻجي پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ قوم جي بچاءُ ۽ بقا لاءِ انهن سان ڳنڍيل آهن. اهو احساس اهي ترجما پڙهندي وڌيڪ پختو ٿئي ٿو.
اهو بلڪل ائين آهي جيئن پنهنجي قوم کي دريءَ کان ٻاهر جو منظر ڏيکاريندي ڌنڌاڙيو وڃي، اٿو، اٿو، ڏسو، اوهان به وڙهو، اوهين به وڙهو، وڙهو، وڙهو، وڙهو....
اوهان جي پڄاڻا ۾ شامل انگريزي ۽ روسي نظمن جا ترجما به ساڳي پس منظر ۾ ورتل آهن ۽ والٽ وٽمئن جي نظم ”ڏسيو منهن ڦيرايو ڇڏيان“ جي آخري سٽن جهڙي ڪيفيت جي شديد ري ايڪشن کانپوءِ چونڊيا ويا آهن.
”آئون، اڪڙ باز ماڻهن جون،
مزدورن، غريبن، ڪاريءَ چمڙيءَ وارن شيدين ۽ ٻين هيڻڻ سان
بيعزتيون ۽ عقوبتون ڏسان پيو
اهو سڀ ڪجهه
آئون ويٺو ڏسان
۽ ماٺ ڪريو ويٺو آهيان.“
طوفان کان پهرين واري اها ماٺار ئي ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي، ان بي پناهه اظهار جو جيڪو مجموعي ۾ پليجي صاحب جي لفظن ۾ وک وک تي ملي ٿي. ماٺ سان هڪ جينئس شخص جو سهمت نه ٿي سگهڻ. آواز ان کي جاڳائڻ... آوازن کي هتان هتان ميڙي ڪٺو ڪرڻ. انهي آس تي ته اڏامڻ جو پهريون ڀڙڪو کائيندڙ اواز منهنجي قوم کي اگهوڙ ننڊ مان جاڳائي سگهي.
هن مجموعي ۾ ان کانسواءِ عربي ۽ پشتو شاعري جا ترجما پڻ شامل آهن پر ان سموري ڦهلاءُ کي محدود لفظن ۾ سمائڻ ائين ئي آهي جيئن سمنڊ کي ٻڪن ۾ ڀرڻ.
ان سموري جموعي ۾ پليجي صاحب جو سچ سان ساٿاري ٿيڻ جو احساس ملي ٿو. اسان سان ٽريجڊي اها رهي آهي ته اسان جا جذباتي تضاد اسان کي ذهني ويڙهه ۾ اڪثر پوئتي ڌڪين ٿا.
انهي جو وڏو ڪارڻ اسان جو سوچ ۽ فڪر کان الڳ ٿلڳ رهڻ اهي. اسان جو سمورو انقلاب سموري سجاڳي جلسن ۽ جلوسن تائين محدود آهي. اسين ڪهڙي اوڙاهه ۾ ڪرون پيا، ان جو احساس به بي حسي ٿي چڪو آهي. سچ آهي ته جيڪا قوم ذهني طرح سان مزاحمت نه ٿي ڪري جنهن جي احساسن مان رت جي بوءِ سونگهي سونگهي سونهن ۽ سوڀيا کي محسوس ڪرڻ جو خيال به مرڻ لڳو هجي. جنهن کي ڪنهن ٻولي جو نعرو وات ۾ ڏئي هٿ ۾ ڪورو ڪاڳر ڏنو ويو هجي ۽ ڪڙهڻ جو ساهس جنهن جي رڳن ۾ زندهه باد ۽ مرده باد جي نعرن سان هوريان هوريان سمهاريو ويندو هجي، انهي قوم جي هٿن ۾ هٿيار ڪنهن خودڪشي لاءِ ڏئي سگهجي ٿو، پنهنجي بقا ۽ بچاءُ لاءِ نه.
انهي پس منظر ۾پليجي صاحب جا ترجما، سندس پنهنجا نظم ذهن جي سوڪهڙي تي برسات جي شروعاتي بوندن جيان ڪرن ٿا. ڄڻ مٽيءَ جي خوشبوءِ اچي ٿي ۽ آئون گهرو ۽ تازو توانو ساهه کڻان ٿي. اسان جي ذهني ارتقا لاءِ اهو رسو صهيح ڏس ڏانهن وڃي ٿو. اهو ئي اسان جي مزاج ۾ آهي ۽ اسان جي مزاج کي سمجهندي اسانجي مٽي ٻيهر ڳوهڻ جو ڏوهه ڪري.


رسول بخش پليجو
انساني  سماج جو هڪ انمول ڪردار
ايڊوڪيٽ ڪوثر ڦلپوٽو
انسانن جي تاريخ تي نظر ڦيرائڻ سان معلوم ٿيندو ته روءِ زمين جي تاريخ ۾ ڪجھ اھڙا املھ انسان به پيدا ٿيا آھن جن نه صرف پنهنجي زندگي بدلائي پنهنجي ھڪ الڳ سڃاڻپ ۽شناخت پيدا ڪئي پر پنهنجي سماج، ماڻھن، قوم ۽ هر مظلوم ۽ محڪوم طبقي جي زندگي ۾ ھڪ نئون جوش ۽ جوت پيدا ڪئي۔
انهن املھ ماڻڪ موتين ۾ اسان جو رھبر سنڌ ۽ ايشيا جو عظيم ڏاھو رسول بخش پليجو پڻ نمايان حيثيت رکي ٿو.
سنڌ جھڙي پوئتي پيل، ننڍڙي ۽ اڪيلي سماج ۾ پليجو صاحب جھڙي منفرد ڪردار، جاکوڙي رھبر، ڏاهي ۽ فطرتا غير معمولي ماڻھوءَ جو پيدا ٿيڻ ھڪ وڏي خوشنصيبي آھي۔
پليجو صاحب نه صرف پاڻ پنهنجي مزاج ۾ غير معمولي ماڻھو هو پر هو غير معمولي شين، ماڻھن، شاعرن، اديبن، اڳواڻن ۽ معاشرن جو پڻ عاشق هو. ھر اها شيءِ جيڪا مختلف ۽ نرالي هجي پليجو صاحب کي پسند هئي.پليجو صاحب سچو انقلابي هر حال ۾ پنهنجي مقصد سان سچو رھڻ، ڪتابن سان بي انتها چاھ رکڻ پاڻ ته علم جو سمنڊ ھو پر پاڻ سان گڏ پنهنجي ڪارڪنن کي ۽ سڄي سنڌ جي نوجوانن کي هميشه پڙھڻ ۽ پڙھائڻ جي تلقين ڪندو رهندو هو۔
ادب، شاعري، موسيقي، عورتون، ٻار ۽ نوجوان پليجو صاحب جي جدوجھد جا مکيه پھلو ھئا. پليجو صاحب جي جدوجھد جو رنگ پنهنجي ٻين همعصر اڳواڻن کان نرالو آ جيئن لطيف جو رنگ نرالو آ ايئن ئي انقلابي تاريخ ۾ پليجو صاحب جي جدوجھد به ٻين همعصر اڳواڻن کان نرالي ۽ پراثر آھي۔
پليجو صاحب نه صرف مخصوص موقعن تي ماڻھو گڏ ڪيا پر ھن جھرجھنگ وڃي ماڻھن جي انقلابي تربيت پڻ ڪئي ۽ خاص ڪري عورتن جي نه ته جنهن سماج ۾ اسان رهون ٿا اتي جي عورتن ۾ سياسي شعور ۾ پيدا ڪرڻ هڪ وڏو عظيم ڪارنامو آھي.سنڌ جي ٻھراڙي جون ڪيتريون ئي ڇوڪريون جيڪي ڪڏهن پنهنجن ڳوٺن کان ٻاھر نه نڪتيون ھجن انهن کي ڳوٺن مان کڻي قومي اسٽيج تي آڻڻ ۽ ايئن ڪيترن ئي سنڌ جي نياڻن کي قومي سڃاڻپ ڏيڻ پليجو صاحب جو ئي credit آھي۔
اڄ سنڌ ۾ جيڪي عورتون پنهنجي حقن لاء آواز اٿارن ٿيون، عورت مارچ، جلسا، جلوس ۽ آزادي جا مارچ ڪن ٿيون اها سڄي پليجو صاحب جي inspiration آھي ڇو ته سنڌ ۾ سڀ کان پهريان عورتن جي organised تنظيم سنڌياڻي تحريڪ ئي آھي جنهن سنڌ جي عورتن کي جدوجھد جي آسمان تي پهچايو۔
سنڌ جي عورت لاء پليجو صاحب وٽ تمام وڏو ڪينواس هو.هو سنڌ جي عورتن کي پاڻڀرو ۽ اوچو ڏسڻ چاهيندو هو. ھڪ دفعو مان پليجو صاحب سان ملڻ D_۱۰ تي ويس هن مونکان پڇيو “تون ايل ايل بي ۾ داخلا ورتي؟”
مون چيو اڃان ڪو نه؛ مان IBA ۾ سي ايس ايس جي تياري پئي ڪيان انکانپوء ڏسنداسين۔
چيائين اها به ڪر پر ايل ايل بي ضرور ڪر ڇو ته مان چاهيان ٿو هي هڪ ڪوثر جج به ٿي، وڪيل به ٿي، استاد به ٿي، سي ايس ايس به ڪري، ڊاڪٽر به ٿي انقلابڻ به ٿي جدوجھدون به ڪري جھرجھنگ وڃي ماڻھو ميڙي شعر پڙھي وطن ۽ قوم لاء زندگي وقف ڪري ڇڏي۔
هي صرف هڪ ڪوثر جي ڳالھ نه آھي ڇو ته استاد انفرادي هڪ ماڻھو لاء نه پر سڀن ماڻھن لاء سوچيندو هو۔
سڌر سين سڱ ڪري پر کنڊين پياس
نه ته ڪير برهمڻ ڪن جي ڪهه ڄاڻي ڪيڻاس
هونئن نه سنڌ سياس هن پرين ڪيس پڌري.
پليجو صاحب سنڌ جو سج هو، پليجو صاحب سنڌياڻي جو سچ ھو، اڄ جڏهن مان استاد لاءِ لکان پئي ته لفظ ساٿ نه پيا ڏين شايد مان ڪڏهن ان تي ڪجھ وڌيڪ بهتر لکي سگھان ڇو ته هينئر منهنجي دل درد سان ڀرجي وئي آ، اسان جو رهبر مخلص، جاکوڙي، مهربان ۽ شفيق انسان هو. ان جي واٽ ۽ لاٽ ھميشه ٻرندي رهندي انجي ورن وڪڙن واري، اڙانگي ۽ مسلسل جدوجھد هميشه جاري رهندي۔۔
اڄ پليجو صاحب جي وڇوڙي جي ڏينهن تي استاد سان ڪيل وچن هنن لفظن ۾ ورجايون ٿا۔
شڪست موت کي ڏيون
الوٽ مست ٿي جيئون
قضا تي ٽھڪ ڏئي کلون،
جي هي آسمان لڏي ته ڇا
جي هي زمين ڌڏي ته ڇا
رکون ٿا بي ڊپيون دليون،
اسان جو عزم آ تيزرو
متان لتاڙجي پئو
ھٽي وڃو اي منزلون،
جھان جو غم ڪريون ڪٺو
بخاري کي ته سڏي وٺو
مچائجن ڪي محفلون،
وڌي اچو اي مشڪلون
ته شوق سان ڳلي ملون۔۔۔۔۔۔۔

رسول بخش پليجو
ٻي ورسيءَ جي مناسبت سان گهڻ رُخي شخصيت
ريحانه بلوچ
محترم رسول بخش پليجو سنڌ جو مشهور قانوندان هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ جو باشعور، عوام دوست، وطن دوست سياستدان، تاريخدان ۽ گهڻ پاسائي شخصيت هو. پاڻ ۲۰ جنوري ۱۹۳۰ع تي جنگشاهي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. هن شروعاتي تعليم مقامي اسڪول ۽ مدرسن ۾ حاصل ڪئي ۽ قانون جي اعليٰ ڊگري سنڌ مسلم لا ڪاليج مان حاصل ڪيائين ۽ سنڌ جو نامور وڪيل ثابت ٿيو. سنڌ سان محبت هئڻ جي ڪري سنڌ جو ڪيس پاڻ وڙهيائين ۽ سنڌ ڌرتي جي ڪيترن ئي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌي عوام کي شعور ڏنائين ته جيئن سنڌي عوام پنهنجي قوم جي ڦٽل نصيب کي سنواري سگهي. انهيءَ لاءِ هن سنڌي عوام لاءِ هڪ سچي پچي وطن دوست، عوام دوست انقلابي تنظيم عوامي تحريڪ جوڙي ۽ عوامي تحريڪ سندس ئي جدوجهد جو ثمر آهي. هي هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي، جتان سنڌي ماڻهن لاءِ علم، ادب ۽ شعور جا خزانا ڦهلايا وڃن ٿا ۽ هن بگڙيل سماج کي سنوارڻ ۽ واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. سماج جو بگاڙ ۽ اڻبرابري هزارن مسئلن کي جنم ڏئي ٿي جيئن علم جي کوٽ، بک، بدحالي، غربت، بيروزگاري، ڏاڍ، ڦرلٽ، قبيلائي ۽  جاگيرداري نظام، سرمائيداري نظام ۽ عورت دشمن مدي خارج ريتون، رسمون ۽ رواج جن جي ڌٻڻ ۾ عوام هر طرف کان ڦاٿل نظر اچي ٿو. سمجھ، شعور ۽ تربيت جنهن ڏني اهو رسول بخش پليجو صاحب هو. پاڻ مظلوم قومن، طبقن ۽ عوام جي لاءِ ٿيندڙ جدوجهد جا مرڪز هئا.
سڌريل معاشري لاءِ ضروري هوندو آهي ته قوم باشعور، پڙهيل لکيل ۽ اتان جا حڪمران پورهيت دوست هجن ۽ هر هنڌ هر ماڻهو کي خيالن جي اظهار جي آزدي ملي سگهي. جتي علم جا سمنڊ هجن هر ماڻهو کي علم هجي، شعور هجي، روزگار هجي. جتي ڦرلٽ نه هجي، زور ذبردستي نه هجي، جتي جاگيرداري نظام جو ڪو نالو نشان نه هجي. پليجي صاحب موجب ته:
“حيات جو هي حڪم آ ته ڊاهيو پوءِ ٺاهيو،
دٻاءُ ڦر ۽ رهزني جا کيل سڀ بگاڙيو،
خزان کي جو پناهه ڏي سو باغ ئي اجايو،
خزان سان گڏ خزان جو گهر به پيا جلائيندا اچو”
پليجو صاحب جي چيل هن نظم مان ئي ان جي اعليٰ سوچ، فڪر ۽ آزاد خيالي جي خبر پوي ٿي ته هو واقعي هن بگڙيل سماج مان بيزار هو ۽ ان جي جاءِ تي هڪ روشن خيال سماج اڏڻ جو خواهشمند هو. هن صرف پنهنجي خواهش ظاهر ناهي ڪئي پر ان کي گهڻي حد تائين عملي جامو به پارايو ۽ ان عملي جامي جو ئي نتيجو آهي جو ڪيترائي ماڻهو جيڪي اڄ ان جي اعليٰ آدرشن جي پوئيواري ڪن پيا ۽ ان جي ڏسيل واٽ تي ثابت قدم هلن پيا ۽ ان جي فڪر کي ڦهلائين پيا.
“ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا،
ھن گھايل ڌرتي جي سيني تي،
اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا،
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي
۽ دنيا کي بدلائي ٿي.”
رسول بخش پليجو صاحب به اهڙن ئي تاريخ ساز ماڻهن مان هڪ هو، جيڪو گھڻ پاسائي ۽ گوناگون شخصيت هو. وٽس سدائين علم، دانائي ۽ نون خيالن کي حاصل جو اٿاهه جذبو ۽ اڃ هئي ۽ پنهنجي علم جي اڃ اجهائڻ لاءِ دنيا جهان جو علم پيو پڙهندو هو ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن کي پڻ اتساهيندو رهندو هو. پوءِ ڀلا اهڙا ماڻهو ڪيئن ٿا مري سگهن، جيڪي پنهنجي پوري زندگي وطن دوستي، عوام دوستي، پورهيت دوستي ۽ روشن  خيالي ورڇيندي گذاري ڇڏين. اهڙا ماڻهو ته زنده رهن ٿا پنهنجن اعليٰ آدرشن ۾، روشن خيالي ۾، پنهنجي ڏسيل واٽن ۽ نظريي ۾ ۽ مظلوم عوام جي سينن ۾ سدائين زنده رهن ٿا.
رسول بخش پليجو ۷ جون ۲۰۱۸ع تي جسماني طور اسان کان وڇڙي ويو پر پنهنجي عمل، فڪر، واٽ نظريي ۽ هن سماج کي بھتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي حصي جي ڪيل عملي جدوجهد جي ڪري هو محب وطن، باضمير ۽ بااصول انسانن جي دلين ۽ عمل ۾ اڄ به زنده آهي، ڇاڪاڻ ته هو مظلومن، هارين ۽ پورهيتن جو اڳواڻ هو ۽ عوامي اڳواڻ ڪڏهن ناهن مرندا. جيئن ته ۷ جون ۲۰۲۰ع تي پليجو صاحب جي ٻي ورسي آهي، پر ان ڪورونا سبب عوامي تحريڪ طرفان وڏو جلسو يا اجتماع نه ڪرڻ جو ۽ سادگي سان ورسي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي اڳواڻ کي ڪا ڀيٽا ڏيڻ چاهيون ٿا ته انهن جي لاءِ هن ڀيٽا کان وڌيڪ ڪائي ڀيٽا نه هوندي ته “اسان عملي طور ان جي ڏسيل واٽ، نظريي، فڪر ۽ سياسي دڳ تي هلون ۽ ان جي خيالن ۽ شخصيت کي اجاگر ڪريون. هن جي خوابن کي ساڀيان ڏيون جيڪي هن مظلوم قومن ۽ مظلوم طبقن لاءِ پنهنجي اکين ۾ سجايا هئا ۽ هڪڙي انصاف ڀري، خوشحال، امن ۽ پنهنجائپ واري دنيا قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪريون.

رسول بخش پليجو پڄاڻان قيادت جو قال
ڊاڪٽر ايوب شيخ
سنڌي ماڻھن جي جنمي، تاريخي ۽ اصلي روين پٽاندڙ اھا خبر ڪنھن کي به ڪانه ھئي ته جناب رسول بخش پليجي وئي پڄاڻان ليڊرشپ جو قال ايئن محسوس ٿيندو، جيئن اڄ ٿي رھيو آھي. ايستائين جو، جڏھن ڪنھن به وڏي مسئلي تي ڪمپيوٽر ۽ سوشل ميڊيا جون ديوارون واڪا ۽ وراڪا ڏين ٿيون، وڏو طوفان کڙو ڪن ٿيون، تڏھن ڪابه تنظيم ۽ ڪوبه ڍانچو پنھنجو آواز پيدا ڪري پنھنجي وجود جو ڏس پتو به نه ٿو ڏئي.
ڪجھه ماڻھن جو خيال آھي ته سنڌ ۾ ٽي سياسي ڌارائون آھن، جيڪي وھندي وھندي ھاڻ سڪي ٺوٺ ٿي ويون آھن. جناب ذوالفقار علي ڀٽو، جناب جي ايم سيد ۽ جناب رسول بخش بخش پليجو. انھن ٽنھي شخصن جي پٺيان ٽي نظرياتي ليڪون آھن، حالانڪه شخصيتون انھن ليڪن جي پٺيان ھجڻ گھرجن ھا. سو اسان جي سياست . “جيئي ڀٽو ...  کان .. تنھنجو رھبر منھنجو رھبر... . کان ٿيندي... . رھبر سنڌي قوم جو... ” تي پوري ٿئي ٿي. ھڪ ڄڻو پاور پاليٽڪس ۾ ذھين ھجڻ ڪري موجود رھيو ۽ ٻيا ٻه ڄڻا اھو ھنر نه ڄاڻڻ جي ڪري پس منظر ۾ رھيا. ڪجھه ماڻھن جو خيال آھي ته، جي ليڊرشپ پاور-پاليٽڪس سان ليکي ۾ آندي وڃي ته پوءِ سنڌين ۾ قائداعظم ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کان وڌيڪ ٻيو ماڻھو پيدا ئي نه ٿيو آھي، باقي جيڪي به آھي اھي بھترين “ٽريڊ يونين” جو متبادل چئي سگھجن ٿا.
ساڳئي ئي نموني سنڌي ماڻھو پنھنجي ليڊرشپ جي کوٽ تي پنھنجو پنھون پاڻ ٿيڻ بدران اھا ڳالھه چوندي ٻڌا ويندا آھن ته ڪاش ! اڄ فلاڻو ھجي ھا ته اسان جو ھي حشر نه ھجي ھا، فلاڻو ھجي ھا ته اسان جي داد رسي ٿئي ھا، فلاڻو اڃا ۱۰ سال عمر جو ننڍو ھجي ھا ته فلاڻا فلاڻا سنڌ دشمن ڪم ٿيڻ کان اڳ اسان جا دشمن سوچين ھا.
جناب رسول بخش پليجي تي جيڪڏھن ڪا وڏي ۾ وڏي تنقيد بيھندي ته ان نموني جي بيھندي ته سندس وئي پڄاڻان جو پلان ھن جي تنظيم وٽ موجود ئي ڪونھي.اھا ڪا گھٽ ڳالھه نه ھوندي. پر اڄ اسان سندس ٻئين ورسيءَ جي موقعي تي ھن جي سياست جي ڪجھه اھم پھلوئن تي لکڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
جناب رسول بخش پليجو ، سنڌ جي سڀيتا مان نڪتل ھڪ اھڙو سياسي اڳواڻ آھي، جنھن پنھنجي سياست ۾ پنھنجي ڳالھه کي وڏا جھيڙا ڪري مڃايو. پارٽي جي اندر به ۽ پارٽيءَ کان ٻاھر به. ھن جو حاصل ڪيل علم ھن جو خزانو ھيو، ان تي کيس بانور ھيو، اھو سندس وڏو ھٿيار ھيو.
آئون ذاتي طور سمجھان ٿو ته ھن جي سياسي ڄمار ۾ ڪيئي پنڌا اھڙا آھن جيڪي ھن ڪندي ڪندي اھو سوچيو آھي ته اھي اجايا ويا ۽ سجايا ثابت نه ٿيا آھن. پر انھن پنڌن ڪندي ھن جي پيرن ۾ جيڪي لڦون پيون آھن سي، ھن کي سبق سيکارڻ لاءِ ڪافي آھن. انھن سورن ۽ سبق ٻنھي گڏجي ھڪڙو نئون پليجو پيدا ڪيو آھي جيڪو مقابلا ڪندو ڪندو وکون ڀريندو اڳتي وڌنڌو آيو آھي.
پناھگير پرديش مامرو ۽ نئون نظريو:
جناب پليجي کي سياست سيکارڻ وارا ٻه ٽريڊ يونين اڳواڻ نبي احمد ۽ عصمت ڀاڀا ھيا. جن کيس ترقي پسند نظرئي جي باري ۾ اوائلي سبق پڙھايا ھئا. اھي ٻيئي اردو ڳالھائڻ وارا ھجڻ ڪري پليجي صاحب کي ٻه فائدا پيا. ھڪ، سندس اردو ادب جي رنگيني ۽ “اعليٰ منزلت” جو احساس ڏنو ويو، جنھن کيس امير خسرو ۽ غالب کان واقفيت ڪرائي ان کي ازبر ياد ڪرايو . ٻئي پاسي اعليٰ منزلت ۽ Superiority کيس اردو سياست ۾ موجود ساڙ ۽ نفرت جا سڀ اوتارا گھمائي ڏيکاريا. ھن جي پيش ڪيل “پناھگير پرديش”۽ “مھا اردو دانيءَ” جھڙين ڳالھين انھن سمورن ماڻھن کي خبردار ته ڪرايو پر پاڪستان ٺھڻ کان ۲۰ھين سال اندر پناھگيريت جا سمورا رنگ ۽ ان جا ٻين پناھگيرن سان اتحادي مامرا سامھون آڻي ڇڏيا. جناب پليجي جو مھا پناھگيريت خلاف جيڪي شعور آھي، اھو پٿر تي اڪريل ھڪ اھڙي لڪير آھي جو ھو ھجي نه ھجي، ھن پٺيان ايم ڪيو ايم جي ڪنھن به پاليسي تي سنڌي عوام توڙي پاڪستان جو سياسي ڪارڪن رسول بخش پليجي صاحب جي ڏنل ان ھنر کي ياد ڪري ٿو.
مھا قوم پرستي عرف وطن دشمني:
مثال طور؛ ھو جي ايم سيد سان گڏجي سياست ڪري ٿو. مارشلا جي سختين جو توڙ ڪري سيد، پليجو ۽ اياز گڏجي “بزم صوفياءِ سنڌ” ٺاھين ٿا. جتي ماڻھن جا انبوھه ڏسن ٿا، اتي گڏجن ٿا. اتي خطاب ڪن ٿا. ڪوشش ڪن ٿا ته ماڻھو ھنن جي ڳالھه ٻڌن، مارشلا کي ڌڪ لڳي. انھن ڪوششن ۾ کيس سيد جي قومپرستي ۾ وڏيرڪي ملاوٽ نظر اچي ٿي. جا ھن کي پري ڪري ڇڏي ٿي. جناب جي ايم سيد کان رسول بخش پليجي جھڙو ۽ جيڏو وڏو سياسي پڙھيل ماڻھو ڌار ٿي وڃي ٿو، ان موقعي تي پليجو صاحب قومپرستي بدران وطن دوستي ۽ وطن دوستي ۽ ھٽلريت ۾ فرق ڪري ٿو. اھو جھيڙو سندس زندگيءَ تائين رھيو. اھو سياسي مخالفت جي حد تائين ھجي ھا، يا جھيڙي جي حد تائين، يا سياسي دشمني جي حد تائين؟ انھن ٽنھي قسمن جي باري ۾ تاريخ فيصلو ڪندي، پر پليجي صاحب کان پوءِ قومپرستي يا ته وڏو سوال ئي رھي يا وري جمھوريت مخالف خانداني مامرو !
نقلي ترقي پسند نظريو:
ھن سان ۶۰ع جي ڏھاڪي ۾ نواب خير بخش خان مري مليو. ان کان اڳ ھو ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو چڳ وڍيو ڪارڪن ٿي چڪو ھيو. ھڪ ڀيري ٻنھي کيس ٻڌايو ته ھو ٻيئي (مري ۽ جتوئي) ڪميونسٽ پارٽي جا ميمبر ٿيڻ کان ٽاريا ويا ۽ چيو ويو آھي ته اسان جو طبقاتي مزاج ڪميونسٽ نه ھجڻ ڪري ميمبرشپ نه ٿي ملي سگھي.
پليجي صاحب ڪميونسٽ پارٽي جي ڪمن ڪارين، انھن ۾ موجود ڀارتي ملاوٽ ۽ ڀارتي روين جي احساسن توڙي مڪاني قومن ۽ ماڻھن کان نفرت جھڙن جذبن تي مسلسل لکيو. ھن جي لکڻين ۾ شاھه به ھيو ته غالب ، خسرو به ھيو تھ رومي به، تنھن ڪري سندس لکڻيءَ کان انڪار جو سوال ئي نه اٿيو ۽ سوال رڳو اھو اٿيو ته “ڇا ڪميونسٽ پارٽي نسلن جا ماڻھو کڻي يا ڪميونسٽ کڻي؟” ان تي وڏو شور اٿيو، ان طوفان ۾ پليجي صاحب سندن ڀارت مان آندل ڀارتي ڪميونسٽ پارٽي کي پاڪستاني بڻائڻ تي زور ڏنو، ايستائين جو فيض احمد فيض پاران بنگالين خلاف بيان ڏيڻ وارن اشوز تي ھن رڻ تپائي ڏنو. ھلندي ھلندي، ڳالھه ان ھنڌ تي پھتي ته “ڪميونسٽ پارٽي” ھتان جي ماڻھن جي سياست نه ٿي ڪري.
جناب رسول بخش پليجي جو ٻيو اھم ڪارنامو ليکي سگھجي ٿو، سو آھي سنڌي وڏيري جي شاندار وطن دشمني ۽ مھا غداري تي ٻڌل دلال ڪردار کي وائکو ڪرڻ.
سو جناب رسول بخش پليجي مھا پناھگيريت، مھا ترقي پسندي، مھا قومپرستي ۽ مھاوڏيرڪين جون جيڪي وصفون ڏنيون، اھڙيون وصفون سياسي پٿرن تي اڪريل وصفون آھن، جيڪي ڪير به ڪڏھن به ڊاھي نه ٿو سگھي.
اڄ جيڪا ماٺ آھي، ان ۾ سمورا ذڪر ڪيل “مھا” توڙي پليجي صاحب جي پنھنجي تنظيم به خاموشيءَ جي ڪاڳر ۾ ويڙھيل ڏسجي ٿي، ان حالت لاءِ پليجي صاحب به ڪڏھن نه سوچيو ھوندو.
ھڪ ڏينھن ادي نورالھديٰ شاھه ڳالھين ۾ پئي چيو ته “اڄ ۲۰۲۰ع کان ۳۰ سال اڳ، پليجو صاحب پيدا ٿئي ھا ته شايد اسان جو ڀلو ٿئي ھا”

رسول بخش پليجو
تاريخ ساز شخصيت
انجنيئر سھيل اڪبر مينڌرو
رسول بخش پليجو ننڍي کنڊ جي گهڻ رخي، تاريخ ساز ۽ قدآوار شخصيت رهيو آهي. پنهنجي دور جو يگانو ڪردار سنڌ صوبي جي جنگشاهي ضلعي ٺٽي جي ننڍڙي ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ ۲۱ فيبروري ۱۹۳۱ع تي علي محمد پليجي جي اڱڻ ۾ اک کولي. ٺٽي مان نڪري سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ داخل ٿيو. جتي هن کي بهترين استاد مليا. جن ۾ سنڌ جو وڏو عالم ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو صاحب، غلام حسين سومرو، مسٽر ٿامس جيڪو ان وقت سنڌ مدرسي جو هيڊ هو. ۽ ايس ڪي جهڙن بهترين استادن جي سرپرستي هيٺ رهي ڪري تمام گھڻو فيضياب ٿيو. هتي (سنڌ مدرسي ۾) پليجي صاحب جي فڪري ۽ ذهني تربيت ٿي. جنهن ۾ محمد ابراهيم جويي صاحب جو نمايان ڪردار رهيو.
سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي مان چڱي ۽ ٺوس محنت سان گڏ مئٽرڪ ۽ انٽر پاس ڪري سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي ۾ ايل ايل بي ۾ داخلا ورتائين. هو شاگردي واري دور کان ئي ادب جي تقريبن هر پهلو تي رواني سان ڳالهائي ۽ چڱي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سگهندو هو. هو ادبي بحث مباحثن ۾ خاص حصو وٺندو هو. هو پڙهائي سان گڏوگڏ معاشي حالتن جي مسئلن جي حل لاءِ ڌنڌو به ڪندو رهيو. اهڙي طرح وڪالت جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ باقاعدي وڪالت ڪرڻ شروع ڪئي. رسول بخش پليجي جو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چوٽي جي وڪيلن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن قانون جو تمام ڳوڙهو مطالعو ڪيو ۽ پوءِ وڪالت واري وقت چڱي پريڪٽس ڪري پاڻ کي نامور وڪيل طور مڃرايو.
وڪيل سان گڏوگڏ هو تمام گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. ناليوارو قانوندان، اديب، دانشور، ليکڪ، شاعر، مترجم، ڪالم نگار، نقاد، چوٽي جو مقرر هئڻ سان گڏ متحرڪ ۽ سگهارو سياسي اڳواڻ هو. هو لطيف شناسي ۾ پڻ پنهنجو مٽ پاڻ هو.
جکرو جس کرو، ٻيا سڀ انيراءَ،
جيائين جڙيو جکرو، تيائين نه ٻيا،
مٽي تنهن ماڳا، اصل هئي ايتري!
هو جڏهن لطيف تي ڳالهائيندو هو ته منجهس مهراڻ جي موج جيان شعور ليئا پائيندي محسوس ٿيندو هو. هُن پنهنجي سموري زندگي لطيف جي فڪري مطالعي، حوصلي ۽ جستجو تحت گذري آهي. تڏهن ئي هُن هميشه بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇلائي جمودي نظام کي ٽوڙڻ ۽ موڙڻ جي سوچ رکي هڪ نئن سماج اڏڻ جو قائل رهيو. ڪڏهن به هٿ ٺوڪيل رسمن رواجن ۽ من گهڙت قانونن کي هرگز قبول نه ڪيو. سندن چوڻ هو ته “توهان ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه، نظريي يا قانون کي جيئن جو تيئن قبول نه ڪيو بلڪه ان کي هر حوالي سان سوچي، سمجهي ۽ ڏسي پوءِ قبول ڪيو.”
هو سنڌ جو سقراط ۽ مظلوم ماڻهن لاءِ مائوزي تنگ هو. چين جي تاريخ ۾ سرمائيداري، جاگيرداري ۽ وڏيرشاهي نظام خلاف جيڪو مائوزي تنگ وڙهيو، لانگ مارچ ڪيا ۽ جيڪو نسل پيدا ڪيو. اسان وٽ سنڌ جي تاريخ ۾ ان پايي جو ماڻهو رسول بخش پليجو ئي ٿي سگھي ٿو. هو پاڻ سان هڪ مڪمل تحريڪ ۽ هڪ شاندار ڪاروان هو، جنهن سنڌ جي جهر جهنگ ۾ شعوري چڻنگ ٻاري پنهنجو نور نچوئي تاريخ ۾ امرتا ماڻي آهي. سنڌ ۾ مارڪسزم، لينن ازم، هوچي منهه، ارنيسٽو ‘چي’، مائوزي تنگ جهڙن بي باهه ڪردارن کي نه صرف متعارف ڪرايو پر سنڌي ماڻهن توڙي نئين نسل ۾ شعور پيدا ڪري زنده قوم هئڻ جو ثبوت پڻ ڏنائين.
هي شخص تمام اڏول، نڊر، اڻٿڪ ۽ ارڏو انسان هو.
پليجي صاحب جي ادبي اوسر هونئن ته ۴۶-۱۹۴۵ع کان ٿي چڪي هُئي. هن جو پهريون آرٽيڪل ڪشمير تي لکيل سنڌ مدرسي واري دور ۾ “الوحيد” اخبار ۾ ڇپيو هو. هو ورهاڱي جو اکين ڏٺو شاهد هو انڪري ورهاڱي بابت هي پاڪستان جي تاريخ کان ڪافي الڳ چوندڙ رهيو آهي.
هن جي سياسي اوسر ۱۹۵۳ع ۾ سنڌي هاري ڪاميٽي کان ٿي. تنهن کانپوءِ ۱۹۶۴ع ۾ نيشنل عوامي پارٽي ۾ شموليت ڪيائين. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ ڪنوينر به رهيو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪافي عرصو جيل ۾پڻ رهيو. جي_ايم سيد جي جوڙيل بزم صوفياءِ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. ان سان گڏ سنڌي ادبي سنگت ۾ به سرگرم ۽ متحرڪ رهيو. آخر ۾ ٻيون سڀ تحريڪون ڇڏي ۵ مارچ ۱۹۷۰ع تي پنهنجي الڳ پارٽي جو “سنڌي عوامي تحريڪ” جي نالي سان بنياد وڌو ۽ اڳتي هلي عورتن، هارين، شاگردن ۽ نوجوانن کي اڳتي اچڻ لاءِ لبيڪ چيو ۽ انهن کي هر ڪار آمد اسپيس ڏني. سنڌياڻي تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ، سنڌي هاري تحريڪ، سجاڳ ٻار تحريڪ، سنڌي گرلز اسٽوڊنٽ تحريڪ جهڙا محاذ شامل آهن.
ان کانپوءِ پاڻ باقاعدي ميدان ۾ لهي پيو ۽ سماج ۾ عملي ڪمن جي شروعات ڪجھ هن ريت ڪيائين. زمينن جي نيلامي خلاف “نيلام بند ڪريو تحريڪ”، سنڌ جي پاڻي تي شيطاني وار “ڪالاباغ ڊيم” خلاف تحريڪ هلائي، گريٽر ٿل ڪئنال تحريڪ، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو، شهري دهشتگردي خلاف تحريڪ، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادي خلاف تحريڪ، ٿر ۾ گوڙاڻي ڊيم خلاف لانگ مارچ، ٿرڪول پراجيڪٽ ۾ مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪرڻ خلاف تحريڪ سان گڏ سنڌ جي هر ننڍي وڏي مسئلي تي اٿي کڙو ٿيو ۽ عوام سان گڏ روڊن تي نڪري بيٺو. هن سکر کان ڪراچي تائين ۽ اسلامڪوٽ ٿر کان ڪراچي تائين پيدل تاريخي لانگ مارچ ڪري سنڌ جو حلالي پٽ هئڻ جو ثبوت ڏنو. سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي خلاف پڻ سگهارو آواز بڻجي وڙهيو. مذهبي انتشار ڦهلائيندڙ ڪٽر ۽ جنوني ٺيڪيدارن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي پنهنجي عقل ۽ شعور سان ٽوٽا چٻايا. ۱۹۷۳ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي تشڪيل ڏنل آئين تي هڪ تفصيلي ۽ تنقيدي مضمون لکڻ ڪري ڊي پي آر تحت ۱۱ مهينا جيل ۾ قيد رکيو ويو.
۱۹۷۸ع ۾ ڀٽي صاحب کي ڦاسي جي سزا ملڻ وقت پليجي صاحب کي ۶ مهينا جيل ۾ بند ڪيو ويو. ۱۹۷۹ع ۾ ڀٽي کي ڦاسي ڏيڻ وقت به پليجي صاحب کي ۶ مهينا جيل ۾ بند ڪيو ويو. ياد رهي ته ذوالفقار علي ڀٽي کي مليل ڦاسي جي سزا خلاف محترمه بينظير ڀٽو صاحبه کي هڪ جٽادار تحريڪ هلائڻ وارو تصور به پليجي صاحب پيش ڪيو. چيو هئائين ته “تون لک ماڻهو گڏ ڪر ۽ ان ۾ ڏهه هزار ماڻهو آئون ٿو ڏيان ۽ پاڻ هڪ تحريڪ ٿا هلايون جنهن جي اڳواڻي آئون پاڻهي ڪندس. جيڪڏهن ضياءَ گولي هلائي ته سڀ کان پهرين اها مونکي لڳندي.” پر محترمه اها ڳالهه نه مڃي هن جا شايد ٻيا ڪي سبب هوندا.
ادبي دنيا ۾ پليجو صاحب عالمي سطح جو ادب پڙهي ويٺو هو. پاڻ هڪ ڀيرو سنڌ ٽي وي تي ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي صاحب سان ڪنهن پروگرام ۾ چيو هئائين ته “آئون عالمي ادب ۽ عالمي شاعري جو تمام گهرو ۽ سنجيده شاگرد آهيان، عالمي ادبن جون تاريخون منهنجو سبجيڪٽ آهن. لاطيني، يوناني، سنسڪرت، چيني، عربي، فارسي، اهي منهنجا اسپيشل سبجيڪٽ آهن، انهن تي آئون ليڪچر ڏيندو آهيان.” ان سان گڏ هو جيڪڏهن انگريزي ڳالهائيندو هو ته انگريزي کي پاڻي جيان پيئندو ويندو هو. مطالعي جي حوالي سان شروع شروع ۾ اسلامي ڪتاب پڙهيائين. پوءِ لوڪ قصا، ڪهاڻيون، ڏيپلائي صاحب جي داستانن کان ويندي ٺٽي ۾ رهڻ دوران هندي، بنگالي ۽ دنيا جي ٻين ٻولين مان ترجمو ٿيل ڪتاب پڙهيائين. سنڌ مدرسته الاسلام وارو دور مطالعي لاءِ سونهري دور رهيو. هتي انگريزي ادب، روسي ادب، فرانسيسي ادب، جرمن ادب ۽ گڏوگڏ دنيا جي عالمي ڪلاسيڪل ادب جو گهرو مطالعو ڪيائين.
سي پُوڄارا پر ٿيا، سمنڊ سيويو جن،
آندائون عميق مان، جوتي جواهرن،
ڪانهي قيمت تن، ملهه مهانگو تن جو.
پنهنجي گهري مطالعي جي بدولت پليجي صاحب جيڪي سنڌي ادب کي ڪتاب ڏنا اهي سنڌي ادب ۾ قابل فخر آهن. هن ڪتاب جي سنڌي تنقيدي ادب ۾ هڪ منفرد ۽ الڳ سڃاڻپ آهي. ان سان گڏ پليجي صاحب جا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب موجود آهن، جن ۾ “ انڌا اونڌا ويڄ”، “صبح ٿيندو”، “ڌراڙن جا ڌڪ”، “جن جهونا ڳڙهه جلايو”، “سندي ذات هنجن”، “انڌا اونڌا ويڄ”، “پسي ڳاڙها گل”، “ويهڻ مون نه وڙاءُ”، “اوهان جي پڄاڻان”، “ڪوٽ لکپت جو قيدي” (جيل ڊائري)، “وڳ ڪيئن وسريا”، “سياسي ادب ٽي_جلد”، “هرڻ هٺيلا بيٺا سوچن”، “تاريخ تراشيندڙ” وغيره شامل آهن.
انهيءَ سان گڏ “مائوزي تونگ”، “هوچي منهه جي آتم ڪهاڻي”، “جيڪي ٿيو بنگال سان ٿيو”، “آندائون عميق مان” (عالمي شاعري جا ترجما)، ۽ ٻيا ڪيترائي ٻين ٻولين جا شاڪار ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪيو. هن سڄي سنڌ ۾ اسٽڊي سرڪلس هلائي ٻارن، شاگردن ۽ نوجوانن کي سياسي، سماجي ۽ فڪري تعليم سان گڏ لطيف شناس بڻايو ۽ شعور ڏنو. آخر ۾ هي اڻٿڪ انسان، ڪڏهن به مايوس نه ٿيندڙ، برجستو، يگانو عالم، تاريخدان، لطيف جو پارکو، سنڌ جو عاشق، سنڌي جديد ۽ ڪلاسيڪل ادب ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرائيندڙ، بهترين نقاد، چوٽي جو وڪيل، ڪالم نگار، مقرر، نثرنگار، سياسي اڳواڻ رسول بخش پليجو صاحب ساهه ۽ ڦڦڙن جي بيماري سبب ۽ گهڻو وقت طبعيت ناساز رهڻ ڪري ۷ جون خميس واري ڏينهن ۲۰۱۸ع تي ۸۸ سالن جي عمر ۾ موڪلائي ويو.
رسول بخش پليجو
سياست ۽ جدوجھد ۾ گھڻ پاسائون ليڊر. – ۷ جون تي ورسي جي مناسبت سان
مختيار شاھنوازاڻي
رسول بخش پليجو سنڌ جو جيئنس دماغ ھو. سياستدان، فلسفي، دانشور، نقاد، ڏاھو، قانوندان، مقرر، ڪھاڻيڪار، شاعر، موسيقڪار ۽ جدوجھدن جو سالار ليڊر ھو. ھن جي سياست ۾ جدوجھد جون خوبصورتيون رھيون آھن، جن سنڌ ۾ سياسي، جھموري، علمي ۽ انقلابي سجاڳي آندي. رسول بخش پليجي سنڌ جي جاگيردارانه ۽ غلامانه سماج جي اوندھ اونڌڪار واري ماحول ۾ سنڌي عوام جي ذھنن ۾شعور جون روشن مشعلون ٻاريون ۽ سنڌي عوام کي سياسي جدوجھد جي طور طريقن سان علم، دليل جي بنياد تي سائنسي طرح ھٿيار بند ڪيو. عوامي تحريڪ، ھاري تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ جھڙيون سگھاريون تنظيمون ٺاھي، جديد انداز ۾ تاريخي سياسي جدوجھدون ڪيون، پاڻي جي اھم مامري تي ڪالاباغ ڊيم خلاف ڊگھا لانگ مارچ، عورتن جي حقن جي دادرسي ۽ ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سياسي طرح متحرڪ رھيو. رسول بخش پليجي سنڌ ۾ سياسي جدوجھد جا نوان نڪورا ڍنگ ڏنا. سنڌ ۾ ھاري ڪانفرنسون، جشن لطيف ۽ سياسي جلسن جلوسن جي سنڌ کي انقلابي امنگ ڏني. رسول بخش پليجو، سائين جي ايم سيد ۽ ولي خان سان به سياست ۾ گڏ رھيو. رسول بخش پليجي انکانپوءِ الڳ سياست جو آغاز ڪيو، جنھن ۾ شھيد فاضل راھو، قاسم پٿر، چاچا حفيظ قريشي، شير خان لُنڊ، قاضي غفار ابن حيات رشيد ڀٽي تائين اڻڳڻيا نانءَ آھن، جن جون محنتون ۽ ڪاوشون رسول بخش پليجي جي جدوجھد جو ڳَرُ رھيون.
اھي روشن ستارا ڪردارن جي صورت ۾ سنڌ جي اُفق تي چانڊاڻ ڪن ٿا.۽ انھن ڪردار جي ساٿ سان رسول بخش پليجي اتر سنڌ کان لاڙ ۾ راھوڪي تائين عوام دشمن قوتن کي للڪاريو ۽ سنڌ ۾ عوامي، جھموري ۽ انقلابي جدوجھدن جي ميدان ۾ ڪاھي پيو. لطيف چواڻي
ڪاري ڪڪر ھيٺ، مون جھيڙيندا ڇڏئا
ڪارا ڪُند ھٿن ۾، اڙل وڇيرا ھيٺ
ٿي تنين سين ڏيٺ، موٽڻ جنين ميھڻُون.
رسول بخش پليجي جي ڳالھائڻ ۽لکڻ ۾ ھڪڙي نيئن سرت ۽ لاجڪ ھوندي ھئي، جڏھن ھي شاھ سائين جي گنج کي سرن جي سلسلي ۾ کڻندو ھو ته تلفظ ۽ شرح ۾ الڳ ٿلڳ سوچ جھلڪا ڏيندي ھئي، ڀٽائي جي فڪري پيغام تي ڏاڍو گھرو سوچيندو ھو.ھي عاشق مزاج ماڻھو شاه جي شاعري جي احساساتي ڪيفيتن ۾ ويندي،سر سامونڊي جا وڻجارا، پڳھ،ور ۽ نارين جي اَکا وجھڻ وارين وارتائن ۾ گم ٿي ويندو ھو.ته پو سمنڊ سياحت جون پسار ڪٿائون ھنکان ڪو ٻُڌي.
وڻجاري  ماءُ، وڻجارو نه پليئين
آيو ٻارھن ماھ، وڃڻ جون وايون ڪري.
کاري  کيڙائو،  مٿي مٺي  موٽيا،
سودو ڪن نه سون جو، وڏا وھائو،
موتي جي مھراڻ جا، تن جا طاماعو،
سامونڊي سائُو، لنڪا  لوپي آئيا. (شاه)
منھنجي ذھن جي اسڪرين تي اھو سوال ڦرندو رھيو آھي ته شاھ سائين جي شاعري جي احساسن کي گھرائپ سان پسندي رسول بخش پليجو لکت جي صورت ۾ڪو ڪتاب نه ڏئي سگھيو ڇو!!؟ ھونئن ته صبح ٿيندو، اوھانجي پڄاڻا، سندي ذات ھنجن، انڌا اونڌا ويڄ، پسي ڳاڙھا گل، وڳ ڪيئن وسريا، جن جھونا ڳڙھ جلايو، جيڪي بنگال سان ٿيو، وھڻ مون نه وڻائو، جي تون چورين چنگ، ڪوٽ لکپت جو قيدي، ھرڻ ھٺيلا بيٺا سوچن، ڌراڙن جا ڌڪ، ڳالھيون ڳنوارن جون، مائوزيتنگ، ھوچي منھ جي آتم ڪھاڻي، تنين ماڻڪ ميڙيا، تاريخ تراشيندڙ ۽ سنڌ پاڻي ڪيس، تائين ڪافي سگھارو لکيو آھي، جيڪو سنڌ جو سياسي ادبي اثاثو آھي ۽ رسول بخش پليجي جي علمي قلمي ڏاھپ کان سنڌ لاڀ وٺندي رھندي.
سنڌ ۾ رسول بخش پليجي جي سياست ھڪ باشعور ڪيڊر پيدا ڪيو، جيڪو رُٺل ئي صحيح پر ھن وقت به سنڌ جي سياسي ادبي وايومنڊل ۾ سياسي، قلمي چرپر ۾ روان دوان آھي. پليجي پڄاڻا، ان جي وڇوڙي تي لکيو ويو آھي.
رسول بخش پليجي جي شخصيت تي مختلف رخن کان لکندي متضاد  پاسو به کنيو ويو آھي.شخصيتون متضاد ھجن ٿيون. تضاد جي سائنس چوي ٿي ته تضاد ئي شين ۾ تحرڪ آڻي ٿو. پليجو صاحب سنڌ جي نامور شخصيت ھو جيڪو متضاد رھيو. پليجو سياست جو جراح ويڄ ھوندي سوچون ۾ متضاد ڪيفيتن جو گرم سمنڊ رھيو، ھن جو رد عمل سنگلاخ رھيو. جنھن ڪري پليجي تي سوشلسٽ مُلي جو پوسٽ مارٽم، ھڪ دور جو ماتم، کاھوڙي کِجن، پليجو ڇاھي ڇاٿو چاھي، نيرولي جو ڪُن، سنڌين جو اتحاد ۽ شرپسند ٽولا، پليجو ۽ قومي خود مختياري ۽ رتي جي رھاڻ جھڙا قلم اُڀا ٿيا. پليجي صاحب جي شخصيت اندر متضاد خيالن جو وھڪرو زوران زور رھيو.گانڌي ۽ جناح، مھاجر اشو استاد بخاري ۽ شيخ اياز سميت ڪيترن ڪردارن ۽ اشون تي شديد ڳالھائڻ ۽ لکڻ جون تضادن سان ڀرپور روئدادئن پليجي صاحب تي سنڌ اندر سياسي ۽ ادبي حلقن ۾ ڪاوڙ جو اُڀار پيدا ڪري ڇڏيو.رسول بخش پليجي جو اھو خطرناڪ رد عمل وارو پھلو يڪسان رھيو، سندس رويي جي گرمائش ڏاڍي شدت سان اڳتي وڌندي وئي. جيئن پليجي جي سياست جو محرڪ طبقاتي سوال ھيو سندس ظاھر ۾ قومي عوامي جھموري دائرن ۾ جدوجھد ھلندي رھي، پر وقفي وقفي سان اھو اظھار ڪرڻ ته؛ نه مان قومپرست آھيان، نه سوشلسٽ.
آئون انٽر نيشنلسٽ آھيان. رسول بخش پليجي، ”ٽراٽسڪاٽ“ لکي سوشلسٽ انقلاب جي داعي ڪامريڊ ٽراٽسڪي تي تنقيد ڪندي اسٽالن کي واکاڻيندي سياست جو سالار اعظم سڏيو آھي مونکي ان ماجرا تي حيرت ٿيندي آھي ته اسٽالن سوويت يونين جي اندر اھو ماڻھو ھو جنھن پنھنجي ھڪ ھٽي ٿاڦيندي وڏا خون خوار عمل ڪيا ٽراٽسڪي سميت مين انقلابي مارائي ڇڏيا ۱۹۲۴ع ۾ ڪامريڊ لينن کانپوءِ ۱۹۵۳ع تائين  ۲۹ سال اسٽالن جو سوويت يونين تي قبضو رھيو  اسٽالن جي سياسي پاليسين جي ڪري سڄو سڄو سوويت يونين بيورو ڪريسي جو اڏو بنجي ويو ان اسٽالن جي ڀيانڪ پاسي تي ڪامريڊ خروشوف ڏاڍي شديد تنقيد ڪئي آھي جيڪا حقيقتن تي مبني آھي ۽ ان سموري روئداد تي،، پروسٽرائيڪا،، ۾ گورباچوف به لکيو آھي ڇا پليجي صاحب کي سوويت يونين جھڙي نظام کي کناکيڙا ڪندڙ اسٽالن جي حمايت ڪرڻ کپي؟ يا مخالفت.سو پليجو صاحب پنھنجي سياست ۾ متضاد رھيو. ھو مائو کان ڏاڍو متاثر ھو،پليجي جي سياست جا ابجد مائو جي فڪري ڌاران ھيٺ رھيا. مائوزتنگ جو فڪر قومي عوامي جھموري انقلاب سان سلھاڙيل آھي جنھن کي ثقافتي ڪلچرلي انقلاب سڏي سگھجي ٿو مائوزتنگ لانگ مارچ جي بنيادن تي جيڪا ڊگھي جدوجھد ڪئي ان کي ڪميونسٽ نقاد مھم جوئي سڏين ٿا ان وقت مائو سان ليوشائوچي جا وڏا اختلاف رھيا. ڪامريڊ ليوشائوچي تنظيمي مامرن تي ڏاڍو شاندار لکيو آھي ”پارٽي بابت“ ۽ ”سٺو ڪميونسٽ ڪيئن ٿجي.“ ھن جون تصنيفون جڳ مشھور آھن اھي ھر سياسي ورڪر کي پڙھڻ کپن. جڏھن طبقاتي سوال تي سوچجي ٿو ته مائو ۽ ڪامريڊ لينن ۾ وڏو فرق آھي. اھو لينن جي ھيٺين سوچ مان نتيجو چٽو آھي ته گھڻ قومي رياست ۾ قومي سوال کڻڻ جي اولين ضرورت آھي جيڪڏھن ڪو سوشلسٽ قومي سوال جي ابتڙ طبقاتي سوال کڻي ٿو ته پنھنجي فڪر سوشلزم جي نفي ڪري ٿو لينن قومن جي جبري الحاق جو مخالف آھي ھو چوي ٿو ته قومن کي پورو پورو حق آھي ته ھو گڏ رھن يا جدا ٿي وڃن. پر مائو جي پاليسي لينن جي ابتڙ بنھه مختلف آھي مائو ۽ لينن ۾ اھو سياسي فرق آھي.ڪارل مارڪس اينگلس ۽ پليخانوف کانپوءِ لينن وڏو ماڻھو ھو سويت يونين اندر ٽراٽسڪي، مئڪسم گورڪي ٽالسٽاءِ سميت گھڻا نالا آھن جن جو جدوجھد ۾ خاصو حصو رھيو. پر لينن جو پاسو ڀاري آھي. مائو تضاد تي لکيو آھي. پليجو تضادن جي سائنس کان واقف ھوندي پنھنجي ذات جي تضاد مان نڪري نه سگھيو،جيڪو تضاد شديد ردعمل جي روپ ۾ شخصيت جي چوگرد ڦرندو رھيو، جنھنڪري سنڌ جي بيمثال ۽ فتح جي وجھو ويندڙ سگھاري پارٽي ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي وئي. پھريان قاسم پٿر کي نيڪالي ڏني وئي،چاچا حفيظ قريشي جھڙي ڪردار پليجي صاحب ڏانھن تنبيھ جون سٽون لکندي پارٽي کي ڇڏي ويو،انکانپوءِ مصطفيٰ سھاڳ علي گل ميتلو ۽ محبت ٻرڙي تائين سنڌ جو باشعورسياسي ڪيڊر پارٽي کان نڪري ويو. نيٺ آخر رسول بخش پليجي جا پنھنجي لخت جگر اياز لطيف سان تضادن جو اختلافي لائو ٻريو ۽ پارٽي ٻن حصن ۾ ورھائجي وئي. رسول بخش پليجي جي تضادن جو اھو پاسو رھيو ئي رھيو جنھن تي تنقيد ٿيندي رھي آھي. رسول بخش پليجي جو ٻيو پاسو اھو به آھي ته ھن جي سياست جو ڪارگر اميج سنڌ ۾ رھندو. ڇو ته ھن سنڌ جي صحرا ۾ شعور ۽ ڏاھپ جا گلاب پوکيا ۽ سياسي جدوجھد ۾ ڪوٽ لکپت کان سنڌ جي مختلف جيلن ۾ قيد ڪاٽيا ۽ قربانيون ڏنيون. جيڪي وسارڻ جوڳيون ناھن ۽ انکي سنڌ وساري نه سگھندي.
جيڏانھان ڪر ٿيام، ساڃاھ سپرين سين
تيڏانھان تر  جيترو،  ور  نه   وسريام.
اندر  روح  رھيام، سڄڻ اوطاقون ڪري. (شاه)

رسول بخش پليجو
اسان جي مُئاسين سفر ۾ او ساٿي...
ثناءُالله عتيق
اسين ٻارڙا هئاسين، ملڪ ۾ آمريت ۽ ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر ضيا شاھي سبب چئني طرفين ٽامڻي متل ھجي، للڪار به باقي ھئي، سنڌ سياست جي عرش تي پھتل ھئي، جمهوريت، قومپرستيءَ ۽ ترقي پسندي جو ھڪ شھڪار زمانو اٿلي پيو ھيو، جيلون ڀرجي چڪيون هيون، سرڪاري جاين اسپتالن ۽ تعليمي ادارن کي بيرڪن ۾ تبديل ڪيو ٿي ويو، سنڌ کي ھيسيل ھرڻي سمجھندي سندس تن بدن تي ڏنڀ ڏنا ٿي ويا، ڪٿي لسانيت جو تعصب، ڪٿان ڪابل ڪنڌار جا جنوني ڪٽڪ، ڪٿي ڌاڙيلن جو ڏهڪاءُ ته ڪٿي پوليس گردي جو راڪاس، لٺ جو زيپٽ پئي پيو، سنڌ لاشن مٿان لاش وصول پئي ڪيا، ڀُٽي جي جينيس پْٽ شاھنواز جو لاش فرانس کان جڏھن ڏيھه پھتو ته سندس ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻي مڙھه کڻي ايندڙ ھيلي ڪاپٽر کي آسمان ۾ اکين سان اڏندو ڏٺوسين، نه تحريڪن جي خبر ھئي، نه تحريرن جي ڪا پروڙ، بس سنڌ جي مزاج جي سگھه ھئي جيڪا وستي وستي واھڻ واھڻ منجھان گونجار ڪندي ٿي نظر آئي. انھن ئي ڏينھن ۾ نذير عباسي جي شھادت ٿي، سنڌ جي سپوتن تي قاتلاڻا حملا ٿيا، ٽوڙھي ڦاٽڪ جا شھيد، مطلب تي جبر جي ڊگھي رات پنھنجي ڀيانڪ چھري سان لوڪ مٿان مسلط ٿي چڪي ھئي. پوءِ سنڌ جي ڪوسي ڪک منجھان ھڪڙي مٽيءَ جي ماڻھوءَ تاريخ جي جبرکي للڪار ڪئي، سندس سنھڙي وجود ۾ وڄ جا پاڻي آيل ھئا، نه فيسبوڪ جي سھولت ھئي، نه موبائيل فونن جي رسائي، نه اليڪٽرانڪ ميڊيا جو ڪو غلبو ھيو نه پرنٽ ميڊيا جي ايتري فراواني پر ھڪ ڪرشماتي شخصيت طور رسول بخش پليجي جو ڪردار سونھري اکرن سان لکجي چڪو ھيو. ھن سياست کي نڪور ذھنن ۾ جاءِ ڏياري، پرماريت، مارڌاڙ واري ڪاري دور ۾ به پليجي صاحب کي پنھنجي دور جا تمام وڏا اڪابر، اڳواڻ ۽ باشعور عوام پلئه پيا ته ھن يار به پنھنجي دور کي سگھارو فڪر ۽ چوٽيءَ جا علمي محرڪ مھيا ڪيا.
ننڍڙا ھئاسين ته ڀورياڻين ڪانڌڙن ۾ سوٽ انور ڪانڌڙو وارن جي اوطاق تي سجاڳ ٻار تحريڪ جا پروگرام منعقد ٿيندا رھندا ھئا، جنھن ۾ مختيار ڪانڌڙو، عاشق ڪانڌڙو ۽ ذوالفقار ڪانڌڙو کان ويندي اسان جي ڳوٺ توڙي ڀرپاسي وارن ڳوٺن جا ٻارڙا وڏي انگ ۾ انھن پروگرامن ۾ اچي شامل ٿيندا هئاسين. انھن گڏجاڻين ۾ نصيرآباد کان محترم رياض احمد ٻُڌ پڻ اڪثر ڪري مهمان طور اچي شامل ٿينداھيا. اسين سڀئي ٻارڙا رنگ برنگي تحفن ۽ انعامن حاصل ڪرڻ لاءِ خاص تياري ڪندا هئاسين، پروگرام دوران حمد، نعت، قومي گيت، ڪوئز مقابلا توڙي ٻارڙن جي راندين جا مقابلا پڻ ڪرايا ويندا ھيا. انھن ئي ڏينھن ۾ جناب رسول بخش پليجي جو نالو ٻڌجڻ ۾ آيو، مونکي لڳندو آھي ته پِي ٽي وي تي ٻارن جو سنڌي ۾ نشر ٿيندڙ پروگرام ”روشن تارا “ڃڻ ته سجاڳ ٻار تحريڪ کان متاثر ٿيندي متعارف ڪرايو ويو ھيو.
سياست ۾ پليجي صاحب جو قائد سنڌ جو سورهيه پْٽ فاضل راھوءَ جڏھن راھوڪي ۾ شھيد ڪيو ويو ته اسانجن ڳوٺن ۾ به ٻارن جي جٿن وڏا جلوس ڪڍيا، جيڪي نعرا ھياسين ھينئر به منھنجي ذهن ۾ گونجن ٿا ته:
”جيسين چنڊ ستارا ھوندا، فاضل تنھنجا نعرا ھوندا... “
چين جي مائوزيتنگ واري ڪيپ ته ذلفي ڀٽو متعارف ڪرائي پر اسان وٽ مائو جي فڪر کي پليجي صاحب متعارف ڪرايو. پنھنجي پارٽي کي انقلابي بنيادن تي منظم ڪندي، ترقي پسند ادب کي ترجيح ڏني وئي، پيادل مارچون، وڏا عوامي ميڙاڪا، لطيف جا ڏھاڙا، شاگردن جا اسٽڊي سرڪل، تقرير، تحرير ۽ سياست ۾ ڊبيٽ وارا ڏانءُ پليجي صاحب ئي متعارف ڪرايا. عوام، شاگرد، ھاري، ناري ۽ ٻالڪ سندس اڻٿڪ محنتن سان سنڌ اندر رجعت پرست ٽولن کي للڪاريندا رھيا.
جڏھن دهشتگردي جڳ جھان جي مٿي جو سور نه ھئي، ھر ڪو پنھنجي ڪُوسي ھوڙ کوٽيون ۽ اکيون پوريون پئي ھليو، اُن وقت به سنڌ جي وستيءَ وستيءَ واھڻ واھڻ ھڪڙي نعري سان گونجار ڪئي ھئي ته:
دشمن دهشتگرديءَ جو، رسول بخش پليجو.....!!!

رسول بخش پليجو
منھنجو محبوب قائد
قاسم ملڪ
منھنجو قائد، منھنجو محبوب قائد، قائد انقلاب رسول بخش پليجو. جيڪو اڄوڪي تاريخ ۷ جون تي جسماني طرح ته اسان کان الڳ ٿي ويو، اکين جي ديدن کان دور گھڻو دور ٿي ويو، پر دل ۽ دماغ جي تھ خانن ۾ صدين تائين محبوب ٿي رھندو. جنگ شاھي ٺٽي ۾ لاڏ ٻائي جي غريب گھر ۾ پيدا ٿيندڙ غريب ٻار ڪنھن جي وھن گمان ۾ به نه ھو ته ھو وڏو ٿي تاريخ جو تمام وڏو معتبر ۽ مھان ماڻھو ٿيندو، جو تاريخ جا رخ موڙي، نئين سر، نئين انداز سان، سماج  سياست، ادب ۽ قومي ڌارا ۾ نوان رنگ، روپ ۽ نوان ٽرينڊ کڻي، عوام جي دلين ۾ ڇانئجي ويندو. پنھنجي علم، عقل کي، پنھنجي ڏات ڏانءَ ۽ڏاھپ کي، پنھنجي شاندار شعور کي سنڌي عوام لاءِ وقف ڪندو ۽ شھر، شھر، ڳوٺ ڳوٺ، جھنگ، جھر ٿر بر وڃي مظوم محڪوم، پيڙھيل، پٺتي پيل، ڦريل، لٽيل ۽ وساريل عوام کي سڄاڳي جا سڏ ڏيندو ۽ کين قومي جبر ۽ طبقاتي جبر جي باري ۾ ڏاھپ جا ڏس ڏيندو ۽ قومي، طبقاتي ۽ عوامي انقلاب لاءِ تيار ڪندو. سندس انقلابي علمن کان پورھيت، ھاري، مسڪين مارو ۽ ھر طبقي جا ماڻھو متاثر ٿي قومي طبقاتي جبر خلاف گڏ ٿي عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان جدوجھد ڪندا ۽ پوءِ دنيا ڏٺو عومي تحريڪ جي ڪارڪنن ھر ان جدوجھد، جيڪا ظلم زيادتن، سنڌ دشمن سازشن، پاڻي چوري، سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جي قبضاگيري، ڏاڍائي، ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي سازش، جھموريت کي راتاھا ھڻي رات جي اونداھي ۾ ڊڪٽيرن جا قبضا ۽ عوام کي ڪوڙا. ٿاڻا جيل، ڦاھيون ڦٽڪا ۽ اُنھن خلاف ھلايل ھر تحريڪ ۾ عوامي تحريڪ سڀ کان اڳ ۾ رھي تاريخي ڪردار ادا ڪيو. سنڌ دشمن ھر سازش خلاف پليجو صاحب صفه اول وارو ڪردار ادا ڪيو. تاريخ جي بدنام زمانه آمرن کيس طرح، طرح جون تڪليفون ڏنيون، قيد ڪڙن ۾ قيد ڪيو، ڪوٽ لکپت جھڙي بدنام زمانه جيل ۾ قيد ڪيو ويو، پر ھي سنڌ جو ارڏو پٽ، بھادر ۽ دلير پٽ ثابت قدم رھي ظلم جبر خلاف ويڙھ جاري رکيون آيو. لکين نوجوان، ٻڍا ٻار ۽ سنڌياڻيون سندس فڪر پليجو جي علم سان ھٿيار بند ٿي اڄ به جدوجھد جي ميدان عمل ۾ شامل آھن ۽ قومي طبقاتي انقلاب آڻڻ واري سفر ۾ ڪوشان آھن ۽ ان يقين ۽ پڪي يقين سان ته قومي، طبقاتي انقلاب ايندو ضرور ايندو.



رسول بخش پليجو

تاريخ جي ڌڙڪن ۽ علم ادب جو ڄاڻو

حسن خاصخيلي

سنڌ ۾ انقلاب جي پهرين اذان ڏيندڙ لطيف جو پارکو، سنڌين جي سخت ڊسيپلين واري پارٽي ٺاهيندڙ سنڌ ڌرتيءَ جي وجود مان ڦٽي نڪرندڙ گلاب جي خوشبو کڻي دنيا کي واسيندڙ تاريخ جي ڌڙڪن موت جا سينا چيريندو آمرن جلادن دهشتگردن کي للڪاريندڙ علم ادب ۽ انقلاب جو ڄاڻو سچ ۽ سونهن جو جرڪندڙ چنڊ هن ڌرتيءَ جو عظيم اڳواڻ رسول بخش پليجو سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ منگر خان جي علي محمد پليجي جي گهر ۾ ۲۰ جنوري ۱۹۳۰ع ۾ پيدا ٿيو، هن عظيم انسان جي ڄمڻ تي ائين خوشي ڪئي ويئي جو ڪنهن جي گمان ۾ نه هو ته هي ٻار آئيندي جو ڪو وڏو آدرشي انسان ٿيندو، سندس ڏاڏي کيس شريعت جو صاحب ۽ حافظ قرآن ٿيڻ لاءِ مڪتب ۾ ويهاريو، چار سال جي عمر ۾ پليجي صاحب قرآن پورو ڪيو، ڳوٺ ڇڏي جنگ شاهيءَ ۾ پرائمري پڙهڻ لاءِ آيو، اتي تعليم ۽ استادن جو مناسب بندوبست نه هئڻ ڪري ٺٽي ۾ پرائمري پڙهڻ آيو، هن ڏکين حالتن ۾ به تعليم حاصل ڪئي. ٺٽي مان پرائمري تعليم پوري ڪري هڪ وڳو ڪپڙن جو ڪجهه ڪتاب سندس ماءُ جا ڏنل ڏهه روپيا کڻي ڪراچيءَ واري سنڌ مدرست السلام ۾ داخلا وٺي انگريزي پڙهڻ ويٺو، ميٽرڪ ۽ انٽر اتان پاس ڪيائين، تعليم جي امتحانن ۾ سوڀ جا وڏا ميدان ڪٽيائين، ان وقت ڪراچيءَ ۽ دنيا ۾ اهڙا واقعا ٿيا، جن سندس دل دماغ ۽ زندگي تي گهرو اثر ڇڏيو.

رسول بخش پليجو هيمون ڪالاڻي جي شهادت تي هلندڙ اسيمبليءَ مان نڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته انگريزن اسان جي ساٿي هيمون ڪالاڻي کي ڦاسي تي چاڙهيو آهي، اڄ اسيمبلي نه ٿيندي پر ماتم ٿيندو، پوءِ سڀني ڇوڪرن اسڪول جو بائيڪاٽ ڪيو، هندن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين احتجاجي جلوس ڪڍيو، جنهن جي اڳواڻي پليجي صاحب ۽ ٻين شاگردن ڪئي، تنگ نظر غنڊن گڏجي وچ شهر ۾ جلوس تي لاٺي چارج ڪئي ڪيترائي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون زخمي ٿي پيا. ابراهيم جويو صاحب ان وقت مدرسي جو استاد هو، سوشلسٽ خيالن جي پرچار ڪندو هو، انهيءَ ڪري جويي صاحب کي مدرسي جي انتظاميا ڪلاس مان ڪڍي ڇڏيو، انتظاميا جي مجرماڻي ڪارروائي خلاف پليجي صاحب جي اڳواڻي ۾ شاگردن ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو، نيٺ مجبور ٿي انتظاميا جويي صاحب کي وري مدرسي ۾ رکيو، پليجي صاحب کي هاڻ پڪ ٿي ويئي ته جدوجهد سان فتح ممڪن آهي، ڇهين درجي ۾ پليجي صاحب هڪ مضمون لکيو هو، جنهن جو عنوان هو گهر (home) اوهان جا گهر بهتر آهن ۽ اسان جا گهر ڪنا آهن، انگريزن جا گهر بهتر انهيءَ ڪري آهن جو هو آزاد آهن، اسان جا گهر ڪنا انهيءَ ڪري آهن جو اسين غلام آهيون، جڏهن اسين آزادي جي وڻ جي آبياري جابرن جي خون سان ٿيندي.

پليجي صاحب، شمشيرالحيدري ۽ تنوير عباسي سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو، ان زماني ۾ سنڌي ادب ۾ حقيقي ترقي پسند سوچ تنقيدي فڪر سياسي ادب ۽ سائنسي بنيادن تي تاريخ لکڻ جو وڏو ڏڪار هو، رجعت ۽ مفاد پرست سنڌ ۾ مايوسي پکيڙي رهيا هئا، پليجي صاحب پنهنجي قلمي پورهئي ذريعي جي ايم سيد شيخ اياز ۽ ٻين سنڌي ادبين ترقي پسند سياستدانن خلاف انتقامي حملن کي وڏي دليري ڏاهپ ۽ حوصلي سان منهن ڏنو.

سال ۱۹۶۴ع ۾ پليجو صاحب نعپ ۾ شامل ٿيو، نعپ جي پليٽ فارم تان جدوجهد ڪيائين. هن ٻين ترقي پسند ڌرين ۽ قومي ڪارڪنن سان گڏجي نيلامي بند ڪريو ون يونٽ ٽوڙيو، تحريڪن جي اڳواڻي ڪري ايوبي مارشل لا کي لوڏي ڇڏيو، ۴ مارچ تي سنڌي شاگردن تي لاٺي چارج ۽ سنڌي آفيسرن کي گورنر طرفان گاريون ڏيڻ خلاف نعپ پاران ڀرپور موقف نه رکڻ تان پليجي صاحب نعپ کان ڌار ٿي ويو، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جو بزم صوفيا نالي هڪ محاذ ٺاهيو ويو جنهن جو صدر جي ايم ۽ جنرل سيڪٽريٽري پليجو صاحب هو. ۵ مارچ ۱۹۷۰ع تي پليجي صاحب فاضل صاحب ۽ ٻين ترقي پسند سوچ رکندڙ ماڻهن گڏجي عوامي تحريڪ جو بنياد رکيو ۽ تحريڪ رسالو ڪڍيو، جنهن ۾ پليجي صاحب هارين مزدورن ۽ شاگردن جي قومي طبقاتي ٻڌي لاءِ لکيو، تنهن دور ۾ ڀٽي جي اڳواڻي ۾ نوي هزار قيدي به آزاد ٿيا، بنگلاديش ۾ عوامي ليگ مجيب حڪومت ٺاهي، ڀٽي جي حڪومت ۾ تحريڪ رسالي تي بندش وڌي ويئي، پليجي صاحب ۽ ٻين پارٽي جي ڪارڪنن کي ڊي پي آر ۽ ٻين ڪوڙن قانونن ذريعي گرفتار ڪري جيل ۾ بند ڪيو ويو، تشدد جي باهه سندن جسمن تي ٻاري ويئي پر هيءُ حوصلي مند انسان مايوس نه ٿيو، آزاد ٿيڻ کان پوءِ ۱۹۷۴ع ۾ پليجي صاحب جي اڳواڻي ۾ هزارين هاري گڏ ڪري سنڌ جي آزاد خود مختيار پورهيتن جي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ انقلابي اصولن تي منظم انقلابي پارٽي سنڌي هاري ڪاميٽي ٺاهي ويئي، جيڪا وڏا ڏکن جا ڏيهه لتاڙي اڄ جي سنڌي هاري تحريڪ آهي. بهرحال، رسول بخش پليجو سنڌ جو انمول هيرو هو، سندس ڪردار هميشه زنده رهندو. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۷ جون ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

رسول بخش پليجو

دِلِين ۽ دَلِيلَنَ جو بادشاهه

آزاد انور مھر

جنگشاھيءَ جو اهو رسول بخش پليجو ھن ڏتڙيل قوم جي دانھن ھو ۽ اهڙا انسان صدين جا پُٽ ھوندا آھن، جهڙي طرح اھو وڻ مضبوط ھوندو آھي جنهن جون جڙون هيٺ تائين هجن ۽ بلڪل ايئن ئي علم عقل جي حوالي سان پليجي جون پاڙون گهڻيون پختيون هيون. پليجو صاحب هڪ مڪمل دور هڪ زمانو هو جيڪو مرڻ بعد تاريخ بڻجي ويو آهي. اها تاريخ جنهن کي ڪتاب پيار سان سانڍي ايندڙ پيڙهين جي حوالي ڪندا. پليجي صاحب رڳو سياست نه پر ادب، آرٽ، شاعري ۽ موسيقيءَ ۾ به سنڌ جي رهنمائي ڪئي. سندس علم ۽ عمل جي ميدان ۾ ڪيل شاندار جدوجهد ۾ ڪيترائي اهڙا مثال آهن جو هن عام ماڻهو کي وڏيري، جاگيردار، ملان ۽ پير سامهون سگهاري پوزيشن ۾ بيهاري ڏيکاريو ۽ سياست کي سائنسي انداز ۾ سمجھڻ سان گڏ بھترين نظرياتي ڪيڊر تيار ڪري سياست جي اندر عورتن کي آڻڻ ۽ خاندانن جا خاندان شامل ڪرايا. دليل جي بادشاهه سمجهيو ويندڙ ۽ سنڌ جو پاڻيءَ ڪيس تي سگهاري عملي جدوجهد ڪندڙ رسول بخش پليجي صرف ڳالهين جي حد تائين نه پر عملي طور اهو ڪري ڏيکاريو ته سياست صرف سرندي وارن ۽ مردن جو ڪم نه آهي، سنڌ ۾ عورتن جي سڀ کان سگهاري تنظيم ڏيڻ جو اعزاز به پليجي صاحب کي ئي حاصل آهي. نه ته اڄ به سنڌ جي قومي تحريڪ جو سڀ کان وڏو الميو اهو آھي ته ان تحريڪ ۾ سنڌ جي عورتن جي شموليت جو ريشو تمام گهٽ آھي ۽ عورتن جو جيڪو حصو آھي به ته سنڌياڻي تحريڪ جي صورت ۾ اهو رسول بخش پليجي جي محنتن جو ئي نتيجو آھي. پليجي صاحب سنڌ جي ڳوٺاڻي نياڻين کي علم ۽ آزادي سان ٽھڪ ڏيڻ جي همٿ ڏني ته سنڌ جي ڪُند ذهنن پليجي تي الزام هڻي کيس چھڪ ڏنا.

“مان توکي گيت ڏيان اي ڌرتي!

تون مون تي زنجير وجھين!!”

اھا شڪايت اياز سوڌو سڀني ڪئي آھي پر نه ڪئي ته سائين جي ايم سيد نه ڪئي ۽ پليجي پڻ ڪڏھن به اھا شڪايت نه ڪئي انڪري ئي ته پليجو صاحب هن روايتي سماج ۾ غير روايتي انسان هو.

رسول بخش پليجو سنڌ جي پاڻيءَ لاءِ ٿيندڙ تاريخي جدوجهد ۽ ڪالاباغ ڊيم جهڙي سنڌ مخالف ۽ خطرناڪ منصوبي خلاف منظم ۽ سگهاري تحريڪ جي حوالي سان سدائين ياد رکيو ويندو، هو گهڻ پاسائون انسان هو. جڏهن هن وڪالت ڪئي ته هن جو شمار ملڪ جي چوٽيءَ جي وڪيلن ۾ ٿيڻ لڳو، جڏهن هن دل جي مڃي ته پسي ڳاڙها گل ۽ دماغ سان رجوع ڪيو ته “انڌا اونڌا ويڄ ” جهڙا ڪتاب لکيا ان ڪتاب سنڌ ۾ انڪار جي هڪ اهڙي لهر اڀاري جنهن ملائيت جا وڏا مينار ڪيرائي ڇڏيا. ڇاڪاڻ ته ضياءَ ملائيت بنياد پرستيءَ جي عروج واري ان دور ۾  دماغ خالي مخلوق سان هن نه صرف مهاڏو اٽڪايو پر عقلي دليلن سان ڀرپور ڪتاب “انڌا اونڌا ويڄ” لکڻ جي به جرئت ڪري ان تي ثابت بيهي ڏيکاريو. توڙي جو هن جو آئيڊيل جتي مائوزيتنگ هو پر هو لطيف جي لفظن ۾ ساهه وجهڻ جي صلاحيت رکندو هو. هن لطيف جي پيغام جي تشريح انقلابي انداز ۾ ڪئي ڪيترائي ڏھاڪا اڳ جڏھن سنڌ جا ماڻهو ڀٽائيءَ جي شاعري “جيها سي تيھا، مون مارو مڃيا” جو مطلب اهو سمجهي ويٺا هئاسين ته هر ان ماڻھوءَ کي پنهنجي سر جو سائين سمجهڻو آھي ڀلي اهو ماڻھو پنهنجي قوم سان تعلق رکندڙ ماڻھن جو رت چوسيندڙ ھجي ۽ پوءِ جنگشاهيءَ جي جذباتي رسول بخش پليجي اٿي بيهي سوال اٿاريو ته حاڪم ۽ محڪوم ڪيئن ٿا هڪ جهڙا ٿي سگهن؟

ڇو ته هو نتيجن جي پرواهه نه ڪندڙ پنهنجي اندر ۾ هڪ مڪمل آزاد ماڻهو هو، هن ڪڏهن به ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪئي ته سندس خيال ڪنهن کي پسند ايندا يا نه سندس موقف ڪنهن کي وڻندو يا نه هن کي اهڙي بي پرواهيءَ ۽ سخت مزاجيءَ سياسي ۽ ذاتي طور گهڻا نقصان به ڏنا پر هو لوڪ جي پرواهه ڪندي مصلحت پسنديءَ بجاءِ پنهنجي الڳ سوچ وارو اهڙو ماڻهو هو جن جون ڳالهيون تاريخن ۾ ياد رهنديون. ڊسمبر ۱۹۹۲ ۾ هڪ انٽرويو ۾ هڪ يادگار واقعي بابت پليجو صاحب پاڻ ٻڌائي ٿو ته جي ايم سيد خلاف مولانا خير محمد نظاماڻيءَ رسالي نئين سنڌ ۾ مضمون لکيو ان وقت مان انتهاسندن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ اڪيلي سر بيٺل جي ايم سيد جي حمايت ڪئي جنهن سان مان اڃان مليو به ڪونه هيس پر مون جي ايم سيد جي دفاع ۾ هڪ آرٽيڪل لکيو، ان زماني ۾ مولانا خير محمد نظاماڻي تمام وڏي ڳالهه هو ۽ منهنجو مضمون نه ڇپيو مان ويس مولانا سان ڳالهايو ته مولانا مونکي چيو ته مضمون ته شايع ڪيون ٿا پر اڳٺ ڇڪي ٻڌو اٿئي؟

ٻين لفظن ۾ مطلب ملن سان ٿو مهاڏو اٽڪائين ايترو برداشت ڪري سگهندين؟

۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته ان مضمون وڏن وڏن آڙيڪاپ ملن کي اهڙي ماٺ ڪرائي ڄڻ ته کين نانگ سنگهي ويو هجي. رسول بخش پليجي صاحب ثابت ڪري ڏيکاريو ته علم انسان کي بلند ڪري ٿو ۽ عمل انسان کي گھرو بڻائي ٿو جڏھن اھا گھرائي ۽ اھا بلندي پاڻ ۾ ملن ٿيون ته پليجو پيدا ٿئي ٿو. جنهن کي اڳتي هلي ڪوٽ لکپت جون قهري ديوارون به جهڪائي نه سگهيون، جنهن سياست جھڙي سخت مزاج شعبي کي پنھنجي سوچ فڪر ذريعي ھڪ ڌڙڪندڙ دل ڏني ۽ ھي اھو دور هو جڏهن نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ سياست رومانس ھوندي ھئي. اڄ به جيڪڏهن اسان جا سياسي اڳواڻ سياسي ڪارڪنن لاءِ ادب جو مطالعو ڪرڻ ضروري سمجھن ته ھوند اسان وٽ اھو ساڳيو سياسي مزاحمت جو دور موٽي ايندو.

اڄُ سندس ٽين ورسي آهي پليجي جهڙن ڪردارن جي جسماني جدائي سان ساهه جي تند کي ڇڪ ضرور اچي ٿي پر اهڙا ماڻهو تاريخ جا امين هوندا آهن بلڪل ايئن رسول بخش پليجو اتساهه جو نالو آهي جنهن پٿريلي پٽن ۾ جنم ورتو جسماني ڪاڙھا ڏٺائين پر ننڍپڻ ۾ ئي علم ادب کي خوب پڙهيائين اها علم جي اها طاقت ئي هئي جو نه صرف پنهنجو موقف دليلن، ثبوتن، شاعري جي حوالن سان رکندو هو پر پنهنجي  تقريرن ۾ وڏي واڪ چوندو هو پراڻ پسنديءَ بجاءِ نوان ماڻھو ٿيو لطيف کي پڙھو خصيص نه ٿيو، وڏي سوچ ڌاريو وري ڌرتي تي رهو ته ڪنڌ مٿي کڻي رهو ڪنڌ هيٺ ڪري ڪڪڙ ٿي ڌرتي جي بي عزتي نه ڪيو. اهڙي علمي ۽ عملي انسان پليجي صاحب جي جسماني وڇوڙي کانپوءِ نه صرف سندس جماعت جا ڀاڱا ٿيا آهن پر سياست سان به راڱا ٿيا آهن پليجي پڄاڻان پاڻي کوٽ معاملي تي سنڌ جي سياست ميدانن کان موٽي وري ڊرائينگ روم ۽ بيڊ روم وسايا آهن. اهڙي وقت ۾ اکين اڳيان پليجي صاحب جي تصوير اچي ٿي ۽ ڄڻ ته ايوب کوسي جي شعر معرفت اسانکي چئي ٿو.

اڪن کي پتو  هو، اسان  کي خبر هُئي.

هي چوندا، جهڪائي مٿن کي هلو  ڙي !

هي چوندا، نه لوڏي  هٿن کي هلو  ڙي !

هي چوندا، نه ڪاڪل چپن تي رکو  ڙي!

هي چوندا،  نه  پائي  کٿن کي  هلو  ڙي. !

اسان  کي  خبر   هئي  ته   اعلان  ايندا،

دلين  کي  ڏڪائڻ  ڪي  شيطان   ايندا،

تڏهن ڪنهن به ٽاڻي نه ننڊون ڪيوسين،

سوين خواب ڇاڻي نه  ننڊون  ڪيوسين.

نه  ٽهڪن  ڏيڻ  جي  رهي  آهي  موسم.

اهو   درد  ڄاڻي  نه  ننڊون   ڪيوسين،

پرينءَ  پر  گهڻن   کي ڇڏيوسين  ٻُڌائي،

متان هٿ ڪو  پنهنجو هٿن  مان ڇڏائي،

ڏسو ! عشق  پنهنجو متان  ڪو  لڄائي،

اچو  سج  ڳوليون  انڌيرو  هٽائي.. .. .. .. . !

(ايوب کوسو)

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۷ جون ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


رسول بخش پليجو

سياسي تضادن کان شخصي تضادن تائين - ورسي جي نسبت سان

مختيار شاھنوازاڻي

رسول بخش پليجو سنڌ جو جيئنس دماغ ھو. سياستدان، فلسفي، دانشور، نقاد، ڏاھو، قانوندان، مقرر، ڪھاڻيڪار، شاعر، موسيقڪار ۽ جدوجھدن جو سالار ليڊر ھو. ھنجي سياست ۽ جدوجھد ۾ ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون  رھيون، جن سنڌ ۾ سياسي، جھموري، علمي ۽ انقلابي سجاڳي آندي. رسول بخش پليجي سنڌ جي جاگيردارانه ۽ غلامانه سماج جي اوندھ اونڌڪار واري ماحول ۾ سنڌي عوام جي ذھنن ۾شعور جون روشن مشعلون ٻاريون ۽ سنڌي عوام کي سياسي جدوجھد جي طور طريقن سان علم، دليل جي بيناد تي سائنسي طرح ھٿيار بند ڪيو. عوامي تحريڪ، ھاري تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ جھڙيون سگھاريون تنظيمون ٺاھي، جديد انداز ۾ تاريخي سياسي جدوجھدون ڪيون، پاڻي جي اھم مامري تي ڪالاباغ ڊيم خلاف ڊگھا لانگ مارچ، عورتن جي حقن جي دادرسي ۽ ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سياسي طرح متحرڪ رھيو. رسول بخش پليجي سنڌ ۾ سياسي جدوجھد جا نوان نڪورا ڍنگ ڏنا. سنڌ ۾ ھاري ڪانفرنسون، جشن لطيف ۽ سياسي جلسن جلوسن جي سنڌ کي انقلابي امنگ ڏني. رسول بخش پليجو سائين جي ايم سيد ۽ ولي خان سان به سياست ۾ گڏ رھيو. رسول بخش پليجي انکانپوءِ الڳ سياست جو آغاز ڪيو، جنھن ۾ شھيد فاضل راھو، قاسم پٿر، چاچا حفيظ قريشي، شير خان لُنڊ، قاضي غفار ابن حيات پنھور ۽ رشيد ڀٽي تائين اڻڳڻيا نانءَ آھن، جن جون محنتون ۽ ڪاوشون رسول بخش پليجي جي جدوجھد جو ڳَرُ رھيون. اھي روشن ستارا ڪردارن جي صورت ۾ سنڌ جي اُفق تي چانڊاڻ ڪن ٿا. ۽ انھن ڪردار جي ساٿ سان رسول بخش پليجي اتر سنڌ کان لاڙ ۾ راھوڪي تائين عوام دشمن قوتن کي للڪاريو ۽ سنڌ ۾ عوامي، جھموري ۽ انقلابي جدوجھدن جي ميدان ۾ ڪاھي پيو. رسول بخش پليجي جي ڳالھائڻ ۽لکڻ ۾ ھڪڙي نيئن سرت ۽ لاجڪ ھوندي ھئي، جڏھن ھي شاھ سائين جي گنج کي سرن جي سلسلي ۾ کڻندو ھو ته تلفظ ۽ شرح ۾ الڳ ٿلڳ سوچ جھلڪا ڏيندي ھئي، ڀٽائي جي فڪري پيغام تي ڏاڍو گھرو سوچيندو ھو. ھي عاشق مزاج ماڻھو شاه جي شاعري جي احساساتي ڪيفيتن ۾ ويندي، سر سامونڊي جا وڻجارا، پڳھ، ور ۽ نارين جي اَکا وجھڻ وارين وارتائن ۾ گم ٿي ويندو ھو. ته پوءِ سمنڊ سياحت جون  ڪٿائون ھُنکان ڪو ٻُڌي.

کاري  کيڙائو،  مٿي مٺي  موٽيا،

سودو ڪن نه سون جو، وڏا وھائو،

موتي جي مھراڻ جا، تن جا طاماعو،

سامونڊي سائُو، لنڪا  لوپي آئيا. (شاه)

منھنجي ذھن جي اسڪرين تي اھو سوال ڦرندو رھيو آھي ته شاھ سائين جي شاعري جي احساسن کي گھرائپ سان پسندي رسول بخش پليجو لکت جي صورت ۾ ڪو ڪتاب نه ڏئي سگھيو ڇو!!؟ ھونئن ته صبح ٿيندو، اوھانجي پڄاڻا، سندي ذات ھنجن، انڌا اونڌا ويڄ، پسي ڳاڙھا گل، وڳ ڪيئن وسريا، جن جھونا ڳڙھ جلايو، جيڪي بنگال سان ٿيو، وھڻ مون نه وڻائو، جي تون چورين چنگ، ڪوٽ لکپت جو قيدي، ھرڻ ھٺيلا بيٺا سوچن، ڌراڙن جا ڌڪ، ڳالھيون ڳنوارن جون، مائوزيتنگ، ھوچي منھ جي آتم ڪھاڻي، تنين ماڻڪ ميڙيا، تاريخ تراشيندڙ ۽ سنڌ پاڻي ڪيس،، تائين ڪافي سگھارو لکيو آھي، جيڪو سنڌ جو سياسي ادبي اثاثو آھي ۽ رسول بخش پليجي جي علمي قلمي ڏاھپ کان سنڌ لاڀ وٺندي رھندي. سنڌ ۾ رسول بخش پليجي جي سياست ھڪ باشعور ڪيڊر پيدا ڪيو، جيڪو رُٺل ئي صحيح پر ھن وقت به سنڌ جي سياسي ادبي وايومنڊل ۾ سياسي، قلمي چرپر ۾ روان دوان آھي. پليجي جي موجودگي يا ان جي پڄاڻان.

رسول بخش پليجي جي شخصيت تي مختلف رخن کان لکندي متضاد  پاسو به کنيو ويو آھي. شخصيتون متضاد ھجن ٿيون. تضاد جي سائنس چوي ٿي ته تضاد ئي شين ۾ تحرڪ آڻي ٿو. پليجو صاحب سنڌ جي نامور شخصيت ھو جيڪو متضاد رھيو. پليجو سياست جو جراح ويڄ ھوندي سوچون ۾ متضاد ڪيفيتن جو گرم سمنڊ رھيو، ھن جو رد عمل سنگلاخ رھيو. جنھن ڪري پليجي تي سوشلسٽ مُلي جو پوسٽ مارٽم، ھڪ دور جو ماتم، کاھوڙي کِجن، پليجو ڇاھي ڇاٿو چاھي، نيرولي جو ڪُن، سنڌين جو اتحاد ۽ شرپسند ٽولا، پليجو ۽ قومي خود مختياري ۽ رتي جي رھاڻ جھڙا قلم اُڀا ٿيا. پليجي صاحب جي شخصيت اندر متضاد خيالن جو وھڪرو زوران زور رھيو. گانڌي ۽ جناح، مھاجر اشو استاد بخاري ۽ شيخ اياز سميت ڪيترن ڪردارن ۽ اشون تي شديد ڳالھائڻ ۽ لکڻ جون تضادن سان ڀرپور روئدادئن پليجي صاحب تي سنڌ اندر سياسي ۽ ادبي حلقن ۾ ڪاوڙ جو اُڀار پيدا ڪري ڇڏيو. رسول بخش پليجي جو اھو خطرناڪ رد عمل وارو پھلو يڪسان رھيو، سندس رويي جي گرمائش ڏاڍي شدت سان اڳتي وڌندي وئي. جيئن پليجي جي سياست جو محرڪ طبقاتي سوال ھيو سندس ظاھر ۾ قومي عوامي جھموري دائرن ۾ جدوجھد ھلندي رھي، پر وقفي وقفي سان اھو اظھار ڪرڻ ته. نه مان قومپرست آھيان نه سوشلسٽ.

رسول بخش پليجي ”ٽراٽسڪاٽ“ لکي سوشلسٽ انقلاب جي داعي ڪامريڊ ٽراٽسڪي تي تنقيد ڪندي اسٽالن کي واکاڻيندي سياست جو سالار اعظم سڏيو آھي مونکي ان ماجرا تي حيرت ٿيندي آھي ته اسٽالن سوويت يونين جي اندر اھو ماڻھو ھو جنھن پنھنجي ھڪ ھٽي ٿاڦيندي وڏا خون خوار عمل ڪيا ٽراٽسڪي سميت اھم انقلابي مارائي ڇڏيا. ۱۹۲۴ع ۾ ڪامريڊ لينن کانپوءِ ۱۹۵۳ع تائين  ۲۹ سال اسٽالن جو سوويت يونين تي قبضو رھيو  اسٽالن جي سياسي پاليسين جي ڪري سڄو جو سڄو سوويت يونين بيورو ڪريسي جو اڏو بنجي ويو ان اسٽالن جي ڀيانڪ پاسي تي ڪامريڊ خروشوف ڏاڍي شديد تنقيد ڪئي آھي جيڪا حقيقتن تي مبني آھي ۽ ان سموري روئداد تي ”پروسٽرائيڪا ۾ گورباچوف به لکيو آھي ڇا پليجي صاحب کي سوويت يونين جھڙي نظام کي کناکيڙا ڪندڙ اسٽالن جي حمايت ڪرڻ کپي ھان؟ يا مخالفت. سو پليجو صاحب پنھنجي سياست ۾ متضاد رھيو. ھو مائو کان ڏاڍو متاثر ھو، پليجي جي سياست جا ابجد مائو جي فڪري ڌاران ھيٺ رھيا. مائوزتنگ جو فڪر قومي عوامي جھموري انقلاب سان سلھاڙيل آھي جنھن کي ثقافتي ڪلچرلي انقلاب سڏي سگھجي ٿو مائوزتنگ لانگ مارچ جي بنيادن تي جيڪا ڊگھي جدوجھد ڪئي ان کي ڪميونسٽ نقاد مھم جوئي سڏين ٿا ان وقت مائو سان ليوشائوچي جا وڏا اختلاف رھيا . ڪامريڊ ليوشائوچي تنظيمي مامرن تي ڏاڍو شاندار لکيو آھي ”پارٽي بابت“ ۽ ”سٺو ڪميونسٽ ڪيئن ٿجي ھن جون تصنيفون جڳ مشھور آھن اھي ھر سياسي ورڪر کي پڙھڻ کپن. جڏھن طبقاتي سوال تي سوچجي ٿو ته مائو ۽ ڪامريڊ لينن ۾ وڏو فرق آھي. اھو لينن جي ھن سوچ مان نتيجو چٽو آھي ته گھڻ قومي رياست ۾ قومي سوال کڻڻ جي اولين ضرورت آھي جيڪڏھن ڪو سوشلسٽ قومي سوال جي ابتڙ طبقاتي سوال کڻي ٿو ته پنھنجي فڪر سوشلزم جي نفي ڪري ٿو لينن قومن جي جبري الحاق جو مخالف آھي ھو چوي ٿو ته قومن کي پورو پورو حق آھي ته ھو گڏ رھن يا جدا ٿي وڃن. پر مائو جي پاليسي لينن جي ابتڙ بنھه مختلف آھي مائو ۽ لينن ۾ اھو سياسي فرق آھي ته مائو وٽ قومن جي باري ۾ لينن کان موقف مختلف آھي ھو قومن جي جبري الحاق جو ھامي ھو.

ڪارل مارڪس اينگلس ۽ پليخانوف کانپوءِ لينن وڏو ماڻھو ھو سويت يونين اندر ٽراٽسڪي، مئڪسم گورڪي ٽالسٽاءِ سميت گھڻا نالا آھن جن جو جدوجھد ۾ خاصو حصو رھيو. پر لينن جو پاسو ڀاري آھي. مائو تضاد تي لکيو آھي. پليجو تضادن جي سائنس کان واقف ھوندي پنھنجي ذات جي تضاد مان نڪري نه سگھيو، جيڪو تضاد شديد ردعمل جي روپ ۾ شخصيت جي چوگرد ڦرندو رھيو، جنھنڪري سنڌ جي بيمثال ۽ فتح جي ويجھو ويندڙ سگھاري پارٽي ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي وئي. لاڏيون لاڪپ ۾ ھوندي پھريان قاسم پٿر کي نيڪالي ڏني وئي، چاچا حفيظ قريشي جھڙي ڪردار پليجي صاحب ڏانھن تنبيھ جون سٽون لکندي پارٽي کي ڇڏي ويو، انکانپوءِ مصطفيٰ سھاڳ علي گل ميتلو، محبت ٻرڙي ۽ وشنومل تائين سنڌ جو باشعور سياسي ڪيڊر پارٽي کان نڪري ويو. نيٺ پڇاڙي ۾ رسول بخش پليجي جا پنھنجي لخت جگر اياز لطيف سان تضادن جو اختلافي لائو ٻريو ۽ پارٽي ٻن حصن ۾ ورھائجي وئي. رسول بخش پليجي جي تضادن جو اھو پاسو رھيو ئي رھيو جنھن تي ان مٿان تنقيد ٿيندي رھي. رسول بخش پليجي جي ابتدائي سياسي ڏيھاڙي ۾ جنھن سياسي ڪردارن تحريڪ ۾ ساھ وڌو انھن اھم شخصيتن کي پارٽي مان تڙي ڪڍيو ويو ۽ انھن جي شاھڪار نظم ۽ لکتن تي قبضو ڪندي ان جي نالن کي غائب ڪيو ويو ۽ ”جھان ڏيو مبارڪون، اسين پيا ڪاھيندا اچون“ ڪا مشھور ۽ معروف شاعر ابن حيات پنھور جي آھي پر اھا شاندار شاعري رسول بخش پليجي جي سمجھندي اڄ تائين انجي نانءَ سان لکي پڙھي وڃي ٿي. جنھن تي پنھور اياز لطيف به احتجاج ڪيو پر ان کي به رد ڪيو ويو ان مامري تي سنڌ جي محبوب ڪھاڻيڪار سائين رسول بخش درس به پنھنجي ڪتاب ”سنڌ ھيرن کاڻ“ ڀاڱو ٽيون ۾ لکيو آھي ته اھو گيت جھان کي ڏيو مبارڪون، اسين پيا ڪاھيندا اچون ابن حيات پنھور جو آھي جنھن کي جيجي زرينه ڳائيندي ھئي. ٻيو جڏھن قاسم پٿر زندھ ھيو ته اسان جي شھر وارھ ۾ آيو ھو جتي مبارڪ ڪلينڪ تي ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ سان سياسي ڪچھري دوران اھو اظھار ڪيائين ته اھا شاعري رسول بخش پليجي جي نه پر ابن حيات پنھور جي آھي. ته پارٽي جي اندر ايڏين وڏن سياسي ڪردارن سان اھڙا رويا رکيا ويا جيڪي وڏا خطرناڪ ۽ ايذائيندڙ رھيا ۽ سياسي اھم اڳواڻن کي نظرانداز ڪيو ويو اھو به رسول بخش پليجي جو پاسو رھيو ۽ ٻيو پاسو رسول بخش پليجي جو اھو به آھي ته ھن جي سياست جو ڪارگر اميج سنڌ ۾ رھندو. ڇو ته ھن سنڌ جي صحرا ۾ شعور ۽ ڏاھپ جا گلاب پوکيا ۽ سياسي جدوجھد ۾ ڪوٽ لکپت کان سنڌ جي مختلف جيلن ۾ قيد ڪاٽيا ۽ قربانيون ڏنيون. جيڪي وسارڻ جوڳيون ناھن ۽ انکي سنڌ وساري نه سگھندي. 


رسول بخش پليجو

نئين صبح جا خواب ارپي ويندڙ

دولت رام کتري

ھيءَ ۱۹۹۷ع ۾ انھن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن اسان حيدرآباد جي سنڌ ميوزيم واري ھال ۾ ھڪ پروگرام ۾ ھن شخص کي پھريون ڀيرو ٻڌي رھيا ھئاسين ھن جي سحر انگيز تقرير ٻڌڻ لاءِ سنڌ جي مختلف يونيورسٽين مان نوجوانن جاقافلا پڻ پھتل ھئا. ھن جي تقرير ۾ اھڙو ته سحر ھو جو يونيورسٽي جا شاگرد توڙي ويٺل حاضرين ھن کي خاموشي سان ٻڌندا رھيا ۽ ھن جي سحر انگيز جملن تي تاڙيون وڃائيندا رھيا. اھو شخص مفڪر دانشور ۽ بھترين مقرر رسول بخش پليجو صاحب ھو جنهن کي مون پھريون ڀيرو ٻڌو ھو ۽ ھن سان  مليو ھيس. ڇا ته ڪمال جو ماڻهو ھو جو پھريون ڀيرو ملندي ئي ھن مون کي پنھنجائپ جو احساس ڏياريو. پليجي صاحب جي شخصيت ۽ سياسي جدوجهد جا مختلف پاسا رھيا آهن. انھي دور ۾ پليجي صاحب جي لکڻين تقريرن ۽ تحريرن جو پنهنجو ھڪ رومانس ھوندو ھو. ھن وٽ تقرير ڪرڻ جو بھترين فن ھو پليجو صاحب لففظن جو بي تاج بادشاهه هو ۽ ھو جڏهن ڳالهائيندو هو تڏهن انهي جي لفظ لفظ ۾ اُتساهه هوندو هو، ان جا لفظ نوجوانن کي اتساھيندا ھيا ۽ نوجوان ھن کي دل سان ٻڌندا ھئا. جڏهن ھواسٽيج تي ايندو هو تڏهن هو نهايت خوبصورت انداز سان سنڌ جي ادب، سياست، ٻولي، ثقافت، موسيقي، شاعري تي لفظن جي جادوگري سان ڳالهائيندو هو. پليجي صاحب وٽ دليلن سان ڳالھائڻ جو فن ھوندو ھو، ھن جي دليلن ۾ وزن هوندو هو پليجو صاحب جڏهن عالمي ادب تي ڳالهائيندو هو ته ٻڌڻ وارا دنگ رھجي ويندا ھئا.

جت نه پکي پير، تت ٽمڪي باهڙي.

ٻيو ٻاريندو  ڪير، کاهوڙي کير ري

اڄوڪي ڏينهن ۲۰جنوري ۱۹۳۰ ع ۾جنگشاھي ضلعي ٺٽي جي ڳوٺ منگرخان ۾  سنڌ جي ھن عظيم ڏاھي جو جنم ٿيو ھو جنھن کي سنڌ جي تاريخ رسول بخش پليجو جي نالي سان ياد ڪري ٿي. رسول بخش پليجو سنڌ جي شعوري تاريخ جو هڪ اھڙو نالو ھو جنھن سنڌکي  نئين صبح جا خواب ڏنا. ھو سنڌ جو سقراط ھو. رسول بخش پليجو انقلابي سوچ رکندڙ تاريخ جو سوجهرو هو جيڪو هميشه لطيف جي سٽن جيان ايئن ڀاسيندو هو ته

جوڳي تي جڙاءُ. نسورو نينهن جو،

پتنگ جن پيدا ٿيو، سامي سج وڙاءَ،

آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪنوارين ڪڪورئو.

رسول  بخش پليجو علم جو ڀنڊار هو جنهن پنهنجي فڪر ذريعي سنڌ جي شعور جي آبياري ڪئي هن پنهنجي لکڻين، تقريرن ۽ تحريرن ذريعي سنڌ ۾ سجاڳي جو ڏيئو ٻاريو. هن جي تقريرن ۾ هڪ للڪار هوندي هئي هن جي سياسي جدوجهد سنڌ جي قومپرست سياست کي نوان موڙ ڏنا ۽ سنڌ جي قومپرست سياست ۾ نوان ٽرينڊ متعارف ڪرايا. پليجي صاحب جي تقريرن ۾ جوش ولولو هوندو هو. هن پارڪر جي ڪولهي کي به ڳالهائڻ سيکاريو ته مٺي جي ميگهواڙن کي به پارٽي ۾ اسپيس ڏئي اڳتي آندو. اڄ عوامي تحريڪ جا نوجوان جيڪي اسٽيجن تي وڏي جوش، جذبي سان تقريرون ڪن ٿا يا لفظن جي جادوگري سان ڳالهائين ٿا ته انهي ۾ رسول بخش پليجي صاحب جي تربيت جو وڏو اثر آهي، هن سنڌ جي سياسي منڊلين ۾ تربيت جا نوان لاڙا متعارف ڪرايا.

شاگرد سياست جي حوالي سان هن نوجوانن ۾ بحث مباحثن جو رجحان پيدا ڪيو. يونيورسٽي جي نوجوانن کي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ، پڙهڻ، پڙهائڻ لاءِ اُتساهه ڏنو هو هن نوجوانن کي لکڻ تي به همٿايو هن سنڌ جي نوجوانن کي جديد سنڌ جي خوشحالي جا خواب ڏنا.هن سنڌ ۾ ادب جي آبياري لاءِ جشن لطيف جهڙا پروگرام ڪرائڻ جو رواج وڌو. هن ڪارونجهر کان ڪشمور تائين پنهنجا پير پٿون ڪري سنڌ جي حقن لاءِ آواز اُٿاريو ۽ پنهنجي زندگي ۾ سنڌ جو ڪيس عالمي ليول تي وڙھيو. ٿر ۾ جڏهن به عوامي تحريڪ جا جلسا منعقد ٿيندا هيا تڏهن مون انهن جلسن ۾  هارين ۽ نارين کان وٺي مسڪين ڪولهين کي به تقريرون ڪندي ڏٺو.

پليجي صاحب وٽ عهديدارن کان وٺي عام ڪارڪنن جي هڪ جيتري عزت هوندي هئي. هن سنڌي عورتن کي سياسي ڌارا ۾ شامل ڪري عورتن کي سياست ۾ سرگرم ڪرڻ جو عزم ورجايو هو سنڌجي گهڻ پاسائي شخصيت هئي جنهن کي اهو اعزاز حاصل هو ته سنڌ جا ماڻهو هن کي ايشيا جو ڏاهو مدبر تسليم ڪندا هئا. ھو انقلابي جدوجھد جو سفير ھو جنھن ون يونٽ خلاف جدوجهد ڪئي. ۷ جون ۲۰۱۸ ع جي ساجهر ويلي جڏهن سج جا ڪرڻا نکري نروار ٿيا هئا ته ٺيڪ انهي وقت ڪراچي جي هوائن ۾ هن عظيم  انقلابي اڳواڻ ۽ ڏاھي جو روح پرواز ڪري ويو ھو ۽ سنڌ جي صدائن جو هڪ آواز خاموش بڻجي ويو.

سڏ کي ڪي هڏ ناهن،

جي اُهي ٽوڙي سگهين،

آءُ جو آواز آهيان،

زندگي جو راز آهيان،

ٿو وڃان  دور تائين،

روڪ جي روڪي سگهين،

۸ جون ۲۰۱۸ع تي جڏهن سنڌ جي عاشق پليجو صاحب کي مٽي ماءَ حوالي ڪيو پئي ويو تڏهن سنڌي ماڻهن پاران  محبت جا نرالا رنگ نظر ٿي آيا.  سنڌ جي ماڻهن پليجي صاحب کي محبتن ۽ عقيدتن  جا گل نڇاور ڪيا ۽ سنڌ جي نياڻين پنهنجي محبوب اڳواڻ جي مڙهه کي ڪلهو ڏئي هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي. سنڌ جي ماڻهن پنهنجي محبوب اڳواڻ سان عقيدت جو اظهار ڪري هن کي شاندار نمو ني الوداع ڪيو. پليجي صاحب جي لاڏاڻي کان پوءَ سنڌ جي قومي سياست ڪهڙو دڳ وٺندي انهي جو فيصلو ته تاريخ ڪندي پر پليجي صاحب جي لاڏاڻي کان پوءِ سنڌ جي قومپرست سياست، ادب، آرٽ  فلسفي ۽ ڏاهپ جو هڪ شاندار رومانس موڪلائي ويو آهي.آئون سمجهان ٿو ته پليجي جهڙا دانشور ۽ ڏاها ماڻهو ڪنهن خوشنصيب قوم وٽ جنم وٺندا آهن. پليجي صاحب جي ٻاريل شعوري لاٽ اسان ڌرتي واسين لاءِ هڪ وڏي وٿ آهي.

يقينن پليجي صاحب جو خال ڀرجڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ جو پليجو صاحب صدين جي تاريخ جو سچ هو ۽ سچ هميشه امر رهندو آهي. وقت جي تقاضا آهي ته اسان پليجي صاحب جي ٻاريل شمع کي اجهامڻ نه ڏيون ۽ انهي جي نقش قدم تي هلي ٻولي ادب سياست جي آبياري لاءِ هڪ نئين راهه وٺون، انهي ڏس ۾ اسان جو اکيون سنڌ جي روشن خيال اديبن دانشورن ۽ سياستدانن ڏانھن واجھائن ٿيون. موجوده دور ۾ اسان جا هي سياستدان اديب شاعر دانشور سنڌي ماڻهن جي فڪري علمي ادبي راهون روشن ڪرڻ لاءِ اڳتي اچن، پليجي صاحب سنڌ جي ماڻهن کي خوشحالي جا جيڪي خواب ڏنا هئا انهن خوابن جي ساڀيان تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسان عملي طور تي پليجي صاحب جي مشن کي اڳتي وڌائي ڪجهه ڪرڻ جي جستجو ڪنداسين ۽ ميدان ۾ اينداسين. ھن وقت سموري دنيا تبديل ٿي چڪي سياست جا ٽرينڊ تبديل ٿي چڪا آهن سنڌ جي موجود حالتن کي مدنظر رکندي آئون ايئن چوندس ته هن وقت پليجي صاحب جا جيڪي پراڻا نوان دوست آهن اهي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي پليجي صاحب جي مشن کي عملي جامو پارائين، پليجي صاحب جيڪو فڪري پورهيو ڪيو ان کي سنڌ هرگز نٿي وساري سگهي ۽ پليجي صاحب سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۰جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



رسول بخش پليجو

سنڌ جو کرو، جاکوڙي ۽ امر ڪردار

ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

رسول بخش پليجو تمام گهڻ رخي شخصيت هئي، هُو نه صرف ادب سان سلهاڙيل هو بلڪه سپريم ڪورٽ جو هڪ وڏو وڪيل، زبردست مقرر، کرو سياستدان، تاريخ جو ڄاڻو، عورتن جي حقن جو علمبردار، سنڌ جي حقن لاءِ بي ڊپو ڳالهائيندڙ قومپرست رهنما ۽ پنهنجي سر هڪ وڏو ادارو هو، جنهن جي وڇوڙي کي اڄ چار سال گذري ويا آهن پر اڄ به هو پنهنجي ڪردار ۽ گهڻ رخي شخصيت هجڻ ڪري ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي. جنگشاهي ويجهو ضلعي ٺٽي جي ڳوٺ منگر خان ۾ ۲۰ جنوري ۱۹۳۰ع تي علي محمد پليجي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ رسول بخش پليجي، قرآن شريف جي تعليم مقامي مدرسي مان حاصل ڪئي، ان کانپوءِ کيس ٺٽي هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتان وڌيڪ تعليم لاءِ هن کي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هو محمد ابراهيم جويو کان تمام گهڻو متاثر ٿيو، جيڪو علم جي حاصلات ۽ جستجو جو هڪ وڏو ذريعو بڻيو. رڳو ايترو ئي نه بلڪه رسول بخش پليجو کي ٻين ٻولين سان گڏ انگريزي تي تمام گهڻو عبور حاصل هو، اهو ئي سبب هو جو هو هڪ عرصي تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ انگريزيءَ ۾ مترجم طور ڪم ڪندو رهيو، ان کانسواءِ رسول بخش پليجي سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ وڪالت شروع ڪيائين، قانون جي شعبي ۾ اهڙو مقبول ٿيو جو اڄ به عدالتن ۾ سندس ڳڻ ڳائجن ٿا. رسول بخش پليجي جي سياسي اوسر ۱۹۶۳ع ۾ سنڌي هاري ڪاميٽيءَ کان ٿي، تنهن کانپوءِ ۱۹۶۴ع ۾ نيشنل عوامي پارٽي ۾ شموليت ڪيائين، ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ ان جو ڪنوينر به رهيو. جيل پڻ ڀوڳيو، جي_ايم سيد جي جوڙيل بزم صوفياءِ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. ان سان گڏ سنڌي ادبي سنگت ۾ به سرگرم ۽ متحرڪ رهيو. اهو وقت به آيو، جڏهن هُن ٻيون سڀ تحريڪون ڇڏي ۶ مارچ ۱۹۷۰ع تي پنهنجي الڳ پارٽي “سنڌي عوامي تحريڪ” جو بنياد وڌو ۽ اڳتي هلي عورتن، هارين، شاگردن ۽ نوجوانن کي اڳتي اچڻ جو سڏ ڏنو، جن ۾ سنڌياڻي تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ، سنڌي هاري تحريڪ، سجاڳ ٻار تحريڪ، سنڌي گرلز اسٽوڊنٽ تحريڪ جهڙا محاذ شامل آهن. رسول بخش پليجو جي اصل سڃاڻپ ۴ مارچ جي شاگردن جي وارثي ڪرڻ هئي، هيءُ سنڌ جي عوام جي دلين ۾ تڏهن گهر ڪري ويو، جڏهن پاڻ ۽ پنهنجي ساٿين سان گڏجي ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ نمايان ٿيو، هن گهر گهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ وڃي ون يونٽ جي نقصانن بابت سنڌ جي عوام کي آگاهي ڏني، سنڌ جون زمينون ڌارين کي ڏيڻ تي به هن سنڌ جي هر پليٽ فارم تان پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، توڙي جو تحريڪ ۾ حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ غلام محمد، قاضي فيض محمد سميت سنڌ جا ڪيترائي اديب سندس حمايت ۾ اٿي بيٺا، جنهن ڪري ون يونٽ جو خاتمو پهرين جولاءِ ۱۹۷۰ع تي ٿيو، ڳالهه نڪتي آهي سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجو جي گڏ هلڻ جي ته هو ڪيترن ئي محاذن تي هڪ رهيا، ۱۹۶۹ع ۾ رسول بخش پليجي ۽ سائين جي ايم سيد گڏجي “سنڌ متحده محاذ” جو بنياد وڌو، جنهن جو بنيادي مقصد ون يونٽ خلاف تحريڪ کي زور وٺرائڻ هو، پر ٻنهي ۾ ان وقت اختلاف ٿيا، جڏهن ايوب کهڙي ۽ پير علي محمد راشدي کي اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ شامل ڪيو ويو هو، نتيجي ۾ رسول بخش پليجو ۽ سائين جي ايم سيد سياسي طور الڳ ٿي ويا ۽ ڪجهه عرصي بعد ۱۹۷۰ع ۾ رسول بخش پليجي”عوامي تحريڪ” جي نالي سان هڪ نئين سياسي پارٽي جو بنياد رکيو. اها به حقيقت آهي ته رسول بخش پليجو سنڌ تي آيل ڪنهن به ڏکئي وقت ۾ سنڌ جي عوام سان سدائين گڏ رهيو، پوءِ اها جدوجهد سنڌ مان بدامني جي خاتمي لاءِ هجي، ڪالا باغ ڊيم جي خاتمي، ٿل ڪئنال، چشما جهلم لنڪ ڪئنال لاءِ هجي يا سنڌ مان خانگي جيلن جي خاتمي، سنڌ مان غير قانوني طور سرڪاري زمينن جي نيلامي ڇونه هجي، هُن ڪانفرنسون ڪوٺائي هارين جي حقن لاءِ به سگهارو آواز اٿاريو، رڳو اهو ئي نه پر عورتن کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ همٿايو، ان ڪري ئي هن سنڌياڻي تحريڪ جي نالي تي هڪ ذيلي تنظيم قائم ڪري عورتن کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جو هڪ نمايان پليٽ فارم ڏنو. مون کي ياد آهي ته رسول بخش پليجو اهو پرزور مطالبو ڪندو رهندو هو ته عورتن کي ڪمزور سمجهي انهن سان ظلم بند ڪيو وڃي، خاص ڪري سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جي فرسوه رسم جي سخت خلاف هو، جنهن جي خاتمي لاءِ پڻ هن نمايان ڪردار ادا ڪيو، ساڳي ريت عورتن کي قائداڻو ڪردار ڏيارڻ ۾ هو تمام گهڻو سرگرم رهيو، کين بيوروڪريسي ۾ آڻڻ لاءِ اڳتي آندو، ان کانسواءِ ڪرپشن هڪ اهڙو اشو هو، جنهن جي خاتمي کانسواءِ هن ملڪ جي ترقي کي ناممڪن قرار ڏنو، اهڙي طرح رسول بخش پليجي مذهب ۽ سياست کي ٻن ڌار ڌار رخن ۾ رکيو، هو انتهاپسنديءَ جو ازلي دشمن رهيو، هن هميشه امن، پيار ۽ حق جي ڳالهه ڪئي. رسول بخش پليجو عوام ۽ سنڌ دوست رهنما هو، هو عوام سان هر هنڌ ۽ هر مورچي تي گڏ بيٺو رهيو، نه صرف ڪالاباغ ڊيم خلاف هڪ سگهاري مهم هلائي بلڪه گريٽر ٿل ڪئنال تحريڪ، ٿرڪول پراجيڪٽ ۾ مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪرڻ خلاف تحريڪ سان گڏ سنڌ جي هر ننڍي وڏي مسئلي تي اٿي کڙو ٿيو ۽ عوام سان گڏ روڊن تي پڻ نڪتو. هن سکر کان ڪراچي تائين ۽ اسلام ڪوٽ ٿر کان ڪراچي تائين پيادل تاريخي لانگ مارچ ڪري سنڌ جو حلالي پٽ هئڻ جو ثبوت ڏنو. جيتوڻيڪ اڄ هو جسماني طور تي اسان ۾ ناهي پر سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي حقن جي حاصلات ۽ ترقي ۽ خوشحاليءَ جي سفر ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ جاکوڙي ڪردار سبب زنده آهي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۷ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


رسول بخش پليجو

جھڙا آيا جَڳ ۾، تھڙا ويا موٽي!

رياض امر ٻجورو

رسول بخش پليجي صاحب جو سياسي ڪردار آسمان ۾ جَرڪندڙ ستارن جي مثل آھي، سنڌ جي ھن عظيم، نامياري دانشور انسان جو شمار پاڪستان جي نالي وارن وڪيلن سان گڏ سپريم ڪورٽ پاڪستان جي وڪيلن ۾ سان ٿئي ٿو، سندس سڃاڻپ ته، علم جي وسيع خزاني جيان به ٿي، پليجي صاحب جي شروعاتي زندگي تي نظر وجھنداسين ته سندس جنم ۲۰جنوري۱۹۳۰ع ۾ ٺٽي ضلعي جي شھر جنگشاھي جي ڀر سان ھڪ ننڍڙي ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ علي محمد پليجي جي گھر ۾ ٿيو. پاڻ شروعاتي تعليم مقامي ملان مڪتب مدرسي، سيڪنڊري تعليم ٺٽي جي ھاءِ اسڪول ۽ سنڌ مدرسته السلام ڪراچي مان حاصل ڪئي جنھن کانپوءِ مسلم لا ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪيائين. پھرين جولاءِ ۱۹۷۷ع تي جڏھن ون يونٽ جو خاتمو ٿيو ان جي ختم ٿيڻ جو اھم ڪارڻ پليجو صاحب، سائين جي ايم سيد، جھڙن ڏاھن انسانن پاران بغاوت ڪرڻ ھو. اھو ڏينھن ۽ اھو رسول بخش پليجو. جڏھن خبر سندس وفات جي پئي ٿي ته ساري سنڌ سوڳ ۾ وٺجي ٿي، اھو ئي ڏينھن جنھن ڏينھن تي ٺٽي جي گلابي ھَوائن گھلڻ ۽ رقص ڪرڻ ڇڏي ڏنو ھو،

اھو ڏينھن جنھن ڏينھن ڪينجھر جا ڪَپَ ڪومايل ئي رھجي ويا ھئا، سچ ۾ انھي ڏينھن تي نوري ۽ ڄام تماچي به ڏاڍا ڏکارا ئي ٿيا ھوندا، ۽ ٺٽي جي مَزاحمتي ڪردار دولھه درياءَ خان جي اندر مان به ڪا دَرد ڀَري دانھن ضرور نڪتي ئي ھوندي ڇاڪاڻ جو، لطيف سائين، سچل، سامي، ھوشو، ھيمون، روپلي، دولھه درياءَ خان، دودي، کان وري ويجھي وقت ۾ جي ايم سيد، عبدالواحد آريسر، شيخ اياز، ۽ فاضل جن جي ئي ٽهي جو ھي عظيم ڪرادر آخري ئي اچي بچيو ھو! جنھن جي به وڇڙڻ سان سوچجي ته ڀلا ڪيئن ڪونه صدمو پھتو ھوندو! اھو پليجو جنھن سنڌ جي عورتن کي پنھنجن پيرن تي بيھارڻ خاطر ڏينھن رات ھڪ ڪري ڇڏيو جن کي ھو وڏن وارن واري فوجَ ڪري سڏيندو ھو، اھو ئي پليجو جو جڏھن به سنڌ تي ڏکيو ڏينھن ايندو ھو تڏھن ھو ٿر کان ڪراچي تائين پيرن پنڌ ڪري سنڌ دشمنن آڏو مھاڏو اٽڪائڻ کانسواءِ کيس شايد ننڊ ئي نه ايندي ھئي. ھن کي نه رڳو ووٽ لسٽون سنڌي ۾ شايع ڪرائڻ جو ڪريڊيٽ، اعزاز حاصل آھي پر، ھو جيڪو گوڙاڻو ڊيم جو گوڙ ٻڌي ڌرتي واسين کي سڏ ڪندي صف اول ۾ سنڌ جي جياپي جي جَنگ جوٽيندي نظر ايندو ھو، ڪالاباغ ڊيم ھجي يا بغاوتي دؤر، ون يونٽ ھر وقت ۾ ھو سنڌ جي حقن، ننگن ۽ دنگن جي نمائندگي ڪرڻ کانسواءِ کيس جيئڻ زندگي شايد اڻپوري اڻٿيڻي لڳندي ھئي. ھن جو فڪر تاريڪي ۾ شمع جَلائڻ ئي ھو، سندس فڪر سنڌو جي سڪل واريءَ کي ملير جيان، سرسبز بنائڻ ھو، نه ڪي ذاتي پيٽ ڀرڻ! ھينئر جڏھن سموري سنڌ ۾ ڏڪار واري حالت نظر اچي رھي آھي، تنھن ويلي ھر ھر ھڪ ئي شخص ياد اچي ٿو اھو رسول بخش پليجو ئي آھي، جيڪو ساھه جي آخري تَند تائين سنڌ جي پاڻي جو ڪيس وڙھندو رھيو.

سندس ذاتي زندگي تي نظر رکنداسين ته، سندس زندگي گھڻي قدر پيڙائن اَذيتن ۾ گذري وئي. ڪوٽَ لکپت جو قيدي جيڪڏھن چاھي ھا! ته، يقينن ذاتي ۽ خوشحال زندگي گذاري پئي سگھيو پر، سندس طويل فڪر ته سنڌي قوم کي ڪوي ئي بنائڻ ھو، جنھنڪري ئي رڻ ۾ رولاڪين جي وک وک تي آجيان ڪندڙ اھو رسول بخش پليجو ئي ھو، اکين ڏٺي گواھي ڏيندي اھو ئي چوندس ڇاڪاڻ ته خود به اتي موجود ھئس، جنھن جي وفات تي جنازي جي وقت سندس تَدفين ۾ عورتن، سنڌ جي نياڻين به نه صرف شرڪت ڪئي پر، ڪلھيِ ڪانڌي به ٿيون، جنازي جي نماز ۾ پڻ شرڪت ڪئي ھئي، جيڪو مثال شايد پاڪستان جي تاريخ ۾ نٿو ملي. اھو ئي سبب ھو جو ھن عظيم انسان زندگي جو ھر پل ٻين ڪارڻ مطلب سنڌ ۽ سنڌ واسين جي نانءُ ڪي. ٠ اھو الڳ بحث آھي ته، اسان پنھنجن عظيم انسانن جي مرڻ کانپوءِ کين لقب ڏئي سندن ياد ۾ پروگرام ته ملھائيندا آھيون پر، جيئري سندن زندگيون زھر بڻائي ڇڏيندا آھيون پر قدر نه ٿيڻ باوجود به ھھڙا بھادر، دلير ڌرتي جا حلالي پٽ بغير ڪنھن مايوسي، لوڀ ۽ لالچ جي انھن ماروئڙن ماڻھن جي مالڪي ڪرڻ کان پوئتي نه ھٽيا جيڪي کين سڃاڻي ئي نه سگھيا. پليجي جھڙا جوان ته انھن ماڻھن جا به ڀرجھَلا ٿي رھيا جيڪي آخري وقت تائين سندن قدر سڃاڻي نه سگھيا،

رسول بخش پليجو جي ذاتي زندگي کي ڏسنداسين ته، ھن جو ڪوبه ھڪڙو رخ نه ھو ڇو جو جتي عقل جي اڪابرن، دانشورن جي چونڊ ٿيندي ته اتي ھن جو نالو ڏسڻ ۾ ايندو، جتي اديبن، شاعرن ۽ موسيقارن جي چونڊ ٿيندي ته اتي به ھن جو نالو نظر ايندو، ڳالھه جڏھن ملڪ جي سياستدانن جي ڇڙندي ته اتي به ھن جو نالو ڏسڻ ۾ ايندو نه صرف ايترو پر، وري جڏھن ڳالھه سنڌ جي عظيم انسانن، مفڪرن، قومپرستن جي ٿيندي تڏھن به اھا ڳالھه ٽَڪَ ھڻيو بيٺي ھوندي ته، پليجو جيڪو ايشيا جو ڏاھو، قومپرست ھيو ئي ھيو پر ھي ھڪڙو ماڻھو سڄي سنڌ جو وڪيل به ھو سچ ۾ ھو ھڪڙو مڪمل انسان هو، جنھن ڪري ئي تاريخ کيس سنھري لفظن ۾ جاءِ ڏيئي ڇڏي آھي. ٺٽي جي خوشبودار ۽ گلابي مٽي مان جنم وٺندڙ ھن عظيم مفڪر، ۽ انقلابي انسان جي ست جون تي سڄي سنڌ سميت سنڌ آخري آرمگاھه يعني مڪلي کان ڪجھه مفاصلي تي جنگشاھي شھر جي ڀرپاسي سندس ئي اباڻي ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ سندس ورسي جي تقريب رکي وئي آھي جنھن ۾ به ضرور شرڪت ڪبي پر، انکان اڳ پاڻ ھن ڪالم ذريعي پليجي صاحب جي خواھش ۽ فڪر کي ڏسندي “لطيف سائين” جي لفظن سان ڀيٽا ٿا ڏيون جيڪي لفظ لطيف سائين ھھڙن ئي انسانن لاءِ چيا آھن.

ڪَڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻَڌي نينھن جي

جھڙا آيا جَڳ ۾، تھڙا ويا موٽي

انھي جي چوٽي، پورب ٿيندي پَڌري

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۶ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

رسول بخش پليجو

سنڌ جي علم، ادب سياست ۽ سماج جو انقلابي سُونهون!

ادريس لغاري

ڪيترين تاريخي ڪمزورين، ناڪامين يا محرومين جي باوجود به گذريل پنجاهه سٺ سالن جي تاريخ ۾ سنڌ ۾ سياسي، تعليمي، ثقافتي، علمي، ادبي ۽ سماجي ميدان تي کوڙ سارا اهڙا تاريخي ڪم، ڪمال ۽ معجزا پڻ ٿيا آهن، جن جي جيتري به تعريف ۽ تشهير ڪجي اها گهٽ ٿيندي. اهڙا تاريخي ڪارناما ڪن شخصيتن جي ڏاهپ، دانش، پنهنجي وطن جي عوام سان سچائي ۽ اڻ ٿڪ محنت ۽ جدجهد کان سواءِ ممڪن نه ٿيا آهن. جيڪڏهن انهن سڀني حاصلاتن جي پويان ڪو ڪنهن شخصيت جو گهرو تاريخي فڪر، شعور ۽ ڏاهپ شامل نه هجي ها ته شايد هن وقت به سنڌي سماج کوڙ ڳالهين ۽ عملن ۾ يورپ جو اونداهي دور جي ياد تازا ڪندو هجي ها. ڇو ته سنڌ جو سماجي ڍانچو، سنڌ جي ميرن، پيرن، سيدن، وڏيرن، سردارن ۽ جاگيردارن جي آپيشاهي ۾ ساهه کڻندو رهيو آهي ۽ اڃا به صورتحال ڪا گهڻي تبديل ٿيل ناهي. تنهن ڪري سنڌ کي اهڙي سماجي ڪوڙڪي مان علم، ادب، تعليم ۽ سياست جي وسيلي جن شخصيتن نجات ڏيارڻ لاءِ وڏيون ڪاوشون سرانجام ڏنيون، انهن ۾ سوين نالا سرفهرست آهن. جي ايم سيد صاحب قومي فڪر، قومي سجاڳي ۽ قومي حقن بابت جيڪو ڪجهه لکيو، ڳالهايو ۽ جيڪا پرچار ڪئي، تنهن جو اڳ اهڙو مثال نٿو ملي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هارين جي حقن ۽ هارين ۾ جيڪا سجاڳي پيدا ڪئي، تنهن ميدان ۾ هن کان اڳ ان سطح جي شخصيت اسان کي پنهنجي تاريخي قومي رڪارڊ ۾ نٿي ملي. ترقي پسند ادب، فڪر ۽ عوام دوست علم جي ميدان ۾ محمد ابراهيم جويو صاحب جديد ۽ ايندڙ دور جي سنڌ جو سرتاج ۽ سرواڻ آهي. لکن جي عوامي سمنڊ ۾ اقتدار جو سرچشمو ۽ طاقت عوام آهي، نعري جي سطح تائين ئي سهي پر اهو ڪريڊٽ ذوالفقار علي ڀٽي جي حصي ۾ اچي ٿو. انقلابي علم، ادب، سياست، ثقافت، انقلاب، جمهوريت، طبقاتي جدجهد ۽ عورتن جي آزادي جي حوالي سان اسان کي جيڪا هڪ گهڻ رخي شخصيت ملي ٿي، تنهن جو نالو آهي رسول بخش پليجو صاحب. سنڌ ڌرتي جي هن عظيم پُٽ سنڌي سماج کي علم، ادب، انقلاب، عوام دوست سياست، طبقاتي جدوجهد ۽ عورتن جي آزادي لاءِ جيڪو ۽ جيترو علمي، عملي ۽ اڻ ٿڪ پورهيو ڪيو، تنهن جو مثال اڳ نٿو ملي. جيتوڻيڪ ان همعصر دور ۾ ڪنهن حد تائين ٻي کاٻي ڌر، ترقي پسند دوستن ۽ ڪامريڊن جو به زبردست ۽ شاندار ڪردار آهي. پر عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان پوري سنڌ ۾ رسول بخش پليجي صاحب جيڪي ڪرشما ڪري ڏيکاريا، اهي بي مثال آهن. علمي، نظرياتي ۽ فڪري تحريرن سان گڏ ليڪچرن، تقريرن، هزارين ڪارڪنن جي مثالي تربيت، جدوجهدن جا نوان طريقا، وڏا لانگ مارچ، جلسن جلوسن ۾ عورتن جي وڏي پئماني تي شرڪت، قومي، طبقاتي ۽ جمهوري سوال ۽ مسئلي کي گڏي جدوجهد ڪرڻ، گهر ۾، ڳوٺ ۾، جيل يا ريل ۾، شهر ۾ اسٽڊي سرڪلز جو ڄار، سجاڳ ٻار، سنڌي شاگرد تحريڪ، سنڌياڻي تحرڪ، سنڌي گرلس اسٽوڊنس آرگنائيزشن، سنڌي هندو سجاڳ تحريڪ ۽ ٻيا اهڙا کوڙ سارا ڪرشما ۽ ڪارناما هن جي ڪرشماتي شخصيت ۽ اڻ ٿڪ جدوجهد جا شاندار ۽ تاريخي مثال آهن. اڄ اسان هن جي چوٿين ورسي جي حوالي سان صرف سنڌي عورتن ۾ سجاڳي، انهن جي آزادي ۽ انهن جي علمبرداري لاءِ جيڪو رسول بخش پليجي صاحب ۽ عوام تحريڪ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، ان تي پنهنجي هن تحرير کي محدود رکنداسين. سنڌي سماج ۾ وڏيرا شاهي جي جيڪا سماجي آمريت صدين کان وٺي قائم دائم آهي، تنهن جو پوري طاقت ۽ هڪ ڊگهي ۽ منظم حڪمت عملي تحت رسول بخش پليجي نه صرف مقابلو ڪيو، پر تنهن کي ٽوڙڻ ۽ ختم ڪرڻ جا اهڙا اهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا، جيڪي هن کان اڳ ٻيو ڪير به ڏئي نه سگهيو. سنڌي سماج ۾ اڄ به جيڪي ڪٽنب ڪراچي، آمريڪا، لنڊن، لاهور، اسلام آباد يا ٻين وڏن شهرن ۾ رهن ٿا. جتي انهن جون فئمليز شهري پوشاڪ پهرن ٿيون، وڏن وڏن تعليمي ادارن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪن ٿيون، وڏن وڏن سرڪاري عهدن تي ڪم ڪن ٿيون، اڪيلي سر گاڏيون ڊرائيو ڪن ٿيون، پوري آزادي سان گهمن ڦرن ٿيون، عاليشان هوٽلن تي لنچ ۽ ڊنر ڪن ٿيون، گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪري وڃن ٿيون. پر جڏهن به انهن جو پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڏانهن اچڻ ٿيندو آهي ته انهن جي اڪثريت به ايئن پردو ڪري ايندي يا پردي جا اهڙا انتظام ڪيا ويندا، جهڙوڪر اهي ساڳيا ماڻهو ڪجهه ڪلاڪن جي مسافري کان پوءِ ڪائنات جي هڪ اهڙي ڪنڊ ۾ پهچي ويا آهن، جتي خاص طور تي عورتن جي لاءِ صديون پراڻو هڪ اهڙو نظام آهي، جنهن تي نه چاهيندي به انهن کي مجبورن به عمل ڪرڻو آهي ۽ عمل ٿي رهيو آهي. صاحب پاڻ ڀلي کڻي عورتن جي آزادي جو ڪيڏو وڏو علمبردار هجي، پر پنهنجي ڳوٺ پهچندي پهچندي اها عورتن واري آزادي هن کان وسري ويندي. تصور ڪريو ۱۹۶۰ع، ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ عورتن کي سياسي ميدان ۾ آڻڻ ڪيڏو نه ڪرشماتي ڪم هو؟ پليجو صاحب پاڻ بار بار ٻڌائيندو هو ته مون جڏهن پنهنجي ڀينرن، ٻين مٽن مائٽن ۽ ڳوٺ جي ٻين نياڻين کي پڙهائڻ شروع ڪيو ته اسان جي ڳوٺ جي مسجد جو پيش امام مون ڏي آيو ۽ مون کي اچي چيائين ته آئون توکي هڪ شريف ماڻهو سمجهندو آهيان، پر مون کي خبر پئي آهي ته تون ڇوڪرين کي لکڻ ۽ پڙهڻ پيو سيکارين، اهو ڪم نه ڪر، اهي ڇوڪريون ٻه اکر لکڻ سکي ويون ته ڪنهن يار کي خط لکي ڀڄي وينديون، تنهن ڪري تون شريف ماڻهو اهو ڪم نه ڪر. مطلب سنڌي سماج ۾ هڪ شريف ماڻهو جي سڃاڻپ جي نشاني اها به هئي ته هُو پنهنجي نياڻي يا ڀيڻ وغيره کي نٿو پڙهائي يا نه پڙهائي. جن ٻهراڙين يا ڳوٺن ۾ سنڌي وڏيراشاهي ۽ سنڌي آفيسر شاهي جون فئمليز هڪ پردي جي انتظام ڪرڻ کان پوءِ ڳوٺ اينديون هيون (۽ اڄ به اڪثريت ايئن ڪري ٿي) انهن ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ رسول بخش پليجي ۽ عوامي تحريڪ سوين هزارين ماڻهن جي موجودگي ۾ اسٽيج تي وڏي واڪي اعلان ڪري انهن کي اسٽيج تي پاڻ سان گڏ ويهاري، انهن کان پرجوش تقريرون ڪرائي، قومي، عوامي ۽ انقلابي گيت ڳارائي، قومي، عوامي ۽ انقلابي گيتن تي شاندار ٽيبلوز ڪرائي، ڊراما ڪرائي، ناٽڪ ڪرائي، اٺ اٺ، ڏهه ڏهه ڪلاڪ پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ڪرائي، ڇا اهو ڪرشمو يا ڪارنامو نه هو ۽ نه آهي؟ نه صرف ايترو پر ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو، ان تي احتجاج ڪرڻ لاءِ ادي اختر بلوچ اچي پريس ڪلب حيدرآباد اڳيان بک هڙتال تي ويهي رهي ڇا اهو معجزو نه هو؟ جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ ۾ مرد سياسي ڪارڪنن سان گڏ عورتون به گرفتاري پيش ڪن. ڇا رياست کي به گمان هو ته ڪو اسان کي سياسي ميدان ۾ ايئن عورتن سان مهاڏو اٽڪائڻو پوندو ۽ گرفتاري جي صورت ۾ انهن کي گرفتار ڪري جيل ۾ رکڻ جو انتظام به ڪرڻو پوندو. مطلب جنهن وقت رياست کي به تصور ڪو نه هو ته ڪو سياسي ميدان ۾ عورتون نه صرف مزاحمت ڪري سگهن ٿيون پر اهي ڪيترا هفتا، مهينا ۽ سال به جيل ڪاٽي سگهن ٿيون، تنهن ڪري انهن جو انتظام ڪرڻو پوندو. نوڪري جي لاءِ اسان جي هڪڙي سنڌي ڀيڻ سکر کان مٺي پهچي اچي ۽ اتي اچي رهي اهو ناممڪن کڻي نه هوندو هو پر تمام گهڻو مشڪل هوندو هو. اتي رسول بخش پليجي صاحب ۽ فاضل صاحب ۽ ٻين ساٿين جون ڀينرون، گهرواريون، نياڻيون ۽ رشتيدار مايون ۽ نياڻيون، سکر کان مٺي، مٺي کان سکر، گهوٽڪي، شڪارپور، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، سانگهڙ، ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، سجاول، بدوين، عمر ڪوٽ ۽ ٻين ضلعن ۾ هفتن جا هفتا اچي سياسي سرگرميون ڪنديون هيون. اهي پروگرام آرگنائيز ڪنديون هيون، ڳوٺ ڳوٺ ۽ پاڙي پاڙي ۾ گهر گهر وڃي پنهنجن ٻين ڀينرن ۽ نياڻين کي نه صرف دعوتون ڏينديون هيون، پر ليڪچرز، تقريرون، گيت ۽ شعر و شاعري ٻڌائي انهن کي پنهنجي قومي، نجي ۽ طبقاتي حقن کان آگاهه ڪنديون هيون. ملڪي ۽ عالمي سياست ۽ ان جي بدلجندڙ صورتحال تي تجزيا پيش ڪنديون هيون (اڄ به اهو سلسلو برقرار آهي). ڇا انهن جي اهڙي بهادراڻا جدوجهد ۽ سرگرمي آڏو ڪي رڪاوٽون نه آيون هونديون؟ ڪا رستا روڪ نه ٿي هوندي؟ ڪي موت مار ڌمڪيون نه مليون هونديون؟ ڪي رشتا نه ٽٽا هوندا؟ ڪي سڱابنديون ختم نه ٿيون هونديون؟ ڪي طلاق نه ٿيا هوندا؟ ڪي ڪاريون ڪري ماريون نه ويون هونديون؟ ڪي قيد نه ڪيون ويون هونديون؟ سڀ شيون ٿيون، آسمان جيڏا وڏا مسئلا پيدا ڪري سامهون آندا ويا، هر قسم جون رڪاوٽون رستي ۾ آيون، هر قسم جا خطرا هئا، سردارن جا حڪم نڪتا ته چئو انهن کي ته نياڻيون ٻاهر نه ڪڍن، مرشدن مريدي مان ڪڍڻ جا فرمان به جاري ڪيا، راڄ نيڪاليون به مليون، ڀاءُ ڀاءُ جو دشمن ٿي پيو، پيءُ پُٽ ۽ پُٽ پيءُ خلاف بغاوت ڪري بيٺو، شايد ماءُ به ڌي خلاف يا ڌيءُ به ماءُ خلاف ٿي بيٺي هجي، ڀيڻ ڀيڻ جي خلاف. مطلب هر مصيبت ۽ هر مشڪل انهن ڏٺي. نه صرف ڏٺي پر وڏي جرئت، حڪمت عملي ۽ انتظام سان ان جو سخت ۽ ناقابل يقين جي حد تائين مقابلو ڪيو، تڏهن اهي ڪاميابيون مليون. تڏهن هزارين سنڌياڻيون، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، شاهپور چاڪر، خيرپور، دادو، ٺٽو، بدين ۽ ٻين هنڌن، شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ٻاهر نڪري اچي پنهنجي عوامي ۽ قومي قافلي جي قيادت ڪرڻ لڳيون. تڏهن ته حمزا علوي جهڙن دانشورن کي به لکڻو پيو ته ننڍي کنڊ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جهڙي ٻي تنظيم ناهي. اڄ ۶۰، ۶۰ سالن جي اندر سنڌي عوام جو هڪ سٺو حصو سياست، علم، ادب ۽ خاص طور تي تعليم جي ميدان تي نه صرف پنهنجي نياڻين کي پڙهائي رهيو آهي، پر اعليٰ اسڪالرشپس وسيلي انهن کي ملڪ کان ٻاهر موڪلڻ ۾ به فخر محسوس پيو ڪري. پنهنجي ڀيڻ، نياڻي، گهرواري جي وڏي يا اعليٰ امتحان پاس ڪرڻ تي انهن جي اعزاز ۾ شاندار پروگرام ٿي رهيا آهن، سوشل ميڊيا ذريعي انهن کي هزارين لکين مبارڪبادن جا پيغام ملي رهيا آهن، اخبارون ۽ ٽي وي چئنلز انٽرويوز ڪري رهيا آهن. نياڻين جي اسڪولن ۾ پوزيشنز کڻڻ تي انهن جا فوٽو رکي مبارڪون وصول ڪيون پيون وڃن. هاڻي سنڌ سطح تي سوين هزارين سنڌين نياڻيون نه صرف سرگرم آهن، پر ڪيترن قافلن جي قيادت پڻ ڪري رهيون آهن. سنڌ جي هر ننڍي وڏي پريس ڪلب تي جيڪي مظاهرا يا ريليون نڪري رهيون آهن، تن جي اڳواڻي گهڻو ڪري عورتون ڪري رهيون آهن يا انهن ۾ وڌ کان وڌ عورتن جي شرڪت آهي. سنڌي عورتون ۽ ڇوڪريون وڏن عالمي ادارن ۾ سٺين عهدن تي ڪم ڪري رهيون آهن. ميڊيا ۾ به اهي متحرڪ آهن. اها جيڪا ٿوري گهڻي حاصلات ٿي آهي ۽ ان مقصد جي حاصلات لاءِ جن ڀينرن قربانيون ڏنيون انهن کي سوين سرخ سلام، ۽ ساڳئي وقت انهن ڀينرن جي ڀائرن، پيئرن ۽ ٻين مائٽن کي به سوين سرخ سلام. سنڌ جي تاريخ ۾ اهو سماجي انقلاب رسول بخش پليجي جي قيادت، فڪر، عمل ۽ حڪمت جي نتيجي ۾ برپا ٿيو.

ڪيترين تاريخي ڪمزورين، ناڪامين يا محرومين جي باوجود به گذريل پنجاهه سٺ سالن جي تاريخ ۾ سنڌ ۾ سياسي، تعليمي، ثقافتي، علمي، ادبي ۽ سماجي ميدان تي کوڙ سارا اهڙا تاريخي ڪم، ڪمال ۽ معجزا پڻ ٿيا آهن، جن جي جيتري به تعريف ۽ تشهير ڪجي اها گهٽ ٿيندي. اهڙا تاريخي ڪارناما ڪن شخصيتن جي ڏاهپ، دانش، پنهنجي وطن جي عوام سان سچائي ۽ اڻ ٿڪ محنت ۽ جدجهد کان سواءِ ممڪن نه ٿيا آهن. جيڪڏهن انهن سڀني حاصلاتن جي پويان ڪو ڪنهن شخصيت جو گهرو تاريخي فڪر، شعور ۽ ڏاهپ شامل نه هجي ها ته شايد هن وقت به سنڌي سماج کوڙ ڳالهين ۽ عملن ۾ يورپ جو اونداهي دور جي ياد تازا ڪندو هجي ها. ڇو ته سنڌ جو سماجي ڍانچو، سنڌ جي ميرن، پيرن، سيدن، وڏيرن، سردارن ۽ جاگيردارن جي آپيشاهي ۾ ساهه کڻندو رهيو آهي ۽ اڃا به صورتحال ڪا گهڻي تبديل ٿيل ناهي. تنهن ڪري سنڌ کي اهڙي سماجي ڪوڙڪي مان علم، ادب، تعليم ۽ سياست جي وسيلي جن شخصيتن نجات ڏيارڻ لاءِ وڏيون ڪاوشون سرانجام ڏنيون، انهن ۾ سوين نالا سرفهرست آهن. جي ايم سيد صاحب قومي فڪر، قومي سجاڳي ۽ قومي حقن بابت جيڪو ڪجهه لکيو، ڳالهايو ۽ جيڪا پرچار ڪئي، تنهن جو اڳ اهڙو مثال نٿو ملي.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هارين جي حقن ۽ هارين ۾ جيڪا سجاڳي پيدا ڪئي، تنهن ميدان ۾ هن کان اڳ ان سطح جي شخصيت اسان کي پنهنجي تاريخي قومي رڪارڊ ۾ نٿي ملي. ترقي پسند ادب، فڪر ۽ عوام دوست علم جي ميدان ۾ محمد ابراهيم جويو صاحب جديد ۽ ايندڙ دور جي سنڌ جو سرتاج ۽ سرواڻ آهي. لکن جي عوامي سمنڊ ۾ اقتدار جو سرچشمو ۽ طاقت عوام آهي، نعري جي سطح تائين ئي سهي پر اهو ڪريڊٽ ذوالفقار علي ڀٽي جي حصي ۾ اچي ٿو. انقلابي علم، ادب، سياست، ثقافت، انقلاب، جمهوريت، طبقاتي جدجهد ۽ عورتن جي آزادي جي حوالي سان اسان کي جيڪا هڪ گهڻ رخي شخصيت ملي ٿي، تنهن جو نالو آهي رسول بخش پليجو صاحب.

سنڌ ڌرتي جي هن عظيم پُٽ سنڌي سماج کي علم، ادب، انقلاب، عوام دوست سياست، طبقاتي جدوجهد ۽ عورتن جي آزادي لاءِ جيڪو ۽ جيترو علمي، عملي ۽ اڻ ٿڪ پورهيو ڪيو، تنهن جو مثال اڳ نٿو ملي. جيتوڻيڪ ان همعصر دور ۾ ڪنهن حد تائين ٻي کاٻي ڌر، ترقي پسند دوستن ۽ ڪامريڊن جو به زبردست ۽ شاندار ڪردار آهي. پر عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان پوري سنڌ ۾ رسول بخش پليجي صاحب جيڪي ڪرشما ڪري ڏيکاريا، اهي بي مثال آهن. علمي، نظرياتي ۽ فڪري تحريرن سان گڏ ليڪچرن، تقريرن، هزارين ڪارڪنن جي مثالي تربيت، جدوجهدن جا نوان طريقا، وڏا لانگ مارچ، جلسن جلوسن ۾ عورتن جي وڏي پئماني تي شرڪت، قومي، طبقاتي ۽ جمهوري سوال ۽ مسئلي کي گڏي جدوجهد ڪرڻ، گهر ۾، ڳوٺ ۾، جيل يا ريل ۾، شهر ۾ اسٽڊي سرڪلز جو ڄار، سجاڳ ٻار، سنڌي شاگرد تحريڪ، سنڌياڻي تحرڪ، سنڌي گرلس اسٽوڊنس آرگنائيزشن، سنڌي هندو سجاڳ تحريڪ ۽ ٻيا اهڙا کوڙ سارا ڪرشما ۽ ڪارناما هن جي ڪرشماتي شخصيت ۽ اڻ ٿڪ جدوجهد جا شاندار ۽ تاريخي مثال آهن. اڄ اسان هن جي چوٿين ورسي جي حوالي سان صرف سنڌي عورتن ۾ سجاڳي، انهن جي آزادي ۽ انهن جي علمبرداري لاءِ جيڪو رسول بخش پليجي صاحب ۽ عوام تحريڪ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، ان تي پنهنجي هن تحرير کي محدود رکنداسين.

سنڌي سماج ۾ وڏيرا شاهي جي جيڪا سماجي آمريت صدين کان وٺي قائم دائم آهي، تنهن جو پوري طاقت ۽ هڪ ڊگهي ۽ منظم حڪمت عملي تحت رسول بخش پليجي نه صرف مقابلو ڪيو، پر تنهن کي ٽوڙڻ ۽ ختم ڪرڻ جا اهڙا اهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا، جيڪي هن کان اڳ ٻيو ڪير به ڏئي نه سگهيو. سنڌي سماج ۾ اڄ به جيڪي ڪٽنب ڪراچي، آمريڪا، لنڊن، لاهور، اسلام آباد يا ٻين وڏن شهرن ۾ رهن ٿا. جتي انهن جون فئمليز شهري پوشاڪ پهرن ٿيون، وڏن وڏن تعليمي ادارن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪن ٿيون، وڏن وڏن سرڪاري عهدن تي ڪم ڪن ٿيون، اڪيلي سر گاڏيون ڊرائيو ڪن ٿيون، پوري آزادي سان گهمن ڦرن ٿيون، عاليشان هوٽلن تي لنچ ۽ ڊنر ڪن ٿيون، گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪري وڃن ٿيون. پر جڏهن به انهن جو پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڏانهن اچڻ ٿيندو آهي ته انهن جي اڪثريت به ايئن پردو ڪري ايندي يا پردي جا اهڙا انتظام ڪيا ويندا، جهڙوڪر اهي ساڳيا ماڻهو ڪجهه ڪلاڪن جي مسافري کان پوءِ ڪائنات جي هڪ اهڙي ڪنڊ ۾ پهچي ويا آهن، جتي خاص طور تي عورتن جي لاءِ صديون پراڻو هڪ اهڙو نظام آهي.

جنهن تي نه چاهيندي به انهن کي مجبورن به عمل ڪرڻو آهي ۽ عمل ٿي رهيو آهي. صاحب پاڻ ڀلي کڻي عورتن جي آزادي جو ڪيڏو وڏو علمبردار هجي، پر پنهنجي ڳوٺ پهچندي پهچندي اها عورتن واري آزادي هن کان وسري ويندي. تصور ڪريو ۱۹۶۰ع، ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ عورتن کي سياسي ميدان ۾ آڻڻ ڪيڏو نه ڪرشماتي ڪم هو؟ پليجو صاحب پاڻ بار بار ٻڌائيندو هو ته مون جڏهن پنهنجي ڀينرن، ٻين مٽن مائٽن ۽ ڳوٺ جي ٻين نياڻين کي پڙهائڻ شروع ڪيو ته اسان جي ڳوٺ جي مسجد جو پيش امام مون ڏي آيو ۽ مون کي اچي چيائين ته آئون توکي هڪ شريف ماڻهو سمجهندو آهيان، پر مون کي خبر پئي آهي ته تون ڇوڪرين کي لکڻ ۽ پڙهڻ پيو سيکارين، اهو ڪم نه ڪر، اهي ڇوڪريون ٻه اکر لکڻ سکي ويون ته ڪنهن يار کي خط لکي ڀڄي وينديون، تنهن ڪري تون شريف ماڻهو اهو ڪم نه ڪر. مطلب سنڌي سماج ۾ هڪ شريف ماڻهو جي سڃاڻپ جي نشاني اها به هئي ته هُو پنهنجي نياڻي يا ڀيڻ وغيره کي نٿو پڙهائي يا نه پڙهائي. جن ٻهراڙين يا ڳوٺن ۾ سنڌي وڏيراشاهي ۽ سنڌي آفيسر شاهي جون فئمليز هڪ پردي جي انتظام ڪرڻ کان پوءِ ڳوٺ اينديون هيون (۽ اڄ به اڪثريت ايئن ڪري ٿي) انهن ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ رسول بخش پليجي ۽ عوامي تحريڪ سوين هزارين ماڻهن جي موجودگي ۾ اسٽيج تي وڏي واڪي اعلان ڪري انهن کي اسٽيج تي پاڻ سان گڏ ويهاري، انهن کان پرجوش تقريرون ڪرائي، قومي، عوامي ۽ انقلابي گيت ڳارائي، قومي، عوامي ۽ انقلابي گيتن تي شاندار ٽيبلوز ڪرائي، ڊراما ڪرائي، ناٽڪ ڪرائي، اٺ اٺ، ڏهه ڏهه ڪلاڪ پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ڪرائي، ڇا اهو ڪرشمو يا ڪارنامو نه هو ۽ نه آهي؟ نه صرف ايترو پر ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو.

ان تي احتجاج ڪرڻ لاءِ ادي اختر بلوچ اچي پريس ڪلب حيدرآباد اڳيان بک هڙتال تي ويهي رهي ڇا اهو معجزو نه هو؟ جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ ۾ مرد سياسي ڪارڪنن سان گڏ عورتون به گرفتاري پيش ڪن. ڇا رياست کي به گمان هو ته ڪو اسان کي سياسي ميدان ۾ ايئن عورتن سان مهاڏو اٽڪائڻو پوندو ۽ گرفتاري جي صورت ۾ انهن کي گرفتار ڪري جيل ۾ رکڻ جو انتظام به ڪرڻو پوندو. مطلب جنهن وقت رياست کي به تصور ڪو نه هو ته ڪو سياسي ميدان ۾ عورتون نه صرف مزاحمت ڪري سگهن ٿيون پر اهي ڪيترا هفتا، مهينا ۽ سال به جيل ڪاٽي سگهن ٿيون، تنهن ڪري انهن جو انتظام ڪرڻو پوندو. نوڪري جي لاءِ اسان جي هڪڙي سنڌي ڀيڻ سکر کان مٺي پهچي اچي ۽ اتي اچي رهي اهو ناممڪن کڻي نه هوندو هو پر تمام گهڻو مشڪل هوندو هو. اتي رسول بخش پليجي صاحب ۽ فاضل صاحب ۽ ٻين ساٿين جون ڀينرون، گهرواريون، نياڻيون ۽ رشتيدار مايون ۽ نياڻيون، سکر کان مٺي، مٺي کان سکر، گهوٽڪي، شڪارپور، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، سانگهڙ، ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، سجاول، بدوين، عمر ڪوٽ ۽ ٻين ضلعن ۾ هفتن جا هفتا اچي سياسي سرگرميون ڪنديون هيون. اهي پروگرام آرگنائيز ڪنديون هيون، ڳوٺ ڳوٺ ۽ پاڙي پاڙي ۾ گهر گهر وڃي پنهنجن ٻين ڀينرن ۽ نياڻين کي نه صرف دعوتون ڏينديون هيون، پر ليڪچرز، تقريرون، گيت ۽ شعر و شاعري ٻڌائي انهن کي پنهنجي قومي، نجي ۽ طبقاتي حقن کان آگاهه ڪنديون هيون.

ملڪي ۽ عالمي سياست ۽ ان جي بدلجندڙ صورتحال تي تجزيا پيش ڪنديون هيون (اڄ به اهو سلسلو برقرار آهي). ڇا انهن جي اهڙي بهادراڻا جدوجهد ۽ سرگرمي آڏو ڪي رڪاوٽون نه آيون هونديون؟ ڪا رستا روڪ نه ٿي هوندي؟ ڪي موت مار ڌمڪيون نه مليون هونديون؟ ڪي رشتا نه ٽٽا هوندا؟ ڪي سڱابنديون ختم نه ٿيون هونديون؟ ڪي طلاق نه ٿيا هوندا؟ ڪي ڪاريون ڪري ماريون نه ويون هونديون؟ ڪي قيد نه ڪيون ويون هونديون؟ سڀ شيون ٿيون، آسمان جيڏا وڏا مسئلا پيدا ڪري سامهون آندا ويا، هر قسم جون رڪاوٽون رستي ۾ آيون، هر قسم جا خطرا هئا، سردارن جا حڪم نڪتا ته چئو انهن کي ته نياڻيون ٻاهر نه ڪڍن، مرشدن مريدي مان ڪڍڻ جا فرمان به جاري ڪيا، راڄ نيڪاليون به مليون، ڀاءُ ڀاءُ جو دشمن ٿي پيو، پيءُ پُٽ ۽ پُٽ پيءُ خلاف بغاوت ڪري بيٺو، شايد ماءُ به ڌي خلاف يا ڌيءُ به ماءُ خلاف ٿي بيٺي هجي، ڀيڻ ڀيڻ جي خلاف. مطلب هر مصيبت ۽ هر مشڪل انهن ڏٺي. نه صرف ڏٺي پر وڏي جرئت، حڪمت عملي ۽ انتظام سان ان جو سخت ۽ ناقابل يقين جي حد تائين مقابلو ڪيو، تڏهن اهي ڪاميابيون مليون. تڏهن هزارين سنڌياڻيون، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، شاهپور چاڪر، خيرپور، دادو، ٺٽو، بدين ۽ ٻين هنڌن، شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ٻاهر نڪري اچي پنهنجي عوامي ۽ قومي قافلي جي قيادت ڪرڻ لڳيون. تڏهن ته حمزا علوي جهڙن دانشورن کي به لکڻو پيو ته ننڍي کنڊ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جهڙي ٻي تنظيم ناهي.

اڄ ۶۰، ۶۰ سالن جي اندر سنڌي عوام جو هڪ سٺو حصو سياست، علم، ادب ۽ خاص طور تي تعليم جي ميدان تي نه صرف پنهنجي نياڻين کي پڙهائي رهيو آهي، پر اعليٰ اسڪالرشپس وسيلي انهن کي ملڪ کان ٻاهر موڪلڻ ۾ به فخر محسوس پيو ڪري. پنهنجي ڀيڻ، نياڻي، گهرواري جي وڏي يا اعليٰ امتحان پاس ڪرڻ تي انهن جي اعزاز ۾ شاندار پروگرام ٿي رهيا آهن، سوشل ميڊيا ذريعي انهن کي هزارين لکين مبارڪبادن جا پيغام ملي رهيا آهن، اخبارون ۽ ٽي وي چئنلز انٽرويوز ڪري رهيا آهن. نياڻين جي اسڪولن ۾ پوزيشنز کڻڻ تي انهن جا فوٽو رکي مبارڪون وصول ڪيون پيون وڃن. هاڻي سنڌ سطح تي سوين هزارين سنڌين نياڻيون نه صرف سرگرم آهن، پر ڪيترن قافلن جي قيادت پڻ ڪري رهيون آهن. سنڌ جي هر ننڍي وڏي پريس ڪلب تي جيڪي مظاهرا يا ريليون نڪري رهيون آهن، تن جي اڳواڻي گهڻو ڪري عورتون ڪري رهيون آهن يا انهن ۾ وڌ کان وڌ عورتن جي شرڪت آهي. سنڌي عورتون ۽ ڇوڪريون وڏن عالمي ادارن ۾ سٺين عهدن تي ڪم ڪري رهيون آهن. ميڊيا ۾ به اهي متحرڪ آهن. اها جيڪا ٿوري گهڻي حاصلات ٿي آهي ۽ ان مقصد جي حاصلات لاءِ جن ڀينرن قربانيون ڏنيون انهن کي سوين سرخ سلام، ۽ ساڳئي وقت انهن ڀينرن جي ڀائرن، پيئرن ۽ ٻين مائٽن کي به سوين سرخ سلام. سنڌ جي تاريخ ۾ اهو سماجي انقلاب رسول بخش پليجي جي قيادت، فڪر، عمل ۽ حڪمت جي نتيجي ۾ برپا ٿيو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۷ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


رسول بخش پليجو

سنڌ ڄائو جينيئس

ديال صحرائي

تاريخ ۾ ڪي اهڙا ذهن پيدا ٿيا آهن، جن جو وجود ۽ ڪردار سندن قومن، خطن ۽ تهذيبن جو سڀاڳ آهي! زندگي جي فطرت سان ويڙهه واري هن ڊوڙ ۾، انهن جي مجموعي علم، عقل ۽ عمل جي ڪري سندن قومن جي ٻڌي، گڏيل شعوري سطح، پنهنجي ترقي لاءِ رٿابندي ۽ مناسب حڪمت عملي ممڪن بڻي. ڪي ماڻهو فقط سٺو پڙهڻ، لکڻ، نظريا ڏيڻ، ۽ نيون شيون ۽ راهون ايجاد ڪرڻ جي ڪري به تمام وڏا ماڻهو آهن، جيئن لينن جي باري ۾ ڪنهن چيو ته اهو جيڪڏهن بند ڪمري ۾ ويهي صرف سندس لکيل اهي ۶۴ واليوم عالمي ادب کي ڏئي ها ته به هو دنيا جو وڏو ماڻهوآهي، پر لينن پنهنجي ڳالهين تي عمل ڪري ڏيکاريو تڏهن هو بنهه وڏو ماڻهو ٿي ويو! تيئن هن دنيا جي گولي تي جن ماڻهن پنهنجي علمي لياقتن پٽاندر ڏسيل واٽن تي پنهنجي پاڻ عمل ڪري ۽ هلي ڏيکاريو انهن مان اسان جي تهذيب جي حصي ۾ آيل هڪ انتهائي وڏو ماڻهو رسول بخش پليجو صاحب آهي!

رسول بخش پليجي صاحب جي اندر جو ٻار ننڍي هوندي کان ئي هن سماج ۾ رائج پراڻين رجعت پرست ريتن، رسمن، دقيانوسي قدرن ۽ ظلمن مان بيزار ۽ باغي ٿي چڪو هو. پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي عورتن، ٻارن ۽ مسڪينن سان ٿيندڙ ظلم تي پنهنجي پهچ مطابق وڙهڻ شروع ڪيو. اڳتي هلي دنيا جي علمن، سائنسي نظرين ۽ انقلابي تحريڪن کان واقف ٿيو ۽ انهن سان ڳنڍجي ويو. هن جي جدوجهد جو انداز سنڌي سماج ۾ بلڪل نئون هو. پليجي صاحب جي ويڙهه جو ڍنگ نج سائنسي هو پر انهي ۾ سنڌي سماج جي سُٺن قدرن کي جيئارڻ ۽ جدت سان گڏ کڻي هلڻ واري حڪمت عملي اسان جي سنڌو ماٿري ۾ اڄ تائين عمل ۾ آيل سمورن تحريڪن ۽ انهن ۾ اپنايل حڪمت عملين کان مختلف رهيو. انهي منفرد ڍنگ جي پٺيان يقينن مارڪسزم، ليننزم، فڪرِمائو جي نظرين ۽ اسان جي استاد لطيف جي فڪري پيڙهه جو وڏو هٿ آهي. دنيا جي انتهائي ڏکين علمن، نظرين، سائنسي، فلسفيانه محاورن ۽ فڪري مونجهارن کي صفا آسان ڪري سمجهائڻ جو ڏانءُ استاد پليجي وٽ ڪمال جو هو! تنهن ڪري پنهنجي فڪري استادن جا نظريا، منزل لاءِ طئي ڪيل مارڳ ۽ حدف تائين هلڻ لاءِ هلايل حڪمت عمليون ساڻ ڪري، هُو پنهنجي لکڻ ۽ ڳالهائڻ وارِي آرٽسٽڪ ائپروچ، گهڻ پاسائين مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي جي مدد سان پلئه پيل ڏات سان وطن جي وجود مٿان پَوندڙ بڊي جي ڌاروڙن، سانوڻي جي اُتر وارن اوهيرن وانگر وسندو رهيو! هُن جڏهن سنڌ ۾ تنظيم سازي ڪئي تڏهن ضياءَ جي مارشلائي دور ۾ به ڪنڌڪوٽ، ڪيٽي بندر ۽ ڪارونجهر جي وچ ۾ هن جا ڪامريڊ هاري، وطن جي وک وک تي، ٿر جي وَٺي صبح پوکيل سُٺي تَلي واري ٻني ۾ٿيل ٻاجهري جي تيلن وانگي نسري آيا. سنڌ ۾ جتي سياست رُڳو سيد، ڀُٽا، مير پير، جاگيردار ۽ سيٺيا ڪندا هئا، انهي جاگيرداري جي ڪوڙهه ۾ ورتل سماج ۾ موسي ماڇي ۽ مگهني ڪولهي جهڙا هاري جڏهن اسٽيجن تي گاج وانگرگجگوڙ ڪرڻ لڳا، تڏهن سياست کي خانداني ملڪيت سمجهندڙ وڏيرن جي خاندانن پاران اڏيل شيش محلن ۾ ڏار پوڻ لڳا. سنڌ ۾ سياسي ڌُرين جي مجبوري ٿي پئي ته انهي ديوار سان لڳايل پورهيو ڪندڙ رعيت مان ڪجهه ماڻهن کي بس ماڻهو ڪري سمجهون!

تاريخي طور تي سنڌ ڌرتي کي پنهنجي پگهر جو ريج ڏيندڙ پورهيت دراوڙ قبيلن کي هتي سرڪار کان وٺي غيرسرڪاري ادارن تائين، پنچائتن کان وٺي ننڍين ڳوٺاڻي پٽيلي وارين تنظيمن تائين ڪٿي به برابري جا حق ملڻ ته ڇا گڏ ويهي ماني کائڻ جو به حق نه هو. تڏهن هي سنڌ جو اهو حقيقي رهبر هو جنهن پنهنجي انقلابي تنظيم ۽ برادر محاذن جي اهم مرڪزي عهدن تي اڳواڻي جا موقعا فراهم ڪيا ۽ ديس جي دراوڙن کي احساسِ محرومي مان ڪڍي هڪ حد تائين بيڪار رجعت پرست، نفرتن جي اُڻيل ڄار مان ٻاهر ڪڍي ۽ سنڌ ۾ برابري جي بنياد تي اڳواڻي ڪرڻ جو ماحول ڏنو ۽ پنهنجي فڪري ڏاهپ ۽ دورانديشي سان صحيح دڳ لڳايو! استاد جي مسلسل ڳالهه ٻول مطالبي ۽ حڪمت عملي تحت هر مورچي تي وڙهڻ واري گهڻ پاسائين جدوجهد، هن ملڪ جي مالڪن کي مجبور ڪيو تڏهن ئي اڄ انتهائي اهم ادارن ۽ سرڪاري تنظيمن ۾ پڻ مکيه عهدن تي سنڌ جا دراوڙ فائز آهن ۽ بهترين ڪم ڪن پيا!

سنڌي سماج ۾ جتي عورت کي ذاتي ملڪيت سمجهيو ويندو رهي ٿو. مرداڻي سماج ۾ عورت سان ٿيندڙ عقوبتن جا ڪربناڪ داستان لکڻ جهڙا ئي ناهن! جتي عورت جو مرضي سان ساهه کڻڻ، گهمڻ، نوڪري ڪرڻ به محال آهي، جتي عورت کي صرف گهر جي سونهن ۽ شو پيس سمجهيو وڃي ٿو! انهي ئي سماج ۾ عورت کي جدوجهد جو صفِ اول دستو قرار ڏيئي، سنڌياڻي تحريڪ جهڙي بهادر، منظم ۽ متحرڪ ترين تنظيم ٺاهي، جنهن کي استاد ويٽنامي عورتن جو حوالو ڏيئي ڊگهن وارن واري فوج سڏيندو هو! جڏهن سنڌياڻي تحريڪ جي شروعات پليجي صاحب پنهنجي گهر کان ڪئي تڏهن هن سڄي خطي جي سمورن وڏن پڳڙن وارن سياستدانن کي ڦڦڙي وٺي ويئي ۽ چيائون ته هي غلط آهي ڇاڪاڻ ته اڳتي هلي انهن کي به عورتون سرگرم ڪرڻيون پون ها! پر وقت اچڻ سان جڏهن ايم آر ڊي کان وٺي ڪالاباغ ڊيم تائين، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپرايو تحريڪ کان وٺي عدليه جي آزادي واري تحريڪ تائين، ڪاروڪاري خلاف تحريڪ کان وٺي ٻٽي نظام مخالف تحريڪ تائين، پنهنجي سنڌي ڀائرن سان گڏ جنهن بهادري، ولولي ۽ جذبي سان جيل ڀريو تحريڪن، لانگ مارچن، ريلين، مظاهرن، گرفتارين ۾ ڪامياب ۽ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو تڏهن هاڻي سنڌ ۽ پاڪستان جي سمورين مڪتب ِ فڪرن جي سياسي اڳواڻن عورت تنظيم جو محاذ لازم سمجهيو.

سنڌو ندي جي چوطرف رهندڙ تهذيب جي سياسي ماڻهن وٽ سياسي اڳواڻ روايتي سياسي سرگرميون ڪندا رهيا آهن، پر نيون راهون، نوان علم، نوان ۽ منفرد عمل ڍنگ سياست ۾ پليجي صاحب اپنايا. پاڻي جي مسئلي تي جڏهن ڦورو ٽولن انجنيئر اڳيان ڪيا ۽ ٽيڪنيڪل گوهيون هنيون تڏهن پليجي صاحب ريسرچ ڪري، دنيا جا پاڻي ۽ دريائن جا قانون پڙهي، عالمي قانون، معاهدا ۽ ملڪي قانون اڳيان آڻي هڪ بهترين “سنڌ پاڻي ڪيس” ڪتاب لکيو، دنيا اڳيان ڪيس پيش ڪيو ۽ کٽيو!

پليجي صاحب جو وڏو ڪمال اهو هو ته پاڪستان جي مختلف جدوجهدن ۾ هن ڪڏهن وڌيڪ ڪڏهن گهٽ ماڻهن جي شرڪت سان مضبوط تحريڪون هلايون. تن ۾ اينٽي ون يونٽ، ايم آر ڊي، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپرايو، عدليه جي بحالي واري تحريڪ، ڪالاباغ ڊيم ۽ اينٽي ٿل ڪئنال تحريڪ، ٻٽي نظام خلاف تحريڪ ۽ ٻين تحريڪن ۾، نامڪمل قوتون ساڻ ڪري، حڪمت عملي تحت دشمن کي مڪمل ۽ ڀرپور ڏيکاري پنهنجي ڳالهه رکي ۽ اجتمائي قومي ۽ ملڪي مفاد عوام کي ڏياريا! هو نعرن جي فارموليشن جو ماهر هو. جدوجهدون هلائڻ جو ڏانءُ غضب جو ڄاڻيندو هو. ٻولي جو درياءُ هو. اسٽيج جي فن جو بادشاهه هو.

استاد ادب ۽ فن کي نوان لاڙا ڏنا. تنقيد ۾ “سندي ذات هنجن” جهڙو ماسٽر پيس لکيو! جنهن ۾ اهو واضح ڪيو ته مظلوم قومن ۽ طبقن جي ليکڪن پاران لکجندڙ ادب ڪهڙو هجڻ کپي! جڏهن انهي دور جي ترقي پسند اديبن پٺيان انتهاپسند هٿ ڌوئي پيا ۽ مٿن قلمي حملا ڪرڻ لڳا تڏهن استاد، “انڌا اونڌا ويڄ” جهڙو هڪ شاندار ڪتاب ڏنو، انهن ڏنگجندڙ اديبن جو دفاع ڪيو. ٻيا ڪيترائي سياسي ادب تي شاندار ڪتاب لکيا. سنڌ جي هن يگاني ڪردار جي زندگي، فڪري ۽ عملي جدوجهدن تي اڃان وڌيڪ ريسرچ آهي. رسول بخش پليجو صاحب هڪ هماگير شخصيت آهي، جنهن جا انيڪ پاسا آهن، هڪڙي هڪڙي پاسي تي ڪتاب لکي سگهجن ٿا، سندس مان ۾ آئون لطيف جي هي سٽ پيش ڪندس ته، “پريم تنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان! ”

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۷ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


رسول بخش پليجو

توهان کي خبر آھي اهو ڪير هو؟

جنت ھاليپوٽو

سمنڊ جي ڪناري تي پکڙيل ڪلاچي شھر کان هڪ سو ڪلوميٽر اوڀر طرف ۽ محمد علي جناح جي اباڻي ڳوٺ جهرڪ کان ۶۰ ڪلوميٽر ڪينجهر جي پرين ڪپ تي، مائي مڪلي جي قبرستان ڀرسان سنڌ جي تاريخي راڄڌاني جو شھر آھي ٺٽو، ٺٽو جتي دودي ۽ خلجيءَ جون تلوارون پاڻ ۾ ٽڪرائجي تاريخ جو ساز بڻجي ويون هيون ان ٺٽي کان اتر طرف جنگشاهي آھي جتي جبلن مان ڪيڪاٽ ڪندي ريل، اسٽيشن تي بيھندي آھي ان جنگشاهي کان چار ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف، پکين جي جنت جھڙي ڍنڍ هاليجي ان جي اتر طرف ۽ ڪوهستان جي جبلن کان ايندڙ نين جي ڪپ تي هڪ ڳوٺ آھي منگر خان پليجو. ان پٿرن تي پلجندڙ ڳوٺ ۾ اڄ کان ۹۲ سال اڳ هڪ تپيدار رهواسي نالي علي محمد جي گهر ۾ لاڏ ٻائي جي ڪُک مان هڪ ٻار پيدا ٿيو. ٻارن جھڙو ٻار ماءُ تنجي، نڪ اوهاڊي وڏو ڪيو، ڪنھن کي ڪَل نه پئي روايتن جي رلڪي ۾ ويڙھجي، گسڪي، ڊوڙ پائيندو اهو ٻار وڏو ٿيندو ويو جڏھن سُرت پيس ته شرارتي ٿي پيو، چورين جا تجربا ڪرڻ لڳو. هن هڪ عظيم شرارت ڪئي جو امان خرچي نه ڏنس ۽ وڃي روڊ تي سمھي رهيو گاڏين وارن اٿاري پڇيس ڇا ٿيو؟ چئي امان خرچي نٿي ڏي پوءِ گاڏين وارن گهر اچي سندس امان کان خرچي وٺي ڏني اتان کان هن کي خبر پئي روڊ بند ڪرڻ ۽ ڪجھه ڪرڻ سان خرچي ملي سگهي ٿي. ٿورو وڏو ٿيو ته ڳوٺ ۾ بغاوت ڪيائين ڳوٺ ۾ ڪنھن زال کي ڪو مڙس ماريندو هو ته هي پهچي ويندو هو ڪٽڻ ڪو نه ڏيندو هو سمجهائيندو هو.

هن جي عمر جو وقت ننڍو ۽ هي وڏو ٿيندو پئي ويو هو پڙھڻ لڳو ته غيرضروري ڪتاب پيو پڙهندو هو ناول ڇڏيائين ڪونه ڊائجيسٽ ڇڏيائين ڪونه پوءِ هو جوان ٿي ويو ته هن جي ضمير ۾ شعور جون چڻنگون جاڳيون هن جو ضمير هن کي چهنڊڙيون هڻڻ لڳو. فڪري بحران ۽ پورهيت طبقي جي ڊگهي غلامي هن کي هڪ ڊگهي جدوجھد لاءِ اتساهيو ايئن هن سياست ۾ پير پاتو پر سياست ۾ پير ڄمائڻ لاءِ هو گهڻ طرفو پڙھيو، تاريخ، ادب، فلسفو، نفسيات، اقتصاديات، علم جنگ، سائنس ۽ مذھب، تنقيد انھن علمن تي ايڏو دسترس ۽ گھرائي حاصل ڪيائين جو جڏھن ادب تي ڳالهائيندو ته ماڻھو سمجهندا هئا هي ته ماڻھو ئي ادب جو هجي. هي وري مذھبن تي ڳالهائيندو هو ته چوندا هي ته وڏو ڪو عالم هجي ۽ وري جڏھن هو علم جنگ تي ڳالهائيندو هو ته ايئن لڳندو هو ڄڻ ڪو جنگجو هجي. هن علمن کي پي عمل جي رستي تي عاشق بڻجي نڪري پيو. هن تاريخي ذميواري کي سمجهيو ۽ پنھنجي آدرشي ۽ ضميري تقاضائن پٽاندر عمل ڪيو. هو لطيف جا بيت گڏ کڻي نڪري پيو سنڌ جا روڊ رستا لتاڙيائين، ڳوٺن ۾ ويو اتي مڙس ماڻھو ٿيڻ جا درس ڏنائين. ماڻھن جي دماغن کي چاڪ ڪيائين ۽ ايئن جڏھن سنڌو تھذيب کي جياريندڙ دادلي درياءَ کي پاڻي چورن هٿان مرندي ڏٺائين ته وڏا مارچ ڪيائين.

جڏھن عورت تي ظلم ڏٺائين ته عورتن جي انقلابي فوج “سنڌياڻي تحريڪ” ٺاهيائين.

هن ادب ۽ انقلاب تي بدتميزي جو طوفان کڙو ٿيندو ڏٺو ته “انڌا اونڌا ويڄ” ۽ “سندي ذات هنجن” جھڙو ڀالو سنڌين کي لکي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيائين.

جڏھن پنھنجي قوم کي نظرياتي طرح منجهيل ڏٺائين ته “صبح ٿيندو” جھڙو نظرياتي راهه هموار ڪندڙ هٿيار نما ڪتاب ڏنائين.

عالمي ادب کي سنڌ ۾ کڻي آيو، هن ڏکيون شيون سوليون ڪري سمجهايون. قوم لاءِ وڙھندي ۱۴سال جيلن جا عتاب سٺائين. پنھنجن جون غداريون ڀوڳيائين.

ڪيترائي دفعا ايڪسيڊنٽ ٿيو پر لکڻ ۽ پڙھڻ ڪونه ڇڏيائين. نظرياتي ۽ آدرشي اصولن جي مضبوطي کي ثابت ڪندي پٽ کي پارٽي کان ڌار ڪري ڇڏيائين.

هن سوال ڪرڻ ۽ دليل ڏيڻ جي روايت وڌي ۽ نئين سنڌ اڏڻ ۾ ڪافي ڪامياب ويو. بيمار ٿي پيو گهڻين بيمارين حملا ڪيا تڏھن ته ماڳهين جوان ٿي پيو ٽھڪ، تاڙين ۽ گيتن سان ڏينھن گذارڻ لڳو پر عمر جي آخري پلن تائين ڪنھن الهامي قوت جي خوف ۾ جهڪيو ڪونه نڪو وڪيو ۽نه ئي ڪٿي رڪيو. هن جو اڄوڪي ڏينھن تي چار سال اڳ مورڙي مانگر مڇ واري شھر ڪلاچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ ساهه پرواز ڪري ويو. هن جي موت جي خبر لکين اکيون آليون ڪيون قافلو ٺٽي پھتو ۽ ٻئي ڏينھن لڙڪن، گيتن ۽ وچن سان هن کي مٽي ماءُ پنھنجي هنج ۾ ورتو. هو جسماني طرح ناهي رهيو پر هو اڄ به سنڌين جي دلين ۾ زنده جاويد آھي ۽ رهندو ۽ توهان کي خبر آھي اهو ڪير هو؟ ها توهان کي يقينن خبر هوندي هو سنڌ جو دلير پٽ رسول بخش پليجو هو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۷ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


رسول بخش پليجو

مظلوم عوام جو اڳواڻ

نور احمد ڪاتيار

ناليواري قانوندان، اديب، دانشور، محقيق، زندانن جي فاتح، لطيف جي پارکو، سنڌ جي وڪيل، مظلوم قومن ۽ طبقن جي اڳواڻ عوامي تحريڪ جي سربراهه محترم رسول بخش پليجي صاحب جي وڇوڙي کي اڄ پورا چار سال ٿا آهن. پليجي صاحب جي هي چوٿين ورسي آهي.

گذريل ٻه سال سڄي دنيا ۾ ڪورونا جهڙي موت مار وبا جي ڪري پليجي صاحب جي ورسي عوامي تحريڪ سادگيءَ سان ملهائي هئي. پر هن سال سندن آخري آرامگاهه ڳوٺ منگر خان پليجو لڳ جنگشاهيءَ ۾ هزارين ڀينرون ۽ ڀائرن گڏ ٿي کيس شاندار ڀيٽا پيش ڪندا. سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن، سماجي شخصيتن، ذاتي دوستن، اديبن، دانشورن، شاعرن، صحافين، استادن، شاگردن، وڪيلن، فنڪارن، هارين ۽ مزدور اڳواڻن کي دعوتون ڏنيون ويون آهن. سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ جي ثقافتي گروپن پاران منظم انداز سان کيس سلامي پيش ڪئي ويندي.

کرڪڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين

اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو

پليجي صاحب جي کوڙ سارن ڪتابن ۽ انٽرويوز کي پڙهي ۽ سندن ذاتي ڪچهرين ۾ پنهنجي ننڍپڻ جي ڪيل ذڪر ٻڌڻ کان پوءِ بخوبي چئي سگهجي ٿو ته پليجي صاحب ٻالڪپڻ کان ظلم، جبر، ڏاڍ ۽ بربريت خلاف ويڙهه وڙهي، سندن ڳوٺ منگر خان پليجي ۾ جيڪڏهن مڙس پنهنجي زالن ۽ ننڍڙن ٻارن تي تشدد ڪندا هئا ته پليجو صاحب مظلوم زالن ۽ ٻارن جو طرفدار ٿي ظلم ڪندڙ جي سختي سان نندا ڪندو هو ۽ پوءِ جئين جئين وقت گذرندو رهيو ته جڳ جهان ڏٺو ته پليجو صاحب مزاحمت جو اهڃاڻ بڻجي ويو. پاڻ پنهنجي تقريرن، لکڻين، مضمونن، ڪهاڻين، شاعري ۽ سياسي جدوجهدن ذريعي مظلوم قومن، طبقن ۽ سڄي دنيا جي انسان ذات سان ٿيندڙ ظلم خلاف زندگي جي آخري گهڙين تائين سراپا احتجاج بڻيل رهيو. ظلم، جبر، ڏاڍ ۽ ڦرلٽ واري نظام کي ڊاهي پٽ ڪري انصاف ۽ برابري تي ٻڌل نئون نظام جوڙڻ لاءِ مسلسل جاکوڙ ڪندو رهيو.

پاڻ ۱۹۶۳ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ۾ شموليت ڪري باقائده سياست جي شروعات ڪئي، ۱۹۶۴ع ۾ نيشنل عوامي پارٽي نعيپ ۾ شموليت ڪئي، پر ان تان قومي سوال تي اختلاف ٿيڻ کان پوءِ استعيفى ڏنائين، ۱۹۷۰ع ۾ سنڌي عوامي تحريڪ جو بنياد وڌو ۽ پوءِ ائين تنظيم، تربيت ۽ جدوجهد جو سلسلو جاري رکيائين.

سنڌياڻين، هارين، ٻارن، مزدورن ۽ شاگردن لاءِ الڳ الڳ تنظيمون، سنڌياڻي تحريڪ، سنڌي هاري تحريڪ، سجاڳ ٻار تحريڪ، سنڌي مزدور تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ، جهڙيون تنظيمون جوڙيائين. عوامي تحريڪ سميت سمورين برادر تنظيمن جي ڪارڪنن جي علمي، ادبي ۽ سياسي تربيت ڪيائين. سنڌ ۾ هزارن جي تعداد ۾ تربيت يافته ڪارڪن پيدا ڪيائين. نه رڳو سنڌ پر سڄي ملڪ ۾ اهو مثال عام ٿيو ويو ته سنڌ جو جيڪڏهن اڻ پڙهيو هاري ڪچهرين ۾ بحث دوران ڳالهه ٻولهه ڪندو يا جلسن، جلوسن، مظاهرن ۾ تقرير ڪندو ته ڀلي کڻي سندس سڃاڻپ نه به ڪرائي وڃي، پر ٻڌندڙ فوري طور تي سمجهي ويندو ته هي هاري پليجي جي پارٽي جو آهي. ائين ئي سجاڳ ٻار تحريڪ کان وٺي سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪن تائين ان جي ڳالهه ٻولهه ۾ پڌري پٽ نروار پيو ٿيندو ته هي پليجي جي پارٽي جا آهن، هن ننڍي کنڊ ۾ ماڻهو کي گهڙي ٺاهي تربيت، تعليم، تنظيم ۽ ڊسيپلين جي آوي ۾ پچائي راس ڪري صفا ٻيو ماڻهو ٺاهڻ جو بي مثال ڪمال پليجي صاحب ڪري ڏيکاريو.

جت نه پکي پير تت ٽمڪي باهيڙي

ٻيو ٻاريندو ڪري، کاهوڙڪي کير ري.

جڏهن شيخ اياز جي شاعري سميت سنڌي ادب تي رجعت پسند حملي آوار ٿيا ته اهو پهريون ماڻهو رسول بخش پليجو ئي هو جنهن “انڌا اونڌه ويڄ” جهڙو شاهڪار ڪتاب لکي رجعت پسندن جي ڪوڙي پروپيگنڊا کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. ان کان پوءِ صبح ٿيندو ڪتاب لکي قومي، طبقاتي سوال، وڏيرڪي قومپرستي ۽ ملڪي سياست جا بنياد پليجي صاحب سمجهايا. تحريڪ رسالي ذريعي سنڌ جي ماڻهن جي عملي، ادبي ۽ سياسي سمجهه کي وڌايو، انقلابي شاعري کي متعارف ڪرايو. ادبي ميدان کان وٺي سياسي جدوجهدن ۾ محترم رسول بخش پليجي نوان مثال قائم ڪيا.

لطيف جي شاعري کي نئين انداز سان متعارف ڪرايو. انسان ذات جي نجات، قومي ۽ طبقاتي جدوجهد ۾ لطيف جي شاعر کي جنهن انداز سان پليجي صاحب پيش ڪيو. ان جو ڪو مٽ نه آهي. پليجي صاحب جهر جهنگ ۾ لطيف جا ڏيهاڙا ملهائي سنڌ جي عام عوام کي ٻڌايو ته لطيف پنهنجي مارو ماڻهن سان محبت ۽ وفا جا ڪهڙا ڪهڙا سبق ڏنا آهن، ظلمن، جابرن ۽ ڦورئن سان مقابلا ڪرڻ جا ڪهڙا ڪهڙا گُر پيش ڪيا آهن. آخري دم تائين ويڙهه وڙهڻ ۽ سوڀارو ٿيڻ جو جيڪو گس لطيف ٻڌايو اهو وٺڻو آهي. گويون هڻي ميدان ڇڏي ڀڃڻو نه آهي. هر وقت جستجو ۽ ڪين مان ڪجهه ڪرڻ آهي. جتي ڪجهه به نه آهي اتي ڪجهه نه ڪجهه ڪري وجهڻو آهي، “جت نه پکي پير تت ٽمڪي باهڙي” ۽ ذاتي طور پليجي صاحب پنهنجي سڄي زندگي لطيف جي انقلابي تعليم تي عمل ڪندي گذاري جستجو ۽ ڪين مان ڪجهه ڪري وجهڻ جا هن عملي معجزا ڪيا. جنهن سنڌي سماج ۾ عورت جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ عيب ليکيو وڃي، جنهن سماج ۾ اڄ به ڪارو ڪاري جي اڏي تي معصوم نياڻيون قتل ٿين، سڱ چٽي کان وٺي زبردستي وارين شادين واري سماج ۾ اڄ کان ۴۰ سال پهرين سنڌ جو اهو واحد شخص رسول بخش پليجو صاحب ئي هو جيڪو پنهنجي گهر جي عورتن کي سياسي جدوجهد جي ميدان ۾ وٺي آيو ۽ پوءِ شهيد فاضل راهو سميت ٻين سندس ويجهن ساٿين پنهنجي نياڻين کي قومي ۽ طبقاتي جدوجهد ۾ شامل ڪيو جن اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو.

جنرل ايوب جي دور ۾ ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو واري جدوجهد ۾ سنڌياڻين مک ڪردار ادا ڪيو ۽ طاقتور آمر کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو ۽ ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو واري جدوجهد ڪامياب ٿي. سنڌ جون زميون نيلام بند ڪريو تحريڪ کان وٺي جنرل ضياءِ ۽ جنرل مشرف جي آمريت تائين، ڪالاباغ ڊيم خلاف ۽ سموري پاڻي واري جدوجهد سميت عدالتن جي آزادي واري جدوجهد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جون عورت ڪارڪن پهرين صفن ۾ رهيون. پليجي صاحب ون يونٽ خلاف سياسي جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. بنگالين تي چڙهائي خلاف مسلسل سراپا احتجاج بڻيل رهيو ۽ “جيڪي بنگال سان ٿيو ڪتاب لکيو، “جنرل ضياءِ جي ڇتي مارشل لا کي پليجي صاحب چئلينج ڪيو، پهرئين ڏاڪي تي سينسرشپ خلاف صحافين جي جدوجهد ۾ عوامي تحريڪ جي سوين ڪارڪنن حصو ورتو ۽ گرفتاريون ڏنيون. ان کان پوءِ راهوڪي ۾ هزارين هارين کي گڏ ڪري جلسه عام ۾ سرِ عام جنرل ضياءِ کي چيو ته “گيٽ آئوٽ جنرل ضياءِ.” جنرل ضياءِ جي دور ۾ پليجي صاحب کي سالن جا سال قيد ۾ رکيو ويو، جنرل ضياءِ جي آمريت خلاف موومينٽ فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي (ايم آر ڊي) تحريڪ ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن وڏي پئماني تي گرفتاريون پيش ڪيون. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جيلن ۾ قيد ڪيو ويو. عوامي تحريڪ ۽ هاري تحريڪ جي ڪارڪنن کي شهرن جي چوڪن تي ڪوڙا هنيا ويا، پليجي صاحب جي پياري دوست ۽ پارٽي جي اڳواڻ شهيد عوام فاضل راهو کي گولاڙچي جي وچ شهر ۾ قتل ڪيو ويو. ان جي باوجود آمريت خلاف عوامي جدوجهد جاري رکيائين جيڪا نيٺ ڪامياب ٿي ۽ ملڪ ۾ لولي لنگڙي ئي سهي پر جمهوريت قائم ٿي. ان ۾ ٻين ڌرين سان گڏ محترم رسول بخش پليجي صاحب جو مک ڪردار هو.

مشهور حيدرآباد سازش ڪيس ۾ بلوچن ۽ پختون اڳواڻن جو پليجو صاحب وڪيل ٿيو. جنهن جي نتيجي طور پليجي صاحب کي قيد ڪيو ويو. ايمنسٽي انٽرنيشنل پليجي صاحب کي ضمير جو قيدي قرار ڏنو. پليجو صاحب عوامي نيشنل پارٽي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري رهيو. مظلوم قومن جي اتحاد پونم ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. ملڪ ۾ کاٻي ڌر جا ٽي اتحاد عوامي جمهوريت اتحاد، پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ عوامي رابطه ڪميٽي قائم ڪيا.

ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي کي سياسي اڳواڻن مان للڪاريندڙ به پهريون شخص پليجو صاحب هو، جنهن چيو ته هي عالمي سامراج جا ايجنٽ آهن. پليجي صاحب هر فورم تي ايم ڪيو ايم جي تعصب ۽ نسل پرستي واري سياست ۽ دهشتگردي کي وائکو ڪيو ۽ پوءِ سڄي دنيا ڏٺو ته ايم ڪيو ايم جي باري ۾ پليجي صاحب جو موقف درست ثابت ٿيو.

سنڌ جي پاڻي تي پنجاب جي حڪمرانن طرفان لڳندڙ ڌاڙن، ڪالاباغ ڊيم، چشمه جهلم لنڪ ڪينال، تونسا پنجند، ٿل ڪينال ۽ سنڌو درياهه تي وڌيڪ ڊيم ۽ ڪينال ٺاهي سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ خلاف پليجي صاحب تمام وڏي ۽ سگهاري جدوجهد ڪئي. لانگ مارچون ڪيون، پاڻي ڪانفرنسون، سيمينار، احتجاجي مظاهرا، بک هڙتالون، ريليون ۽ ڌرڻا هنيا. اينٽي ڪالاباغ ايڪشن ڪميٽي سميت پاڻي جي حوالي سان ٻين سياسي ۽ سماجي ڌرين سان گڏجي اتحاد قائم ڪيا. ڳوٺ ڳوٺ وڃي عام عوام کي سنڌ جي پاڻي جو ڪيس سمجهايو، پاڻي جي حوالي سان لاتعداد مضمون لکي انگن اکرن سان پليجي صاحب سنڌ جي ماڻهن کي سمجهايو ته ڪهڙين ڪهڙين حرفتن سان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هنيا ويا آهن. نتيجي طور اڄ سنڌ جو ماڻهو پاڻي ڪيس جي حوالي سان پاڻ وڪيل بڻيل آهي. اهڙا معجزا يقينن پليجو صاحب ڪيا جنهن وٽ اوٿاهه عمل هو. ان ۾ ڪوبه شق نه آهي ته پليجي صاحب پنهنجي اٿاهه عمل، سمجهه، شعور کي عملي جامو پهرايو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پليجي صاحب کي ياد ڪرڻ سان گڏ ان جي ڏنل فڪر ۽ واٽ تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنهن فڪر ۽ واٽ ۾ مظلوم قومن ۽ مظلوم طبقن جو ڇوٽڪاريو آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


رسول بخش پليجو

جديد سنڌ جو فڪري خالق !

ڪبير ڀيل

رسول بخش پليجو سنڌ جي اڱڻ ۾ حالتن طرفان پوکيل ۽ پنھنجي آدرشي ۽ ضميري تقاضائن جي خوبصورت زمين مان اُسري نروار ٿيل شعور جو اهو وَڻ هو، جنھن لطيف کان خاڪ، مارڪس کان سُهائي، لينن کان هوا ۽ مائوزيتنگ وٽان جل کڻي پنھنجي پورهيت دوست ۽ قوم دوست عظيم سوچ جا خوبصورت ٽار قوم ملڪ ۽ دنيا ۾ ڦھلايا. وڻ جنھن تان پکي چنري جي شڪل ۾ اُڏرندا آھن، وڻ جيڪو پکين جي کينچلن جو اوتارو آھي، وڻ جنھن کي ٿڌيءَ ڇانو هجڻ جو شرف حاصل آھي هو سنڌ جي اهڙي گهاٽي بڙ جو وڻ هو جنھن جي ڇانوَ هيٺ سنڌ جو هڪ نئون پڙھيل لکيل ڪيڊر تيار ٿيو. ڏاهپ ڀَري مزاحمت جي مھندار هن جبل جيڏي ڪردار کي ڏسي، امان جي اُلفت جھڙو ويساھه ٿئي ٿو ته هن جي ماءُ “لاڏٻائي” پَڪ سان هن کي جِن ڀُوت اَچڻ جو خوف ڏيئي نه سُمھاريو هوندو. هن جي ٻالڪپڻ جي حرڪت ئي مستقبل بابت ريڊ سگنل ڏيئي ڇڏيو هو ته هي مستقبل جو مھان شخص بڻجندو.

هن دنيا کي بدلائڻ لاءِ پنھنجي سموري حياتي جدوجھدن ۽ مزاحمتن جي ميدانن ۾ گذاري. هو سنڌ، پاڪستان ۽ ننڊي کنڊ جو گهڻو طرفو، متحرڪ ۽ بامقصد زندگي گذاريندڙ وڏو ماڻھو هو. هن پنھنجي ڏاهپ، سورهيائي ۽ غيرمعمولي ڪميٽمينٽ، سوچ ۽ لوچ سان سنڌي عوام تي جيڪي علمي، فڪري ۽ ادبي نشان چٽيا تن کان ڪير اختلاف ڀلي ڪري پر جي انڪار ڪندو ته سچ، ضمير ۽ تاريخ جي عدالت ۾ مجرم ڪوٺيو ويندو.

پليجي صاحب جو فڪر سامراجي سوچ ۽ آمريتي اک ۾ گولي جھڙي گار آھي. هو پھرين ڊاهيندڙ ۽ پوءِ اڏيندڙ هو. هن ڏکن ۽ سورن جي عمارت نما دنيا جي پيڙھه جو پٿر سمجهي ورتو هو تڏھن ته سندس تحريرن ۽ تقريرن ۾ طبقاتي تفاوت جو اظھار عام ملندو هو.

اُستاد سُڏڪڻ بدران سڏ ڪندو هو، وڏا سڏ. ڪڏھن ڀٽائي جا بيت کڻي سڏ ڪندو هو ته ڪڏھن اياز جا نظم کڻي، ڪڏھن هو فارسي جون رباعيون کڻي سڏ ڪندو هو ته ڪڏھن “ڪهو لال جهنڊي ڪي جئه هو” جھڙو نظم کڻي سڏ ڪندو هو. هو مارڪسي فڪر جو مفڪر هو، جنھن جاگيرداراڻي، قبائلي سماج ۽ رياستي ڏاڍ واري مُلڪ ۾ قومي عوامي جمھوري انقلاب جھڙو نظريو، نظرياتي محرومي جي ماريل ماڻھن کي نظرياتي طرح هٿياربند ڪرڻ لاءِ ڏنو. هو اڻ هوند ۾ هوند جھڙي ڪماليت رکندڙ ماڻھو هو. جيئن پاڇا وجود جي گواهي ڏيندا آھن ايئن هن جي ڇٽيل سياسي ٻج جا سلا هن جي جبل کان وڏي جستجو جي گواهي ڏين پيا. هو ڄائو ويهين صديءَ ۾ ۽ جوان ايڪهين صدي ۾ ٿيو، پر هن جي عمر اها مطالعي جي ميز هئي جنھن تي انساني تاريخ، علم ۽ ادب جون صديون پيون هونديون هيون.

هن سياست جو آئينو ڪڏھن به ابتو نه جهليو. هو لفظن کي جوانيءَ بخشيندي ڪيترن ئي پوڙھن جذبن کي جوان ڪري ڇڏيندو هو. هن جي عالمي سامراج تي عقابي نگاھه هئي. رسول بخش پليجو جڏھن به، مفادپرست اکيون کڻي سنڌ لٽيندڙ ڳجهن جا ٽولا سنڌ مٿان لامارا ڏيندي ڏسندو هو ته هو پنھنجي تحرير ۽ تقرير جي ڌار بليڊ جي ڌار جيان تيز ڪري ڇڏيندو هو. هو سنڌ جو بھادر باغي هو جڏھن هن کي مخالف پنجاب جو ايجنٽ چئي سياسي دشمنيءَ وچان اختلافن جون الٽيون ڪري رهيا هئا تڏھن هن جنرل حميد گل اڳيان سنڌ جو ڪيس وڙھي ثابت ڪيو ته مٿس الزام مخالفن پاران سندن سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي آسان رستي کان سواءِ ڪجھه به ناهن.

هو غلامي جي گسن تي هلڻ جو قائل قطئي نه هو ڇاڪاڻ جو آزادي هن جو عشق هئي. استاد رسول بخش پليجي صاحب جي آدرشن جي انڊلٺي فريم ۾ نه جهُڪڻ جھڙا تعميري اصول ضمير جي هُجري ۾ وڏي ڪنھن حفاظت سان رکيل هئا پليجي صاحب پنھنجن اصولن ۽ قدرن جا تجارتي هڻ وٺ واري بازار ۾ سوداگري لاءِ هوڪا نه ڏنا ۽ نه ئي هوڪارن جو اثر قبوليو. تنھن ڪري تاريخ جي اک هن شخص کي سدائين نه وڪامندڙ جي حيثيت سان ياد رکندي.

پليجي صاحب جي قلم ۾ تلوار جھڙي تکائپ ۽ جبل جيڏي ارڏائپ هئي هو چاهي ها ته انگريزيءَ ٻولي ۾ لکي دنيا جو مشھور ليکڪ بڻجي وڃي ها پر پوءِ ڪاسبي جا ڪولھي جدلي ماديت نه سمجهي سگهن ها پوءِ ڪرم پور جا ٻپڙ نظرياتي سياست ۾ ساھه نه کڻي سگهن ها پوءِ ٻگهاڻ ۾ ڪوئي ٻوٽو نه ٻري ها ۽ پوءِ ٽنڊي سومري ۾ اسد نظاماڻي نوجوانن کي پليجي جون لکڻيون پڙھي نه ٻُڌائي سگهي ها ۽ اهو سڀ هن ڪرڻ نٿي چاهيو ڇاڪاڻ جو هن چاهيو ٿي ته علاج انھن جو ٿئي جيڪي زخمي آھن ۽ بيمار آھن. هن پنج وڏا لانگ مارچ ڪيا، اهي رڳو مارچ نه هئا اهي ته عظيم قدم هئا، جن سنڌي وڏيرن جا پڳ لتاڙيا ۽ رياستي ڏاڍ جا مٿا چٿيا.

سندي ذات هنجن ۽ انڌا اونڌا ويڄ رڳو ڪتاب نه آھن اهي ته سنڌي ادب جي تاريخ ۾ فڪري ادب جا اهي ڀالا آھن جيڪي جڏھن به رجعت پرستي ۽ مذھبي انتهاپسنديءَ حملا آور ٿيندي ته سندن مڻڪي ۾ هڻي دسي سگهجي ٿو.

هن “صبح ٿيندو” جھڙو خوبصورت خواب صبح ڪيئن ٿيندو جي جوابن سان سنڌي قوم اڳيان پيش ڪري پنھنجو تاريخي، نظرياتي ۽ رهنما موقف پيش ڪيو.

هو لطيف جي خوابن جو ماڻھو هو، هن لطيف جي افسانوي ڪردارن کي عملي جامو پارائي نئين دور جون مارويون، سسئيون، ٻاگهلون پيدا ڪيون جن وقت جي جابر ايوب، ضياءُ ۽ مشرف سان مهاڏو اٽڪايو.

هن سنڌ ۽ پاڪستان ۽ پوري ننڍي کنڊ کي سنڌياڻي تحريڪ جھڙي انقلابي فوج ڏني؛ جنھن لاءِ شيخ اياز چيو ته “سنڌياڻي تحريڪ ڌراڙ جو اهڙو ڌڪ آھي جيڪو هر جابر کي مٽي جي ڍير ۾ تبديل ڪري سگهندو آھي”

هن سنڌ جي سُڌ، سمجهھ، سياست ۽ بقا جي جنگ عورت جي اڳواڻي بنا اڌوري ۽ اڻ مڪمل ٿي سمجهي، تڏھن ته هن جو خيال هو ته سنڌياڻي تحريڪ جي صدر ڪائي ڀيلڻ يا ڪولهڻ ٿئي.

هن کيڏوڻن سان کيڏندڙ ٻارڙن جي هٿن ۾ هڪ سائنسي ۽ انقلابي ساز ڏنو جنهن کي وڄائيندي اڌ سنڌ سياسي شعور سان موهجي وئي، ان ساز جو نالو “سجاڳ ٻار تحريڪ” آھي. اڄ سنڌ جو تقريبن هر ٽيون پڙھيل لکيل شخص ماضي ٻڌائيندي چئي ٿو ته آئون سجاڳ ٻار تحريڪ جو ميمبر رهيو آھيان.

هو سنڌ جي فڪري هلچل جو سرواڻ هو، هو هڪ ئي وقت ضمير جو قيدي به هو ته انساني برابري جو علمبردار پڻ، هو لطيف جي فڪر جو علمي شارح ۽ لطيف جي آئيڊيل انسان جھڙو عملي روپ هو. اک الٽي ڌارڻ سبب هو سدائين اختلافن جي توبن اڳيان سينو تاڻي بيٺو. لطيف هن جي روح جو راڻو هو، هو پاڻ چوندو هو ته جيڪڏهن منھنجي روح ۾ لطيف نه هجي ها ته آئون جيل جون حالتون برداشت نه ڪري سگهان ها.

ڏکڻ ايشيا جي هن سوشل سائنٽسٽ کي پنھنجي تاريخ جو ادراڪ هو تڏھن ته هن جدوجھد جا نوان ڍنگ متعارف ڪرايا. هو پنھنجي وجود، ڪم ۽ ڪردار ۾ هڪ جديد انسان هو جنھن جي جدت ۾ مظلوم عوام جي نجات جو رستو آھي.

تاريخ تراشيندڙ فردن جو اچڻ ۽ وڃڻ ٻئي غيررواجي هوندا آھن!

هو ٽھڪن جي پڙاڏن سان ڄائو ۽ گيتن جي گونجار سان هليو ويو پر هڪ گيت ڇڏي ويو جنھن جو نالو آھي “عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ” جو هر پل ۽ هر گهڙي ڳائجي رهيو آھي ۽ ڳائجندو رهندو تيستائين جيسين ڏاڍي جي هيڻي مٿان هوڏ نٿي ختم ٿئي، اڻ برابري جو راڄ نٿو ختم ٿئي. قومي اندروني /ٻاهرين ڦرلٽ کي ٻنجو نٿو اچي ۽ غيرطبقاتي نظام نٿو اڏجي. هي گيت گونجار ڪندو رهندو، ڪڏھن ڌيمو ڪڏھن ڏاڍيان پر سجاڳي جو سڏ ساڻو نه ٿيندو ۽ فڪر ڪڏھن به وڪاڻو نه ٿيندو!

هن وٽ روشن خيالي ۽ ترقي پسند جو تصور ڏکن کي بدلائي سکن ۾ تبديل ڪرڻ هو. اُستاد علميت، عمليت، فن ۽ فڪر جو حسين امتزاج هو. هو لڪير جو فقير مارڪسٽ نه هو هن جي مارڪسزم ڏانھن تخليقي ائپروچ هئي. هن سوال ڪرڻ سيکاريا، هو گونگي ۽ بي پھچ عوام جو آواز بڻيو هو جديد سنڌ جو فڪري عاشق هو ۽ ان عشق هن کي اڄ جي سنڌ جو فڪري استاد بڻائي ڇڏيو.

اُڄ گهرجين تون بڊاماڻي پُنرا...

مٿي مٿان مون، ويرين واٽون لايون. (لطيف)

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۸ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


رسول بخش پليجو

هڪ وڏو داناءِ ۽ انقلابي رهنماء

وسند ٿري

سنڌ جي ڌرتي اهڙي ڀاڳڀري آهي. سنڌ جو ذڪر ٿو نڪري مطلب هماليا کان وٺي سنڌي وڏي سمنڊ تائين توڙي سنڌو ندي مان نڪرندڙ ٻين دريائن جي ڪناري تي تاريخي طور رهندڙ باشندن جي تاريخ. جنهن غير معمولي ۽ عالمي ليول جا اهڙا املهه انسان پيدا ڪيا آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ ڪمال جا ماڻهو هيا. جنهن ويد ڏنا. هن ڌرتي جي خطي مهاتما ٻڌ، ڪوٽليا چاڻڪيه، لطيف ۽ شنڪر آچاريه جهڙا ڏاها مفڪر، ڀرت، چندرگپت موريا، اشوڪ اعظم، اڪبر اعظم جهڙا عظيم فاتح ڏاها ڏنا. انيڪ سورما پيدا ڪيا. جيڪي پنهنجي ڌرتي جي ننگن ۽ دنگن لاءِ وڙهيا، اهي سڀ هن ڌرتي جا ڳچي جي نولکي هار جا سدا بهار املهه موتي آهن. اڄ هڪ اهڙي وڏي نو لکي هار جو ذڪر ڪنداسين، جنهن جي پنهنجي هڪ الڳ ڇاپ آهي.

’ جڏهن برصغير ۾ آزادي جي تحريڪ پنهنجي عروج ڏي وڌي رهي هئي، جنهن مهيني ۾ انگريزن خلاف سول نافرماني جي تحريڪ جو اعلان ٿيڻ وارو هو ۽ گانڌي لوڻ مارچ جي تياري ڪري رهيو هو. جڏهن قائد اعظم گول ميز ڪانفرنس لاءِ پنهنجن ۱۴ نقطن تي ڪم ڪري رهيو. تاريخ ۱۶ جنوري ۱۹۳۰ تي چنڊ ڌرتي جي گولي جي تمام ويجهو اچي ڄڻ اهو سنيهو ڏي ٿو ته اڄ کان پنج ڏينهن پوءِ ۲۰ جنوري ۱۹۳۰ تي هن ڌرتي جي گولي تي هڪڙو قداور شخص جنم وٺي رهيو آهي. پر ڪنهن کي اها خبر نه هئي ته ڪهڙو خطو خوش نصيب هوندو، ٿيو ائين جو جنگشاهي جبل مان نڪرندڙ برساتي پاڻي تي وهندڙ قدرتي ويهڪري نئيوات جي ڪپ تي ڪو ٻار جنم وٺي رهيو آهي. جيڪو پنهنجي علم عمل ۽ فڪر جي حوالي سان دنيا کي نئين تصورن سان روشناش ڪرائيندو. ۽ ويهين صدي جو ڏاهو انسان سڏيو ويندو. جيڪو عالم به هوندو ته مفڪر، اديب، دانشور، نقاد، قانوندان، شاعر، ليکڪ، انقلابي رهنما، اڳواڻ توڙي ڪارڪن سميت هڪ ئي وقت انيڪ خوبين جو مالڪ هوندو انهي جا انيڪ روپ هوندا. لطيف جي سٽن وانگر

ڪوڙين ڪايائون تنهنجون لکن لک هزار

جي سڀ ڪنهن جي سين، درشن ڌارون ڌار

پريم تنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چئون

 هن انسان جي مٽي نئين سر ڳوهي، هڪ نئون انسان ٺاهڻ جو نه بلڪ تصور ڏيندو پر عملي معني ۾ هڪ تخليڪار بنجي انسان ساز فيڪٽري جو ڪم سرانجام ڏيندو. جنهن جا پيار به دادلي دريا۽ وانگي هوندا، جنهن جا آرا به درياءَ جهڙا هوندا. پوءِ هو ڄميو وڏو ٿيو هن پنهنجي ٻالڪپڻي واري عمر ۾ دنيا جو ادب ڄڻ سمورو نه رڳو پڙهيو پر انهي جو ڳوڙهو مطالعو ڪري، آندائون عميق مان، سندي جوتي جواهرن واري لطيفي واٽ تي عمل ڪندي عرق ڪڍي عالم انسان جي ڀلي جي لاءَ نئون سائنسي فڪر ڏنو. هن سنڌ پاڪستان جي سماجي حالتن کي مدنظر رکندي، بنيادي چئن سوالن عالمي سامراج، قومي، طبقاتي ۽ جھموري جي وڏي دورانديشي سان ڇيد ڪري مارڪسزم، ليننزم ۽ مائوزم جي روشني ۾ سوشلسٽ سماجي جي پهرين ڏاڪي طور نئين سماج جو تصور ڏنو ۽ چيائين ته جتي جتي اندروني توڙي ٻاهرين مطلب ٻين قومن جي ڦرلٽ هوندي جتي سماج سرمائيدار نظام تي پهتل نه هوندو بلڪ هڪ ئي وقت جاگيردارنه، نيم جاگيردارنه، سرمائيدارانه. قبائلي سماج مطلب مختلف شڪلين ۾ هوندو. اتي سموري دنيا ۾ پهرين دفعو سائينسي بنيادن تي مارڪسي فڪر جي روشني ۾ سوشلزم جي پهرين ڏاڪي لاءِ قومي عوامي جھموري انقلاب جو فڪر(vision) ڏنو ۽ چيائين ته اتي (قومي عوامي جھموري سماج) اڏي سگهجي ٿو. هن جينيئس جو نالو رسول بخش پليجو آهي.

رسول بخش پليجو صاحب کي رڳو سنڌ جي تاريخي تناظر، سنڌ ۽ پاڪستان ۾ پيدا ٿيل شخصيتن سان ڀيٽ ڪرڻ واري دائري ۾ سوچڻ تاريخ سان وڏي زيادتي هوندي. اسين ٿورو غور ڪريون سنڌ جي سڀني ڏاهن پليجي صاحب جي لاءِ ساراه جا ڍڪ ڀريا آهن جويي صاحب نثر جي لطيف، سراج ميمڻ پليجو صاحب کي مني مائوزيتنگ سڏيو. مهتاب محبوب اهو چيو ته ملڪي ليول تي گھٽ ۾ گھٽ اهڙين دانشوراڻين خوبين وارو ڪو ٻيو سياستدان اڃان تائين منهنجي نظرن مان ناهي گذريو. شيخ اياز ساهيوال جيل جي ڊائري ۾ اهو لکيو ته پليجي ۾ هڪ عظيم انقلابي ٿيڻ جو سڀ امڪان آهن جي حالتن انهي کي ساٿ ڏنو ته هو سنڌ جو هوچي منهه ٿي سگھي ٿو. مسعود نوراني اهو لکيو ته آئون پليجي صاحب کي لينن، مائو، هوچو منهه ۽ لي دوئان جو تسلسل سمجھان ٿو. جي ايم سيد اهو چيو ته جڏهن پليجي لکين ماڻهن جا جلسا ڪرايا هئا تڏهن مون کي اونده ۾ روشني جو ڪرڻو نظر آيو. پر اتي اها ڳالهه به ذهين ۾ رکڻ گھرجي ته لينن، مائو جو تعلق اتي جي اڪثريت وارين قومن سان هو، جڏهن ته رسول بخش پليجو صاحب جو تعلق پاڪستان جي اڪثريت واري قوم سان نه آهي، لينن وٽ ته روس ۾ گھڻو تڻو هڪ ئي نظام سرمائيداري ۽ ٿورو جاگيردارنه نظام هو، جڏهن ته مائو وٽ به گھڻو تڻو نيم جاگيردارنه نظام هو پر سنڌ اهڙو صوبو ۽ پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي هڪ ئي وقت مختلف سماجي نظام هلندڙ آهن، انهي ڪري انهن سماجي ۾ رهندڙ ماڻهن جي سوچن روين، عملن ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. مٿين تناظر کي سمجهڻ کانسواءِ پليجي صاحب جي غيري معمولي تاريخي گوناگون شخصيت کي سمجھڻ مشڪل هوندو. انساني تاريخ ۾ ڪي ورلي اهڙا انسان پيدا ٿيا هوندا جيڪي پليجي صاحب وانگر هر شعبي ۾ مهارت رکندڙ هجن. گهٽ ۾ گھٽ منهنجي نظر ۾ اهڙا انسان نه گذريا آهن جيڪي هر شعبي ۾ ماهر هجن.

سنڌ جا سڀئي دانشور، ڏاها، سائينسي بنياد تي تنقيدنگار انهي ڳالهه تي متفق آهن ته رسول بخش پليجو صاحب جي سياسي حڪمت عملي ۾ پاڪستان ۾ ڪو به ثاني ناهي. اهو واحد سنڌ جي اها گھمندڙ ڦرندڙ يونيورسٽي هو ۽ آهي، جنهن سنڌ کي اڪثر شعبي ۾ پڙهيل لکيل سمجھو، ڄاڻو قيادت فراهم ڪئي آهي. جڏهن ته ٻين سياستدانن پنهنجي ڪهڻي جي صفا ابتڙ ڪم ڪيو آهي. هتي اسان کي اهو سوچڻ تي مجبور ٿيڻو پوندو ته سنڌ جي ٻين نالي وارين سڏجندڙ سياسي اڳواڻن پنهنجي ڳالهه جي بلڪل ابتڙ عمل ڇو ڪيو. ا اتي اها ڳالهه واضع آهي ته سنڌ جي قومي طبقاتي ۽ فڪري مفادن سان سچو صرف پليجو صاحب ئي هو، جيڪو پنهنجي خيالن عملن ۾ سائينسي بنيادن تي قوم ۽ پورهيت طبقي سان سچو رهيو.

پليجي صاحب جي سموري زندگي غير معمولي جهدوجهد ۾ رهي. پاڪستان ۾ جيڪي به تاريخي طور عوام ۽ حاڪم طبقن وچ م ويڙهون ٿيون آهن، انهي ۾ پليجي صاحب ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ شامل هو ۽ جيڪو جدوجهدون ڪامياب ٿيون، انهن ۾ پليجو صاحب جو رول مهنداري وارو رهيو آهي. پليجي صاحب جي ٻين وڏين تخيلقن مان هڪ سنڌ جي وڏيرشاهي جاگيرداري ۽ مدي خارج سماج ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي تنظيم جو آهي. پليجو صاحب ئي دنيا ۾ واحد ماڻهو آهي، جنهن چيو ته اهڙن سماج ۾ عورت وڌيڪ ڌڪاريل آهي تنهنڪري عورت اڳواڻ دستي طور ڪم ڪرڻ کان سواءِ هي سماج اڳتي نه وڌنڌو. پليجي صاحب لطيف کي انقلابي، قومي، رهنما شاعر طور متعارف ڪرايو. هن پنهنجي ڪم جي شروعات پنهنجي گهر کان ڪئي، ۽ پنهنجي زندگي ۾ اهڙن قدرن جي نفي ڪري، هيڻن، ڌڪاريل ۽ مظلومن کي رهنما ڪري ويو. لهوارو لوڪ وهي تون اوچو وهه اوڀار وانگر پليجي صاحب چيو رياست سڀني شهرين جي ماءِ آهي اتي مذهبي بنيادن تي اقليت جو تصور انساني وقار کي مجروح ڪرڻ جي برابر آهي. حيدرآباد ۾ اقليتي مسلئن تي ڪانفرنس ٿي هئي اتي پليجو صاحب اقليت لفظ کي گار سڏيو ۽ گهر ڪئي سڀني شعبن ۾ برابري جي بنياد تي انهن کي حصو ڏيو انهي کان پوءِ مذهبي اقليت جي باشندن کي فوج ۾ کنيو وڃي ٿو. پليجي صاحب سنڌي ادب ۾ سندي ذات هنجن لکي اها لڪير ڪڍي ته سنڌ کي ڪهڙي ادب جي ضرورت آهي. انهي شاعرن، فنڪارن ۽ اديبن جي رهنمائي ڪئي.

پليجي صاحب کي معاشي، سياسي ۽ تنظيمي حالتن اها اجازت نه ڏني نه ته پليجي صاحب کي زندگي جيڪا عالمي ليول تي پزيرائي ملڻ کپي اها نه ملي، اها پليجي صاحب جي دانائي آهي ۽ قرباني آهي جو هن ذاتي پذيرائي بجاءِ اجتماعي مفادن کي ترجيح ڏني مونکيِ ڪوبه اهڙو فرد نظر نٿو اچي جنهن جنهن حالت ۾ جيئن پليجي صاحب فڪري لائين تان رشتن ۽ ذات جر قرباني ڏني ائين ڏني هجي. پليجو صاحب مارڪسزم کي نه رڳو نئين انداز سان ۽ سادي ٻولي ۾ سنڌ ۽ پاڪستان اندر متعارف ڪرايو پر انهي جو واڌارو ڪيو انهي قومي طبقاتي ۽ سامراج دشمن جدوجهد کي گڏ کڻي هلڻ جو تصور ڏنو، سياست ۽ ادب کي جوڙي هڪ ٻئي جي ڪارج ۾ اچڻ کي ضروري قرار ڏنو. عالم، مفڪر، اديب، دانشور، نقاد، قانوندان، شاعر، ليکڪ، انقلابي رهنما، اڳواڻ توڙي ڪارڪن سميت هڪ ئي وقت انيڪ خوبين جو مالڪ هو. انهي پنهنجي ڪارڪن جي اهڙي طرح تربيب ڪئي آهي جڏهن وسعت الله خان پليجي صاحب جي تدفين، چاليهي، ورسين جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ته هو، اهو چوڻ تي مجبور ٿيو ته پليجو گذاري نه ويو آهي پر ڪٿي نه ڪٿي پنهنجي ڪارڪن جي رهنمائي ڪري رهيو آهي. پليجو صاحب جي ڪارنامن ۽ خوبين تي سوچي انسان اچرج ۾ پئجي دنگ رهجي ويندو آهي.

 

(وسند ٿري جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۰ جون ۲۰۲۲ع تي کنيل)



رسول بخش پليجو

تنين جي چوٽي پورب ٿيندي پڌري!

عاطف ملاح

اڄ ۲۰ جنوري ۲۰۲۳ع سنڌ جي عظيم انقلابي اڳواڻ، پاڪستان جي مظلوم قومن جي حقن جي علمبردار، سڄي ڄمار آمريتن کي لڪاريندڙ، تيز ذھن، ڏاھي، مفڪر ۽ عوامي تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ جي باني محترم رسول بخش پليجي صاحب جي ۹۳ھين سالگرھه جو ڏينھن آھي. پليجو صاحب سنڌ، پاڪستان سميت دنيا جي انھن عظيم، ڏاھن ۽ مفڪرن مان ھڪ ھو جن جي شخصيت، جدوجھد، ڪارناما ڪنھن ھڪ مخصوص فيلڊ يا مضمون تائين محدود ناھن. رسول بخش پليجو صاحب جڏھن پنھنجي شوخ قلم ۽ دشمنن لاءِ زھر قاتل مثل لکڻ جي انداز ۾ “انڌا اونڌا ويڄ” لکي ٿو ته ھو جھڙوڪ دنيا جو وڏو تنقيدي مفڪر ھجي حالانڪه پليجي صاحب جي گھڻ رخي شخصيت ۾ سندس ادب پاسي اھو ڪم صرف ھڪ پھلو آھي نه ته پليجي صاحب دنيا جي علم، ڏاھپ ۾ جيڪي تخليقون ڪيون جيڪي واڌارا ڪيا سي ته ھڪ وڏي وشال ۽ گھري سمنڊ جيان آھن جنھن کي پار پوڻ ته الڳ ڳالھه پر ان جون جھلڪيون ئي پسي سگھجن ٿيون جيڪي ڪڏھن “انڌا اونڌا ويڄ” جي روپ ۾ آھن ته ڪڏھن ادب جي نالي ۾ مايوسي، نراسائي، رجعت پسندي ڦھلائيندڙن کي “سندي ذات ھنجن” جي نالي ۾ قطعي ۽ اھڙو جواب آھن جو مخالف پليجي صاحب جي لکڻ کانپوءِ ٻيھر جوابي ليک لکڻ جي ست نه ساري سگھيا. پليجي صاحب پنھنجي ڪنھن انٽرويو ۾ چيو ھو ته لکڻ جي معاملي ۾ مان ڏاڍو سست آھيان. ماڻھن کي لکندو ڏسندو آھيان، غلط ڳالھيون لکندي ڏسندو آھيان پر سستي سبب کين جواب ڏئي نه سگھندو آهيان پر منھنجو مزاج اھڙو آھي جو اگر ڪو نه مڙيو ته پوءِ آخر ۾ اھڙو لکندس جو وري اڳيان لکندڙ کي جوابي ليک جي ھمٿ نه ٿي سگھندي. (پڙھو رسول بخش پليجي جا انٽريو پيڪاڪ پبلشرس) پليجي صاحب جون لکڻيون بلڪل اھڙيون ئي ھيون: دليلن جي ايڏي وسعت، لکڻ ۾ ايڏو رس ۽ چس، گھرائي سان مطالعي جي خوشبو، شاعري، قولن سان ۽ دنيا جھان جي ادب، فلسفي، علم جي مھڪ سان مھڪيل پليجي صاحب جون لکڻيون، تنقيدي ڪتاب، مقالا اھڙي ته تکي انداز ۾ ھوندا جو مخالف ٻيھر لکڻ لاءِ ھٿوراڙيون پيا ھڻندا. پليجي صاحب جي ھڪ ٻي وڏي خوبي جيڪا پليجي صاحب جي وسيع، گھري ۽ تمام گھري مطالعي جي نشاني ھئي جو پليجي صاحب ماڻھن کي اکرن، اصطلاحن ۾ ڪو نه ڦاسايو.

“اکران دي وچ جوئي اڙيا،

عشق دي چاڙھي مور نه چڙھيا.” (سچل)

پليجو صاحب ڇاڪاڻ ته بنيادي طور پورھيت دوست مفڪر ۽ سياستدان ھو ان ڪري ھُن جو گھڻو واسطو به سنڌ جي ٻھراڙين، ڳوٺن جي غريب مسڪين ماڻھن سان ھو ان ڪري ئي پليجي صاحب پنھنجي لکڻ جي انداز ۽ ٻولي کي ايڏو ته سادو رکيو جو ٻھراڙي جو اڻ پڙھيل ڳوٺاڻو به ڳالھه سمجھي وڃي. پليجي صاحب ماڻھن جي ٻولي ۾ ۽ انھن جي سمجھه ۾ ايندڙ سندن ئي روز مرھه جي شين سان لاڳاپيل مامرن کي پنھنجي لکتن ۾ آڻي سنڌ جي وسيع عوام جيڪا ٻھراڙين ۾ رھي ٿي ان کي لينن، مارڪس ۽ مائو سان روشناس ڪرايو. “صبح ٿيندو” ڪتاب پليجي صاحب جو بنيادي طور تي جدلياتي سائنس جي روشني ۾ سنڌي سماج جو جائزو آھي. ان ۾ سنڌ جي سياست جا نوان بنياد آھن. سنڌ جي سياست ۾ وڏو انقلاب آھي. انقلابي تاريخ ۽ سائنس ۾ وڏو واڌارو آھي پر ان ڪتاب اندر ڪٿي به پليجي صاحب ھروڀرو جدلياتي ماديت يا تاريخي ماديت جي اصطلاحن جو استعمال ڪونه ڪيو آھي ڳالھه سڄي سائنسي آھي ڳالھه سڄي تضادن جي سائنس جي آھي پر پليجي صاحب ان کي “فطرت جي قانونن” يا ٻين اھڙن آسان ۽ سمجھه ۾ ايندڙ اصطلاحن سان سمجھايو آھي جو فلسفي جي اصطلاحن ۾ ڦاسڻ بدران ماڻھو ڳالھه جي ڳر کي سمجھي وڃي ته: واقعي اسان سان جو ظلم، جو ڏاڍ جا ناانصافي آھي سا ته تر جي وڏيري ۽ چڱي مڙس جي ڪري آھي ۽ اڳيان ٻين ڪرسين تي ويٺل صاحب اختيار به ان جي اشاري تي نچندڙ آھن. پليجي صاحب جو اھو وڏو ڪارنامو آھي جو اڄ به سندس پارٽي عوامي تحريڪ جي اڳواڻي پورھيت طبقي وٽ آھي ۽ سنڌياڻي تحريڪ جيڪا عورتن جي دنيا سطح تي مڃيل انقلابي تنظيم آھي ان جي اڳواڻي به پورھيت عورتن وٽ آھي ته ان ۾ گھڻائي به سنڌ جي ڳوٺن سان واسطو رکندڙ عورتن جي آھي. پليجي صاحب جي علمي، عملي ڪارنامن تي ڇا لکجي؟

“پريم تنھنجا پار ڪھڙا چئي ڪھڙا چوان” (شاھه)

“ھي جي آيا ھير سي مون اڳ نه ڏٺا ڪڏھين” (شاھه)

“مون سي ڏٺا ماءُ جنين ڏٺو پرين کي،

تنين سندي ڪا، ڪري نه سگھان ڳالھڙي.” (شاھه)

پليجو صاحب لطيف جو پارکو ھو، سنڌ جي مظلوم عوام جو ڀرجهلو ھو، داناءُ ھو، ڏاھو ھو، وطن دوست ھو.

“ساميئڙا سمنڊ ۾، تنبي جيئن ترن،

اچن واڳو وات، ڪسن ڪڇن ڪين ڪي. “(شاھه)

ھو سنڌ جو سچ پچ يگانو ڪردار ھو. اسان جو استاد ھو. رھبر ھو. قائد ھو سندس سالگرھه تي کيس ڀيٽا اھا ئي ٿيندي جو اسين سندس واٽ، فڪر، نظريي تي عمل ڪندي نئين سنڌ جا بنياد وجھون. جنھن سنڌ جا خواب پليجي صاحب ڏٺا نه فقط خواب پر ھُن عملي ڪم به ڪيو تيئن اسان به سندس واٽ تي آخري دم تائين ھلون ۽ ھن جي رھبري ھيٺ سنڌ، ملڪ سميت دنيا جي مظلومن جا ساٿاري بڻجون.

“ڪڇي ڪاڇوٽي نانگن ٻڌي نينھن جي

جھڙا آيا جڳ ۾، تھڙا ويا موٽي،

تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري” (شاھه سائين)

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۰ ڪنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

رسول بخش پليجو

ڪهڙي سنڌ اڏڻ ۽ ڏسڻ پئي چاهي؟

ادريس لغاري

هن دنيا جي گولي تي رهندڙ اربين انسانن جا هر دور ۽ وقت ۾ پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ مختلف، متضاد، هڪٻئي جي ابتڙ ۽ گڏيل مقصد، خواهشون، واٽون، گس، رستا ۽ منزلون رهيون آهن. جن مان هڪڙن انسانن جي ڪل ڪائنات فقط ئي فقط پنهنجي ڪٽنب تائين محدود هوندي آهي، اهي فقط ان ڪٽنب لاءِ ڪمائن ٿا ۽ ان جي ترقي ۽ خوشحالي انهن جي زندگي جو واحد مقصد هوندو آهي. وري ٻين جي منزل صرف پنهنجي نجي زندگي کي خوش ۽ آسوده رکڻ ۽ ان لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏڻ آهي، ٽين لاءِ وري پنهنجي آس پاس، ذات پات، ڪڙم قبيلي جي خوشحالي اولين ترجيح هوندي آهي، وري ڪن لاءِ پنهنجي اشرافيه ۽ خوشحال طبقي جي مستقل بالادستي کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ وڏي کان وڏي عياشي هوندي آهي. ايئن سوين هزارين قسم جا گروهه، طبقا ۽ ٽولا آهن، جيڪي صدين کان وٺي هڻ هڻان ۾ لڳا پيا آهن. پر انهن سڀني ۾ سڀ کان وڌيڪ فخر جوڳو، سڀ کان وڌيڪ عوام دوست ۽ انسان دوست طبقو آهي، پورهيت ۽ هاري جو. مظلومن جو، پيڙهيل طبقي جو. جنهن سان هر منٽ، هر ڪلاڪ، هر پهر، هر ڏينهن، هر رات، هر هفتي، هر مهيني، هر سال ۽ هر صدي ظلم جو هڪ اڻ کٽ سلسلو جاري آهي. ان پيڙهيل طبقي جو نسل پوري ڌرتي تي ڦهليل آهي. الڳ الڳ ملڪن، خطن، علائقن ۽ جاگرافي حدن ۾، اڪثريت ۾ هوندي به غلام آهن يا غلامي جهڙي زندگي گهاري رهيا آهن. بي تحاشا وسيلن جا وارث هوندي به لاوارث ۽ يتيم آهن. اڻ مئي خوراڪ موجود آهي، پر اهي بکئي ۽ اڌ بکئي پيٽ حياتي گذارين ٿا. دنيا جا اهي ڪيڏا نه خوشنصيب شخص آهن، جيڪي انهن غريبن ۽ پورهيتن جي زندگي ۾ خوشحالي ۽ انقلابي تبديلي آڻڻ لاءِ ان کي پنهنجي زندگي جو اولين ۽ اعليٰ مقصد بڻائين ٿا. رسول بخش پليجو به دنيا جي انهن خوشنصيب ۽ عظيم شخصيتن مان هڪ آهي، جنهن پنهنجي پوري حياتي اهڙي عظيم مقصد جي حاصلات لاءِ گذاري ڇڏي.

سچ ته رسول بخش پليجي ان عظيم مقصد کي اڳيان رکي عوامي تحريڪ ان لاءِ نه ٺاهي هئي ته هن کي رهبر يا ليڊر ٿيڻ جو شوق هو، پر هن پورهيت طبقي مان سوين هزارين مخلص، سچا، پڙهيا، لکيا، ۽ صفا نوان انسان پيدا ڪرڻ چاهيا پئي، جيڪي پنهنجي پيڙهيل طبقي کي غلامي مان نجات ڏيارڻ لاءِ مثالي ڪردار ادا ڪن ۽ وڏي ڪاميابي سان اهو ڪارنامو ڪري ڏيکاريائين. رسول بخش پليجي هزارين ڪتاب پڙهي، انهن جو گهرو مطالعو ڪري، انهن جو تجزيو ڪري، انهن تي لکي پنهنجي پاڻ کي هڪ وڏو عالم، اسڪالر، محقق، دانشور ثابت ڪرڻ نه پئي چاهيو پر هن پورهيت ۽ پيڙهيل طبقي مان سوين هزارين اهڙا، ليکڪ، عالم، اسڪالر، دانشور ۽ محقق پيدا ڪرڻ چاهيا پئي، جيڪي پنهنجي پيڙهيل طبقي جو هڪ سگهارو آواز بڻجي انهن جي ڏکن ۽ تڪليفن کي گهٽائن ۽ ان لاءِ پنهنجي حياتي وقف ڪري ڇڏين. رسول بخش پليجي ڏينهن رات، گرميون هجن توڙي سرديون هجن، آمريت هجي يا نام نهاد جمهوريت، هن پنهنجي پورهيت طبقي جي جدوجهد کي صرف ان ڪري جاري نه رکيو جو هُن ڪو نالو ڪمائڻ پئي چاهيو پر هن چاهيو پئي ته اسان ان طريقي ۽ رستي سان جدوجهد ڪري پنهنجي تاريخي حق حاصل ڪريون نه ڪي ڪنهن کان پني يا رحم جي اپيل ڪري وٺون يا ڪنهن مير، پير سيد، وڏيري، جاگيردار کي هٿ ٻڌي عرض ڪري وٺون. هن سڄي زندگي وڪالت ان لاءِ نه ڪئي هئي ته هُو ان مان صرف پيسا ڪمائي پنهنجي زندگي خوش گذاري سگهي، پر وڪالت ذريعي هن سوين هزارين نوجوانن کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ ٿي چاهيو ۽ ان سان گڏ آئين ۽ قانون وسيلي جدجهد ڪرڻ جي تربيت پئي ڏني ته جيئن اسان جو ماڻهو آئين ۽ قانون مطابق جدوجهد ڪرڻ جو هنر سکي ۽ ان وسيلي پنهنجا حق حاصل ڪري، نه ڪي ڪنهن جو غلام ٿي. هُو سنڌ جي هر ضلعي، تعلقي، ديهه توڙي ڳوٺ ۾ ڪنهن ايم اين اي، ايم پي اي يا ڪنهن مير، پير، سردار، وڏيري جي مهمان ٿيڻ بدران پنهنجي غريب ساٿي جي گهر اچي ان جي ٿانو ٺڪر ۾ پاڻي پيءُ ۽ ماني جا ٻه چار گرهه هڻي، ان جي اڱڻ تي ويهي ٻڌايو ته وڏيراشاهي يا امير طبقي جي ڪنهن شخص وٽ مهمان ٿيڻ بدران پنهنجي غريب دوست ۽ ساٿي سان وقت گذاريو ۽ هن کي پنهنجو ڪيو. اهڙي طرح هن پاڻ کي پنهنجي عوام سان ڳنڍيو ۽ پنهنجي ساٿين جي به اهڙي تربيت ڪيائين. هُو علم ۽ ڪتابن جون ڳالهيون ان ڪري ڪندو هو جو اسان جو ماڻهو رواجي موضوعن ۽ بحثن کان هٽي ڪري علمي، فڪري ۽ نظرياتي ڪچهريون ڪري. اجايو وقت نه وڃائي، فضول ڳالهيون نه ڪري، ڪم جون ۽ اهم ڳالهيون ڪري، اجائي ڄاڙي يا غير ضروري ڳالهين ۾ وقت نه وڃائي. تنهن ڪري هن ڪچهري جا موضوع ئي تبديل ڪري ڇڏيا. هُو دوستن ۽ ساٿين کان اٽي ۽ گهرو پريشانين کان وڌيڪ ملڪ ۽ سنڌ ۽ پورهيت عوام جي نجات ۽ ان جي آزادي جي حوالي سان ڪچهريون ڪندو هو ۽ ڪچهرين لاءِ صفا نوان موضوع کڻي آيو. رسول بخش پليجو وڏي محنت ۽ تاريخي حوالن سان پريس ڪانفرنسون تحرير ڪري صحافين، سب ايڊيٽرن ۽ پروف ريڊرن جي تربيت ڪندو هو. هن کي خبر هئي ته اسان جي صحافين جي اڪثريت روز مره جي خفي مان واندا ٿي ڪي تاريخي ڪتاب نه پڙهندي هوندي، تنهن ڪري انهن کي پڙهائڻ جي لاءِ ۽ انهن جي دلچسپي وڌائڻ لاءِ هُو پريس رليز لکڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪندو هو، جيئن انهن جي به جيتري ٿي سگهي تربيت ڪجي. جلسن جلوسن ۽ جدجهد جي ميدان ۾ عورتن، ٻارن، بزرگن، نوجوانن ۽ ٻين سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو مقصد هو ته سنڌ ۽ ملڪ جون وطن دوست ڌريون ۽ پارٽيون به ايئن ڪن. جلسن، جلوسن، لانگ مارچن، مظاهرن، ريلين ۽ بک هڙتالن تي ٻارن، عورتن ۽ ٻين کان تقريرون ڪرائڻ، ٽيبلوز پيش ڪرائڻ قومي ۽ عوامي گيت ڳارائڻ جي پويان به اهو مقصد هوندو هو ته انهن کي پرجوش بڻائجي، انهن ۾ رومانويت پيدا ڪجي، ان سان دلي جذبو ۽ دلي وابستگي پيدا ڪجي، ان کي خشڪ نه ڪجي، ان مان عوام بيزار نه ٿئي ۽ عوام ان ۾ جسماني طور نه پر شعوري ۽ دلي طور ان ۾ شامل ٿئي ۽ هميشه ان جو حصو رهي.

تنهن ڪري رسول بخش پليجو هڪ نئين سنڌ اڏڻ لاءِ هر وقت تحرڪ ۾ هو. عمر جي آخري ڏينهن ۾ به هن جو روح ۽ جسم ان مقصد جي حاصلات لاءِ جدوجهد ۾ هو. اڄ سندس جنم ڏينهن تي اسان مان جيڪڏهن ڪو رسول بخش پليجي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ چاهي ٿو ته هن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سڀ کان زبردست گس ۽ واٽ سندس نقش قدم تي هلڻ ئي آهي، ان تي پنڌ ۽ عمل ڪرڻ ئي آهي، هن جي ڏسيل واٽ ۽ فڪر کي عملي جامو پهرائڻ ئي آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۰ ڪنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

سنڌ کي رسول بخش پليجي جو جنم ڏينهن مبارڪ هجي

مجتبيٰ جوکيو

هن شخص ان وقت ٺٽي جي ڪوهستاني علائقي جنگشاهي جي ڀرسان نيوات جي علائقي ۾ هڪ تپيدار جي گهر ۾ جنم ورتو، جڏھن ان علائقي جي اڪثر ماڻھن ٺٽو شھر به نه ڏٺو هو. پنهنجي امڙ لاڏ ٻائي کيس لاڏ مان نپايو جيڪو جبل جي جونءَ جو ٻار جنهن کي پنهنجي پيءُ تعليم لاءِ مدرسي ۾ داخل ڪرايو ته جيئن سندس پٽ مولوي بنجي پر هي باغي ذھن ڇوڪرو ڪجھه وقت مدرسي ۾ پڙھڻ کان پوءِ مدرسي مان ڀڄي نڪتو پيءُ جي طرفان کيس ان تي مار به ڏني وئي هن ڇوڪري جي منزل اڃان به ڪا ٻي هئي هن جي اندر ۾ اڻ تڻ هئي ته مون کي ڪجھه ڪو ٻيو بنجڻو آھي. پوءِ اهو جبل جهڙو مضبوط ٻار اڳيان هلي پاڪستان جو وڏو سياستدان دانشور ۽ ڪوٽ لکپت جو قيدي بنجي سنڌ جو وڪيل بنجي سنڌ جو ۽ سنڌ جي پاڻي جو ڪيس وڙھندڙ رسول بخش پليجو بنجي ويو، اڄ سندس جنم ڏينهن آھي.

پليجي صاحب سان گهاريل گهڙين جون ڪيتريون ئي ساروڻيون آھن پليجي صاحب هڪ دفعو ڪچهري ۾ ٻڌايو ته جڏھن ڀٽي صاحب پ.پ.پ ٺاهي ۽ کيس پ.پ.پ ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي ته هن کيس چيو ته توهان سان جيڪي وڏيرا توهان جي پارٽي جي گاڏي ۾ سوار آھن اهي ڪڏھن توهان کي اڪيلو ڇڏي پويان گاڏي مان لهي ويندا مان توهان جي ان گاڏي جو مسافر ٿيڻ نه ٿو چاهيان جڏھن سائين جي.ايم سيد جي خلاف رجعت پرست ڌريون رڻ ٻاري ويٺيون هيون تڏھن پليجي صاحب هڪ لکيو ميان جي خيرو ۽ جي.ايم سيد مضمون ان ڪالم سان پليجي صاحب سائين جي.ايم سيد جو دفاع ڪرڻ شروع ڪيو پليجي صاحب سائين جي.ايم سيد ۽ شيخ اياز جو پنهنجي لکڻين ذريعي دفاع ڪيو ۽ انڌا اونڌا ويڄ. سندي ذات هنجن ۽ صبح ٿيندو جهڙا ڪتاب لکيا.

پليجي صاحب جي ادبي پورهئي کي جامي چانڊيو سهيڙي ڪتاب ترتيب ڏنا آھن . پليجو صاحب جڏھن حيدرآباد سازش ڪيس ۾ بلوچن ۽ پختونن جو وڪيل ٿيو ته کيس به جيل موڪليو ويو . پليجي صاحب ڪتاب لکيو ته جيڪي بنگال سان ٿيو ته ان تي به پليجي صاحب خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو ڀٽي صاحب جي دور ۾ به جيل ۾ رهيو جڏھن ضياءُ الحق مارشلا لا لڳائي ته هن پليجي صاحب کي جيل مان آزاد ڪيو آزاد ٿيڻ شرط پليجي صاحب شهيد فاضل راهو سان گڏجي ڀٽو بچايو ڪاميٽي ٺاهي ۽ ستر ڪلفٽن تي وڃي بيگم نصرت ڀٽو سان ملاقات ڪري ڀٽي جي آزادي لاءِ تحريڪ هلائي. صرف ان ڪري ته ڀٽو سنڌي آھي جمهوري ليڊر آھي کيس بچائڻو آھي جڏھن راهوڪي ۾ هارين جي ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ هزارين ماڻھن شرڪت ڪئي بي.بي.سي لنڊن ٻڌايو ته هاري ڪانفرنس ۾ اسي هزار کان وڌيڪ ماڻهو شريڪ هئا ضيائي آمريت خلاف اهو پهريون وڏو عوامي اجتماع هو پوءِ ضيائي آمريت پليجي صاحب ۽ شهيد فاضل راهو سميت ڪيترن پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جيل موڪليو. پليجي صاحب کي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد ڪيو ويو . ايم.آر.ڊي جي تحريڪ ۾ عوامي تحريڪ ۽ پليجي صاحب ۽ شھيد فاضل جو اهم ڪردار هو.

سنڌ جي شهرن جو مسئلو هجي، پاڻي جو مسئلو هجي، پليجي صاحب هر فورم تي سنڌ جو ڪيس وڙهيو. اڄ سنڌ جي وڪيل جو جنم ڏڻ آهي. سنڌ کي هن سچي پٽ ۽ بهادر اڳواڻ جو جنم ڏڻ مبارڪ هجي.

 

 (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۰ ڪنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

رسول بخش پليجو

علم ۽ عمل جو سنگم

ديال صحرائي

هن ڌرتي جي گولي تي مظلوم طبقن ۽ مظلوم قومن جي اڳواڻن جي لسٽ کولبي ته هن خطي جي حصي ۾ آيل جڳ مشهور ڏاهو، انقلابي اڳواڻ سائين رسول بخش پليجو سرفهرست نظر ايندو. سنڌ جي هن ڏاهي ۽ سپوت فرزند پنهنجي سڄي زندگي، نڌڻڪن ماڻهن، مسڪين طبقن، ڌڪاريل قبيلن ۽ اُلجهيل قومن لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اسان جي سنڌي قوم توڙي هن جي پسگردائي ۾ رهندڙ ٻيون قومون تاريخي طور تي وڏيراشاهي، آپيشاهي، جاگيرداري، پيرپرستي، غلامي جهڙين بيمارين ۾ جڪڙيل رهيون آهن. هتي ماڻهن کي خوف، دٻدٻي، حراس ۽ طاقت جي هٿيارن سان دٻائي رکيو ويو آهي! انهي سڄي صورتحال کي مدنظر رکي پليجي صاحب دنيا جي عالمي انقلابي نظرين مارڪسزم، ليننزم ۽ فڪرِ مائو جي مدد سان، هن خطي جي مفڪر لطيف کي ساڻ ڪري، هن خطي جي ماڻهن جي بنيادي خرابين جي علاج ڪرڻ لاءِ سماج جي هڪ طبيب وارو ڪردار ادا ڪيو ۽ انهن ماڻهن جي قومي ۽ طبقاتي بيمارين جي پاڙ پٽڻ لاءِ عالمي سائنسي نظرين جا نسخا کڻي آيو ۽ هڪڙي اهڙي فڪري لائين ڏني جنهن جا بنياد نج سائنسي آهن ۽ پوءِ انهي لائين تي هن جڳ مشهور جينيئس علاج ڪرڻ شروع ڪيو. هڪ انقلابي جي لاءِ سمورا ضروري گُڻ پنهنجي محنت پاڻ هن پنهنجي شخصيت ۾ پرويا! ڇو ته باضابطه ۽ صحيح معنيٰ ۾ انقلابي واري وصف تي پورو لهندڙ انقلابي اڳواڻ هن خطي ۾ اڻلڀ هو. پليجو صاحب هڪ انقلابي ٿيڻ جي پراسيز مان گذريل پچي راس ٿيل ماڻهو هو. هن ماڻهو جي اڻٿڪ جدوجهد ۽ عالمي انساني تاريخ، ادب، فلسفي ۽ سائنس جي ڳوڙهي مطالعي ۽ لڳاتار عمل جي ڪري هي بنهه وڏو ماڻهو ٿي ۽ هڪ پيشيورانه انقلابي جي حيثيت ۾ سڄي عمر جٽاءُ ڪري سگهيو، ساهه جي آخري گهڙي تائين وڙهندو رهيو. سنڌ جي هن جينيئس جو ڪالهه جنم ڏڻ هو، سندس پرستارن ۽ دنيا جي مظلومن کي سجايي جنم ڏينهن جون جام ساريون واڌايون ڏيان ٿو!

هو وڏو مقرر هو، هن جي تقرير جي رواني ۾ دنيا جا علم، فلسفا ۽ نظريا پنهنجون راهون سنواريندا هئا. لفظن کي ترتيب ڏيڻ، لفظن جو مناسب استعمال ۽ انهن جي تقدس سان نڀاءُ ڪرڻ ته ڪير هن کان ئي سِکي! ٻولي جي خوبصورتي ته هن جي شخصيت جو مکيه ٽول هُئي. هن جي تقرير مٿان ٻيو مقرر ڳالهائڻ کان لنوائيندو هو. جيڪڏهن ڊيڪورم مطابق ڪير ڳالهائيندو هو ته پوءِ تقرير کي بيهارڻ، لڳائڻ پنڊال ۾ پنهنجو اثر ويهارڻ هُن مٿان ڳالهائيندڙمقرر جي لاءِ بي پناهه مشڪل ٿي پوندو هو. هو ڳالهائيندو هو ته دشمنن کي ڦڦڙي وٺي ويندي هئي ته الائي ڇا چوندو! انهي جو مکيه ڪارڻ هي آهي ته سنڌي قوم جي قومي ۽ طبقاتي جدوجهد جي تاريخ ۾ جيڪي اهم موڙ آيا، فيصلا ورتا ويا، يا جيڪي تاريخي تحريڪون هليون انهي ۾ جيڪي وڏا ٽرينڊ سيٽ ٿيا، اهي سنڌ جي هن ڏاهي پُٽ جي کاتي ۾ آيا آهن!

پليجي صاحب جون لکڻيون سندس ئي بقول، هن جا هٿيار رهيون. هن جي قلم جي مَس عالمي توڙي ملڪي سياسي چرخي جي ڦيرن ۽ سياسي موسمن واري ڦيري ۾ اڪثر ٻين سياسي رهنمائُن ۽ اديبن وانگر ڄَمي يا سُڪي ڪونه! هن جو قلم مظلوم قومن ۽ طبقن خلاف ٿيندڙ هر سازش کان سڀ کان پهرين آگاهه ڪندو رهيو! هو چوندو هو ته لکڻ سون آهي ۽ ڳالهائڻ چاندي آهي! هن جي لکڻين ۾ ٻولي اهڙي هوندي هئي جو عوام کي به سمجهه ۾ اچي ته عالمي پائي جي هڪ مفڪر جي لاءِ به متاثر ڪندڙ ۽ ڪارائتي هجي! هن جي لکڻي کي پڙهڻ سان سياسي ۽ سماجي طور تي مايوس ٿي ويٺل يا مئل ماڻهو ۾ ساهه پئجي ويندو آهي! ادب ڪيئن هجڻ کپي، تخليق ڪهڙي هجي جيڪا اسان جهڙن سماجن جي زخمن تي مرهم جو ڪم ڪري. ۽ فن ڪهڙو هجي ؟ فن جو فرسوده سماج مان جان ڇڏائڻ واري ويڙهه ۾ ڪهڙو ڪارج هئڻ کپي؟ انهي تي پليجي صاحب جون تاريخي لکڻيون آهن ۽ تقريرون آهن. هڪڙو ڪتاب “سندي ذات هنجن” سنڌي ادب ۾ تنقيد واري باب جي وڏي سڃاڻپ آهي! برصغير ۾ ترقي پسند ليکڪن، اديبن، سيڪيولر ماڻهن کي پنهنجي مرضي سان لکڻ ئي نه ڏنو ويندو هو، جيڪو ڳالهائيندو هو ته منصوبي تحت ميدان ۾ لاٿل برگيڊ حملي آور ٿي ساهه سُڪائي ڇڏيندي هئي انهي ترقي پسند ادب ۽ تحريڪ جا مٿان ڍال بڻجي بيٺو هڪ ڪتاب، انڌا اونڌا ويڄ جنهن جي وڏي هاڪ آهي! هن ڪتاب جو نالو ٻڌڻ سان انتهاپسند اديبن جا تاڪ لڳيو وڃن. صبح ٿيندو سنڌي قوم ۽ هتي جي مظلوم طبقي جي نجات جي واٽ ڏسي ٿو. لطيف سائين هڪ انقلابي مفڪر ۽ شاعر ڪيئن آهي انهي ته جشن لطيف ڪري سڄي سنڌ ۾ لطيف جي شاعري عام ڪرڻ وارو تاريخي ڪم استاد ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ جشن لطيف واري روايت سنڌ جي جديد ثقافت جو حصو ٿي وئي آهي!

پليجي صاحب جي سڀ کان وڏي تخليق عوامي تحريڪ آهي، جيڪا هن جي وفات کانپوءِ به جڏهن سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ٿين ٿا ته پنهنجي ڪارڪنن جو دادلو درياءُ ڪراچي جي شاهراهن تي ساڻ ڪري وطن جو وجود بچائي ٿي! ۽ جڏهن وفاق ڊيمن خلاف آواز اٿاريندڙ کي آرٽيڪل ۶ جي ڌمڪي ڏئي ٿو تڏهن به پنهنجي قائد جي تاريخي روايت کي دهرائيندي، عوامي تحريڪ چوي ٿي ته، “ هم هي ڪو هي سليقه جرئت اظهار ڪا، جب صدا کا ڪهت پڙيگا تو هم هِي بولينگي!”

سنڌ ۾ پليجي صاحب کان پهرين ٻين سياسي مڪتبه فڪرن جا ڪلچر ايئن هئا جو انهي ۾ وڏيرا به، پنهنجي جيئن جو تيئن ڪارونهوار ۽ زندگي سمورين ڪارستانين ساڻ قابل قبول هئا. اڃان سڌي ڳالهه ڪجي ته انهن وٽ جاگيردار پڻ پارٽي ۾ قابل قبول هئا، بلڪه گهڻيون پارٽيون ته ٺهيل ئي نج وڏيرن جون هيون جيڪي اڄ به زنده آهن. انهي جو مکيه سبب هي هو ته انهن پارٽين جا سربراهه پاڻ وڏيرا هئا. هن سڄي خطي ۾ سياست ته ڪندا ئي وڏيرا هئا. مسڪين ماڻهو کي رڳو ووٽ به پنهنجي مرضي سان ڏيڻ جو حق ڪونه هو، اتي پليجي صاحب سڀ کان پهرين اها ڳالهه ڪئي ته هاري، مزدور ۽ مسڪين ڌڪاريل ماڻهو ئي اصل ۾ اڳواڻي جا حقدار آهن جن سان صدين کان ظلم ٿيندو اچي، ۽ پوءِ عوامي تحريڪ ۾ هزارين هاري آيا جن جي علم ۽ عمل کان وڏيرا ۽ جاگيردار ڏڪندا هئا. اڄ به هڪ ڳالهه مشهور آهي جو دشمن به هر فورم تي اها ڳالهه مڃي ٿو ته عوامي تحريڪ جو هڪ سِرڙيو هاري پڻ وڏو ڄاڻو هوندو آهي، انهي سان بحث ۾ ڪونه پُڄي سگهبو! ۽ ها عوامي تحريڪ ۾ جيڪي وڏيرا آيا سي به پنهنجو پاڻ کي ڊي ڪلاسيفاءِ ڪري، سُڌاري عوام دوست، مظلوم دوست ۽ وطن دوست ۽ شاندار ڪردار ٿي اڀريا!

هن بنهه وڏي تخليقڪار پنهنجي هر تخليق کي انقلاب سان ڳنڍي رکي. ٻارڙن جي الڳ تنظيم ٺاهي انهي جي تربيت سڄي انقلابي گيتن، بيتن، مارچن، تقريرن ۽ عملن سان ڪئي. هو ٻارن سان ٻار ٿي ويندو هو. هر عمر ۽ علمي سطح جي ماڻهو سان هن جي معيار مطابق هيٺ لهي ڳالهائيندو ۽ سمجهائيندو هو! هن شاگردن کي ايڏو تيار ڪيو جو وڃي راتين جون راتيون ڳوٺن ۾ هارين سان گڏ رهندا هئا ۽ اتي وڃي، سائنس، فلڪيات، ادب، تاريخ، فلسفي، عالمي انقلابن، جنگ ۽ مذهبن تي ليڪچر ڏيندا هئا! هن جي تنظيم جي شاگردن جي پنهنجي سماج ۾ پڻ ايڏي ساک آهي جو اڄ به اسان کي سنڌ مان انيڪ ماڻهو ڀاڙا ڀري پنهنجو اولاد حوالي ڪري ويندا آهن ته پڙهائي ڏيو! انهي جو مکيه ڪارڻ هي آهي ته پليجي صاحب جي تنظيم ۾ سخت ضابطو آهي. انهي ضابطي ۾ ڪنهن کي به رعايت ناهي. سنڌياڻي تحريڪ جهڙي عورتن جي هن ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ منظم تنظيم پڻ انهي ضابطي جي ڪري اڄ به سرگرم آهي.عورتن کي هن سماج ۾ گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت نه هئي، استاد انهي ڪري جدوجهدن جو صف اول دستو ئي سنڌ ۾ عورت کي قرار ڏنو، تڏهن اڄ هر تنظيم جي مجبوري ٿي وئي آهي ته عورت ونگ ٺاهي، ۽ عورتون هاڻي اڳواڻي پڻ ڪن ٿيون! مطلب ته هن ماڻهو جي شخصيت ايڏي ته هماگير شخصيت آهي جو انهي کي هڪ مضمون ۾ بيان ڪرڻ گهڻو مشڪل آهي. اهڙن بنهه وڏن ڪردارن سان انصاف تحقيقي ادارا ئي ڪري سگهن ٿا.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۱ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



رسول بخش پليجو

اوسيئڙو آهي کاهوڙين کي پنڌ جو

انقلاب ٿري

هُو جيڪو ۸۲ سالن جو جهور پوڙهو هوندي به ۲۲ سالن جو جوان لڳندو آهي، جنهن جي سوچ ۽ فڪر هميشه مظلوم ۽ پورهيت عوام رهيو آهي. عمر جي هن حصي ۾ به هو سمنڊ جيڏا گهرا ۽ ڪشادا جذبا رکي ٿو. مون هُن کي جڏهن به ڏٺو آهي ته ڪا نه ڪا نواڻ ضرور محسوس ڪئي اٿم، هميشه هُن جي ملاقات جا پهريان جملا هي هوندا آهن ته،

”ڪهڙا ۽ گهڻا ڪتاب پڙهيا اٿئو؟“

۲۱ فيبروري ۱۹۳۰ع تي ٺٽي ضلعي جي جنگشاهي شهر ۾ جنم وٺندڙ اُها شخصيت رسول بخش پليجو آهي جيڪو هن ”ايڪيهه فيبوري تي پنهنجو ۸۲ هون ”جنم ڏينهن“ ملهائيندو. رسول بخش پليجي جي زندگيءَ ۽ سياست تي لکڻ لاءِ ڪالمن نه پر ڪتابن جي ضرورت آهي.

پاڪستان ۾ طويل ترين ”پيادل مارچن“ جا بنياد وجهندڙ رسول بخش پليجو، سنڌ جي اُڀ جو اُهو چمڪندڙ ستارو آهي جنهن جي علمي ۽ عملي جدوجهد سنڌ جي ماڻهن ۾ وطن سان محبت ۽ ثابت قدمي جا نوان رنگ ڦوڪيا. سنڌ تي ٿيندڙ هر وار کي هو پنهنجي ڊگهي نظر سان اڳ ئي پرکي وٺندو آهي ۽ ترت حڪمت عمليون جوڙي پهرين پاڻ پنهنجي ساٿين سان گڏ سندرا ٻڌي ميدان ۾ لهندو آهي. ايم آر ڊي جي تحريڪ کان وٺي ڪالا باغ ڊيم مخالف تحريڪ جي ڪاميابين جو سهرو رسول بخش پليجي ڏانهن وڃي ٿو.

رسول بخش پليجي جي سياسي جدوجهد، پاڪستان جي آزاديءَ واري تحريڪ کان شروع ٿي. پاڪستان جي حق ۾ ڪراچي جي مشهور درسگاهه ”سنڌ مدرسته السلام“ جي شاگردن جيڪي شاندار ريليون ڪڍيون رسول بخش پليجو لڳاتار انهن احتجاجن جو حصو رهيو. جڏهن ون يونٽ نافذ ڪري ملڪ تي هڪ خطرناڪ وار ڪيو پي ويو تڏهن رسول بخش پليجي جهرجهنگ واهڻ وستي وڃي سجاڳي ڦهلائي ۽ ماڻهن ۾ وطن جي محبت جي جذبي کي جاڳايو. اهڙي ريت ڀٽو بچايو تحريڪ، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو تحريڪ، ڪالا باغ ڊيم مخالف تحريڪ، عدليا بحال ڪريو تحريڪ، آدمشماري ۽ سنڌ جي ورهاڱي خلاف تحريڪن ۾ رسول بخش پليجو هميشه آمرن ۽ جابرن سان مهاڏو اٽڪائيندي سڀ کان اڳيان رهيو آهي.

رسول بخش پليجي جو سڀ کان وڏو، عظيم ۽ شاندار ڪم جيڪو مون کي نظر اچي ٿو اُهو آهي عورتن کي سياست ۾ آڻڻ هن ايشيا جي عظيم سنڌياڻين جي تنظيم ”سنڌياڻي تحريڪ“ جو بنياد وجهي قوم جي اڌ کان وڌيڪ آباديءَ کي پنهنجن حقن وٺڻ لاءِ متحرڪ ڪيو آهي. اڄ جڏهن به سنڌ ۾ ڪا به هڙتال ٿئي ٿي ته ان جي ڪاميابي ۾ سڀ کان اهم ڪردار سنڌياڻي تحريڪ ادا ڪندي آهي. ڪراچي جي انهن علائقن ۾ جتي عام سنڌي مرد به دهشتگردن جي ڊپ کان وڃڻ کان ڪيٻائيندا آهن. سنڌياڻي تحريڪ جون بهادر ڀينرون انهن علائقن ۾ پهچي دڪان بند ڪرائينديون آهن.

سنڌي ادب ۾ به رسول بخش پليجي جون خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن. اهو ئي سبب آهي جو کيس ”نثر جو لطيف“ سڏيو ويندو آهي. رسول بخش پليجي درجنين ڪتاب لکي سڌي ادب ۾ لکڻ جا نوان ۽ نرالا ڍنگ پيدا ڪيا آهن. لطيف شناسي، تعليم، ادب، ٻولي، ثقافت ۽ انقلاب تي سندس شاندار ليڪچر ۽ آرٽيڪل آهن. سندس ڪتابن ۾ انڌا اونڌا ويڄ، صبح ٿيندو، ڳالهيون ڳنوارن جون، هرڻ هٺيلا بيٺا سوچن، جيڪي بنگال سان ٿيو، اوهان جي پڄاڻان، پسي ڳاڙها ڳل، سندي ذات هنجن، مائوزي تنگ، ڌاراڙن جا ڌڪ، جيڪي بنگال سان ٿيو. واٽون ويهه ٿهيون، جي تون چورين چنگ، پليجي ڳالهايو، انقلابي نظرئي سان هٿياربند ٿيو ۽ ٻيا ڪيترائي شاندار ڪتاب آهن جن ۾ نه  صرف سنڌ بلڪه پوري عالم جي مظلوم عوام جي دردن، جدوجهدن ۽ ڪاميابين جا رنگ سمايل آهن.

سنڌي ادب جي سڀ کان طويل، شاندار ۽ اثرائتي جيل ڊائري به رسول بخش پليجي جي لکيل آهي. ڪوٽ لکپت جي ستن سالن جي قيد دوران لکيل هي ڊائري سنڌي ادب ۾ بلڪل هڪ نرالي نواڻ آهي جنهن ۾ پليجي صاحب ڏينهن رات بيماريءَ جي عالم ۾ هوندي به پنهنجي اکين جو نور نچوئي قوم لئه هڪ رهبر طور پنهنجو پاڻ کي متعارف ڪرايو آهي.

”ضمير جي قيدي ۽ زندان جي فاتح“ جهڙا لقب حاصل ڪندڙ رسول بخش پليجي ڪڏهن به چند ڊالرن عيوض پنهنجو ۽ پنهنجي قوم جو سودو ناهي ڪيو. پليجو انهن سياستدانن مان آهي جنهن لاءِ بخاري چيو آهي:

جنهن سِر ته ڏنو پر سُر نه ڏنو

جو يار بخاري پورهيت جو

۽ گهورو محبت، محنت جو

جيئن ڏينهن تتو تيئن مُڙس مَتو

سو منهنجو ادو.

رسول بخش پليجي جي صحبت جو ميٺاج ايڏو ته مٺو آهي جو سندس مخالف به ”مداح“ ٿي پوندا آهن. هن سان ڪچهري ڪندڙ هر ماڻهو ازخود ليکڪ بڻجي ويندو آهي. رشيد ڀٽي، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، جامي چانڊيو، دستگير ڀٽي، مشتاق راڄپر، عالم شاهه، قادر رانٽو، اياز لطيف پليجو ۽ قيدياڻي جي ڊائري لکندڙ اختر بلوچ سميت ٻين ڪيترن ئي ليکڪن تي رسول بخش پليجي جي تربيت جو اثر آهي.

پليجي صاحب نه صرف پاڪستان ۾ بلڪ ٻين ملڪن؛ آمريڪا، انڊيا، فرانس، انگلينڊ جي مشهور يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏنا آهن ۽ سنڌ جي ڪيس کي ڀرپور نموني پيش ڪيو آهي. اڄ 82 سالن ۾ پنهنجي وطن ۽ قوم سان سچائيءَ وارو ساٿ نڀائيندڙ رسول بخش پليجي لاءِ، مون سميت سڄي سنڌي قوم جي اِها دُعا آهي ته هو اڃا وڏي عمر ماڻي ۽ هارين ۽ پورهيتن لاءِ جاکوڙيندڙ هن قافلي جي سرواڻي ڪندو رهي.

کرکڻا لاهي سُک نه سُتا ڪڏهن

اوسيئڙو آهي کاهوڙين کي پنڌ جو. (شاهه)




رسول بخش پليجو

(پروفائيل)

حسين ڪپري

مون ماڌوري کي نچندي ڏٺو آهي، گارسيا مارڪيز کي پڙهيو آهي، رسول بخش پليجي کي ڀٽائي تي ڳالهائيندي ٻڌو آهي. انهي لطف کي بيان نٿو ڪري سگهان جيڪو تخليق ڪارن، آرٽسٽن ۽ فنڪارن جي رچنائن مان حاصل ٿئي ٿو. برابر افلاطون، شيڪسپيئر، مائيڪل جيڪسن جهڙا ماڻهو به ٿي گذريا آهن، دنيا ۾ ڀلان ڀلي جو ڇيهه ڪونهي مگر سنڌ ۾ پليجي جهڙو ڪير نظر نه آيو. هو هڪ اهڙو يگانو ماڻهو هو جنهن وٽ اعتماد هو، مقصد سان سچائي هئي ۽ پنهنجي ماڻهن لاءِ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي زبردست خواهش هئي.

جيتوڻيڪ هن ۾ عظيم ماڻهن واري بي نيازي نه هئي، عالمن واري غيرجانبداري نه هئي پر ايترو وسيع علم ۽ ان جي اظهار جو اهڙو طاقتور طريقو هو جو ڪنهن مرده دل شخص کي به ڦڙڪائي ڇڏيندو هو!

هو اهڙيون ڳالهيون ڪندو هو جو ٻڌڻ وارو حيراني جي گهوڙي تي سوار ٿي خوش فهمي جي سير تي نڪري ويندو هو. هن جي شخصيت ۾ تضاد به هئا. هميشه وات هوندو هو، ڪڏهن ڪن ڪونه ٿيو. ٻڌندو ٿورو ۽ ڳالهائيندو وڌيڪ هو، ان ڪري جو کيس گهڻو ڪجهه چوڻو هو. موضوع ڪهڙو به هجي، ڪٿي جو به هجي ۽ ڪيڏو به گٺل هجي پر هو جڏهن ان تي ڳالهائيندو هو ته ڪڙڪ چانهه وارو مزو ايندو هو. مگر ائين به هو ته ڪجهه دير کان پوءِ ٻڌندڙ سوچيندو هو، ”يار اهي ڳالهيون اڳي ئي ٻڌل هيون، نئون ڇا هو؟“ نئون هن جو انداز هو، لهجو هو ۽ ايپروچ هئي. پراڻين شين کي نئين انداز ۾ پيش ڪرڻ جو اهڙو هنر گهٽ ماڻهن کي ايندو آهي.

مغرور، شو باز، واترادو، پورالو، پاڻ پڏائو، ٻٽي شخصيت وارو، هن ۾ اهي سڀ عيب هئا جيڪي اڪثر ماڻهن ۾ هوندا آهن پر خوبيون ايتريون گهڻيون هيون جو خاميون ته ڏسڻ ۾ ئي نٿي آيون. هن جي حاصلات ايتري آهي جو تفصيل سان لکجي ته پورو ڪتاب ٺهي وڃي مگر دفتر ڪارا ڪرڻ کان بهتر آهي ته ڌيان بنيادي شين تي رکجي.

رسول بخش پليجو ۲۰ جنوري، ۱۹۳۰ع ۾ جنگ شاهي ڀرسان ڄائو. سندس وڏن کي ٻنين جا اهڙا ٽڪرا هئا جو هارين ۾ شمار ٿيندا هئا نه زميندارن ۾ ڳڻبا هئا. مالوند ماڻهو هئا، کير وڪڻي گذارو ڪندا هئا، گهر ۾ ٻه چار رپيا روڪڙا رکندا هئا. ارادي جي مضبوطي هن کي ماءُ کان ورثي ۾ ملي جا صبر شڪر واري دور انديش خاتون هئي. هو گهر ۾ راڳ ٻڌندي، ڪافيون ڳائيندي ۽ روشن خيالي جون ڳالهيون سيکاريندي هئي. هوشياري هن کي پنهنجي تپيدار پيءُ کان حاصل ٿي جيڪو هٿ جو اهڙو ڇوٽ هو جو ڪاوڙ ايندي هئي ته زال کي ڏنڊو وهائيندي دير نه ڪندو هو. نوڪري ۾ ايماندار نه هو، اڪثر ڪري سسپينڊ رهندو هو. ڪڏهن ڀري ۾ ڪڏهن ڀاڪر ۾، مگر گهر کي ٺيڪ هلائيندو هو.

جتي هو پليو نپنو سو هڪ عام سنڌي گهر هو جنهن ۾ الله رسول کي مڃيندا هئا. ڪير نماز نه پڙهندو هو، نه ڪنهن حج ڪيو، بس پيرن فقيرن کي هلڪي ڦلڪي اهميت ڏيندا هئا. ڳوٺ جو ماحول اهڙو هو جو تعريف نه ڪبي هئي، هڪ ٻئي سان توازن سان هلبو هو، ٿورو ڳالهائبو هو، جذبن جو اظهار باڊي لينگئيج سان ڪبو هو، پيٽ چٽو نه ٿبو هو. جيڪو اهي سڀ ڳالهيون ڪندو تنهن کي مڙس ماڻهو چئبو هو.

شروع ۾ هو مڪتبن ۾ پڙهيو ۽ ان وقت کان ئي مائٽن سندس مستقبل لاءِ خواب ڏسڻ شروع ڪيا. ڏاڏي چيو، ”مولبي“ ٿيندو، پي چيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيندو، هن چيو، جاسوس ٿيندس! سنڌي ٻولي ۾ اڄ ڏينهن تائين سڀني کان ڀليون تقريرون هن ڪيون آهن، انهي آرٽ جا شروعاتي سبق هو سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ سکيو. پنجين درجي ۾ پڙهائي جا بهترين نتيجا آيا، انعام طور لائبررين ٿيو. ٻيو ڪير ڪتاب ڪونه وٺندو هو، هن پاڻ سڄي لائبرري پڙهي کٽائي ڇڏي! مطالعي ۾ مناسب رهنمائي نه هئڻ ڪري، ڪم وارا ڪتاب پڙهڻ بدران جيڪو هٿ ايندو هو سو پڙهي ڇڏيندو هو. ان جو هڪڙو نتيجو اهو نڪتو جو ڪجهه وقت لاءِ محمد بن قاسم به ٿيڻ چاهيندو هو! تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ هن عملي زندگي جي شروعات وڪالت سان ڪئي.

اڄ جڏهن سندس ڪم جو جائزو وٺجي ٿو ته هن جون تحريرون، تقريرون، ليڪچر، آڊيو، وڊيو سڀ رڪارڊ تي موجود آهن، جيڪي کيس سنڌ ۾ پنهنجو دور جو سڀ کان وڏو عالم ظاهر ڪن ٿا. ادب جي دنيا ۾ هن پنهنجا ڪتاب لکيا، نظريا گهڙيا، دعوائون ڪيون، تنقيدون لکيون، تڪرارن ۾ ڪاهي پيو ۽ پاڻ به ڪنهن حد تائين تڪراري شخصيت بنجي ويو....

اهو فڪري لڙاين جو زمانو هو ڇو ته ڪميونزم اڃا دنيا جي اڌ حصي تي ڇانيل هو. ان دور جو ادب پڙهو ساڄي ڌر جا لکاري سڀ پاڻ ۾ يار ۽ هڪڙي پاسي بيٺا هئا. ٻي پاسي کاٻي ڌر جا اديب هئا جيڪي پاڻ ۾ پيالي ڀائي ۽ نظرياتي ساٿي هئا.

اديبن جون اهي ٻئي فوجون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هيون. هو تبصري جي بهاني سان مخالفن جا ڇوڏا لاهيندا ۽ تنقيد جي نالي ۾ کل اڊيڙيندا هئا. انهن ۾ غير جانبداري جي شديد کوٽ هئي ۽ بحث جو علمي معيار به بلند نه هو.

ادب ۾ وڌ ۾ وڌ هلڪي رهڙ ڏئي سگهجي ٿي، رانبوٽا نٿا هڻي سگهجن. هنن مگر هڪ ٻئي کي مڏي ڪاتين سان چهڪ پي ڏنا. ان دور جو الميو اهو هو ته ان سڄي ڦڏي ۾ ڪو به ادبي طرح تربيت يافتا نقاد نه هو!

ڪجهه به هجي انهن بحثن جي نتيجي ۾ جڏهن پليجو سوڀارو ٿي اڀريو ته نه صرف سندس علمي دٻدٻو قائم ٿي ويو پر سنڌي شاعري توڙي نثر جو رخ وطن دوستي، روشن خيالي ۽ کاٻي ڌر وارن خيالن طرف مڙي ويو.

پليجو ظاهري طرح هڪڙو ماڻهو هو پر هن جا ڪئين روپ هئا، اهڙا روپ جن کي ماڻهن هر هر ٿي ڏٺو، ڇو جو هڪ بار ۾ ته هن جو هڪڙو رخ ئي ڏسڻ ۾ آيو ٿي. انهي ڳالهه تي اختلاف آهي ته هو اڻ ڌريو اسڪالر هو يا جانبدار عالم ۽ هن شاعري جون درست تشريحون ڪيون يا ان کي پنهنجي انقلابي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو.

مگر هن لطيف کي جهڙي نموني سمجهايو تنهن ماڻهن کي ٺونٺ بدندان ڪري ڇڏيو. کيس لفظن ذريعي ڳالهه مان ڳالهوڙو ٺاهڻ ۽ جهوپڙي مان ڪاڪ محل اڏڻ جو هنر ايندو هو. جن جوڳين، سامين، ڪاپڙين ۽ کاهوڙين کي ماڻهن فقير ٿي سمجهيو تن کي هن ماڳهين چي گويرا کان به وڏو انقلابي ثابت ڪري ڏيکاريو!

انهي نقطي تي سڀ متفق آهن ته لطيف جي بيتن کي هن کان وڌيڪ بهتر نموني ٻيو ڪير به پيش نه ڪري سگهندو هو. سندس پڙهڻ جو انداز اهڙو هو جو معنيٰ پاڻهي پڌري ٿي پوندي هئي. کيس ٻولي تي تمام گهڻي دسترس هئي ۽ تقرير جو اهڙو ڏانءُ هو جو جلسن ۾ سامعين کي پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيندو هو!

سندس خطاب ۾ زبردست رواني هئي جنهن جي وچ ۾ ڊرامائي وقفن، چڀندڙ سوالن ۽ حسين شعرن جو جڙاءُ ٿيل هوندو هو. هو ايتري سٺي تقرير ڪندو هو جو ماٺ ڪندو هو ته سامعين کي افسوس ٿيندو هو.

انهي ڪري لطيف کي جديد دور جي پڙهيل ماڻهن ۽ شاگردن تائين پهچائڻ ۾ هن کي زبردست ڪاميابي ملي. هن ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن کان وٺي وڏين يونيورسٽين تائين جشن لطيف ملهائڻ کي سنڌي قوم جي هڪ عام ثقافتي رسم بنائي ڇڏيو.

پليجي صاحب پنهنجي وقت جو گهڻو حصو سياست کي ڏنو ۽ ان تي گهرا نشان ڇڏيا. حقيقت اها آهي ته سنڌ جي سياست ۾ روشن خيالي جو دور پليجي کان شروع ٿئي ٿو. پهرين دفعا هن ماڻهن کي ان دور جي مروجه سياسي نظرين ۽ بتن تي شڪ ڪرڻ ۽ سوال اٿارڻ سيکاريو. ماڻهو مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ عقل ۽ دليل جو سهارو وٺڻ لڳا.

سندس ٻيو وڏو ڪارنامو سنڌياڻي تحريڪ هئي، جنهن سان هن حقيقي معنيٰ ۾ عورتن جي سياست جو بنياد رکيو ۽ ان جي شروعات پنهنجي گهر کان ڪئي. زالن، مڙسن ۽ ٻارن سميت سندس سڄو ڪٽنب جدوجهد ۾ اڳيان رهندو ۽ قربانيون ڏيندو هو. هن پاڻ به يارنهن سال جيلون ڪاٽيون ۽ اهو وقت لکڻ پڙهڻ ۾ سجايو ڪيو.

کانئس پهرين جن سياست ڪئي انهن پنهنجي اولاد ۽ خواتين کي سختين کان محفوظ رکڻ لاءِ پاسيرو رکيو هو پر هن سڀ خطرا سر تي کنيا. هن پنهنجي پارٽي ٺاهي، محنت ڪئي، قيد ڪاٽيا ۽ وٺ پڪڙ وارو هڪڙو اهڙو ڀرپور جيون گذاريو جيڪو ٻين لاءِ قابل تقليد مثال هو.

نظرياتي طرح هو کاٻي ڌر جي طرف مائل هو، مگر سندس ترجيحن ۾ سنڌ سڀني کان پهرين ايندي هئي.

جيئن ته هو مائوزي تنگ کان متاثر هو، تنهنڪري لانگ مارچ جو به وڏو شوقين هو. هر ننڍي وڏي ڳالهه تي پارٽي جي لانگ پئي لڳندي هئي!

 سندس ڳالهيون منع ڪيل شين وانگر وڻنديون هيون. ٻولي تي دسترس، نوان خيال ۽ تقريرن ۾ شعله بياني ٻڌندڙن کي موهي وجهندي هئي. ماڻهو کيس قوم جو مستقبل ۽ نجات ڏياريندڙ سمجهڻ لڳا هئا.

هن پنهنجي ڪارڪنن کي رڳو نعرا هڻڻ ڪونه سيکاريا، تربيت به ڪئي، ڪتاب پڙهايا، سيمينار ڪرايا. انهن پروگرامن ۾ ادب، جدليات، ارتقا ۽ سياست وغيره تي ٽي کان چار ڪلاڪ طويل ليڪچر ڏيڻ جو رواج وڌو. حالانڪه ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ هڪ معياري ليڪچر جي طوالت ايتري نه هوندي آهي. گهڻو ڊگهو ليڪچر ان ڪري نه ڏبو آهي ته ڪو نارمل ماڻهو معلومات جي هڪ ذريعي تي پنهنجي توجه ويهه منٽن کان وڌيڪ برقرار نٿو رکي سگهي، تنهنڪري ايتريون گهڻيون شيون سمجهي ۽ ياد نٿو ڪري سگهي.

مگر سندس ڪارڪنن جي اها خاصيت هئي ته سمجهڻ کان سواءِ به کيس پڇاڙي تائين ٻڌندا ۽ فرمان برداري سان ڪنڌ لوڏيندا هئا!

اڄ اهي ڪامريڊ ڪميونزم، انقلاب ۽ ٽين دنيا جي مسئلن تي سڄي رات بحث ڪري مخالفن کي هارائي سگهن ٿا پر ماستري ٽيسٽ ۾ پاس نٿا ٿين!

غيرجانبدار ماڻهو چون ٿا، هن اهڙيون ڪم واريون شيون ڪونه پڙهايون جيڪي ڌنڌي روزگار ۽ عملي زندگي ۾ ڪم ڏيئي سگهن ها. مگر هن ڪو ايمپلائمينٽ بيورو ته ڪونه کوليو هو.

انهن تربيت واري پروگرامن ۾ هن پنهنجا دل گهريا دانشور به تيار ڪيا جيڪي لطيف جا ڄاڻو، ادب جا نقاد، پاڻي جا ماهر، فلسفي جي تربيت ڏيندڙ، آئيني ايڪسپرٽ آهن پر هنن کي پنهنجو سبجيڪٽ نٿو اچي! ڊاڪٽر کي ميڊيڪل نٿي اچي، وڪيل کي قانون نٿو اچي، فزڪس جي ڊگري واري کي سائنس نٿي اچي!

مزي جي ڳالهه ته ڪير انهي علمي ٺڳي تي سوال به نٿو ڪري. اهڙا معجزا صرف سنڌ ۾ ئي ٿي سگهن ٿا. سنڌي ماڻهو رڳو جعلي پيرن لاءِ نه پر دو نمبر دانشورن لاءِ به ڪمائتو فصل آهن...

... ڪجهه به هجي، ان مارا ماري واري دور ۾ هن علم، فهم ۽ سهپ جي اهڙي فضا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جا ”سياست ڪريو ۽ ڪرڻ ڏيو“ جي اصول تي هلندي هئي. جڏهن هرڪو ماڻهو ڪلاشنڪوف کڻي هلندو هو ۽ خونريزيون ٿينديون هيون ته هن به پنهنجي ڪارڪنن کان هٿيار بند سلاميون ورتيون پر اها به حقيقت آهي ته کين تشدد کان روڪيو ۽ ڏوهاري ٿين نه ڏنو!

پليجو صاحب ڪڏهن ڪڏهن هڪ ماڻهو تي مشتمل فوج وانگر ڪم ڪندو هو ۽ مسئلي کي سڌو وڃي سڱن کان جهليندو هو. ظاهر آهي ان طريقي سان گهٽجڻ بدران پريشانيون وڌي وينديون هيون.

مثال، ايم آر ڊي ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪردگي کان متاثر ٿي ولي خان بي نظير صاحبه کي سفارش ڪئي ته پليجي جي سامهون ماڻهو نه بيهاريو. اليڪشن ٿيڻ واري هئي، هڪ ڪانفرنس ۾ هن بي نظير کي منهن تي سچ چئي ڏنو. اها ڳالهه محترمه کان برداشت نه ٿي، ڪاوڙجي پئي ۽ سندس سامهون پنهنجو اميدوار بيهاري ڇڏيو.

اليڪشن مهم شروع ٿي، تڪ ۾ ووٽر سڀ پيپلز پارٽي جا هئا، ڪير تقرير ٻڌڻ نه ايندو هو، اڪثر ڪري خالي ڪرسين کي خطاب ڪرڻو پئجي ويندو هو. هنن انهي جو حل اهو ڪڍيو جو سڄي سنڌ مان ڪارڪن گهرايا، گاڏيون گڏ ڪيون، انهن ۾ سائونڊ سسٽم ۽ جلسي جا سڀ لوازمات لوڊ ڪيا ۽ نڪري پيا اليڪشن جي ورڪ تي. جتان روڊ تان لنگهندا هئا، تمام ڊگهو جلوس نظر ايندو هو. جتي جلسي ڪرڻو هوندو هو اتي اهي ڪارڪن گاڏين مان سامان لاهي، هڪدم سڀ بندوبست ڪري وٺندا هئا ۽ پوءِ ”عوام“ بنجي تقرير ٻڌندا، نعرا هڻندا ۽ تاڙيون وڄائيندا هئا.

جيئن ٿيٽر وارا ويرانن ۾ ٿيندڙ ميلن ۾ ننڍڙو شهر کڙو ڪري ڇڏيندا آهن تيئن هي ٻن ٽن ڪلاڪن اندر هڪ زبردست قسم جو جلسو منعقد ڪري، فوٽو ڪڍي اخبارن ۾ اماڻي ڇڏيندا هئا! سڀني گڏجي هر طرح سان جدوجهد ڪئي، پيسا پاڻي وانگر وهايا ۽ عقل جا گهوڙا ڊوڙايا. مگر جيئن منڊا گهوڙا ريس نه کٽي سگهندا آهن تيئن پارٽي اليڪشن ۾ هڪڙي سيٽ به نه جيتي سگهي!

حقيقت اها آهي ته ملڪ جون سڀ نظرياتي پارٽيون ڪڏهن به ووٽن ۾ سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيون آهن.

هو پنهنجي گهڻي علم جي باوجود به ڪن حوالن سان سياست جي جديد تقاضائن کان بي خبر رهيو ۽ پنهنجو اميج ٺاهڻ لاءِ نفيس طريقا اختيار نه ڪري سگهيو. هر ننڍي وڏي گيدرنگ ۾ هو پنهنجو تعارف ڪنهن ڪارڪن جي واتان هيئن ڪرائڻ پسندو ڪندو هو:

”هي آهي عظيم سياستدان، مفڪر، ايشيا جو ڏاهو، سپريم ڪورٽ جو برک وڪيل، اديب، شاعر جناب رسول بخش پليجو...“

غير جانبدار ماڻهو اهو سڀ سمجهندا هئا، دل ۾ کلندا هئا پر ڪير چئي نه سگهندو هو. ملڪ ۾ جمهوريت هئي، صحافت آزاد هئي، اليڪشني پارٽين تي تنقيد ڪري سگهبي هئي پر نظرياتي تنظيمن کي ڪير ڪجهه چئي نه سگهندو هو.

پليجي صاحب جي زندگي جو هر گوشو، شخصيت جو هر رخ ۽ ڪيل ڪمن جا سڀ تفصيل ماڻهن جي سامهون هئا تنهنڪري مٿس جيئري ئي تنقيد به ٿي. هن مخالفتون سٺيون، خاندان کي نوازيو، پنهنجي مصروفيتن منجهان وقت ڪڍي لڪي لڪي مائٽن کي سرڪاري ٺيڪا وٺي ڏنا جن بزنس ڪيا، وڌيا ويجهيا ۽ ارب پتي بنجي ويا! اڄ انهن جون ملڪيتون، جائدادون ۽ اثاثا آمريڪا، برطانيا ۽ دبئي تائين پکڙيا پيا آهن!

انهي ڪري چيو وڃي ٿو، هن پنهنجي دولت خاندان کي ڏني ۽ نظريو (جيڪڏهن واقعي ڪو هو) پارٽي کي ڏنو.

سندس سڀني کان وڏي ناڪامي اها هئي ته هو ڪو ادارو يا ٽرسٽ ٺاهي نه سگهيو.

يارن جي ڪچهري ۾ هو سڻڀا، چشڪي دار، رومانس وارا شعر به پڙهندو هو. اهو پاسو هن جو دل وارو هو. هن چار شاديون ڪيون، بيگمات کي پيار ڏنو ۽ عزت ڏني. مگر انهي بادشاهه تي ڪاوڙبو هو جنهن زال لاءِ تاج محل ٺهرايو هو!

تاج محل ٺهرائڻ تي برصغير جو عظيم شاعر ساحر لڌيانوي پنهنجي هڪ نظم ۾ ڪاوڙيو هو ته شاهجان غريبن جي محبت جو مذاق اڏايو آهي. مگر پليجي صاحب جي اعتراض جو سبب ٻيو هو:

”تاج محل آئون به ٺهرائي سگهان ٿو، هائوس بلڊنگ وارن کان لون کڻي. مگر مسئلو اهو آهي، ڪيترا ٺهرايان؟“ هڪ دفعي خماريل ڪيفيت ۾ هن چيو.

ڀلي کڻي هن اها ڳالهه کلندي ڪئي هئي پر انهي مان ٻه ڳالهيون واضح هيون. هڪ ته هو سڀني بيگمات سان برابري جو سلوڪ ڪندو هو ۽ ٻيو ته هن جا اسٽيبلشمنٽ سان تعلقات ايترا مضبوط ٿي چڪا هئا جو ايڏو ڳرو سرڪاري قرض وٺي سگهيو ٿي!

... شادين کان علاوه گلشن جو ڪاروبار خفيه نموني سان هلندو هو. جنهن تي ڪنهن ڪونه لکيو. اڏامندي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون پر انهن جي تصديق نه ٿي سگهي. جنهن ڳالهه جي پڪ ٿي سا اها هئي ته هن جام عشق ڪيا، ٿورا ظاهري، گهڻا لڪ ڇپ ۾!

هو تمام مزيدار ڳالهيون ڪندو هو، سڀ رڪارڊ تي آهن سواءِ انهن جي جيڪي هن عشقن ۾ ڪيون. ماين سان ڪهڙا ٻول ٻوليندو هو، انهن مان ڪيتريون اڃا جيئريون ويٺيون آهن، ٻڌائي سگهن ٿيون. پر ظاهر آهي اهڙيون ڳالهيون خواتين پاڻ نه ٻڌائينديون آهن. چورن کان پوليس سچي ڪرائي سگهي ٿي پر محبوبائن کان ڪير به سچي نٿو ڪرائي سگهي!

هڪ اهل دل شخص جا چيل محبتن وارا اهي لفظ اڏامي ويا پر اهڙن واقعن جون يادگيريون رهجي ويون.

هڪ دفعي پيادل مارچ جي اڳواڻي ڪندي هو دادو پهتو. پارٽي وارن سندس رهائش جو انتظام ڪيو هو مگر هو اصرار ڪري وڃي هڪ ڪارڪن جي گهر ۾ ترسيو.

”اتي ڇا ٿيو هو، سر؟“ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هڪ جيل جي ڪامريڊ کانئس پڇيو.

”پاڻي ٿڌو هو، ماني گرم هئي ۽ بسترو نرم هو. آئون لت کوڙي سمهي رهيس،“ هن مشڪندي جواب ڏنو.

ظاهر آهي هو ڳالهه لڪائي ويو هو. ڪامريڊ به وڌيڪ کوٽ کوٽان ڪونه ڪئي.

پر اهڙيون شيون لڪنديون ڪونه هيون، پرپٺ تقريبن سڀني پارٽي ورڪرن جي وات تي هونديون هيون. اهڙي ئي هڪڙي ڳالهه پارٽي جي اندروني حلقن ۾ مشهور آهي ته جڏهن جيل مان آزاد ٿيو ته فاضل راهو، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر شهناز راهو کي وارننگ ڏني،

”هاڻي سنڌياڻين جي فڪر ڪجانءِ، پليجو ٻاهر اچي ويو آهي!“

ان جو نتيجو اهو نڪتو جو هن جيترا عشق ڪيا اوترا دفعا پارٽي ٽٽي ۽ نوان ڌڙا ٺهيا!

ولايت هجي ها ته اهڙين ڳالهين تي ڪا اخباري خبر ته ٺهي وڃي ها پر وڌيڪ ڪجهه نه ٿئي ها. مگر هي سنڌ هئي، تمام تر روشن خيالي جي باوجود به ڪيترن سياسي ڪارڪنن جي اندر ۾ هڪڙو غيرتي مرد ويٺو هو جيڪو ٽوڙ ڦوڙ مچائيندو هو.

جڏهن ستر کان ٽپيو ته اهو چئي پيار تان هٿ کڻي ويو، ”هاڻي پارٽي جا وڌيڪ ٽڪرا ٿيندي نٿو ڏسي سگهان!“

ان کان پوءِ محبت نه ڪري سگهڻ جو غم هميشه سندس دل تي ڀاري پٿر وانگر موجود رهيو. ذاتي محفلن ۾ هو ڳالهائيندي ڳالهائيندي اوچتو ماٺ ٿي ويندو هو، موضوع تبديل ڪري ڇڏيندو هو يا بنا سبب جي کلڻ لڳندو هو. سچي ڳالهه اها آهي ته نظرياتي پارٽي هجي، عام ماڻهو هجي يا انقلابي ليڊر، عشق سڀني کي ٽوڙيو وجهي!

تاريخ جي گهري ڄاڻ سبب کيس انهي ڳالهه جو احساس هو ته سنڌ ڪڏهن به سنئين لڱين نه رهي آهي تنهنڪري ان کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ هن گهڻ پاسائين جدوجهد ڪئي. جيئن ته هر پاسي سڃ وارو ماحول هو، قابل ماڻهن جي ڪمي هئي سو سڀ ڪم هن پاڻ ڪيا.

هو پنهنجو پهريون ڪم وڪالت کي سمجهندو هو جا سٺي نموني نه هلي سگهي. ڪيس پڙهي ڪونه ايندو هو، دليل جنرلائز قسم جا ڏيندو هو، اڪثر ڪري ڪورٽن مان رليف نه ملندو هو. سچ اهو آهي ته هن جي وڪالت هاٿي جي ڏندن وانگر هئي جا صرف ڏيکاءُ لاءِ ڪم ايندي هئي.

ڪهاڻيون هن لکيون، اهڙيون جهڙيون سڀڪو لکي ٿو، شاعري تي به هن قلم کنيو پر جلدي هٿ ڪڍي ويو. تنقيد تي به هن طبع آزمائي ڪئي پر اهو ميدان وڌيڪ ڏکيو هو ۽ ان جو حق ادا ڪرڻ مشڪل هو.

جديد شاعرن ۾ کيس اياز وڻندو هو ۽ ان کي مشهور ڪرڻ ۾ سڀني کان وڏو هٿ هن جو هو. مگر اڳتي هلي جڏهن اياز پاسو بدلائي ڦري ساڄي ڌر وارو رستو ورتو ۽ دعائون لکڻ لڳو ته هن سندس مقابلي ۾ استاد بخاري کي آندو.

 تقريرن ۾، تحريرن ۾ ۽ جتي ڪٿي، هو ان جا شعر پڙهندو ۽ واکاڻون ڪندو هو. بخاري عوامي شاعر هو، سندس رچنائن ۾ مقصد هو، سونهن هئي پر هو کيس اياز جي برابر نه بيهاري سگهيو. ان ناڪامي سندس نقاد هئڻ جي دعويٰ تي ئي سواليه نشان کڙو ڪري ڇڏيو... (جاري)

رسول بخش پليجي جو پروفائيل (۵) آخري قسط

پليجو هڪ جينيئس ماڻهو هو جنهن کي مختلف شعبن ۾ ڪافي معلومات هئي، انهن ۾ مشهور ٿيو پر ڪنهن ۾ به ڪمال بلندي تي نه پهچي سگهيو! سبب اهو هو ته انساني طرح اهو ممڪن ئي نه هو. ڪجهه سئو سال اڳي ائين ٿيندو هو، علم ٿورو هو تنهنڪري هوشيار ماڻهو ڪيترين ئي ميدانن ۾ مهارت جي دعويٰ ڪندا هئا.

اڳي هڪڙو طبيب سڀ مريض ڏسندو ۽ بيمارين جو علاج ڪندو هو. هاڻي دل، دماغ، اکين ۽ ٻين عضون جا ڊاڪٽر الڳ آهن. ائين سائنس آرٽس ۽ ٻين شعبن ۾ به آهي.

جديد دور ۾ علم ۾ گهڻو اضافو ٿيڻ جي ڪري اسپيشلائزيشن جو رجحان هلي پيو آهي، هڪڙو ماڻهو سڀني شعبن ۾ مهارت نٿو رکي سگهي. هڪ ئي وقت آئن اسٽائن، گانڌي ۽ روسو نٿو ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته هن جو وقت ۽ صلاحيتون ورهائجي وڃن ٿيون.

پر پليجي صاحب کي پنهنجي گهڻ پاسائين علم تي دسترس جي مڃتا ضرور ملي. سندس جيئري ئي پارٽي جا ماڻهو کيس ڏکڻ ايشيا جو سوشل سائنٽسٽ سڏڻ لڳا هئا!

هو مگر پنهنجي سڃاڻپ انقلابي طور ڪندو هو جنهن هميشه مزاحمت ڪئي، ڏاڍ ۽ ناانصافي خلاف اٿي بيٺو.

هن مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان ڪن کي اڃا به پڙهيو وڃي ٿو.

هن جهڙي نظرياتي سياست سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ڪنهن نه ڪئي ۽ نه ئي ايترا ڊسپلنڊ پوئلڳ پيدا ڪيا.

ڪو وقت هو جو انقلاب جي حوالي سان هن جو وڏو نالو هو پر ڪميونزم جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ٽين دنيا جي ملڪن ۾ سياسي راند جا اصول تبديل ٿيا ته اڪثر شيون مدي خارج ٿي ويون.

سندس تيار ڪيل ڪارڪنن مان هڪڙا وڃي پنهنجي ڌنڌي ڪاروبار کي لڳا، ٻيا اين جي اوز جي ور چڙهي ويا ۽ ٽيان اڃا به هن وانگر تقريرون ڪرڻ جون ڪوششون ڪن ٿا پر انبن جون سڪون انبڙين مان نٿيون لهن.

انهي زوال جي باوجود به پليجي جو ورثو ختم ڪونه ٿيو، اڃا قائم آهي ۽ هلي پيو.

اها سنڌياڻي تحريڪ آهي ۽ ڪجهه ٻيا مضبوط ماڻهو آهن جيڪي جهڪيا ڪونه، وڪيا ڪونه ۽ سڀني کان وڌيڪ باضمير آهن. سنڌياڻي تحريڪ هڪ بي مثال تنظيم آهي جنهن جو ڪردار عمل جي ميدان ۾ سول سوسائٽي، پريشر گروپن ۽ ٻين نسواني ٽولين کان وڌيڪ طاقتور ۽ مثبت آهي. هن وقت سنڌي سماج ۾ ان کان بهتر ڪو ٻيو متبادل ڏسڻ ۾ نٿو اچي.

رسول بخش پليجو حقيقت ۾ هڪ اعليٰ تخليق ڪار هو جيڪو ڪنهن هڪڙي شعبي تي ڌيان ڏي ها ته عالمي ليول تي نالو ڪمائي ها ۽ مشهور ٿئي ها. هن مگر پنهنجي ڏات کي ايترن گهڻن ميدانن ۾ لڳائي ڇڏيو جو ڪٿان به گهربل نتيجا نه نڪري سگهيا.

انهي جي باوجود به هن بحيثيت مجموعي، هڪ ڀرپور ۽ ڪامياب زندگي گذاري. پنهنجي اٺاسي ورهين واري طويل حياتي جي پڇاڙي واري سالن ۾ به هو ڪالهوڪي اخبار نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ماڻهن سندس نمبر ڊليٽ ڪيو.

عمر وڌڻ سان گڏ سندس تجربي ۽ مطالعي ۾ اضافو ٿيندو ويو، شيون بهتر نموني سمجهه ۾ اچڻ لڳيون ته گهڻو خوش رهڻ لڳو. آخر وقت تائين هن جي علم دوستي، زندهه دلي ۽ ارڏي طبيعت جي جولاني بدستور قائم رهي.

موت جي بستري تي به هو مطمئن نظر آيو. شايد ان جي پويان اهو احساس هو ته هن نه صرف پنهنجي ماڻهن ۾ جبر خلاف مزاحمت اڀاري پر انهن کي پنهنجي ورثي تي فخر ڪرڻ به سيکاريو.

هو ويو ته ساڻس گڏ سنڌي ٻولي جو نبار لهجو، لطيف جي شاعري جون بي مثال تشريحون ۽ لفظن جي جادوگري جو هنر به ويو.

هي شعور جو چمن سدائين آباد رهندو، ان ۾ اپر آڌار پيا ايندا مگر سنڌ ٻيو پليجو ڍِڪون ڏيئي ڄڻيندي!

 

(حسين ڪپري؛ دلبر هن ديس جا، ڪتاب ۾ ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا