; سنڌي شخصيتون: عثمان مري - ايم جمن ڪنڀر

14 June, 2014

عثمان مري - ايم جمن ڪنڀر

عثمان مري
سخاوت جو ڪردار ورسي جي مناسبت سان
ايم جمن ڪنڀر
زندگي جي تاريخ ۾ اڻ ڳڻيا ڪردار موجود هوندا آهن. انهن ڪردارن قومن جي تاريخ ۾ قومن جي قسمت قومن جون آزاديون، انسانيت جي جيئڻ لاءِ جتن ڪرڻ جي جدوجهد ڪرڻ ۾ اُنهن اڻ ڳڻيل اهڙن انسانن ۾ چند اهڙا عظيم انسان ٿي گذريا آهن، جن انسانيت جي عظمت ڏکويلن ۽ اڙيلن جي واهر ڪرڻ ۽ ڀرجھلو ٿيڻ کي پنهنجي عبادت سمجھي آهي. اُنهن عظيم انسانن پنهنجي ذهني فڪر تبليغ، علم ۽ عملي ميدانن ۾ هن ڌرتي تي پلجندڙ ۽ جئيندڙ هر انسان ذات لا۽ پاڻ پتوڙيو آهي. تاريخ جي انهن ورقن کي جڏهن اٿلائبو ۽ جڏهن سنڌ جي تاريخ تي نظر ڦيرائبي ته هن مهان ۽ عظيم ڌرتي تي دکي انسانيت جي خدمت ڪندڙ هن نڌڻڪي ۽ بي يارو مددگار قوم لاءِ پڻ اهڙن عظيم مانجھين پنهنجي سر جو سانگو لاهي موت جي ميدان ۾ ڪڏي ڪاهي هن لاوارث قوم جي جيڪا سماجي خدمت ڪئي آهي انهن عظيم انسانن جي هڪ ڊگھي لسٽ مان قوم جي خدمت ڪندڙن ۾ ميرپورخاص ڊويزن جي ٿر عمرڪوٽ، سانگھڙ ۽ اڇڙو ٿر جي علاقن سان واسطو رکندڙ غريب مسڪين ۽ ڏتڙيل ٿري ماروئڙن، جھائينگڙن کي پنهنجي اولاد کان وڌ پيارو سمجھندڙ اهميت ڏيئي انهن کي علم جي زيور ۾ آرائسته ڪندڙ يتيم ۽ غريب شاگردن کي زوري تعليم ڏياريندڙ هاسٽلون جوڙائي غريب شاگردن کي مفت ۾ رهائشون ڏيڻ ٿري شاگردن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ فيون، ڊريسون، ڪتاب، پين ۽ سليٽ جو خرچ ڀرڻ ايسيتائين جو انهن شاگردن کي پنهنجن گهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن وڃڻ لاٰءِ ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪري ڏيڻ، بيماري دوران تيمارداري ڪرڻ جي جدوجهد جو نانُ جڏهن اچي ٿو ته سانگھڙ ضلعي جي سماجي ۽ علمي شخصيت مرحوم حاجي محمد عثمان مري جو هڪ ڪردار سامهون اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته عثمان نانُ ئي آهي؛ سخاوت جو.



حاجي محمد عثمان مري سانگھڙ ضلعي جي کپرو تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڀٽ ڀائيٽي ۾ سال ۱۹۱۰ع ۾ ڄائو هو. سندس والد خان صاحب حاجي سهراب خان مري پڻ ناميارو انسان ٿي گذريو آهي. انگريزن جي دور حڪومت ۾ اعزازي مئجسٽريٽ هو. سندس ڏاڏو خان بهادر حاجي خدابخش خان مري به وقت جو ناميارو سخي مرد ٿي گذريو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا