; سنڌي شخصيتون: جيوڻي ٻائي

08 June, 2014

جيوڻي ٻائي


جيوڻي ٻائي
ورسيءَ جي مناسبت سان سرن سان جيءُ جياريندڙ
ناصر قاضي
گرگلا قوم هندستان جي هڪ قديم قوم آهي، جيڪي هڪڙي خانه بدوشيءَ واري زندگي گذاريندا هئا، جن جپسي پڻ سڏيو وڃي ٿو. انهن خانه بدوشن ۾ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ هڪ نينگري اهڙي به ڄائي، جنهن ڄمڻ سان فقيرن جي گودڙين ۾ ساهه ٻوساٽيل وجود سان پنهنجي زندگيءَ جو آغاز ڪيو، جنهن ڄمڻ سان ئي در در تي صدائن جا پڙلاءَ پنهنجي ڪنن ۾ ٻُرندي محسوس ڪيا ۽ اڳتي هلي سندس ٻالڪپڻ ڳائيندي، لوٽو کڙڪائيندي، در در صدائون هڻندي، رولاڪيون ڪندي، پنهنجي جيڏين ۽ سرتين سان گداگري ڪندي گذريو، پر شايد سندس صدائون عرش تي اهڙيون اگھاميون، جو اڳتي هلي هيءَ ننڍڙي پينانگ فقيرياڻي پوري برصغير ۾ سرن جي دنيا تي راڄ ڪندي نظر آئي، سندس آلاپيل سر هند کان سنڌ تائين هنڌين ماڳهين اهڙا ته گونجڻ لڳا، جو اهي جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان هميشه لاءِ سندس سڃاڻپ بڻجي ويا.


جـيـوڻي ٻائيءَ هندستان جي راجپوتانا علائقي جي ’ڀيلواڙ‘ رياست ۾ ’گرگلا‘ قوم ۾ جنم ورتو، ڪن لکتن موجب سندس ڄم جي تاريخ  ۲۲ جنوري ۱۹۰۱ع ڄاڻايل آهي. جيوڻيءَ جي پتا جو نالو ڦڪـو گـرگلـو، جڏهن ته سندس ماتا جو نالو ’ماڻڪي‘ هو، جيوڻيءَ جو  اصل نالو ته ’جيدي‘ هو. جيئن ته مٿي بيان ڪيل آهي ته جيـوڻيءَ جا والدين غربت سبب گداگريءَ تي گذران ڪندا هئا ۽ کيس به ان جي تربيت ڏني وئي. هوءَ جڏهن ستن اٺن سالن جي ٿي ته پاڻ پنهنجي چئن، پنجن ساهيڙين سان گڏجي در در تي صدا به هڻندي هئي ۽ ڳيچ به ڳائيندي هئي، ان وقت ئي جيوڻيءَ جو آواز پيارو ۽ من موهيندڙ هوندو هو ۽ پنهنجي مڙني هم پيشه ساهيڙين مان سندس ئي آواز نمايان هوندو هو.
پر اڳتي هلي ۱۹۱۸ع ڌاري جيوڻيءَ جي پتا ڦڪوءَ جي زندگيءَ ۾ هڪ هاڪارو انقلاب آيو، جو هو پنهنجو وطن ڇڏي ملتان اچي پنهنجي پوري ڪٽنب سميت حضرت شمس تبريز جي متوليءَ جي هٿ تي اسلام قبوليو. ان بعد ڦڪو ’فتح محمد‘ ٿي ويو ۽ گداگريءَ واري ڪرت هميشه لاءِ ڇڏي ڏنائين، جنهن کانپوءِ ۱۹۲۸ع ڌاري جيوڻي ٻائي سنڌ ۾راڻيپور جي بزرگ سائين صالح شاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿي سندس مريدياڻي ٿي، جنهن بزرگ سندس نالو ’جيدي‘ مان بدلائيندي، سندس دعائيه نالو ’جيئڻي ٻائي‘ (سدائين جيئڻ واري) رکيو هو، جيڪو ’جيئڻي‘ مان ڦري ’جيوڻي‘ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان سنڌ توڙي هند ۾ مشهور ٿي ۽ هوءَ اڳتي هلي سنڌ جي هاڪاري ڳائڻي ثابت ٿي. سندس آواز ۾ اهڙو ته جادُو هو جو ٻڌڻ وارن جون دليون موهجي ويـنـديـون هـيـون.
ملتان ۾ رهڻ دؤران جيوڻيءَ جي ملاقات مشهور راڳي استاد امير خان سان ٿي، جيڪو سندس آواز ۽ شخصيت کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو جيوڻي ٻائيءَ کي رئو پارائي، پنهنجي ڌيءَ بڻائي، کيس راڳ جي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي ۽ موٽ ۾ جيوڻيءَ به ڌيءُ جي رشتي وارو ڀرم اهڙو پاڙيو جو جڏهن سندس استاد امير علي خان پنهنجي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ علالت جي حالت ۾ گذارڻ لڳو ۽ انهن ڏينهن ۾ جيوڻي مستقل طور تي حيدرآباد رهندي هئي ته جيوڻيءَ کيس ملتان مان حيدرآباد گھرائي سندس علاج ڪرائڻ سان گڏوگڏ هڪ ڌيءَ هجڻ جي ناتي سندس خدمت ڪرڻ مان به ڪين گھٽايو.
استاد امير خان جي سرپرستيءَ ۾هوءَ ميلن ملاکڙن ۽ محفلن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي، فني منزلون طئي ڪندي رهي. سندس ڏيهان ڏيهه شهرت وڌڻ لڳي ۽ ملتان کان ڪراچيءَ تائين کيس راڳ جي محفلن ۾ دعوتون ڏئي گھرايو ويندو هو. سنڌ جا ماڻهو کيس گهڻو چاهيندا هئا ۽ پنهنجي محفلن ۾ کيس گهرائيندا هئا. هڪ دفعي شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ميلي تي جيوڻي ٻائي آيل هئي، اتي سندس ملاقات سنڌ جي مشهور راڳي خانصاحب استاد خير محمد خان سان ٿي، جيوڻي استاد جي فن، شخصيت کان بيحد متاثر ٿي ۽ استاد خير محمد خان کي استاديءَ لاءِ عرض ڪيائين، جنهنڪري جيوڻي ملتان ڇڏي اچي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿي ۽ استاد خير محمد خان کان راڳ جا سبق سکيائين. خاص ڪري سنڌي ڪافي ڳائڻ جي سکيا ورتائين ۽ پوءِ ته سڄيءَ سنڌ توڙي هند ۾سندس آواز گونجڻ لڳو،
انهن ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ ۾ ميڊيا جي حوالي سان گرامون فون ريڪارڊنگ ڪمپنين جو عروج هوندو هو ۽ اهڙيءَ طرح جيوڻي ٻائيءَ جي آواز ننڍي کنڊ جي هڪ ٻئي عوامي ڪلاڪار ماسٽر چندر کي گهڻو متاثر ڪيو، جنهن مهاراج ترسي داس جي معرفت سان جيوڻي ٻائي جو آواز رڪارڊ ڪرايو، جيوڻي ٻائيءَ جي ريڪارڊ ٿيل سڀ کان پهرين ڪلام جي موسيقي ڪمار خان ترتيب ڏني، جڏهن ته ان ڪلام جو رڪارڊنگ انجنيئر لال چند هو. اهڙيءَ طرح سندس آواز ۾ ريڪارڊ ٿيل ڪلامن سبب سنڌ سميت سموري ننڍي کنڊ ۾ هر طرف کان جيوڻيءَ کي داد جا درياءَ پلئه پيا. جيوڻي پاڻ به شاعره هئي، تنهنڪري ٻه ٽي رڪارڊ پنهنجي آواز ۾ پنهنجي شاعريءَ جا به رڪارڊ ڪرايائين. ان کان سواءِ هوءَ عبدالڪريم گدائي، حاجي شاهه، پرسرام ضياءَ توڙي ٻين شاعرن جا ڪلام پڻ ڳائيندي هئي.
جيوڻي اسلام قبول ڪرڻ بعد حيدرآباد جي هڪ عالم الله بخش نوناريءَ کان قرآن شريف ۽ ديني تعليم حاصل ڪئي، پاڻ روزي نماز جي پابند هئي، کيس پنجتن پاڪ سان وڏي عقيدت هئي. ۱۹۳۲ع ۾ هن هڪ شخص نواب ماڪا سان شادي ڪئي، پر هن کي ڪو به اولاد نه ٿيو. جيوڻي ٻائي وڏي سريلي فنڪاره هئي. هن پنهنجي وقت ۾ ايترو ته نالو پيدا ڪيو، جو آل انڊيا ڪانفرنس ۾ لڳاتار تيرهن سالن تائين شرڪت ڪري سنڌ جي نمائندگي ڪيائين. جيوڻي ٻائيءَ جي آواز ۾ هز ماسٽرز وائس گراموفون رڪارڊنگ ڪمپنيءَ پاران سؤ کان وڌيڪ گراموفون رڪارڊ  جاري ٿيا، جيڪي سڀ جا سڀ مقبول ٿيا. اهو ئي سبب هو، جو ڄاڻايل ڪمپنيءَ پاران جيوڻيءَ جي آجيان ۾ هڪ شاندار جشن ملهايو ويو، جنهن ۾ ساڍا ڏهه تولا سون جو ٺهيل ڪمپنيءَ جو مونوگرام کيس ايوارڊ طور ڏنو ويو. سندس آواز ۾ ريڊيي پاڪستان تان رڪارڊ اڄ تائين نشر ٿيندا رهندا آهن، جن ۾ ’قابو ڪوٽن ۾‘ ۽ ’بي درد جي اقرار ۾ هرگز نه سچائي آ‘ جهڙا ڪلام ٻڌي، جيوڻيءَ جي ياد تازي ٿيو وڃي.
جيوڻي ٻائيءَ جي وفات بابت ٻه واقعا مشهور آهن، جن مان هڪ واقعو هن ريت آهي ته روهڙيءَ ۾ سندس هڪ سڪ جي سڏيل ڀاءُ کيس پنهنجي پٽ جي شاديءَ جي دعوت جو نياپو موڪليو ته ”مُهنجي پٽ جي شادي آهي ۽ ان ۾ پڦيءَ جي حيثيت سان توهان جي شرڪت ضروري آهي ۽ اسان جو عرض آهي ته اتي توهان کي عزيزن اڳيان ڳائڻو به پوندو“.  جيوڻيءَ جي ان وقت طبيعت تمام گھڻي خراب هئي، پر ان باوجود هن پنهنجي سڪ جي سڏيل ڀاءُ جي خواهش جو احترام ڪندي شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لازمي سمجھيو. جيوڻيءَ شاديءَ ۾ نه صرف شرڪت ڪئي، پر هن ڀرپور نموني سان ڳايو،  تقريب ختم ڪرڻ کان پوءِ رات جو دير سان پنهنجي طبيعت ويتر خراب ٿيندي محسوس ڪيائين ۽ ان وقت ئي روهڙيءَ مان حيدرآباد وڃڻ جي تياري ڪيائين. ان زماني ۾ لاهور کان ڪراچي صرف هڪ ريل گاڏي هلندي هئي جنهن کي لاهور ميل چوندا هُئا، جيوڻي ان ريل گاڏيءِ ۾ چڙهي حيدآباد لاءِ رواني ٿي وئي. پر جيوڻي جڏهن حيدرآباد اسٽيشن جي پليٽ فارم تي پهتي ته سندس روهڙيءَ کان حيدرآباد واري سفر سان گڏ سندس زندگيءَ جو سفر پڻ پورو ٿيو ۽ اسٽيشن تي ئي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين.
جڏهن ته سندس وفات لاءِ ٻيو واقعو هن ريت آهي ته هڪ ڀيري جيوڻي ٻائي ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪري رهي هئي ته ساڻس سفر ڪندڙ ڪي همسفر پنهنجي هڪ صندوق جي امانت کيس سونپي، عارضي عذر ڄاڻائي ڪيڏانهن هليا ويا، ٻئي طرف کان پوليس کي اطلاع مليو ته ساڳئي ريل ۾ هڪ قتل ٿيل لاش صندوق ۾ بند پيو آهي. انڪوائريءَ دؤران پوليس جڏهن ڄاڻايل ريل گاڏيءَ جي تلاشي ورتي ته اتفاق سان جيوڻي ٻائيءَ وٽان ساڳئي صندوق مان لاش برآمد ٿيو، جنهن صندوق جي جيوڻي امانت دار طور حفاظت ڪري رهي هئي، پر کيس به معلوم نه هو ته ان صندوق ۾ ڇا بند ٿيل آهي..!! تلاشيءَ بعد جڏهن ساڳئي صندوق مان هڪ لاش برآمد ٿيو ته سڌو سنئون الزام جيوڻيءَ تي آيو، ڪيس هلڻ دؤران جيوڻي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ  بابت ڪو به دليل پيش نه ڪري سگھي، نتيجي ۾ جيوڻي ٻائيءَ کي بيگناهه سزاءِ موت جو فيصلو ٻڌايو ويو.
ڪيترن ئي لکتن ۾ سندس وفات جي تاريخ ۰۵ جون ۱۹۴۲ع ٻڌائي وڃي ٿي.


جيوڻي ٻائي
لوڪ ڳائڻي جي ياد ۾
ابراهيم لاشاري
سونهاري سنڌ هميشه مختلف وقت به وقت سر ۽ سنگيت جي گلن ۽ سرهاڻ سان سرشار رهي آهي ۽ انهن سرسنگيت جي ڳائڻ هر دور ۾ پنهنجي سنڌ جو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ۽ روشن ڪيو آهي ان سر ۽ سنگيت جي لڙهي مان هڪ گل ۽ لازوال۽ بي مثال ڳائڻ منجهان جيدي (جيوڻي ٻائي) به هڪ لوڪ ڳاڻي ۲۲ جنوري ۱۹۰۱ع اڱاري ڏينهن ڌاري هندستان جي راجپوتانا علائقي جي (ڀيلواڙ) رياست جي (گرگلا) قوم جي هڪ لاڏائو قبيلي (سانسي) جو ڪاري (سانوري رنگ) جي ڦڪو گرگلو نالي شخص جي گهر کان پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو جڏهن ته سندس مٺڙي امڙ جو نالو (ماڻڪي گرگلي) هو سندس والدين نهايت غريب ۽ مسڪيني واري زندگي دوران گداگري ڪري پيٽ پاليندا هئا. جيوڻي جو سچو اصل نالو (جيدي) هو جيوڻي جا والدين گداگري جي تربيت به پنهنجي نياڻي کي ستن اٺن سالن دوران ڏني ۽ جيوڻي ٻائي پنج ڇهه ٻيون ساهڙيون گڏ جي در در تي (آهي الله) جي سئن هڻنديون هيون ۽ ان دوران ڳيچ به ڳائينديون هيون ان ئي زماني ۾ جيوڻي کي قدرت واري سريلي ۽ من موهيندڙ آواز سان نوازي ڇڏيو هو سندس آواز منجهه وڏو سوز سمايل هوندو هو ۽آواز جي ڀيٽ ۾ ٻين ساهڙين کان وڌيڪ اثرائتو ۽ پيارو هو.
۱۹۱۸ع ڌاري جيوڻي ٻائي جو والد ڦڪو گرگلو زماني جي مونجهارن ۽ گردشن جي ڪري پنهنجي وطن کي الوداع ڪري ڇڏي اچي پياري پاڪستان جي ملتان شهر ۾ جهوپڙي هڻي رهائيش اختيار ڪئي جتي جيوڻي ٻائي جي اوچتو هڪ وڏي مشهور گويي استاد امير خان سان ڏيٺ وائيٺ ٿي جيڪو جيوڻي جي سريلي ۽ درديلي آواز کان ايترو ته متاثر ٿيو جو هن جيوڻي ٻائي جي مٿي تي رئو پارائي پنهنجي ڌي بڻائي کيس سر سنگيت جي علم جي سکيا ڏني هاڻ جيوڻي ٻائي جي والد جو به هن گويي استاد امير خان سان ايترو ته قرب وڌي ويو جو سموري قبيلي سميت گڏجي حضرت شمس تبريز جي متولي جي هٿ هيٺ مسلمان ٿي ڦڪو گرگلو مان نالو تبديل ڪري اسلامي نالو (فتح محمد) رکرايو اسلام قبول ڪرڻ بعد هن سموري ڪٽنب سميت گداگري (پنڻ) واري ڪرت ڇڏي ڏني.
سال ۱۹۲۸ ع ڌاري جيوڻي ٻائي سنڌ جي راڻيپور جي هڪ بزرگ سائين صالح شاهه جي خدمت ۾ حاضر تي مريدياڻي ٿي هن بزرگ صالح شاهه سندس جو اصلي نالو (جيدي) تبديل ڪري سندس  نالو (جيئڻي ٻائي) يعني (هميشه سدائين جيئڻ واري) رکيو، حيدرآباد ۾ جيوڻي جي سڃاڻپ سنڌ جي هڪ گويي استاد خير محمد سان ٿي جيڪو راڳ جو وڏو ڄاڻو هوندو هو. اهو ئي سبب هو جو سنڌ جي مشهور لوڪ فنڪارا به هن جي حسن جي سٽ نه سهي سگهي ۽ وڃي استاد خير محمد سان دل جو ناتو جوڙي ويٺي. جيوڻي استاد خير محمد کان سر سنگيت جا سڀ گر سکيا ۽ ڳائڻ جي مڪمل سکيا وٺي، انهيءَ زماني ۾ مشوري ماڻي ورتي. جتي ڪٿي ’واهه واهه جيوڻيجي صدا پئي هلي.
مطالعي ڪرڻ بعد معلوم ٿيو ته وري سال ۱۹۳۲ع ڌاري جيوڻي ٻائي جي هڪ (نواب ماڪا) نالي شخص سان ملاقات ٿي جنهن بعد ٻنهي هڪٻئي سان گڏ زندگي گذارڻ جو وچن ڪيو، نواب ماڪا ڪئين به هو پر هو الله تعالي جي درد تي پنج ئي وقت نماز پابندي سان ادا ڪندو هو ۽ روزا به پابندي سان رکندو هو نواب ماڪا کي جيوڻي ٻائي کان پهريان به هڪ گهر واري هئي جيڪا سندس (مائٽياڻي) هوندي هئي جيڪا سندس سکر ڀرسان پنهنجي ڳوٺ ۾ رهندي هئي ان گهر واري منجهه ڪافي اولاد هيس مگر جيوڻي ٻائي مان ڪو به اولاد نه ٿيس جيوڻي هڪ زبردست سنڌي موسيقي جو سداحيات امر آواز جو نالو هئي. جيوڻي ٻائي صبح جي وقت روزانو ڳائڻ سندس معمول هوندو هو ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙي تائين اهو عملي سلسلو جاري رهيو. جيوڻي جنهن زماني ۾ ڳائيندي هئي ته ان زماني ۾ سڄي ننڍي کنڊ ۾ گرامون فون ريڪارڊنگ ڪمپنين جو عروج هوندو هو اهڙي طرح ان زماني جي مشهور عوامي ڪلا سيڪي فنڪار ماسٽر چندر پڻ جيوڻي ٻائي جي آواز مان تمام گهڻو متاثر ٿي مهاراج ترسي داس جي معرفت سان ڪراچي ۾ جيوڻي ٻائي جو آواز رڪارڊ ڪرايو هو ان آواز جي موسيقي ڪمار خان ترتيب ڏني هئي ۽ انجنيئر وري لعل چند هو جيوڻي هن تمام گهڻ فونا رڪارڊ ڪمپنين سان معاهدا پڻ ڪيا مگر هن ( هزماسٽر وائيس) کان هڪ سو کان به وڌيڪ گرامون فون رڪارڊ ڪرايا ان سبب جي ڪري ڪمپني هڪ زبردست جشن ملهايو ان ڪمپني جيوڻي ٻائي کي مڃتا طور تي (ساڍا ڏهن تولا سون) جو ٺهيل ايوارڊ پيش ڪيو هو.
جيوڻي ٻائي تمام سريلي فنڪارا هئي موسيقي جي دنيا ۾ تمام وڏي مڃتا ماڻي. جتي به هو ڳائيندي هئي ته ماڻهن جا هجوم گڏ ٿي ويندا هئا جيوڻي ٻائي جيڪا ڪاري رنگ وڏين اکين جي مالڪ ڀريل جسم ڊگهي قد گول ۽ سونهندڙ چهري واري جيوڻي ٻائي باعزت عورت هئي پاڻ نماز ۽ روزي جي به پابند هوندي هئي پنجتن سان کيس وڏي عقيدت پڻ هوندي هيس سندس آواز ۾ رڪارڊ ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿيندا رهندا آهن اڄ به سندس ڪلام پراڻن جهونن پرستارن کي ساڙيو ڇڏي ٿو سندس مشهور ڪلام ٻول (قابو ڪوٽن ۾) ۽ (بي درد جي اقرار ۾ هرگز نه سچائي آ) ٻڌڻ سان جيوڻي ٻائي جي ياد تازه پڻ ٿيو وڃي هي لوڪ سداحيات آواز جيوڻي ٻائي ۵ جون جمعي ڏينهن سال ۱۹۴۲ع تي ۴۱ سالن ۴ مهينا ۱۴ ڏينهن جي عمر ۾ هي سدابهار آواز سر سنگيت جا سڀ ساز آواز بند ڪري پنهنجي زندگي جو سفر مڪمل ڪري، راهه رباني وٺي وئي. سندس اڄ ۷۵ ورسي، نهايت عقيدت سان ملهائي ويندي.


جيوڻي ٻائي
سنڌ جي امر گلوڪاره
حميد ڀٽو
سنڌ اندر هزارين فنڪارن جنم وٺي سنڌ جي فن جي شاندار نموني سان خدمت ڪئي آهي، فن جي دنيا سان تعلق رکندڙ سنڌ جي نالي واري گلوڪاره جيوڻي ٻائي پڻ هڪ آهي، جنهن پنهنجي جادوئي آواز واري فن سان پنهنجو منفرد مقام حاصل ڪيو آهي. جيوڻي ٻائي ۲۳ جنوري ۱۹۰۱ع ڌاري انڊيا جي ”پيلواڙي“ رياست ۾ ڦڪو فقير جي گهرجيڪو هڪ خانه بدوش خاندان هو تنهن ۾ جنم ورتو. جڏهن ته سندس وڏڙن جو گذر سفر پنهنجي علائقي مان سير، سفر ۽ پنڻ تي هوندوهو.
جيوڻي ٻائي جي امڙ ماڻڪي خاتون خيرات وٺڻ دوران لوٽي تي ڳائيندي وڄائيندي هئي. ماڻڪي جڏهن پنهنجي ساهيڙين سان گڏ پنڻ تي ويندي هئي ته سندس ننڍڙي نياڻي جيوڻي کي پنهنجي رئي يا چادر وسيلي پٺيءَ سان ٻَڌي کڻي ويندي هئي. جيوڻي ننڍپڻ ۾ پنهنجي امڙ کي لوٽي تي ڳائيندي وڄائيندي ٻڌندي هئي، جيوڻي کي ست سالن جي ڄمار ۾ لوٽي تي ڳائي پنڻ جي تربيت سندس امڙ ڏني ۽ زندگيءَ جي شروعات کان جوانيءَ جي ڏاڪي تي پير رکندي جيوڻي پنهنجي هم عمر ساهيڙين سان گڏجي وڏڙن جي ڪرت کي جاري رکيو.
جڏهن ته سندس وڏڙن ۱۹۱۸ع ڌاري پنهنجي اباڻي شهر کي ڇڏي ملتان اچي رهائش اختيار ڪئي، جتي ڳائيندي وڄائيندي ملاقات ان وقت جي ناليواري راڳي استاد اميد علي خان سان ٿي، جنهن سندس ڳائڻ ٻڌو ۽ جيوڻي جي آواز ۾ درد محسوس ڪندي کيس باقاعدي راڳداري جي مڪمل سکيا وٺڻ جو چيو، جنهن کانپوءِ جيوڻي مائٽن کان لڪي استاد اميد علي خان کان راڳداري جي سکيا حاصل ڪئي. جڏهن جيوڻي جي والدين کي اها خبر پئي ته سندس مٿان ناراض ٿيڻ بجاءِ استاد اميد علي سان ملاقات ڪئي. جنهن اڳتي هلي سندس ملاقات حضرت شمس تبريز سان ڪرائي. جنهن جي صحبت ۾ جيوڻي ۽ سندس خاندان وارا مسلمان ٿي ويا. ۽ سندس سندس والد جو نالو ڦڪو مان تبديل ڪري فتح محمد رکيو ويو جڏهن ته جيوڻي جو نالو ساڳيو رهيو.
جيوڻي مسلمان ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي استاد اميد علي خان سان گڏجي منعقد ٿيندڙ وڏين محفلن جهڙوڪ ميلن، ملاکڙن، شادين مرادين ۾ ڳائڻ شروع ڪيو، سندس ڳائڻ واري نرالي انداز سبب کيس تمام گهڻي عوامي موٽ ملي جنهن کانپوءِ جيوڻي ٻائي ملتان کي خيرآباد ڪري حيدرآباد رهائش اختيار ڪئي. جيوڻي ٻائي حيدرآباد ۾ استاد خير محمد خان کان ۱۹۲۷ع  ڌاري راڳداري جي وڌيڪ سکيا حاصل ڪئي، انهيءَ دوران جيوڻي ٻائي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ لڳندڙ مختلف هانڊن توڙي ٿيٽرن ۽ شادين مرادين جهڙن وڏن پروگرامن سميت تڏهوڪي سنڌ جي موسيقي سان چاهه رکندڙ زميندارن جي اهم راڳداري جي پرواگرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي رهي، سندس اهي ڏينهن عروج وارا ليکيا وڃن ٿا، انهيءَ دوران جيوڻي ٻائي نواب ماڪا سان نينهن جو ناتو جوڙي ورتو، جيڪو ناتو ۱۹۳۲ع ڌاري شادي ۾ تبديل ٿيو ۽ جيوڻي ٻائي نواب ماڪا سان عشق جي شادي ڪري ورتي. نواب ماڪا کيس حيدرآباد ۾ رهائش جي لاءِ شاندار گهر جوڙائي ڏنو. نواب ماڪا اصل سکر جو رهواسي هو، ميلن ۾ لڳندڙ ٿيٽرن جو  آرگنائيزر هو، جنهن جي پهرين شادي پنهنجي مائٽن مان ٿيل هئي. جڏهن ته جيوڻي ٻائي کي پنهنجي ڪابه اولاد نه ٿي سگهي. پنهنجي مڙس نواب ماڪا جي پهرين زال مان ٿيل ٻارڙن کي پنهنجي اولاد وانگر پيار ڪندي هئي ۽ فني دنيا مان مليل سموري ملڪيت نواب ماڪا جي ٻارڙن جي نالي ڪيائين. جيوڻي ٻاڻي جا پنهنجي وقت جي مشهور ڪمپنيز طرفان ڪلام رڪارڊ ڪيا ويا آهن ۽ جيوڻي ٻائي ان وقت جي نالي وارن گوين سان گڏ راڳداري جي وڏن مقابلن ۾ حصو وٺندي رهي، جنهن ۾ اڪثرطور تي جيوڻي ٻائي کي سوڀ حاصل ٿيندي هئي. جيوڻي ٻائي جو پنهنجي مڙس نواب ماڪا سان جنون جي حد تائين عشق هوندو هيو۽ ڪجهه استاد راڳي سندس عشق جا ويري هئا، جن جيوڻي ٻائي ۽ نواب ماڪا ۾ ڪجهه عرصو رنجشون پڻ پيدا ڪيون پر جيوڻي ٻائي پنهنجي ور سان انتها درجي جو پيار ڪندي هئي۽ هڪ ڀيري ڪنهن شاديءَ تان واپس حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي پهتي ته سندس سازندن جي سٿ مان هڪ سازندي جيوڻي ٻائي کي سندس ور بابت ڪوڙي ڳالهه ٻڌائي جنهن کي ٻڌڻ شرط ئي آ....ڪري جيوڻي ٻائي حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن تي ڪري پئي جيڪو ڏينهن ۵ جون ۱۹۴۲ع جو هو، جتي جيوڻي ٻائي دل بيهڻ سبب هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.
انتهائي حساس طبيعت جي مالڪياڻي هئي، جنهن پنهنجو مذهب مٽائڻ بعد مسلمان ٿيڻ تائين نهايت ئي پاڪيزگي ۽ شائستگيءَ سان مذهب تي ڪاربند رهندي پنهنجي زندگي گهاري. اهڙي طرح سان جيوڻي ٻائي جي وڇوڙي کي ۲۰۱۵ع تائين ۷۳ سال گذري چڪا آهن پر جيوڻي ٻائي جي فن ۽ دل لڀائيندڙ آواز کي سنڌ وساري ناهي سگهي، جيسيتائين هن ڪائنات جو وجود آهي، تيسيتائين سنڌ واسي جيوڻي ٻائي کي هميشه ياد ڪندا رهندا، ڇاڪاڻ ته جيوڻي ٻائي جهڙا فنڪار هميشه امر هوندا آهن.


جـيوڻـي ٻائـي
سنڌ جي سدابهار گلوڪاره -سندس ورسيء جي مناسبت سان
محمد عثمان ميمڻ
جـيـوڻي ٻائي ڌيءَ ڦڪـو گـرگلـو، ۲۲ جنوري ۱۹۰۱ع ۾ هندستان جي راجپوتانا علائقي جي ’ڀيلواڙ‘ رياست ۾ ڄائي. سندس اصل نالو جيدي هو، پر جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان سنڌ هند ۾ مشهور ٿي. هوءَ اڳتي هلي سنڌ جي هاڪاري ڳائڻي ثابت ٿي. سندس آواز ۾ اهڙو ته جادُو هو جو ٻڌڻ وارن جون دليون موهجي ويـنـديـون هـيـون. جيـوڻيءَ جا والدين پن تي گذران ڪندا هئا ۽ کيس به ان جي تربيت ڏني وئي هئي. هوءَ جڏهن ستن اٺن سالن جي ٿي ته پاڻ ۽ پنج ٻيون ڇوڪريون گڏجي در در تي سئن به هڻنديون هيون ۽ ڳيچ به ڳائينديون هيون. ۱۹۱۸ع ۾ ڦڪو پنهنجي وطن کي ڇڏي ملتان وڃي ويٺو، جتي جيوڻيءَ جي ملاقات مشهور راڳي استاد امير خان سان ٿي، جيڪو سندس آواز ۽ شخصيت کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو جيوڻي ٻائيءَ کي رئو پارائي، پنهنجي ڌيءَ بنائي، کيس راڳ جي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. ڦڪي جو سڄو خاندان امير خان جي قرب ۽ صحبت ۾ هڪ ڏينهن ساڻس گڏجي حضرت شمس تبريز جي متوليءَ جي هٿ تي مسلمان ٿيو. ان بعد ڦڪو فتح محمد ٿي ويو ۽ جيوڻي در در تي وڃي خيرات وٺڻ بند ڪئي ۽ استاد امير خان جي معرفت ميلن ملاکڙن ۽ محفلن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي، فني منزلون طئي ڪندي رهي. ملتان کان ڪراچيءَ تائين کيس راڳ جون دعوتون ملڻ لڳيون. سنڌ جا ماڻهو کيس گهڻو چاهيندا هئا ۽ پنهنجي محفلن ۾ کيس گهرائيندا هئا. هڪ دفعي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي ميلي تي جيوڻي آيل هئي، اتي سندس ملاقات سنڌ جي مشهور راڳي استاد خير محمد خان سان ٿي، جنهن کي جيوڻيءَ جي راڳ ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ جيوڻي به استاد کان متاثر ٿي. آخر استاد خير محمد خان جي صحبت ۾ جيوڻي ملتان ڇڏي اچي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿي ۽ استاد خير محمد خان کان راڳ جا سبق سکيائين. خاص ڪري سنڌي ڪافي ڳائڻ جي سکيا ورتائين. پوءِ ته سڄيءَ سنڌ ۾سندس آواز گونجڻ لڳو، هوءَ سنڌ جي هر ميلي ۾ استاد خير محمد خان سان گڏ هوندي هئي. هڪ ڀيري شاهه قادريءَ جي ميلي تي استاد بيبو خان، استاد خير محمد خان، قاسم علي شاهه، ڀورو سک، ماسٽر چندر ۽ ٻيا مشهور فنڪار اچي شامل ٿيا، پر ميلي جي محفل موسيقي جيوڻيءَ کٽي ورتي. سندس آواز ٻڌي ماسٽر چندر گهڻو متاثر ٿيو ۽ مهاراج تلسي داس کي چيائين ته جيوڻيءَ کي ڪراچي وٺي اچ ته جيئن سندس آواز رڪارڊ ڪرايون. مهاراج تلسي داس جيوڻيءَ کي ڪراچيءَ وٺي ويو، ماسٽر چندر کيس رڪارڊنگ بابت سکيا ڏني. ڪمار خان جي موسيقيءَ ۾ جيوڻي ٻائيءَ جي آواز ۾ پهريون رڪارڊ انجنيئر لال چند رڪارڊ ڪيو. سڄي سنڌ ۾ هر طرف جيوڻيءَ جي سريلي آواز جي واهه واهه ٿي ويئي. جيوڻي پاڻ به شاعره هئي، تنهن ڪري ٻه ٽي رڪارڊ پنهنجن ڪلامن جا به رڪارڊ ڪيائين. ان کان سواءِ هوءَ حاجي شاهه ۽ پرسرام ضياءَ جا ڪلام ڳائيندي هئي. جيوڻي ٻائي سنڌ ۾ ۱۹۲۸ع ۾ راڻيپور جي بزرگ سائين صالح شاهه جي مريدياڻي ٿي. هن ئي بزرگ سندس نالو جيدي مان بدلائي ’جيوڻي ٻائي‘ رکيو هو. جيوڻي حيدرآباد جي هڪ عالم الله بخش نوناريءَ کان قرآن شريف ۽ ديني تعليم حاصل ڪئي. ۱۹۳۲ع ۾ هن هڪ شخص نواب ماڪا سان شادي ڪئي، پر هن کي ڪو به اولاد نه ٿيو. جيوڻي ٻائي وڏي سريلي فنڪاره هئي. هن پنهنجي وقت ۾ ايترو ته نالو پيدا ڪيو، جو آل انڊيا ڪانفرنس ۾ پورن تيرنهن سالن تائين سنڌ جي نمائندگي ڪيائين. ڪاري رنگ، وڏين اکين، ڀريل جسم، ڊگھي قد، گول ۽ سونهندڙ چهري واري جيوڻي ٻائي پُروقار ۽ باعزت عورت هئي. پاڻ روزي نماز جي پابند هئي، کيس پنجنتن سان وڏي عقيدت هئي. هٿ جي ڇوٽ هوندي هئي. جيوڻي ٻائي هز ماسٽرس وائس گراموفون رڪارڊ ڪمپنيءَ ۾ سؤ کان وڌيڪ گراموفون رڪارڊ ڀرايا، جيڪي سڀ جا سڀ مقبول ٿيا. اهو ئي سبب هو، جو هن ڪمپنيءَ وارن ساڻس هڪ شاندار جشن ملهايو، جنهن ۾ ڪمپنيءَ جو ساڍن ڏهن تولن جو سونو مونوگرام کيس اوارڊ طور ڏنو ويو. سندس آواز ۾ ريڊيي پاڪستان تان رڪارڊ اڄ تائين نشر ٿيندا رهندا آهن، جن ۾ ’قابو ڪوٽن ۾‘ ۽ ’بي درد جي اقرار ۾ هر گز نه سچائي آ‘ جهڙا ڪلام ٻڌي، جيوڻيءَ جي ياد تازي ٿيو وڃي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پنهنجي آتم ڪٿا ”ڪيئي ڪتاب“ ۾ لکي ٿو ته جيوڻي ٻائي هڪ وڏي آواز باني گلي ۾ لهرن ۽ مڪن جي مالڪه ۽ پنهنجي وقت جي ”گوهر جان“ سمجهي ويندي هئي. ميلن ۽ سنڌ ۾ ڪافي شهريت جي مالڪ هئي، جنهن جا لکين رڪارڊ هلندا هئا. سندس سامهون گرامون فون رڪارڊنگ جي مقابلي ۾ ماسٽر چندر هوندو هو. جيوڻي ٻائي ۽ ماسٽر چندر جي وچ ۾ ڳائڻ جو مقابلو فقط گرامو فون ڪمينڊ جي حد تائين هو. باقي ميڙن ۽ ميلن ۾ سندس مقابلو مٺو ڪلهوڙي سان هو. جيوڻي ٻائي حد کان وڌيڪ ڪاري رنگ جي، بدشڪل، بدصورت، بدن ۾ ڀريل، ٿلهي، بيڊولي هئي، پر ڳائڻ جي انگ انگ ۽ ڍنگ، آواز جي بلندي ۽ سريلي پڻ ۾ سندس ڪو به ثاني ڪو نه هو. سندس انهي عيبن مٿان فن غالب هوندو هو. خير محمد عرف جکري کي ساڻس عشق هئڻ ڪري اهي عيب ڏسڻ ۾ ئي ڪو نه ايندا هئا، واقعي فن جيوڻيءَ جي در جو غلام هو.
سنڌ جي هي سدا بهار ڳائڻي ۵ جون ۱۹۴۲ع ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.


جيوڻي ٻائي
سنڌ جي مشهور لوڪ ڳائڻي
فقير محمد سنڌي
جـيـوڻي ٻائي ڌيءَ ڦڪـو گـرگلـو، ۲۲ جنوري ۱۹۰۱ع ۾ هندستان جي راجپوتانا علائقي جي ’ڀيلواڙ‘ رياست ۾ ڄائي. سندس اصل نالو جيدي هو، پر جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان سنڌ هند ۾ مشهور ٿي. هوءَ اڳتي هلي سنڌ جي هاڪاري ڳائڻي ثابت ٿي. سندس آواز ۾ اهڙو ته جادُو هو جو ٻڌڻ وارن جون دليون موهجي ويـنـديـون هـيـون
۱۹۱۸ع ۾ ڦڪو پنهنجي وطن کي ڇڏي ملتان وڃي ويٺو، جتي جيوڻيءَ جي ملاقات مشهور راڳي استاد امير خان سان ٿي، جيڪو سندس آواز ۽ شخصيت کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو جيوڻي ٻائيءَ کي رئو پارائي، پنهنجي ڌيءَ بنائي، کيس راڳ جي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. ڦڪي جو سڄو خاندان امير خان جي قرب ۽ صحبت ۾ هڪ ڏينهن ساڻس گڏجي حضرت شمس تبريز جي متوليءَ جي هٿ تي مسلمان ٿيو.
سنڌ جا ماڻهو کيس گهڻو چاهيندا هئا ۽ پنهنجي محفلن ۾ کيس گهرائيندا هئا. هڪ دفعي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي ميلي تي جيوڻي آيل هئي، اتي سندس ملاقات سنڌ جي مشهور راڳي استاد خير محمد خان سان ٿي، جنهن کي جيوڻيءَ جي راڳ ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ جيوڻي به استاد کان متاثر ٿي. آخر استاد خير محمد خان جي صحبت ۾ جيوڻي ملتان ڇڏي اچي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿي ۽ استاد خير محمد کان ڪافي جي فن جي سکيا پڻ ورتي جيوڻي ٻائي سنڌ ۾ ۱۹۲۸ع ۾ راڻيپور جي بزرگ سائين صالح شاهه جي مريدياڻي ٿي. هن ئي بزرگ سندس نالو جيدي مان بدلائي ’جيوڻي ٻائي‘ رکيو هو. جيوڻي حيدرآباد جي هڪ عالم الله بخش نوناريءَ کان قرآن شريف ۽ ديني تعليم حاصل ڪئي.
۱۹۳۲ع ۾ هن هڪ شخص نواب ماڪا سان شادي ڪئي، پر هن کي ڪو به اولاد نه ٿيو. جيوڻي ٻائي وڏي سريلي فنڪاره هئي. هن پنهنجي وقت ۾ ايترو ته نالو پيدا ڪيو، جو آل انڊيا ڪانفرنس ۾ پورن تيرهن سالن تائين سنڌ جي نمائندگي ڪيائين. ڪاري رنگ وڏين اکين، ڀريل جسم، ڊگھي قد، گول ۽ سونهندڙ چهري واري جيوڻي ٻائي پُروقار ۽ باعزت عورت هئي. پاڻ روزي نماز جي پابند هئي، کيس پنجن تنن سان وڏي عقيدت هئي. هٿ جي ڇوٽ هوندي هئي.
سنڌ جي هي سدا بهار ڳائڻي ۵ جون ۱۹۴۲ع ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.

No comments:

راءِ ڏيندا