; سنڌي شخصيتون: چاچو نواز علي کوسو

14 June, 2014

چاچو نواز علي کوسو

چاچو نواز علي کوسو
ٿر جو هڪ ديومالائي ڪردار
دولت رام کتري/مٺي
ٿر ۾ لوڪ ڏاهپ جي انوکي ڪردار ۽ تاريخ جي پارکو چاچي نواز علي کوسي، جڏهن ڪارونجهر جي دامن ۾ پنهنجا پساهه پورا ڪيا، ته ٿر جون هوائون سوڳوار بڻجي ويون. ڪارونجهر روئي ڏنو ۽ پارڪر جي پَڊن تي ڪولهين جا راسوڙا خاموش بڻجي ويا. پنهنجي سِيني ۾ ٿر جي تاريخ سانڍي رکندڙ هن ديو مالائي ڪردار کي سنڌ جا ماڻهو ٿر جي ”انسائيڪلو پيڊيا“ جي نالي سان پڻ ياد ڪن ٿا.


سال ۱۹۲۶ع ۾ ڳوٺ ڪٻڙي ۾ جنم وٺندڙ ٿر جي تاريخ جي پارکو، چاچي نواز علي کوسي جو وڏو آدرش انسان دوستي هو. ٿر جي لوڪ ادب، ڏاهپ ۽ تاريخ جو ساکي نواز علي کوسو پارڪر جو هڪ مهمان نواز ماڻهو هوندو هو، جو وٽس سنڌ جا ڏاها، اديب، شاعر، محقق هن ماڻهوءَ وٽ ڪَهي ايندا هئا. انهن سُڄاڻ ماڻهن سان چاچو نواز علي کوسو ٿر جي تاريخ، ثقافت، لوڪ ادب ۽ سگهڙائپ تي وڏا وڏا بحث ڪندو هو. وٽس ڄاڻ جو تمام گهڻو خزانو هوندو هو.
سال ۱۹۹۲ع ۾ جڏهن انهيءَ وقت جي ٿر جي ڊي سي عبدالقادر منگي ٿر سيمينار ڪوٺايو هو، تڏهن ٿر جا ناليوارا اديب، محقق، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، انور پيرزادو، بدر ابڙو، عبدالله ورياهه ۽ ٻيا دوست، تاريخ جي هن ڄاڻو ماڻهو سان مليا ۽ ٿر جي تاريخ بابت مفيد معلومات چاچي نواز کان حاصل ڪئي. ٿر جي پيرائتي تاريخ ۵۰ سال اڳ رائيچند راٺوڙ قلمبند ڪئي هئي ۽ ٿر کي هڪ انمول ڪتاب ”تاريخِ ريگستان“ ڏئي ويو. رائيچند راٺوڙ کان پوءِ ٿر جي تاريخ تي ايترو ڪم نه ٿي سگهيو، جيڪو ٿيڻ گهرجي ها.
چاچي نواز کوسي وٽ نه صرف ٿر پر ننڍي کنڊ جي تاريخ سيني ۾ سانڍيل هئي. هن سير سفر ڪندي ننڍي کنڊ جي اڌ کن علائقي جو سنئون سڌو مشاهدو ماڻيو. سنڌيءَ جا ٻه درجا پاس ڪندڙ هن شخص کي ننڍي کنڊ جون ڏند ڪٿائون ۽ لوڪ ڪهاڻيون ياد هونديون هيون. ٿر، راجسٿان، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي لوڪ ڪهاڻين توڙي انهن علائقن جي ٻولين جو به علم هوندو هئس. هن شخص ڪارونجهر جي مڪمل تاريخ پنهنجي سِيني ۾ سانڍي رکي، هن کي خبر هئي ته، ڪارونجهر جي آسپاس علائقي کي ڪيئن آباد ڪري سگهجي ٿو. هن کي اها به خبر هئي ته، ڪارونجهر جو پاڻي گڏ ڪري پارڪر ڪيئن آباد ٿي سگهي ٿو.
هو ٿر جي تاريخ، لوڪ ادب، يا ڪنهن به موضوع تي ڳالهائڻ ويهندو هو ته، دليلن سان ڳالهائيندو هو. هُن جي لفظ لفظ ۾ وزن هوندو هو، هو پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ خوش مزاج ماڻهو هوندو هو.
چاچو نواز کوسو ملنسار ۽ محبتون وکريندڙ ماڻهو هوندو هو. وٽس ڪو مهمان لنگهي ويندو هو ته هو انهيءَ کي بي پناهه محبتون ڏيندو هو. هو ٿر ۾ مذهبي هم آهنگيءَ جو اعليٰ مثال هو. هن جي مزاج ۾ انسان دوستي ۽ مذهبي رواداريءَ وارو ڪردار نظر ايندو هو. هو ٿر جو ڪو راوئتي وڏيرو به نه هو پر پوءِ به هو پنهنجي علائقي جي ماڻهن جا مسئلا ٻڌندي نظر ايندو هو ۽ ٿر جي غريب ماڻهن جي لاءِ ڇپر ڇانوءَ هو.
چاچو نواز کوسو مسڪين جهان خان کوسي جو ٻيو روپ هو. سندس ڪردار ۾ مسڪين جهان خان کوسي جا آدرش نظر ايندا هئا.
چاچو نواز کوسو ڀٽائيءَ جو پارکو پڻ هو. هن کي لطيف جي شاعري ۽ ڀڳت ڪبير جي شاعري تمام گهڻي ياد هوندي هئي.
چاچو نواز کوسو ٿر جي تاريخ جو نرالو ماڻهو هوندو هو، جنهن وٽ علم ۽ ادب جو وڏو خزانو موجود هوندو هو. هن جي تاريخي ڪردار کي سنڌ واسي هرگز نٿا وساري سگهن. ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو هي امر ڪردار ڪارونجهر جي هنج ۾ سمهي پيو آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو سالن تائين هن جي ڏاهپ جا ڳڻ ڳائيندا رهندا.




علي نواز کوسو
عرف ڪارونجهر جي موڪلاڻي
امير منڌرو
اها  ۱۰ جولاءِ ۲۰۰۱ع جي رات هئي، جڏهن اسان صحافي ڇڪڙي جي ڇت تي چڙهي، وسندڙ مينهن ۾ بدين کان هڪ ڊگهو سفر ڪري اچي ننگر پارڪر ۾ پهتا هئاسين. گهڻي رات ٿي چڪي هئي. ننگر ۾ پهرين ئي تمام گهڻي رش هئي، سو اسان جي ٽوئر جي اڳواڻي ڪندڙ دوست مصطفي جمالي ۽ هارون گوپانگ پريشان ٿي ويا. رهڻ جي لاءِ اسان کي ڪا به جاءِ نه پئي سُجهي. اها ڪا گهڻي پراڻي ڳالهه به ناهي پر اڄ کان ڏهه، ٻارنهن سال پهرين ٿر ۾ روڊن ۽ رستن جو نه ڪو اهڙو ڄار وڇايل هو ۽ نه ڪو ننگر شهر ۾ اهي سهولتون موجود هيون، جيڪي هاڻي آهن. ارباب غلام رحيم جي ”سياسي بصيرت“ ۽ ”شيرين زباني“ جي ڪهاڻي پنهنجي جاءِ تي پر جڏهن هو ورڪس اينڊ سروسز جو وزير ٿيو ۽ کيس اشفاق ميمڻ جهڙو سيڪريٽري ملي ويو ته ٿر جا اصل رنگ ئي بدلجي ويا. وزير اعليٰ ٿيڻ کانپوءِ هن ٿر ۾ ڪجهه وڌيڪ ترقي آندي. سو انهيءَ عالم ۾ اتي جنهن پوڙهي اسانجو آڌر ڀاءُ ڪيو، سو چاچا علي نواز کوسو هو. هن نم جي وڻ هيٺان اسان کي هوٽل واري کان کٽون وٺي رهايو، ۽ اهڙو قرب ڏنو، جو سڀني کي خريد ڪري ڇڏيائين. منهنجو اهو ٿر جو پهريون ڀيرو هو ۽ پهريون دفعو جنهن شيءِ مونکي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو، اهو هڪ اوچو ڪارونجهر هو ۽ ٻيو هو چرندڙ ڦرندڙ ڪارونجهر علي نواز کوسو. هن جون تصويرون جيڪي انهيءَ سفر ۾ حميد عمراڻي ڪڍيون، سي اڄ به ڪنهن قيمتي اثاثي جيان مون وٽ محفوظ آهن. خبر ناهي ته هو ڪيترو پڙهيل هو پر هن شخص جنهن انداز سان تاريخ ۽ اينٿراپالاجي تي ويهي ويچار ونڊيا ۽ پنهنجي ڏاهپ جا گل وکيريا، ان جهڙو داناٰءُ ماڻهو مون اڳ نه ڏٺو.
اڄ کان ٻارنهن سال پهرين جڏهن چاچي علي نواز اسان کي پاڻ سان گڏ ڪارونجهر گهمايو پئي ته  ٽرورٽ جي ٿلهي تان موٽندي مون هن کان پڇيو ته کيس هي هيترو علم آخر ڪٿان مليو؟ هن پنهنجي اڇي پٽڪي جو ور واريندي اهو ٻڌايو ته ٻاروتڻ ۾ هو ٻڪريون چاريندو هو، انهن ڏينهن ۾ جوهري، حڪيم، ساڌو، جوڳي، ڀڳت ۽ سامي ڪارونجھر جي ڪور مان اچي ٻوٽيون، پٿر ڳوليندا هئا ته ڪي وري اچي ديرو دکائي پنهنجا چلا ڪڍندا هئا. هن جي انهن سان سنگت ٿي وئي ۽ هن انهن جي ساٿ مان گهڻو ڪجهه پرايو. ڪارونجهر جي ڪڇ ۾ موجود جين جي مندر سان هن جو تمام گهڻو انس هوندو هو. اسان ان کان پوءِ جڏهن به ڪارونجهر وياسين ته اهو ممڪن ئي ڪونه هو ته چاچا علي نواز کوسي جي حاضري نه ڀرجي. ۲۰۰۷ع کانپوءِ جڏهن حسن درس ۽ مسعود لوهار جو ساٿ مليو ته پوءِ سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ کي جوڳي بنجي لتاڙيوسين. ننگر پارڪر ۾ هر سال جڏهن به آياسين ته سردار کوسي جي اوطاق تي چاچا علي نواز سان ضرور ملياسين. حسن ۽ مسعود سان هو جڏهن ڪوروئن ۽ پانڊوئن جي ان جنگ تي ڳالهائيندو هو، جنهن بابت سندس خيال هو ته اها هتي لڳي هئي، ته سندس لفظن جي منظر نگاري ماڻهوءَ کي ميدان جنگ ۾ اچي بيهاري ڇڏيندي هئي. جين ڌرم کان وٺي اسلام تائين ۽ جيڪي بادشاهه ۽ حاڪم ريگستان مان سفر ڪري ويا، تن بابت هن جي ڄاڻ هڪ اٿارٽي جي حيثيت رکندڙ هئي. هن جو هيرو روپلو ڪولهي هو. هن جي دل ۾ انگريزن سان جنگ جوٽيندڙ ڪارونجهر جي ڪولهين جا انيڪ قصا مدفون هئا. هن جو روح ورهاڱي جي ورن وڪڙن ۾ وڃائجي چڪو هو. شايد تڏهن ئي سندس اکين ۾ لڙڪن بجاءِ لڏپلاڻ جا عڪس نظر ايندا هئا. هن اسان کي ٻڌايو هو ته، لڏپلاڻ، ورهاڱي جي شرطن ۾ شامل ئي نه هئي.
هو ننگر جو هڪ اَورچ روح هو، جنهن کي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ تي ڀرپور دسترس هئي. هن مونکان پڇيو هو ته هاڻي اهو حسن مجتبيٰ ڪٿي آهي، جنهن اچي پهريون دفعو هڪ انگريزي مئگزين لاءِ انٽرويو ڪيو هو ۽ پوءِ کيس بين الاقوامي سطح تي شهرت ملي هئي. هن اسان کي اهي سڀ اخبارون ۽ رسالا وڏي چاهه منجهان ڏيکاريا، جن ۾ سندس پروفائيل ۽ انٽرويو ڇپيل هئا. نه رڳو اهو پر ڪارونجهر سان هن جو عشق هو، تڏهن ته ڪارونجهر جي اندر گرينائيٽ پٿر جي حاصلات لاءِ ٿيندڙ ڪوششن جي هن ڀرپور مخالفت ڪئي. هن کي ڪارونجهر جي پٿرن، جانورن، وڻن ۽ ٻوٽين بابت تمام گهڻي ڄاڻ هئي. جڏهن هو چُرندڙ ڦِرندڙ ڪارونجهر، ننگر جي ناسي مٽيءَ ۾ مدفون ٿي ويو ته دل اهو سوچڻ تي مجبور ضرور ٿئي ته ڪاش هن جي ڏاهپ جي ڊاڪيومينٽيشن ڪري وٺجي ها. هن جي جدائيءَ جي تعزيت انهيءَ ڪارونجهر سان ئي ڪجي، جيڪو کانئس پوءِ اداس آهي.





چاچو نواز علِي کوسو

ڪارُونجهرَ جو ڪاپڙِي
ڀارومل امراڻي سوٽهڙ
”اُتي آديسين جو، پَيو پنڌ پرو.“ خبر ناهي ڀٽائِي سرڪار اِها سِٽُ ڪهڙِي ڪيفيت ۾ ڪنهن جي لاءِ چئِي هُئِي، پر مُون کي سدائين چاچي نواز علي کوسي سان مِلندي ياد اِيندِي آهي، ڀٽائِيءَ جو آديسِي پڻ اهڙو ئِي هُوندو، آئُون اڪثر اِيئن سوچيندو آهيان.
پارڪر جي پَٽن تي هر دؤر ۾ هڪڙو راج رشِي ۽ ديس ڀڳت رهي ٿو، پاراسَر رشِيءَ کا وٺِي چاچي نواز علِي کوسي تائين هڪ ڊگهِي فهرست ۾ رُوپلو ڪولهي، لاڌُو سنگهه، مسڪِين جهان خان کوسو، سُڳاڙ چندَ، عالم چند ڪولهِي، ۽ ساجن خان خاصخيلِي وغيره ويجهي ماضِيءَ جا وڏا نالا آهن؛ اڃان وچ ۾وڏو دؤر رهي ٿو، (اُن تي ڪنهن ٻي ڀيري لکبو.) ڪاروُنجهر ۽ چاچو نواز علِي کوسو اڄوڪي پارڪر جا ٻه اهم موضُوع آهن. عالمِي نشرياتي اداري بِي بِي سي جي رولاڪ صحافي وُسعت الله خان کان وٺِي ڇور واهه جي ڇُڙواڳ ڇولين جي سودائِي ٿريي اِلياس تائين مُلڪ جو ڪوبه ٻُڌِيمان ليکارِي ڪاروُنجهر ۽ نواز علِي کوسي جي من جي مواد کي مُڪمل طور رقم ڪري نه سگهيو آهي. وُسعت الله خان جي لفظن ۾ ننگرپارڪر جو هلندڙ ڦِرندڙ مائِيڪرو فون ۽ کوسن جي لُڏاڻِي پاڙي سان واسطو رکندڙ چاچي نواز کوسي وٽ عُمر ڀر جِي اُها آترويلا ۽ البيلائِي آهي، جيڪا ڪنهن پُختي شاعر جي دماغ تي ئِي حاوِي هُئڻ گُهرجي، صبُح کان شام تائين هن وٽ سچ چوڻ جو وڏو ساهُس آهي.
ننگرپارڪر کان اوڀر- اُتر طرف وارِي وسندِي ڪُٻڙِي چاچي نواز علي کوسي جو اَباڻو ڳوٺ آهي، ڀُٽي جي ويجهي ساٿي ڪاپڙِي خان کوسي جو پڻ اِهو ساڳيو ڳوٺ آهي، جنهن لاءِ ڀُٽو اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي چوندو هو ته ”مُون کي خبر آهي ته پارڪر ۾ ڪاپڙِي خان کوسو ڇا ڪري رهيو آهي؟“ چاچي نواز کي اُهي ڏينهن چِٽا ياد آهن، هن جي لاءِ اِها ڪالهه ڪالهوڻِي ڳالهه آهي، سال ۱۹۲۶ع ۾ نوبت خان کوسي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ چاچي نواز جي ڪُٻڙِي جي سارُوڻين ۾ سُومر خان جِي مهمان نوازِي ۽ ڪاپڙِي خان (پهرئين) جِي دانائِي ۽ بهادرِيءَ جا داستان سانڍيل آهن. ڪاپڙِي خان (پهرئين) جي ڪِردار کي چِٽِيندي اُستاد بخاري ”ڪَرنل ٽائِر وِٽُ Colonel Tyrr Whit-“ عُرفِ عام ۾ تَروٽُ سان مخاطب ٿِي چوي ٿو ته:
تُون ڀلين خيمن جا دَر هيٺ ڪر،
مان به کوسا ڪاپڙِي ڳوليان پيو.
چاچو نواز کوسو ٻارهين فيبرورِي ۱۹۴۲ع تي اوڳاڙين ۽ سُنگين سان سڄِي رِيت سَلهاڙيل هڪ اهڙي کاتي ۾ شِرُوعاتِي گِريڊ واري مُلازم طور ڀرتِي ٿيو هو، جنهن جو پويُون اَڌُ مُروتَ، فرمانبردارِي، وفادارِي، ذهانتَ، همتَ ۽ لياقتَ جي لفظن جو ئِي مجمُوعو آهي. چاچو ۱۹۸۴ع تائين انهيءَ نوڪرِيءَ سان رهيو. جيتوڻيڪ لاڳاپِيل مُحڪمي جِي اِها نوڪرِي ڌَنُ ميڙڻ جي لاءِ گهڻو ڪُجهه هُوندِي آهي، پر اسان سڀن جي هن چاچي نواز رُڳو جهُوني جُڳ جي ڏند ڪَٿائن کان وٺِي هن دؤر جي تَلخِيُن جِي توارِيخ کي ميڙيو، ڇو جو خاص طور تي ٿر ۾ مِسڪِين جهان خان کوسي جو ڪِردار؛ عوامِي خِدمت کان آجِي نوڪرِي ڪندڙن جي لاءِ جهڙوڪر چُهنڊڙِي ٿِي پيو هو ۽ جاڳيل ضمِير سُک سُمهڻ ڪونه ڏيندو هو؛
”جوڳِي جاڳائي، ماري وِڌو مامَري
جي مُترادف، جن کي به ڌرتِيءَ ڌڻين سان پنهنجائپ جي رشتي جي ٿورِي ڪِ گهڻِي پرک هُئي، اُنهن ڌَنُ جو پِيڇو ڪرڻ بدران مَنُ جي پِيڇي کي اوليت ڏنِي:
پنهنجي من جي پِيڇي ڪارڻ،
ڌَنُ جو پِيڇو ڪونه ڪيُونسُون. (اَياز)
نوجوانيءَ ۾ نواز کوسي جِي اِها نوڪرِي، جنهن جو پُورو ڌاڪو، چڙهڻ جي لاءِ ڀَلو گهوڙو، هڪڙي اڙِي سان کيهُه جُون اُڏامُون، پوءِ ٿر جي هنن ڏَهرن، گسن گهيڙن ۽ ماٿارين تي گهوڙي جِي واڳ جهلي هلڻ وارن ماڻهن جا ميڙا ۽ هاڻي وقت اهڙو آهي جو
ٻُڍا ٿِيا، ٻَڙهه هَٽيا، نيڻيڻ نِير جهرنتَ،
تڏهان شِينهان آگي مِرگهلا، ٽولِي ٽولِي چرنتَ.
(هاڻ جو پوڙها ٿِي ويا آهيُون، ٻانهن ۾ اَڳُوڻو ٻَلُ به نه رهيو آهي، اَکِيُن مان ڳوڙها وهِي رهيا آهن، تڏهن ئِي شِينهُنَ آڏو هرڻِيُنَ جَهڙا هِيسيل وجُود هِيئن ٽولِيُون ڪري چَرِي رهيا آهن.)
چاچو نواز کوسو پُراڻين يادن جِي اِهڙِي هروٽڙِي کولِيندي ٻَهڪِي ٿو پوي. سندُس اکين ۾ عجِيب چَمڪُ جاڳِي ٿِي پوي، انهن ڏينهن ۾ رَڳُ رَڳُ ۾ ڪنهن جي لاءِ آڳ ڀڙڪِي؟ ڪنهن جي ويڻن راتيُون وَههُ ڪيُون، اکين جي انبُورن ڪِيئن جُوالن وانگر چٽاءَ ڪيو؟ جي سوالن تي ڪنهن آدجُڳادِي سامِيءَ جي نرڙ تي ڏنل تِلڪُ جهڙِي مُرڪ مُرڪندي، جواب ۾ ڦيرو وجهِي هُو نئين ڳالهه کڻي ٿو. اکڙين کان ننڊ کَسي هن اوجاڳن سان رشتو پڻ جوڙيو، تارن جِي ٽِمُ ٽِمُ ۾ تنهائِيءَ سان رُوحَ رِهاڻ ڪئِي، جيءُ کي جلائڻ، لوچڻ ۽ لهڻ ۾ عُمر ڪٽِيندي ڪڏهن به وِچان وَلها ڏينهن نه آندا اَٿائِين، ڪنهن اقتدارِي ۽ اختيارِي ڌُر جي اڳيان روئڻ، رڙڻ، ليلڙاٽيُون ۽ ليٿڙاٽِيُون پائڻ کي هن هميشه مَهڻو سمجهيو آهي.
ننگر پارڪر جون ڳالهيُون ڳوڙها ۽ ٽَهڪ چاچي نواز علي کوسي جي لاءِ ڪُونجن جي ڪُرلائڻ ۽ ڀٽائيءَ جي راڳ وانگر آهن، روز صُبح جو گهر مان گيڏِيو (لَڪُڻ) هٿ ۾ کڻِي، ڪوٽڙِي (واسڪوٽِي) پائي، پَٽڪو ٻڌِي نڪرڻ ۽ پوءِ ننگرپارڪر جي تاريخِي ”پالن بازار“ ۾ مختلف دُڪانن ۽ مانڊڻين وٽ ويهِي نوجوان نسل اڳيان انسان ذات جي لازوال ڪهاڻين، انسانِي ڀائِيچاري، حُب الوطنِي ۽ بين القوامي روادارِي تي ڀَرپُور نمُوني ڳالهائڻ ۽ ” ننگرپارڪرجو ترقياتِي منصُوبو“ پيش ڪرڻ وارا ڪم جهڙوڪر هن جِي روز مره جِي لازمِي ڪِرت جو حصو رهيا آهن. پيريءَ جِي پِيڙا ۾ ٿڪجڻ باوجُود هُو ڪوشش ڪري ٿو ته ڪِٿي پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهِي نه ٿئي، هن وٽ صدين کي ڳالهين ۾ سَميٽڻ جو ڪمال جو ڏانءُ آهي. هڪڙِي ويهڪ ۾ ڪورُوئنَ پانڊونَ، ساڙڌِري، ڀِيم گوڏا، گَئُو مُکي، انچليشور، پارِي ننگر بندر، سڏونت سارنگا ۽ سَنگها جي موضُوعن کان ٿيندو لاڌُو سنگهه ٺڪر، ڪلجِي، روُپلي، ڏُجي مَڏي، مسڪِين جهان خان، اَلجِي سوڍي ۽ دلبر خان کوسي وغيره تائين پارڪر جي پُورِي تارِيخ ۽ اُن جي ڪِردارن کي بيان ڪري وٺندو آهي. هُو روز سانوڻ جهڙا سانگ ڪري ننگر تي جُهڙ وانگر ڇانئجي ٿو؛
ڪوڙين ڪايائون تُنهنجُون، لکن لک هزار،
جيءُ سڀ ڪنهن جيءُ سين، درشن ڌارُون ڌار،
پرينم! تُنهنجا پار، ڪهڙا چئِي ڪهڙا چَوان!
--
ڌنءُ ڌنءُ ڌَمڻ وار، اَڄُ پڻ آڳڙين جي،
ٻاري مچ مِجاز جو، اوتيائُون اَڱار،
ڌوڌيا ٿِيءُ مَ ڌار، جم ڪچو رُڪ ڪِيڻُون ٿئي.
عُمر جي اُلڪن ۾ چاچي نواز کوسي جو وڏو اُلڪو مورن ۽ هَنجُن جي ميڙ وارين جاين تي ڪانوَن جي ڪانگيرن جي وَڌڻ جو آهي. سماج جي هر شُعبي ۾ ٿِيندڙ غير شَفافِيت ۽ وڌندڙ عَدمِ برداشت هن کي پريشان ڪري ٿِي ڇڏي، مَڪر، فَريب ۽ پاپُ جا اهڙا پَڙڇاءُ (عَڪس) هن پوڙهي جو رُوح پَگهاري ٿا وِجهن ۽ جُهرندي جِيءُ مان پُڪار اُٿي ٿِي؛
”هنس گيا سارس گَيا، گئي اگُوڻِي چال.“
هر مُلاقاتي هن جي هِيڻن هَڏڙن ۽ ميرانجِهڙن لَٽن ڏانهن نهارِيندي محسُوس ڪري سگهي ٿو ته:
مٿان مِينهُن نه پُونَ، ساوا گاهه نه سُومرا،
ماڙ يچِيُون محل ۾، مُور نه مَٿو ڌوُنَ،
جيڏين ڌارا جون، عُمر کاڌِي هينئُنَ.
سنڌ جي اَڳُوڻي گورنر مُعين الدِين حيدر جي هَٿان چاچي نواز کوسي کي سماجِي خدمتن جو ايوارڊ پُڻ مِليو هو. ۲۰۰۵ع ۾ ”رضاڪارن جي عالمِي ڏِينهن“جي موقعي تي ڪراچيءَ ۾ سنڌ اسيمبلِيءَ جي اڳُوڻي اسپِيڪر سيد مُظفر علِي شاهه کيس”بهترِين رضاڪار“ جو ايوارڊ به ڏنو. مون ننگرپارڪر ۾ رهڻ دوران پارڪر جي پَٽن ۾ وڻن، ٻُوٽن ۽ جهنگلِي جيوت جي بَچاءُ ۽ صحرائِيتَ جِي روڪٿام جو پَرچار ڪرڻ جِي مَڃتا طور مُلڪ جِي ماحولياتِي تنظيم اِسڪوپ پاران سِنڌُو تهذِيب سان ايڪتا جو غيرروايتِي اِظهار ڪَندي، کيس ۲۹- نومبر ۲۰۱۰ع تي اَجرڪُ ۽ پَٽڪو پارايو، مختلف سماجي تنظيمن طرفان به مُختلف وقتن تي چاچي جِي سار لڌِي ويندِي رهِي آهي.
اُپنشِدن جا رشِي سڄِي زندگِي ”نيتِي نيتِي“ چوندا رهندا هُئا، ۽ اُنهيءَ جو پَرچار ڪَندا رِهندا هُئا، اِيئن چاچي نواز علِي کوسي پُڻ سڄِي زندگي ”ننگر ننگر“ ڪيو آهي، ڪارُونجَهر جي قُدرتِي وسِيلن کي بَچائڻ ۽ اُنهن جي بهتر اِستعمال بابت وِيچاريو آهي، ڪارُونجهر جَبلُ جي نئِيُنَ جي پاڻِيءَ کي روڪي، اِنهِيءَ اَمُلهه برساتِي پاڻيءَ کي ڪَتب آڻڻ جو صَلاحُون ڏِنيُون آهن. چاچي نواز کوسي جي سَچِي خُوشِي انهيءَ ۾ آهي ته ننگرپارڪر جو علائقو اهڙو سُهڻو ۽ خُوشحال ٿِي پَوي، جهڙو هن جي سپنن ۾ آهي ۽ جِيئن هن جي ساريل لوڪَ ڪَٿائُن ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا