رسول بخش پليجو
سنڌ جي عظيم ڏاهي جو وڇوڙو!
ارشاد ڪاغذي
سنڌ جو ڏاهو رسول بخش پليجو، سنڌ
جي هارين جو استاد ۽ اڳواڻ، ڪارل مارڪس، فريڊرڪ اينگلز، ولاديمير لينن ۽ مائوزي
تنگ، هوچي منهه، چي گويرا، ڪاسترو جو تسلسل ۽ عالمي ڪميونسٽ تحريڪ جو سرگرم ليڊر،
سوشل سائنسدان، سنڌي عوامي تحريڪ جو باني، شاهه لطيف جو شارح، اديب، شاعر، مصنف،
نقاد، مشهور وڪيل، فيلسوف، نظرئي دان ۽ جديد ترقي پسند تحريڪ جو سرواڻ ڪالهه ۸۸ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
رسول بخش پليجو ٺٽي ضلعي جي
جنگشاهي جي ڳوٺ منگر پليجو ۾ ۱۹۳۰ع ۾
جنم ورتو. ابتدائي تعليم اتي حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌ مدرسي ڪراچي مان سيڪنڊري تعليم
۽ وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي.
