; سنڌي شخصيتون: سي ايڇ آتما هندي فلمن جو مشهور سنڌي فنڪار غلام مصطفيٰ ملاح

08 June, 2014

سي ايڇ آتما هندي فلمن جو مشهور سنڌي فنڪار غلام مصطفيٰ ملاح

سي ايڇ آتما
هندي فلمن جو مشهور سنڌي فنڪار
غلام مصطفيٰ ملاح
موسيقي سان محبت ڪندڙ امن پسند ماڻهن جي سنڌ ڌرتي وڏن وڏن فنڪارن شاعرن ۽ موسيقارن کي جنم ڏنو آهي، هتان جي ماڻهن جي قدر داني جي ڪري ننڍي کنڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان فنڪار گهراڻا لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا ۽ پوءِ هتي جا ئي ٿي ويا، جن ۾ گواليار گهراڻي جا فنڪار به شامل آهن، جيوڻي ٻائي به اصل راجستان جي هئي پر سنڌ جي ماڻهن جي محبت، مهمان  نوازي ۽ فنڪار دوستي جي ڪري هو آخري دم تائين سنڌ ۾ رهي، اهڙي طرح سنڌ جي ٿئيٽر به وڏا وڏا فنڪار پيدا ڪيا آهن، جن ۾ عظيم ميوزڪ ڊائريڪٽر ماسٽر غلام حيدر به شامل آهي، 1931ع کان پوءِ جڏهن فلمي ڪردارن کي آواز مليو ته ٿئيٽر جي دنيا جا وڏا وڏا فنڪار سينما جي اسڪرين جا مصروف فنڪار بڻجي ويا. جن ۾ شمشاد بيگم، نور جهان ۽ ڪندن لال سهگل قابل ذڪر آهن، ڪندن لال سهگل اداڪار هئڻ سان گڏوگڏ بهترين سنگر هو جنهن جي آواز ۽ انداز ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجو سچو عاشق بڻائي ڇڏيو، اهڙن ئي نوجوان فنڪارن مان هڪ نهايت ئي سهڻو ۽ سريلو فنڪار هو سي ايڇ آتما هن فنڪار جو اصل نالو هو آتمو حشمت رائي چئناڻي. هن جنم سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ 10 ڊسمبر 1924ع تي ٿيو. هُن ڊي جي ڪاليج مان گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي، هو نهايت خوبصورت نوجوان هو، اسڪول ڪاليج جي ميوزڪ فنڪشنز ۾ اڪثر حصو وٺندو هو، ۽ پهرين پوزيشن ماڻيندو هو، جنهن زماني ۾ سنڌ ۾ ماتا جي بيماري وبائي صورتحال اختيار ڪئي هئي، ته HMV رڪارڊنگ ڪمپني هن نوجوان فنڪار جي آواز ۾ هڪ نغمو ڪارڊ ڪيو هو جنهن جا ٻول هئا ”ٻاجهه ڪجان ٻچڙن تي، مائي آهن تنهنجا ٻار“ اهو نغمو تمام گهڻو مقبول ٿيو.


انهي زماني جا سادا سودا ماڻهو سمجهندا هئا ته مائي ماتا اهو نغمو ٻڌندي نه ٻارن کي ڪو نقصان نه پهچندو، سرندي دارن وٽ گرامون فون هوندا هئا ۽ غريب ماڻهو انهن وٽ پنهنجا بيمار ٻارڙا کڻي ويندا هئا ۽ اهو نغمو ٻڌندا هئا. انهي گيت جي بي پناهه ڪاميابي سي ايڇ آتما کي نهايت مقبول فنڪار بڻائي ڇڏيو. ساڳي رڪارڊنگ ڪمپني هن فنڪار جي آواز ۾ ٻيا به ڪيترائي گيت ۽ غزل رڪارڊ ڪيا، جن ۾ هڪ نغمو “ پريتم آن ملو“ به شامل هو، اهو نغمو ريڊيو سيلون ۽ آڪاش واڻي تان روزانو هلندو هو، ماڻهو بار بار ان نغمي جي فرمائش ڪندا هئا. جن ماڻهن وٽ گرامون فون هئا اهي ڏاڍي شوق ۽ چاهه سان سي ايڇ آتما جا ڳايل نغما خريد ڪنداهئا ۽ ورائي ورائي ٻڌندا هئا.
ورهاڱي کان پوءِ هي فنڪار به سنڌ ڇڏي وڃي هند ۾ رهيو، اُتي هن کي اڃا به وڌيڪ سٺا فنڪار ۽ موسيقار دوست مليا. جن ۾ طلعت محمود ۽ موسيقار او پي نيئر به شامل آهن، انهن جي صحبت ۾ هن فنڪار کي وڌيڪ ڪم سکڻ جو موقعو مليو هي ٺاهوڪو نوجوان هو ان لاءِ هن کي گانن سان گڏوگڏ فلمن ۾ اداڪاري جا بي شمار موقعا نصيب ٿيا، فلم بلوا منگل ۾ سي ايڇ آتما هيرو هو، اها نهايت ڪامياب فلم هئي، مشهور هدايتڪار ڊائريڪٽر وي شانتا رام هن فنڪار کي پنهنجي هڪ يادگار مووي ”گيت گايا پٿرون ني“ ۾ هڪ اهم ڪردار ڏنو. ٻيون به کوڙ ساريون فلمون آهن جن ۾ هن فنڪار گانا ڳايا ۽ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، بمبئي جي هڪ فلم هئي نگينه جنهن ۾ سي ايڇ آتما جي ڳايل گانن کي ڏاڍو پسند ڪيو ويو، انهي فلم جو هيرو ناصر خان هو جڏهن ته نوتن انهي فلم جي هيروئن هئي، ان کان علاوه فلم ڀائي جان جي لاءِ ڳايل نغمن کي به پسند ڪيو ويو.
اداڪار ۽ گلوڪار سي ايڇ آتما 1959ع ڌاري پنهنجي جنم ڀومي ڪراچي آيو هو، ڊائريڪٽر شيخ حسن جي هڪ مشهور فلم ”لاکون فساني“ ۾ هن هڪ گانو ڳايو هو جنهن جا ٻول آهن.
ڪس ڪا گلا ڪس ڪي شڪايت
دنيا مين ايسي لاکهون فساني.
انهي فلم جو هيرو درپن هو جڏهن ته هيروئن جي ڪردار لاءِ ڀارت مان مشهور اداڪاره بملا ڪماري خاص طور تي پاڪستان آئي هئي، بمبئيءَ جي هڪ سنڌي فلم ”انصاف ڪٿي آهي جي“ جي لاءِ سي ايڇ آتما جيڪو گانو ڳايو هو ان جا ٻول آهن:
خيالن ۾ اڃا ڪنهن جي نظر آهي ۽ مان آهيان اڃا تائين سو تيرن جو اثر آهي ۽ مان آهيان انهي به يادگار نغمي جو خالق پر سرام ضيا هو، سي ايڇ آتما سنڌ جي ڪوئل ڀڳونتي نائوناڻي سان گڏجي ڪجهه غير فلمي نغما به رڪارڊ ڪرايا هئا. جيڪي سنڌي موسيقي جي لازوال ورثي جي حيثيت رکن ٿا.
سي ايڇ آتما پنهنجي زماني جي هر وڏي ميوزڪ ڊائريڪٽر جي موسيقيءَ ۾ گانا ڳايا ۽ پنهنجي ڪلا ۽ مڌر آواز سان انهن گيتن کي امر گيت بڻائي ڇڏيو، شنڪر جئه ڪشن او پي نيئر، وسنت ڊيسائي سي ارجن ۽ بلوسي راڻي هن سهڻي ۽ سريلي فنڪار کي تمام گهڻو پسند ڪندا هئا، ۽ پنهنجي فلم لاءِ هن کان گانا ڳارائيندا هئا.
اداڪار ۽ هدايتڪار گرو دت پنهنجي هڪ فلم لاءِ سي ايڇ آتما جو ڳايل نغمو پريتم آن ملو گيتا دت کان ساڳئي انداز ۾ ڳارايو جنهن جي لاءِ هن سي ايڇ آتما کان باقائدي اجازت گهري هئي.

4  ڊسمبر 1975ع تي هيءَ سُريلو ۽ سدا ملوڪ فنڪار لاڏاڻو ڪري ويو، هن مهان فنڪار جا ڳايل نغما اڄ به جڏهن فضائن ۾ گونجن ٿا ته پراڻين يادن جا گُلاب مهڪندا محسوس ٿين ٿا.

No comments:

راءِ ڏيندا