; سنڌي شخصيتون: سيد نور اظهر جعفري - مير اعظم علي ٽالپر

08 June, 2014

سيد نور اظهر جعفري - مير اعظم علي ٽالپر

سيد نور اظهر جعفري
راجسٿان جي ريتي ۽ ٿر جي واري سان محبت ڪندڙ
مير اعظم علي ٽالپر
اڄ کان چاليهه، پنجاهه سال اڳ عام تفريح جو ذريعو ريڊيو هو ۽ گهرن ۾ فونو ۽ ان جا گراموفون رڪارڊ هوندا هئا. ان کان سواءِ شهرن اندر فلمن ڏسڻ جو رواج هو.


1960ع جي ڏهاڪي ۾ ريڊيو پاڪستان جي هر ڪا اسٽيشن سکي ستابي هئي ۽ ان جا پنهنجا فنڪار هئا. سنڌ ۾ ريڊيو اسٽيشن ڪراچي ۽ حيدرآباد هيون، ڪراچي جي يادگار آواز ۾ ايس. ايم سليم ۽ ان جو پروگرام “ديکهتا چلا گيا”، پروين اختر المعروف مُني باجي ٻارن جو پروگرام، قاضي واجد جو “حامد ميان ڪي هان”، انائونسرن ۾ محمد يوسف، آغا جهانگير ۽ نرگس خان، جيڪي فرمائشي پروگرام ڪندا هئا.
حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن، ان زماني ۾ ڏينهن جو 12 وڳي پنهنجي نشريات شروع ڪندي هئي، جنهن ۾ منو ڪلاڪ سنڌي رڪارڊ نشر ٿيندا هئا ۽ 15 منٽ اردو فلمي رڪارڊ وڄايا ويندا هئا.
حيدرآباد جي آوازن ۾ سيد صالح محمد شاهه، عبدالڪريم بلوچ، مصطفيٰ قريشي، سرور بلوچ، اقبال جعفري، سيد حسن، شهناز، عبدالغفور عباسي، پنهنجي دور جا اڻ مٽ آواز هئا.
ان دور ۾ پري واريون ريڊيو اسٽيشن به وقت به وقت هڪ ٻئي هنڌ صبح ۽ رات جو ٻڌي به سگهبيون هيون، ڇو ته ٽرانسميٽر به طاقتور هئا، ته بجلي جا ٽرانسفارم گهڻا نه هئا ۽ نه ئي ڪوئي هٿرادو ارٿ لڳل هئا ۽ نه پکن جا ڊيمر، ان ڪري لاهور جو به آواز حيدرآباد ۾ ٻڌبو هو.
ان زماني ۾ آواز جو معيار، تلفظ ۽ اچار وڏي اهميت رکندا هئا. هڪ اهڙي جهوني، پر اڄ به ريڊيو جي آواز ۾ پنهنجو مٽ پاڻ، گهڻي مانائتي شخصيت سائين سيد نور اظهر جعفري سان ملڻ جو موقعو مليو ۽ ان موقعي جو فائدو وٺندي، منهنجي فرزند مير رستم ٽالپر فوٽو به ڪڍي ورتا.
سائين نور اظهر جعفري پنهنجي گفتگو ۾ ٻڌايو ته سندس آواز جي آڊيشن، بطور هڪ انائونسر ٿي هئي، پر ان کان پوءِ کانئس هڪ ڊراما آرٽسٽ جي به آڊيشن ورتي وئي ۽ خوش قسمتي سان، ٻنهي ۾ ڪاميابي نصيب ٿي.
ان بعد هڪ فيچر پروگرام ۾، جيڪو شام جو فوجي ڀائرن لاءِ نشر ٿيندو هو، ان ۾ ڪم ڪرڻ جو اتفاق ٿيو. ان زماني ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو هڪ ئي چينل هو ۽ ان جي ريلي ٽرانسميشن ڏيٿا وٽ هئي، جيڪا تمام پري پري تائين صاف ٻڌبي هئي. ان دور ۾، 1965ع جي پاڪ هند جنگ کان اڳ تائين، هندستاني فلمن جا رڪارڊ به حيدرآباد ريڊيو تان نشر ٿيندا هئا. هڪ طرف طلعت محمود جو مٺڙو آواز هوندو هو، ته ٻئي پاسي انائونسمينٽ ۾ سيد نور اظهر جعفري جو مخمل جهڙو آواز هو. ان کانسواءِ، لتا ۽ مڪيش، محمد رفيع جا رڪارڊ مختلف فلمن امبر، ميله، ڪالي ٽوپي لال رومال، آن، انمول گهڙي، باره دري، وغيره جا گانا نشر ٿيندا هئا.
ان وقت سامعين رات جو 9 وڳي فرمائش، ڊراما، گيتن ڀري ڪهاڻي جو انتظار ائين ڪندا هئا، جيئن اڄ جي زماني ۾ ڪجهه ٽي وي پروگرامن جو انتظار ڪندا آهن، پر اڄڪلهه ميڊيا ۾ ڇڙواڳي جي حد ٿي وئي آهي. زبان جي اهميت ۽ ٻولي جي حيثيت ختم ٿي وئي آهي ۽ ڳالهائڻ واري کي خبر نه ٿي پئي، ته هو ڇا چئي رهيو آهي. خاص ڪري پرائيوٽ ٽي وي چيئنل ۽ ايف ايم ريڊيو جي حالت خراب آهي. تازو هڪ اهڙو ئي مذهبي پروگرام، غير اخلاقي طور هڪ پرائيوٽ چينل ڏنو هو. ان کان سواءِ هڪ سنڌي پرائيوٽ چينل، سهرن جو پروگرام ٽيلي ڪاسٽ ڪندو آهي. ان جي ميزبان فنڪاره پنهنجي زبان کي بلڪل ”رف“ استعمال ڪندي آهي ۽ ڊرامن ۾ ته اوور ائڪٽنگ به ڪندي آهي. ان تازو هڪ پروگرام ۾ لائيو ڪال جي موٽ ۾ چيو ته ”سڄي سنڌ سيدن جي آهي“، حالانڪه اهو چوڻ غير مناسب آهي ۽ ٻين جي دل آزاري ٿي سگهي ٿي، سو اهو ٻڌي ان پروگرام جي پروڊيوسر صاحب کي فون ڪيم، ته ان به انهي تي حيرت جو اظهار ڪندي، ڏک ۽ افسوس ڪيو. ان جي برعڪس ريڊيو پاڪستان ۾ تربيت وٺندڙن جي ٻولي هميشه پڪي هوندي آهي.

سيد نور اظهر جعفري جي زبان قدرتي طور مٺي آهي. سندس پيدائش اصل ۾ غريبن کي امير ڪندڙن جي سر زمين خواجه غريب نواز جي ڌرتي اجمير شريف راجسٿان آهي، جڏهن ته سندس وڏا سنگ مر مر جهڙي شهر جوڌپور جا آهن، جتي اڄ به مهراڻ قلعو موجود آهي، البته نور اظهر جعفري جي بلوغت واري ڌرتي شاهه ڀٽائي واري سر زمين سنڌ آهي. ان ڪري سيد نور اظهر جعفري جي دل، دماغ ۾ روحانيت ڀريل آهي ۽ هو صوفي طبيعت، گيڙو رنگ واري شخصيت آهي. راجسٿان هجي يا ٿر جي واري، هن کي ان سان محبت آهي ۽ هو ان کي چمڪندڙ سون سمجهي ٿو. تازو سيد نور اظهر جعفري پنهنجي آواز ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ڪلام تحت اللفظ اردو ۾ رڪارڊ ڪرايو آهي. جيڪو سنڌ ڌرتي ۽ شاهه لطيف سان سيد نور اظهر جعفري جي دلي لڳاءُ جو واضح ثبوت آهي. ان لاءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڊائريڪٽر سائين نصير مرزا صاحب جون به اڻ ٿڪ ڪوششون ان ۾ شامل آهن. اهڙي ريت سائين سيد صالح محمد شاهه جي آواز ۾، سنڌي تحت الفظ بعد اردو ۾ سيد نور اظهر جعفري جو تحت الفظ، شاهه جو ڪلام پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اڳوڻي انائونسر مير الهيار خان ٽالپر، نصير مرزا صاحب ۽ سيد نور اظهر جعفري کي مڃتا طور، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پارائڻ جو چيو آهي ۽ ان لاءِ سيد نور اظهر جعفري کي، شاهه لطيف ايوارڊ به ملڻ گهرجي. ان کان سواءِ سنڌ سرڪار به ڀٽائي جو ڪلام تحت الفظ اردو ۾ رڪارڊ ڪرائڻ تي سيد نور اظهر جعفري کي ڪو انعام ڏئي. جيئن ته اهڙي يادگار ڪارنامي کي سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو ۽ ان لاءِ سيد نور اظهر جعفري جو آواز ۽ نصير مرزا جي محنت به هميشه ياد رهندي.

No comments:

راءِ ڏيندا