; سنڌي شخصيتون: چاچو نواز علي کوسو، ٿر، دولت رام کتري، ڀارومل امراڻي سوٽھڙ،
Showing posts with label چاچو نواز علي کوسو، ٿر، دولت رام کتري، ڀارومل امراڻي سوٽھڙ،. Show all posts
Showing posts with label چاچو نواز علي کوسو، ٿر، دولت رام کتري، ڀارومل امراڻي سوٽھڙ،. Show all posts

14 June, 2014

چاچو نواز علي کوسو

چاچو نواز علي کوسو
ٿر جو هڪ ديومالائي ڪردار
دولت رام کتري/مٺي
ٿر ۾ لوڪ ڏاهپ جي انوکي ڪردار ۽ تاريخ جي پارکو چاچي نواز علي کوسي، جڏهن ڪارونجهر جي دامن ۾ پنهنجا پساهه پورا ڪيا، ته ٿر جون هوائون سوڳوار بڻجي ويون. ڪارونجهر روئي ڏنو ۽ پارڪر جي پَڊن تي ڪولهين جا راسوڙا خاموش بڻجي ويا. پنهنجي سِيني ۾ ٿر جي تاريخ سانڍي رکندڙ هن ديو مالائي ڪردار کي سنڌ جا ماڻهو ٿر جي ”انسائيڪلو پيڊيا“ جي نالي سان پڻ ياد ڪن ٿا.