; سنڌي شخصيتون: June 2014

15 June, 2014

ڊاڪٽر موتي پرڪاش - نصير اعجاز

ڊاڪٽر موتي پرڪاش
خاڪ کي سون بڻائڻ وارو سنڌي
نصير اعجاز
انٽرنيٽ جي جديد زماني ۾ ٽپال رستي خط پٽ موڪلڻ بند ٿي ويو آھي، پر اڳي ٽپال رستي آيل خط وڏي اھميت رکندا ھئا. مان پنھنجي ويجھن يارن دوستن، اديبن، سياسي ۽ قومي ڪارڪنن ۽ ليڊرن جا موڪليل خط پاڻ وٽ سنڀاليندو ويندو ھئس. ڊاڪٽر تنوير عباسي، گل محمد کتري، انعام شيخ، عبدالواحد آريسر، ڊاڪٽر قادر مگسي، قمر ڀٽي، حفيظ ڪنڀر، عزيز رانجھاڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي دوستن جا خط اڃا به مون وٽ سنڀالي رکيل آھن. وڏو وقت گذرڻ جي ڪري انھن خطن جي حالت زبون آھي. ھڪ زماني ۾ برساتن دوران مسواڙي گھر جي ڇت ٽمڻ جي ڪري انھن خطن کي وڏو نقصان پھتو، پر مون وري به ڪجھه خط بچائي ورتا. منھنجي لاءِ اھي بچي ويل خط وڏي خزاني جي حيثيت رکن ٿا.

14 June, 2014

چاچو نواز علي کوسو

چاچو نواز علي کوسو
ٿر جو هڪ ديومالائي ڪردار
دولت رام کتري/مٺي
ٿر ۾ لوڪ ڏاهپ جي انوکي ڪردار ۽ تاريخ جي پارکو چاچي نواز علي کوسي، جڏهن ڪارونجهر جي دامن ۾ پنهنجا پساهه پورا ڪيا، ته ٿر جون هوائون سوڳوار بڻجي ويون. ڪارونجهر روئي ڏنو ۽ پارڪر جي پَڊن تي ڪولهين جا راسوڙا خاموش بڻجي ويا. پنهنجي سِيني ۾ ٿر جي تاريخ سانڍي رکندڙ هن ديو مالائي ڪردار کي سنڌ جا ماڻهو ٿر جي ”انسائيڪلو پيڊيا“ جي نالي سان پڻ ياد ڪن ٿا.

مسڪين جهان خان کوسو

مسڪين جهان خان کوسو
ٿر جو سچو سماجي خدمتڪار
ڀارومل امراڻي
سنڌي ادب ۾ اهڙو ڪو ناول نگار نه آهي، جيڪو هالينڊ جي عظيم مصور ونسينٽ وان گوگ جي زندگي تي ارونگ اسٽون جي لکيل ناول ‘اُڃ’ جهڙو ‘مسڪين جهان خان’ تي ناول لکي. مسڪين جهان خان پورهيتن، مزدورن، ڪولهين، ڪڙمين کي چوندو ته: “غربت ۾ انسان جو شعور ڪڏهن مرندو نه آهي، پر ضمير وڌيڪ ڦڙت بڻبو آهي ۽ هن جي روح کي وسعت عطا ٿيندي آهي. اسان کي غربت جو مقابلو کليل دل سان ڪرڻ گهرجي.”

عثمان مري - ايم جمن ڪنڀر

عثمان مري
سخاوت جو ڪردار ورسي جي مناسبت سان
ايم جمن ڪنڀر
زندگي جي تاريخ ۾ اڻ ڳڻيا ڪردار موجود هوندا آهن. انهن ڪردارن قومن جي تاريخ ۾ قومن جي قسمت قومن جون آزاديون، انسانيت جي جيئڻ لاءِ جتن ڪرڻ جي جدوجهد ڪرڻ ۾ اُنهن اڻ ڳڻيل اهڙن انسانن ۾ چند اهڙا عظيم انسان ٿي گذريا آهن، جن انسانيت جي عظمت ڏکويلن ۽ اڙيلن جي واهر ڪرڻ ۽ ڀرجھلو ٿيڻ کي پنهنجي عبادت سمجھي آهي. اُنهن عظيم انسانن پنهنجي ذهني فڪر تبليغ، علم ۽ عملي ميدانن ۾ هن ڌرتي تي پلجندڙ ۽ جئيندڙ هر انسان ذات لا۽ پاڻ پتوڙيو آهي. تاريخ جي انهن ورقن کي جڏهن اٿلائبو ۽ جڏهن سنڌ جي تاريخ تي نظر ڦيرائبي ته هن مهان ۽ عظيم ڌرتي تي دکي انسانيت جي خدمت ڪندڙ هن نڌڻڪي ۽ بي يارو مددگار قوم لاءِ پڻ اهڙن عظيم مانجھين پنهنجي سر جو سانگو لاهي موت جي ميدان ۾ ڪڏي ڪاهي هن لاوارث قوم جي جيڪا سماجي خدمت ڪئي آهي انهن عظيم انسانن جي هڪ ڊگھي لسٽ مان قوم جي خدمت ڪندڙن ۾ ميرپورخاص ڊويزن جي ٿر عمرڪوٽ، سانگھڙ ۽ اڇڙو ٿر جي علاقن سان واسطو رکندڙ غريب مسڪين ۽ ڏتڙيل ٿري ماروئڙن، جھائينگڙن کي پنهنجي اولاد کان وڌ پيارو سمجھندڙ اهميت ڏيئي انهن کي علم جي زيور ۾ آرائسته ڪندڙ يتيم ۽ غريب شاگردن کي زوري تعليم ڏياريندڙ هاسٽلون جوڙائي غريب شاگردن کي مفت ۾ رهائشون ڏيڻ ٿري شاگردن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ فيون، ڊريسون، ڪتاب، پين ۽ سليٽ جو خرچ ڀرڻ ايسيتائين جو انهن شاگردن کي پنهنجن گهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن وڃڻ لاٰءِ ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪري ڏيڻ، بيماري دوران تيمارداري ڪرڻ جي جدوجهد جو نانُ جڏهن اچي ٿو ته سانگھڙ ضلعي جي سماجي ۽ علمي شخصيت مرحوم حاجي محمد عثمان مري جو هڪ ڪردار سامهون اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته عثمان نانُ ئي آهي؛ سخاوت جو.

08 June, 2014

شبير هاليپوٽو - مجاهد حسين سولنگي

شبير هاليپوٽو
مجاهد حسين سولنگي
پڇيو ٿي رات چنڊ کان اهو ته ڏس!
ٿئي ٿو آفتاب ڇا؟ شـــبير ڇا؟
روهڙي ڪئنال ۽ هالاڻي شهر جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ عبدالمجيد هاليپوٽي ۾ ۲۴ فيبروري ۱۹۷۴ع تي جنم وٺندڙ ٻالڪ غلام شبير هاليپوٽو جنهن ننڍي هوندي روايتي انداز سان مال چارڻ ۽ ٻني ٻاري جي ڪم ڪار سان گڏ تعليمي سفر جاري رکي شعور ۽ سجاڳي جون روشن ڏياٽيو کنيون، بهار جي مند ڄاول هن ٻالڪ پرائمري تعليم هالاڻي، مئٽرڪ ووڪيشنل پوليٽيڪنيڪل اسڪول سکر ۽ انٽر سائنس ڪاليج ڪنڊيارو، ايم اي سنڌي فئڪلٽي ٽاپ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪري، اتي ريسرچ اسوسيئٽ طور  درس وتدريس شروع ڪيائين، ان بعد هن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سنڌي جو ليڪچرار استاد بخاري ڊگري دادو ۾ ڪم ڪرڻ لڳو.

شفقت حسين وڌو - غلام مصطفيٰ سولنگي

شفقت حسين وڌو
رنگن جو موسيقار انجنيئر
غلام مصطفيٰ سولنگي
جڏهن به سندس ذهن ۾ ڪنهن فن پاري جو تصور جڙي راس ٿيندو آهي ته پوءِ هو اڪيلو ٿي وڃڻ تي مجبور ٿي پوندو آهي ۽ پنهنجي گهر جي تهه خاني (Basement) ۾ ٺهيل هڪ غار (The Cave) ۾ ڏينهن جا ڏينهن روپوش ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ جڏهن ٻاهر نڪرندو آهي ته ڪو زبردست مصوراڻو شاهڪار سندس هٿن ۾ هوندو آهي. ان سمي سندس حالت ڏسڻ جهڙي هوندي آهي. وار وکريل، چهرو پگهران پگهر، ڪپڙا رنگن ۾ ٿڦيل، چپل ابتي پيل ۽ قميص جون ٻانهون گهنجيل. مطلب ته سندس سموري حالت واڪا ڪري اهو ٻڌائي رهي هوندي آهي ته هي شخص پنهنجي آرام، کاڌي پيتي ۽ آسپاس جي ماحول کان صفا ڪٽيل، پنهنجي تصورن ۽ خيالن جي دنيا ۾ گم رهيو آهي، پر سندس ذهن مطمئن، دل ڪنهن ڄاتل ۽ اڻ ڄاتل سرور سان ڀريل ۽ اکيون ڪاميابيءَ جي نور سان ٽمٽار نظر اينديون آهن.

سليم رضا ڪنڀر- ناصر قاضي

سليم رضا ڪنڀر
سنڌي غزل جو راڳي
ناصر قاضي
لاڙڪاڻي شهر کان ٻاهران دودائي روڊ تي واقع زيتونن جي اڻ کٽ باغن جو قطارون، جيڪي پنهنجي چٽي سائي رنگت سان جهڙوڪر اها گواهي ڏينديون هجن ته لاڙڪاڻي جا ماڻهو جهڙا مٺڙا ۽ اجرا آهن، تهڙا ئي محبتي ۽ امن پسند آهن.

مراد علي مرزا - شبنم گل

مراد علي مرزا
روح جي سونهن امرتا ماڻي ٿي
شبنم گل
ٻارن ۾ زندگي، هلچل ۽ بي ساخته خوشي آهي، ان ڪري مون کي ٻار وڻندا آهن. ٻار حال ۾ جيئن ٿا، هو خواهشن جا اسير نه آهن. نه هو ماضيءَ ۾ رهن ٿا، نه کين مستقبل جو اونو رهي ٿو. پکين وانگر ٻار به معصوم آهن، انهن سان گڏ وقت گذارجي ته تازگيءَ جو  احساس ٿئي ٿو. ٻئي طرف بزرگ آهن، جيڪي به ٻارن جيان حساس لڳندا آهن. سندن ذات جي سنجيدگي، ڏاهپ ۽ وجدان متاثر ڪندڙ آهن. اهو ئي سبب آهي ته خاندان جي پيرسن ماڻهن جي ويجهو رهي سندن لوڪ ڏاهپ ۽ سمجهه سدائين منهنجي سوچ کي اتسايو آهي.

نثار حسيني - زيب نظاماڻي

نثار حسيني
هڪ ادارو
زيب نظاماڻي
ٻه جون جو سج نِٽهڻ اُس، ڌرتيءَ کي ارپڻ لاءِ اُڀريو آهي، ٻرندڙ موسم من اندر کي به ڀڙڪائي ڇڏيو آهي. يادون ٻرندڙ جبل جيان لفظن جو لائو کڻي پني تي پلٽجي رهيون آهن. پن ڇڻ رُت ۾ رابيل ٽڻڻ جا خواب ڏسندڙ اکيون اڄ نور شاهه کٽياڻ روڊ ٽنڊو ڄام جي شهر خموشان ۾مٺي ننڊ سُتل آهن. بُٺيءَ تي پوکيل تازا گلاب به کين جاڳائي نه سگهيا آهن، پر انهن ابدي ننڊ ستل اکين ۾ جاڳرتا ۽ جدوجهد جا خواب اڄ به جاڳيل آهن، اهي خواب نثار حسينيءَ جي نيڻن، ڏٺا هئا، پر کيس ماءُ جي لولي جا ٻول ۽ ڪوڏاڻا ڪنائڻ لاءِ جيجل جي جهولي رڳو پنجن سالن لاءِ نصيب ٿي. سائين نثار جا اهي لفظ اڄ به نماشام جي انهن اُداس پلن جيان اڃا به اسان جي ذهن تي آهن: پنجن سالن جي عمر ۾ هن پيڙاءَ ۽ درد کي تڏهن سمجهيم، جڏهن بابا حسين شاهه (هوت) جو وڇوڙو مليو. سيد حسين شاهه (هوت) جنهن جي چپن تي سدائين چَنگ چُرندا هئا، هو يڪتاري تي ڀٽائي جي وائين ۽ صوفي شاعرن جي ڪافين کي ائين آلاپيندي هو، جيئن ميران ٻائي جا ورلاپ اتهاس جي اڱڻ تان پڙاڏو ٿي اسان تائين پهچندا هجن، جيئن درازا جي اڱڻ تي صوفي فقيرن جا سنگ سچل جي وائين کي ورلائيندا هجن. هن کي پنهنجن استادن جا نه رڳو نالا بر زباني ياد هوندا هئا، پر سندن رويا به کيس ساريل هئا. هن کي پنهنجن جنم کان پنهنجي وفات جي ويجهڙن پلن تائين، هر ڳالهه ائين ساريل هئي، جيئن ميٽيل پٽيءَ تي لکيل سنڌيءَ جي آيوٽا. هن ٻڌايو ته، هو ٻه فيبروري ۱۹۴۵ع ۾ پيدا ٿيو. سيراڻي بدين جي ڪکائن گهرن ۾ ٻاتا ٻول ٻوليندڙ سيد نيڪ محمد شاهه کي سندس جيجل نيڪن ڪري ڪوٺيندي هئي، پر ماءُ جي وڇوڙي جي گهاءُ کيس ٻالڪ پڻ ۾ ايترو ته پختو ۽ سمجهو بڻائي ڇڏيو هو، جو هو نه رڳو قلم ڌڻي بڻيو، پر قلم ڌڻين ۽ آرٽس سان واڳيل ڌرتيءَ جو درد رکندڙن جو مسيحا بڻجي ويو. ڦليلي ڪنڌيءَ تي پرپات آرٽ سرڪل جي آفيس ڏيکاريندي مونکي ٻڌائيندو هو ته هن اڱڻ تي ادب جا ڪيترائي چنڊ اُڀريا آهن، سرت ۽ ساڃاهه جا سوين سج نکري نروار ٿيا. آرٽ ۽ فن سان واڳيل آرٽسٽن هن اڱڻ تي گلاب بڻجي ٽڙي خوشبوءَ پکيڙي ته ساري ڦليلي خوشبوءَ خوشبوءَ ٿي پوي ٿي. پنهنجي پوري زندگي اسٽيج ڊراما، ٽيبلوز  جن ۾ ”جلجل مشعل جل،“ ”اڳتي قدم،“ ”ميٽ دي وتايو“ ۽ ٻيا کوڙ سارا اهڙا تخليقي ڊراما ۽ پنهنجي نگرانيءَ ۾ هدايتڪاري ڪندي رنگ منچ تي اهڙا ته حسين رنگ وکيريا، جن جو عڪس اڄ به ڏسندڙن جي اکين ۾ ڏسي سگهجي ٿو. سائين نثار جي لکيل اسٽيج ڊرامن ۽ سندس هدايتڪاريءَ ۾ڪرايل تمثيلن جو مثال اڄ تائين بي مثال بڻيل آهي. هن پنهنجي نالي تخلص بابت مون کي هينئن ٻڌايو ته، نواز ۽ ناقص تخلص رکيم، پر جڏهن مولانا غلام محمد گرامي هڪ ڏينهن ٻانهن مان جهلي مون کان پڇيو ته، نواز ته ٺيڪ آهي ته ناقص ڇو؟ اسان جا تخلص احساس ڪمتري ۽ احساس محرومي وارا نه هجڻ گهرجن ۽ نه ڪي غرور وارا. اسان پنهنجي ڌرتيءَ، ٻولي ۽ علم ادب جا جانثار هجڻ گهرجون، ان ڪري اڄ کان تنهنجو تخلص ناقص حسيني نه پر نثار حسيني آهي ۽ اهڙي ريت غلام محمد گراميءَ جي بَڙ جي گهاٽي ڇانوَ ۾ پلجندڙ سيد نيڪ محمد شاهه عرف نثار حسيني پنهنجي جيون مسلسل تحريڪ جي صورت ۾ ڌارڻ شروع ڪيو، هن جي جاڳ ۽ هن جي ننڊ ۾ هڪ لمحو به نه ڪمي نه ٿي. هن جي اکين ۾ سدائين سنڌ جي سجاڳيءَ جا سپنا علم ۽ آرٽ ذريعي ساڀيان ماڻڻ جي جدوجهد ۾ رُڌل رهيا.

جيوڻي ٻائي


جيوڻي ٻائي
ورسيءَ جي مناسبت سان سرن سان جيءُ جياريندڙ
ناصر قاضي
گرگلا قوم هندستان جي هڪ قديم قوم آهي، جيڪي هڪڙي خانه بدوشيءَ واري زندگي گذاريندا هئا، جن جپسي پڻ سڏيو وڃي ٿو. انهن خانه بدوشن ۾ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ هڪ نينگري اهڙي به ڄائي، جنهن ڄمڻ سان فقيرن جي گودڙين ۾ ساهه ٻوساٽيل وجود سان پنهنجي زندگيءَ جو آغاز ڪيو، جنهن ڄمڻ سان ئي در در تي صدائن جا پڙلاءَ پنهنجي ڪنن ۾ ٻُرندي محسوس ڪيا ۽ اڳتي هلي سندس ٻالڪپڻ ڳائيندي، لوٽو کڙڪائيندي، در در صدائون هڻندي، رولاڪيون ڪندي، پنهنجي جيڏين ۽ سرتين سان گداگري ڪندي گذريو، پر شايد سندس صدائون عرش تي اهڙيون اگھاميون، جو اڳتي هلي هيءَ ننڍڙي پينانگ فقيرياڻي پوري برصغير ۾ سرن جي دنيا تي راڄ ڪندي نظر آئي، سندس آلاپيل سر هند کان سنڌ تائين هنڌين ماڳهين اهڙا ته گونجڻ لڳا، جو اهي جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان هميشه لاءِ سندس سڃاڻپ بڻجي ويا.

سي ايڇ آتما هندي فلمن جو مشهور سنڌي فنڪار غلام مصطفيٰ ملاح

سي ايڇ آتما
هندي فلمن جو مشهور سنڌي فنڪار
غلام مصطفيٰ ملاح
موسيقي سان محبت ڪندڙ امن پسند ماڻهن جي سنڌ ڌرتي وڏن وڏن فنڪارن شاعرن ۽ موسيقارن کي جنم ڏنو آهي، هتان جي ماڻهن جي قدر داني جي ڪري ننڍي کنڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان فنڪار گهراڻا لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا ۽ پوءِ هتي جا ئي ٿي ويا، جن ۾ گواليار گهراڻي جا فنڪار به شامل آهن، جيوڻي ٻائي به اصل راجستان جي هئي پر سنڌ جي ماڻهن جي محبت، مهمان  نوازي ۽ فنڪار دوستي جي ڪري هو آخري دم تائين سنڌ ۾ رهي، اهڙي طرح سنڌ جي ٿئيٽر به وڏا وڏا فنڪار پيدا ڪيا آهن، جن ۾ عظيم ميوزڪ ڊائريڪٽر ماسٽر غلام حيدر به شامل آهي، 1931ع کان پوءِ جڏهن فلمي ڪردارن کي آواز مليو ته ٿئيٽر جي دنيا جا وڏا وڏا فنڪار سينما جي اسڪرين جا مصروف فنڪار بڻجي ويا. جن ۾ شمشاد بيگم، نور جهان ۽ ڪندن لال سهگل قابل ذڪر آهن، ڪندن لال سهگل اداڪار هئڻ سان گڏوگڏ بهترين سنگر هو جنهن جي آواز ۽ انداز ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجو سچو عاشق بڻائي ڇڏيو، اهڙن ئي نوجوان فنڪارن مان هڪ نهايت ئي سهڻو ۽ سريلو فنڪار هو سي ايڇ آتما هن فنڪار جو اصل نالو هو آتمو حشمت رائي چئناڻي. هن جنم سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ 10 ڊسمبر 1924ع تي ٿيو. هُن ڊي جي ڪاليج مان گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي، هو نهايت خوبصورت نوجوان هو، اسڪول ڪاليج جي ميوزڪ فنڪشنز ۾ اڪثر حصو وٺندو هو، ۽ پهرين پوزيشن ماڻيندو هو، جنهن زماني ۾ سنڌ ۾ ماتا جي بيماري وبائي صورتحال اختيار ڪئي هئي، ته HMV رڪارڊنگ ڪمپني هن نوجوان فنڪار جي آواز ۾ هڪ نغمو ڪارڊ ڪيو هو جنهن جا ٻول هئا ”ٻاجهه ڪجان ٻچڙن تي، مائي آهن تنهنجا ٻار“ اهو نغمو تمام گهڻو مقبول ٿيو.

سيد نور اظهر جعفري - مير اعظم علي ٽالپر

سيد نور اظهر جعفري
راجسٿان جي ريتي ۽ ٿر جي واري سان محبت ڪندڙ
مير اعظم علي ٽالپر
اڄ کان چاليهه، پنجاهه سال اڳ عام تفريح جو ذريعو ريڊيو هو ۽ گهرن ۾ فونو ۽ ان جا گراموفون رڪارڊ هوندا هئا. ان کان سواءِ شهرن اندر فلمن ڏسڻ جو رواج هو.

سر غيبي خان چانڊيو - غلام مصطفيٰ سولنگي

سر غيبي خان چانڊيو
ايشيا جو حاتم طائي نواب
غلام مصطفيٰ سولنگي
هن حويليءَ جي اڱڻ تي ويٺي ننڍڙي ٻار علي نواز خان پنهنجي امڙ کي چيو ته “آئِي! منهنجي دل چاهي ٿي ته ماڻهو مون کان ڪجهه گهرندا رهن ۽ مان کين ڏيندو رهان. مون کي بخشيش ڏيڻ ۾ جيڪو سُڪون ملي ٿو، تنهن جي رڳو مون کي ئي خبر آهي”.
هي ماڙيون هي محل ۽ هي غيبي ديرو شاهد آهي ته ننڍڙي علي نواز خان ننڍپڻ ۾ سخاوت جو جيڪو سلسو شروع ڪيو، سو سندس آخري ساهه تائين جاري رهيو، وٽانئس ڪو به سوالي خالي نه موٽيو. اهڙي ئي سخاجي موٽ ۾ کيس “ايشيا جو حاتم طائي سڏيو ويو، علي نواز خان جهڙي عظيم انسان کي دنيا نواب سر غيبي خان چانڊئي جي نالي سان سڃاڻي ٿي.

علامه غلام محمد مهيسر - ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

علامه غلام محمد مهيسر
وڏي وِٿ هئام
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
سنڌ جي سرزمين اوليا الله، بزرگانِ دين، اهلِ علم، آفاقي شاعرن ۽ قلندر منش عظيم انسانن جي ڌرتي رهي آهي. هتي ايڏا ته عظيم انسان پيدا ٿيا آهن جو اهڙن عظيم انسانن جي زندگي جو مطالعو ڪري ماڻهو دنگ رهجي وڃي ٿو. اهڙن عظيم شخصيتن ۾ علامه غلام محمد مهيسر رحه جو به شمار ڪيو وڃي ٿو. خيرپور رياست جي گمبٽ تعلقي ۾، کهڙن جي ڳوٺ جي ڀر ۾ واقع مهيسرن جي ڳوٺ ڪمال ديري ۾ 1248هه مطابق 1832 عيسوي ۾ مشهور علمي خاندان آخوند ميان عبدالڪريم جي گهر ۾ سندس ولادت ٿي. پيدائش وقت سندس نالو غلام محمد رکيو ويو. سندس والد ميان عبدالڪريم به هڪ عالم هو، کيس اها علميت سندس پيءُ مولوي ميان فقير محمد مهيسر کان حاصل ٿي هئي. ميان فقير محمد هڪ جيد عالم، عربي ۽ فارسي جو ماهر، اعليٰ پايه جو خطاط ۽ بهترين ڪاتب هو. سندس لکيل لکڻيون به خانداني ڪتب خانن ۾ محفوظ آهن.